سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات بيوس

صفحو :9

 

تلڪ مهراج پڌاري ويو

اسان جي هندُ جو هيرو، تلڪ هئه هئه پڌاري ويو،

ڀَرئي گلزار ڀارت مان، گلابي گل گذاري ويو.

 

سَهي سختيون ٻُڌي سُهما، وڌائي ديس جي مهما(1)،

ڪري شيوا هُوتن  تن سان، سچو جيون ڏيکاري ويو.

 

ملڪ شيوا ۽ ڀڳتي سان، سراسر سخت ساگرتان،

نٻل ڀارت سندو، ٻيڙو، تِکي طوفان مان تاري ويو.

 

سهي سو جيل ٿيو جبرو، اڳي کان ڀي لڳو اڳرو،

مٺي سَڏ ملڪ تي تڪڙو رهي جيوَت سينگاري ويو.

 

نرڙ تي ماتا ڀارت جي، تلڪ وانگر ٿي چمڪيو،

پنهنجي جيوت جي جلوي سان، سُتل ڀارت اُٿاري ويو.

 

جهلي سوراج جو جهنڊو، ڪري سو جنگ جوڌن جيئن،

ڪرم پرچار ڪرشن جيئن، سچو سورهيه سيکاري ويو.

 

ڌري سُر ديس جي درتي، ڪري جيون سڦل سو ويو،

منتر(2) ڀارت جو رڳ رڳ مان، مرڻ تي پڻ اُچاري ويو.

 

ڪنور رام جي موت تي

قتلام ڪنور رام جي ماتام مچايو، آرام ڦٽايو،

ڇا سنڌ ۾ ڇا هندُ ۾ جولان جڳايو آرام ڦٽايو،

 

جنهن بيگناهه سنت جو خود خون وهايو - پستول لڳايو،

تنهن تي اي سنڌ واسيو ڦٽڪار وسايو - آرام ڦٽايو،

 

جنهن رُڪ جي جنڪشن کي قتل گاهه بڻايو ۽ پاڻ ڇپايو،

تنهن جي به ڳجهارت تي ذرا ڌيان لڳايو  - آرام ڦٽايو.

 

هن ظلم جي پردي جي پٺيان راز ٿو ڏسجي، ڪو ساز ٿو ڏسجي،

ڪنهن ڌر جي هشيءَ تي ته اٿن ڪيس ڪمايو آرام ڦٽايو.

 

قاتِلُ جي مسلمان ته اسلام لڄائي، مومن نه سڏائي،

اسلام ته دنيا کي صُلح ڪل هو بتايو - آرام ڦٽايو.

 

ڇا دانهن ڪندي درد جي هن ڏاڍ جي گهر ۾ بيداد نگر ۾،

جت ڪانئر ڪمدار گهٽو شينهن بڻايو آرام ڦٽايو.

 

هِن سنت جو هو وير ۽ ونجوڳ نه ڪِن سان، هٿ جوڙ مڙن سان،

هَو رام ۽ رحمان ٻنهي جو هي اُپايو ڇا ويَل وهايو.

 

ڀڳتن ۾ ڀري جهول غريبن کي ڏنائي - ذاتيون نه ڏٺائين،

هندو ۽ مسلمان جو هن ڀيد ڀُلايو - آرام ڦٽايو.

 

رابندر ناٿ ٽئگور جي وفات تي

مات ڪوِتا (1)آهه اڄ ڪوتا پتيءَ جي شوڪ (2)۾،

وڄُ وڇوَڙي جي ڪِري ۽ لهَسَ آئي لوڪ ۾.

 

تار ٿي، ڇُلڪن ٿا جل ڌارا سان نيڻن جا نياڻ،

جيَئن اجهل برسات جو پاڻي اچي ٿو موڪ ۾.

 

جنهن جي هستيءَ کان مليو هو ناز هندستان کي،

سو پڌاري ويو، جڳت پرسڌ (3)ڪوي پرلوڪ(4) ۾.

 

ڪلڪتي ڪُوڪاٽ ڪيو دنيا ۾ پهچي يار ويو،

موت جي پيغام سان ٻاڪار نڪتي ٻوڪ ۾.

 

ڦول شرڌا جا ڌريو گُرديوَ جي چرنن اڳيان،

آهه جن ڦولن ۾ دل ۽ دل به غم جي نوڪ ۾.

 

مشرقي ۽ مغربي ڳوڙها ملي هڪ ڌار ٿيا،

دِل  اَجهل اُٿلي ته ”بيوس“ ڪين ايندي روڪَ ۾.


 

 

ٽٽل تار

ُجهاڻيل جوت)

قوم هندي ساز هو هر راڳ سان ميلاپ ۾،

تار هر دل جي وڳي ٿي ايڪتا  آلاپ ۾.

 

شاد هئي هر جنس پنهنجي خوشي گلي جي راڳ ۾،

ساز ۽ آواز جو ميلاپ هو خوش ڀاڳ ۾.

 

فخر هو هر جنس کي هن ايڪتا جي ساز تي،

قوميت جي جوت روشن ٿي جڳي هن راز تي.

 

مسجد ۽ مندر ۾ ساڳي ٿي اکنڊ جوتي جڳي،

جنهن جي چمڪي تي انڌاري دُور ڀارت کان ڀڳي،

 

بد نصيبان تاڻ ٿي هن ايڪتا جي تار تي،

معاملو مذهب جو پهتو نيٺ فرقيوار تي.

 

مختلف ڇڪتاڻ ٽوڙيو ايڪتا جي تار کي،

وئي وسامي جوت پڻ وارو مليو انڌڪار کي.

 

ساز جو آواز ويو، ميلاپ جو آلاپ ويو،

۽ انڌاري جي اڳيان ونجوڳ (1)جو ورلاپ ٿيو.

 

گهر سُگهڙ ٿي ويو اُجڙ، بي جوت جيوت لاءِ آهه،

چهچٽو چمڪيو جتي، اُت رات ڪاري ٻاٽ(2) آهه.

 

تار پڻ موجود آهي، تيل پڻ ڀرپور آهه،

ٿي جاڳڻ لئه جوت تڙپي منتظر تنبور آهه.

 

شل وڄي سا تار ٻيهر، شل وري جوتي ٻري،

شل اها ونجوڳ واري آپدا (3)”بيوس“ ٽري.

 

”بيوس“ جي وفات تي شعر

سنڌڙيءَ جي روح جو بيوس ڪوي آواز هو،

سنڌ کي هستيءَ سندس تي فخر اعليٰ ناز هو.

 

شعر پنهنجي سان نچائي سنڌڙي جا پراڻ ويو،

پيو ٽٽي سو اوچتو جو سنڌڙيءَ جو ساز ويو.

 

موت جو سڏڙو سڻي هُو گپت ٿي ويو غيب ۾،

غيب جنهن جي ڪل نه ڪنهن کي، ڄاڻندو سو راز هو.

 

ويو ”دکايل“ ۽ ڪوي ”دلگير“ کي ماهر ڪري،

پاڻ ڀي ممتاز هو ٻيا ڀي ڪندو ”ممتاز هو.

 

لفظ ڪو ڪڍندو زبان مان هو، ته ڄڻ موتي ڪريو،

معجزو قدرت جو، جيئرو جاڳندو اعجاز هو.

 

تنهن بُلندي ڏي ڪندو، جيئري هوُ پرواز هو،

جنهن بلندي ڏي ڪندو جيئري هوُ پرواز هو.

 

اڄ به  ”بيوس“ آهه هت، توڙي حياتيءَ تي سندس،

موت پنهنجي ڪالهه ڦيرائي ويو مقراض(1) هو.

 

( از:_قيمت ”ڪمل“)

 

سائين ”بيوس“

سائين ”بيوس“ ٻالڪ تنهنجا توکي هر دم ساريوُن ٿا،

هر دم تنهنجو ڌيان پيارل دل پنهنجيءَ ۾ ڌاريون ٿا.

 

توبن آهي پيارو تنهنجو هر ڪو ويڳاڻو،

تو جهڙو لاثاني لڀندو ڪين ڪڏهن سياڻو،

پُور پچائي تنهنجا سائين، آب اکين مان هاريون ٿا.

 

وئين بتائي مٺڙيون باتيون سنڌ جا سونهارا!

ڪير اسان جا هاڻ اُونائي انگل ۽ آرا،

دل پنهنجيءَ کي ڏي دلاسو، لالن تو بن گهاريون ٿا.

 

ڪير رچائي ننڍڙا ناٽڪ، ٻارن کي پرچائي،

سامونڊي سپِ ٽٻي لڳائي ڪير ڪنڊي سان لائي،

شال پُڄاڻا پَياسي تنهنجون وصفون خوب اچاريون ٿا.

 

( از:_ سومون مل ريلومل (پياسي)

گانڌي نگر ڪولاپور)

 

شان ”بيوس“

شاعرن جو شان بيوس، ويئي ور ڌاتا کسي،

ياد جيئن جيئن ٿا ڪريون تيئن درد ٿو دل کي رسي.

 

موت تنهنجي جو سُڻي سائين اندر آرام نانهه،

تنهنجو پريمي هرڪو تو بن ٿو وڏي پيڙا پَسي.

 

درد دک سک ديهه جو، تو مُرڪندي مانجهي چيو،

نيٺ چولو آهه ڇڏڻو ڀل ته ڪو روئي هسي.

 

پُر اثر هو شعر تنهنجو، پُر اثر تنهنجو بيان،

پنهنجي شيرين شعر سان تون دل وئين سڀ جي کسي.

 

شاهه ساميءَ ۽ سچل جان تو ڏنو سنديش پڻ،

تنهنجي هر هڪ بيت ۾ آڪاش واڻي ٿي وسي.

 

ٿيو عطا توکي انهيءَ کان ”سائين بيوس“ جو خطاب،

هر سخن تنهنجو ٿو گمراهن کي نِت رستو ڏسي.

 

ڪيئن ڀَريندي خال اهڙو هندُ ههڙي حال سان،

ٿِي جڏهن چوطرف من تي موُنجهه مايوسي وسي.

 

شعر سونا تنهنجا جُڳ جُڳ شاهدي ڏيندا رهن،

ڪسوٽيءَ تي شاعري تنهنجي ڀلي دنيا ڪسي.

( از:_ پرسرام روهڙا سنڌو نگر)

 

دلي آرزو

اُٿي ٿي آسمان هر هر نظر تو ڏانهن اُڃايل جي،

تنهنجي ڀنڊار ۾ اٽڪي رهي ٿي دل بکايل جي.

 

تمنا عيش دنيا جي نه دل ۾ڪا رهي باقي،

فقط شيوا جي درشن لئه سڪي ٿي دل سڪايل جي.

 

روئي ڏينهن رات پنهنجي حال تي پلڪون پسايان ٿو،

هينئر ڪر آرزو پوري مصيبت کان مُسايل جي.

 

حياتيءَ جو املهه هيرو، وڃايم ڀوڳ وشين (1)۾،

پوي ٿي يادگيري ليڪ هاڻي شيءِ وڃايل جي.

 

نه مون ۾ شعر جو مادو نه ڄاڻان بحر و قافيه مان،

مگر سمجهان ڪرامت ٿو فقط آسيس آيل جي.

 

سُمت ڏيئي شل سچو سائين سدائين ڀاءُ ڀڳتيءَ سان،

رهي ”بيوس“ جي چرنن  ۾ اٽل شرڌا ”دکايل“ جي.

 

( از:_هوند راج ”دکايل“)

 

ڏسا پنهنجي پيارل کي سدا ٿو دل جي درين ۾،

ڦري تصوير دلبر جي اکين جي ماڻڪين مَنَ ۾.

 

اُڃايل ڇو دکيل ٿي، نهارين آسمان ۾ ٿو،

رهي هر جام مون وٽ ٿو مٺا نيڻن جي چشمن ۾.

 

پوتر دل پرين تنهنجي تمنا کان مٿي آهي،

سچيرو عيش دنيا جو ڏٺئي شيوا جي شغلن ۾.

 

اهي ڳوڙهن سندا موتي دکن ۾ پيسجي ويندا،

ڪندا قوت قوي پيدا هزارن دل شڪستن ۾.

 

وڃايل ياد جي آيو ته سمجهو ڄاڻ ٿي حاصل،

حياتيءَ جو املهه هيرو اچڻ تي آهه چمڪن ۾.

 

سڄڻ صدقي ٿين تو تان ٿا خود بحرو وزن قافيه،

مجسم شعر ٿي پئين مات قربانيءَ جي چرنن ۾.

 

دکايل روپ ۾ ”بيوس“ ٿيو پنهنجو پاڻ تي موهت،

حقيقت ۾ اهو هڪڙو جُدارو جوڪ جسمن جو.

 

( از:_هوند راج ”دکايل“)


 

 

مهاڪوي ”بيوس“

سنڌ جا قابل ڪوي صد مرحبا صد مرحبا،

شعر روپي ساز ڇيڙي، وهه وڄايئي دلربا.

 

اَي وڃڻ وارا امر جوتي جڳائيندو وئين،

دائما رهندو اهو پرڪاش تنهنجو جا بجا.

 

نيت جڳ سان جڳت جهڙي، ريت هئي رب سان رُڌل،

پاڻ کي جيتي، جڳت تي جيت پائي وئين مٺا.

 

ڇا نماڻي مورتي، ڇا علم هو، ڇا  ڄاڻ هئي،

هر سخن تنهنجو املهه ۽ هر وچن ٿيو بي بها.

 

جسم تنهنجو ناهي، ليڪن رُوح تنهنجو ساڻ آهه،

رهبري سڀ جي ڪندا، تنهنجا سخن پُختا پڪا.

 

شاعرن جا شاهه تون سمرٿ هئين، بيوس هئين،

تو زماني کي ٿي ڏيکاريو عجب جهڙو لقا.

 

تنهنجي هر هڪ بيت ۾ بيتابيون آهن هزار،

”چندر“ ڇا، پر سنڌ ساري شعر تنهنجي تان فدا.

 

( از:_چندر (ماسٽر))

 

(94)

شري ”بيوس“ جي ياد ۾

هاءِ حسرتناڪ قهري ڪال جو ڪل ڪار بار،

ڪَنٺ (1)گُهٽجي ٿو وڃي نيڻن ۾ ڇُلڪي نير ڌار.

 

ڪالهه وارو حال هڪدم ڇو ڦري ماضي ٿيو،

ناهه هن تبديل کان ظالم زمانو بي ميار.

 

ويل ناهي؟ جن لکڻين جي وڃڻ جي ويل ناهه،

ڪيئن اجل ان تي روا سمجهي ٿو بي ويچارا وارا.

 

هاءِ بيوس تون به اُن بي ترس جو ٿي وئين نشان،

جو ڪري شهباز، ڪيهر شير، چاهن جو شڪار.

 

هاءِ سنڌي شعر جي ديويءَ جو کسجي ويو سُهاڳ،

وار ڇوڙي ويوگ (2)تنهنجي ۾ ٿي اوتي آبشار.

 

تون وئين تنهنجي وڃڻ جو مون کي ويسهه ڪيئن اچي،

تنهنجي لفظن جي ٻُڌان ٿو گونج مٺڙي، دل منجهار.

 

تو ٽٻيون ڏيئي جي ساگر مان سپون سوڌي ڪڍيون،

تن سپن ۾ خوب آهن گيان گوهر آبدار،

تنهنجي شيرين شعر سازيءَ جو نرالو نوع هو،

تنهنجو ڪوتا جو جهڪو ٿيندو نه چهرو چمڪتار.

 

شاهه شاعر ٿي به تو وٽ هو حليميءَ جو هلڻ،

تون نماڻو تنهنجي نردوشي (1)طبعيت نروڪار(2).

 

تر گهڻا غم سان ٽَڪرَ کائي، ڪيا ٿي غم غلط،

پر سَندُءِ غالب پيل دل تان گهٽيو غم جو نه بار.

 

سنڌ زندهه آهه جيسين تنهنجو زندهه نام آهه،

تنهنجي ڪوتائن کان رهندو تنهنجو نالو پائدار.

 

تنهنجي جسماني جُدائيءَ کان سڀن کي شوڪ آهه،

تنهنجي ڪوتائن کان ليڪن ٿيندو عالم آشڪار.

 

تنهنجي محفل ۾ وهڻ جو شوق مون کي آ گهڻو،

پر وُيل شيءِ جو ڪٿي ملندو نه هرگز آر پار.

 

نيٺ ملنداسون جڏهن ٿيندو فنا گهر مان گذر،

آهه ”فانيءَ“ کي سدائين ان گهڙيءَ جو انتظار.

 

(از_ کيئلداس ”فاني“)


 

 

 

شاعر جادو بيان، اهل سخن ويندو رهيو،

علم جو حڪمت جو هڪ اُستاد فن ويندو رهيو.

 

جنهن تي نازان هو وطن، ناز وطن ويندو رهيو،

سنڌ ساريءَ کي ڏئي رنج و محن ويندو رهيو.

 

رشڪ لقمان، رشڪ فردوسي زماني ۾ ٿيو،

هن جي دم سان علم و حڪمت ۾ نئون ٿي ساهه پيو.

 

دل به آهي بيقرار ۽ بيقرار آهي قلم،

بيقراريءَ سان ڪريان ٿو بيقراريءَ کي رقم.

 

انتهائي رنج و غم سان منهنجا چشم نم،

مان ته ڇا پر سنڌ ساريءَ کي رسيو آ داغ غم.

 

اشڪباري ساري ڪاغذ کي پُسائي ٿي ڇڏي،

داستانِ غم لکڻ ۾ ڀي مُنجهائي ٿي ڇڏي.

 

يار هن جو ملڪ هو ۽ هي ٿيو يارِ وطن،

ملڪ کي غم ۾ ڏسي هردم هو غمخوار وطن.

 

پاڻ تي ٿي بار سمجهائين ڏسي بار وطن،

جان سان دل سان هميشه هو مددگار وطن.

 

ملڪ کي غم آهه غمخوار وطن ويندو رهيو،

يار بنجي ملڪ جو يار وطن ويندو رهيو.

 

علم جي مئخاني جو پيرَمُغان(1) ويندو رهيو،

ٿا رُوئن مئڪش جو فخر مَئڪشان ويندو رهيو.

 

گلشن شعر و سخن جو باغبان ويندو رهيو،

گُلَ روئن ٿا، پاسبانَ گلستان ويندو رهيو.

 

راههَ آزاديءَ جو هڪڙو راهبر ويندو رهيو،

ڏيئي پيغامِ وطن، پيغامبر ويندو رهيو.

 

اهڙي هن جي ڪلڪ ۾ آئي ڪرامت ٿي نظر،

ٿي اچي ڪاغذ مٿان ظاهر ٿيا لعل و گهُر.

 

هن رکيو اهڙو هئو طرز بياني ۾ اثر،

هر سخن ٻڌندڙ جا ڪَن هن لئه رهيا ٿي منتظر.

 

گفتي گفتي کي بڻائي ڪارگر ويندو رهيو،

نڪته نڪته ۾ ڪري پيدا اثر ويندو رهيو.

 

عرش تان تارا تخيل (3)جا ڇني ايندو هُئين،

ڏَئِي ٽُٻي پاتال ۾ لعلون لهي ايندو هئو.

 

بحر مان معنيٰ سندا موتي ڪڍي ايندو هئو،

ذري ذري مان امولڪ ڌن کڻي ايندو هئو.

 

سنڌ جي ادبي خزاني کي وڌائي ويو هليو،

گوهر افشان ڪري، گوهر اُپائي ويو هليو.

 

جي ڀُليل هئا تن کي ”بيوس“ دڳ لڳائيندو ويو،

مَنزلِ مقصود کي آسان بڻائيندو ويو،

 

دل جي تارن تي وطن جا گيت ڳائيندو ويو،

نغمه حب الوطن جڳ کي ٻڌائيندو ويو.

 

شعر ماکيءَ کان مٺو پيدا ڪري ويندو رهيو،

اي ضيا هر هڪ سخن ۾ رس ڀري ويندو رهيو.

(از پرسرام ”ضيا“)

 

ستار قدرت

طرح طرح جا عجب تماشا، رَچي ٿي ڇا ڇا اپار قدرت،

ڳجهو جڳت جي اَڻي اَڻي ۾، وسي ٿو سائين ستار قدرت.

 

ڪلي ڪَلي رَسُ ڀري چمن جي مزا منائي پکي پرندو،

گهُلي رسيلي هوا بسنتي، ڦِري ڦلي ٿو بهار قدرت.

 

پٽيوُن پياليون گلن ڦلن جون، کِلي کٿوري، عجيب سوڀيا،

ڀريو صراحيون، سڳنڌ واريون، هوا ۾ هاري عطا قدرت.

 

زبان زبان مان عيان اچي ٿو، بيان تنهنجو جهان والي،

ٿئي ٿي تو تان جناب عالي، هزار دل سان نثار قدرت.

 

وڏيون ڪشاديون جهان جون ڏاتيون رکين هَڪُيون تون سڀن اڳيان ٿو،

ڪڻي ڪڻي مان بڻي گهڻو ٿو، اڻي منجهان ٿئي انبار قدرت.

 

اکٽ خزاني منجهان ڀلارا، ڀري مُنجين ٿو مندون مدامي،

کپي نه جهونو، نئون اُپائين، ڀريو رکين ٿو ڀنڊار قدرت.

 

اچي سفر کان اڳي سمر ٿو، رزاق ”بيوس“ رکي ٿو اونو،

جنم وٺڻ کان اڳي جڳت ۾، ڪري ٿي کاڌو تيار قدرت.

 

گنگا جون لهرون

ڪيئن لکان، ڄاڻان رڳو، ڇا لکان، سِل تون،

ڪندس پوري بانسري، ڦوڪيندين ڳَلُ تون،

پنڌ ڪرڻ مون کان پُڄي، واٽ وٺي هل تون،

ٻاجهه ڀريا ٻَلُ تون، هن بيوس ۽ بيزور جو.

 

تو ڳَل ڦوڪيا ڦوُڪ لئه، مون بنس ڪئي پوري،

ڪاٽي ڪور قلوب مان، ڳاريم ڳَري ڳوري،

خواهش خود خوشبوءِ جي، پٿر جيئن ڀوري،

اچي هوت هوري ڪر هردي ۾ هيج سان.

 

ڌَنَ خزاني خاص مان آيس خوب کڻي،

چيتي(1) اندر چاهه مان، چوکي(2) چنت (3)مڻي،

ڪانگ دنيا جي پوئتان هئه هئه ڇڏيم هڻي،

قيمت دار ڪڻي مون ڪڻڪا ڪڙڪائي ڪئي.

 

 

ڄاتل تان سهجي پوي اڻ ڄاتل جي ڄاڻ،

دنيا دل جي درسني، دلبر درس ڪاڻ،

اَڇي ٿي سک درس کي، چهري جي چانڊاڻ،

ڪاڪل (1)جي ڪاراڻ، دانهن ڏئي دک درس کي.

 

مون ڪيو محبوب سان مکڻ جو ماڻو،

اچي وڌائين اوچتو محبت مانڌاڻو،

وڃي ولوڙي ۾ پيو ٽهڪن جو ٽاڻو،

چڱو شل چاڻو، چوکو نڪري چت مان.

 

وڇوڙي ئي وصل جو جڏهن وريو واءُ،

محبت ماٺائي ڪئي، سڪڻ وڃايو ساءُ،

ويجهڙ کان به وڏو رهيو، دُوريءَ جو ڌڌڪاءُ،

پاليءَ ۾ رَسُ پاءُ، ته آنو شاخي انب ۾.

 

بيحد جي برهمانڊ (2)۾ جنهنجو انت نه پار،

اٽل سرشتي نيم سان ٻڌو جنهن سنسار،

دل جي ديري تي بڻيو، سو خود ٻڌل ٻار،

عشق عجب اسرار، نينهن ٻڌو هو ناٿ (3)کي.

 

 

مون جا دنيا ڀانئين، سا صورت سپريان،

اکين مان انڌڪار جا ڪَٽر جي ڪيريان،

ساڃهه سمجهه سنئين ڪريو، جي سمرڻي سوريان،

مڻ مڻڪو ڦيريان، ته دل درسن جي دور ۾.

 

مان پيدا ٿي مان منجهان آنند منجهان آنءُ،

نينهن وڃايو نرت کي نانهه مٿان پيو نانءُ،

ڪرتا قربانيءَ سندو، ڏاڍو رٿيو ڏانءُ،

گدا پور جو گانءُ، ٿي ڇَڪن جنهن ڇنَ (1)۾ ڇڏيو.

 

مان پيدا ٿي مان منجهان، آءٌ منجهان آنءُ،

آڏو آيس آنءُ جي پيو پاڇي تي نانءُ،

باغ  داد بغداد ٿيو سک نگر دک گانءُ،

ڪِٿِ هنسراج ڪِٿ ڪانءُ، ڇا موتي مڌ ڇا لڳي.

 

پڙهيا چڙهيا ڪينڪي، اڙيا اڻانگي،

پار نه پهتا تار مان تريانه تانگهي،

سهس نه آندا سير تي ساهه سندي سانگي،

لتاڙيا لانگهي، لهرين لوڙي لوڙهيا.

 

 

ويئي ورندي ڪينڪي، تون ايندڙ ڪر اُجري،

ٺهڪيو ٺهڪن ڪين ٿا گوندر ۽ گذري،
سا
اڳري سَو سال کان، جا ساعت سڃ سڌري،

”بيوس“ بات سُٿري، پر رهڻيءَ هيٺ رڱيو رهي،

 

جوت

جڳت ۾ آتمڪ (1)جوتي جڳائين جوت وارا ٿو،

سُتهه (2)پرڪاش پنهنجي سان ڀرين تارا ستارا  ٿو.

 

اروپا! (3) روپ مندر ۾ جلائي پريم جي اڳني،

ڏيڻ لئه آپ آهوتي، (4)رچين دل جا دُئارا ٿو.

 

اپاري (5)آدکان ٿي، ٿو بکين بي انت رچنا مان،

ٿي بي رنگي، رچائين رنگپور ۾ رَنگ نيارا ٿو.

 

صفائي ويس ۾ سائين! پسين ٿو حسُن ذاتيءَ کي،

رچي وحدت منجهان ڪثرت، ڪرين ڪيڏا پسارا ٿو.

 

بڻي مهراڻ موجن جو مَها آنند مان ڇُلڪي،

پرين هن پريم نگريءَ ۾ عجب امرت جي ڌارا ٿو،

 

نه دنيا دام گهه ڦاهي، مگر قربان گهه شاهي،

چيو رانجهن، ڇڏيان هڪ هير لئه تخت هزارا ٿو.

 

اکين ۾ آهه دل ڏي دڳُ وڃڻ جو، پر نه موٽڻ جو،

اچي دل ۾ ڇٽڻ تنهنجو عبث ڄاڻان دلارا ٿو.

 

پرت سان پُڃ گنگا ۾، هنيو جنهن گيان جو غوطو،

صفا دل درسنيءَ ۾ سوپسي نوري نظارا ٿو.

 

دليون سالم ٿين جنهن سان سچيرو شعر سو ”بيوس“،

گهُري سنسار هر ساعت ۾ سالم دل سچارا ٿو.

 

تون ، مان

آسودگيءَ ۾ تنهنجي، منهنجو به آهه واٽو،

منهنجي سُڃي رهڻ ۾، توکي به آهي گهاٽو.

 

هر ذري خاڪ جي ۾، هڪ راز جي رواني،

جا چوٽ چاٽ مون تي، توتي به سا چماٽو.

 

هڪ واسطي ۾ ويڙهي، ٻنڌن ٻڌو ٻنهي کي،

ٻارن ٻنهي جو آهي هڪ آرزو تي آٽو.

 

هڪ راهه تي گذر ٿيو، منزل به آهه ساڳي،

ساٿي ٿي هل سفر ۾ سولو سنئون سنواٽو.

 

تون ”مان تکي ڪرڻ جي ڪوشش اگر ڪجي ٿي،

”تون“ ۾ پوي ٿي ڪاتي، ”مون“ ۾ پوي ٿو ڏاٽو،

 

جي زخم دل رسي ويا مهر به آهي ملڻي،

سالم سڄو به ٿيندو سيبي سان ڦاڙ ڦاٽو،

 

آڪاس تان هٽائي ڪجهه خاڪ تي نظر ڪر،

اوُچو رڳو جي ڳاٽو لوڻي ٻُجهي لپاٽو.

 

آخر اچي سي گڏيا، خالص ۾ خاص ”بيوس“،

مان تون ۽ هُو جو آهي رستو اگر ٽه واٽو.

 

همدردي

ڳوڙهن سان تنهنجي ڳانڍڙ منهنجو به خون آهي،

سوداءِ سر ۾ تنهنجي، منهنجو جنون آهي،

 

تنهنجي بهار کان ٿي منهنجي چمن ۾ چهه چهه،

تنهنجي خزان ڀي منهنجي حالت زبون آهي.

 

نقدي خوشيءَ جي خرچي غم ٻئي جو ٿو خريدي،

همدرد جي دنيا ۾ نيارو نمون آهي.

 

ويو رات کي اکين مان آرام موڪلائي،

ڪنهنجو ڪچو ڪنن تي پئڙو پرون(1) آهي.

 

پَرَ درد تي جَلي ڏئي سرکنڊ (2)جان سڳندي،

جنهن ۾ هي ديوتا سا دنيا نه دون (3)آهي.

 

 

جو پَرَ پگهر تي پنهنجو لوهو ٿو لال هاري،

جوڌو جوان اهڙو جئري اجون(4) آهي.

 

هي حال دل جو ”بيوس“ تون پاڻ تي سهي ڪر،

آَٿت جو آهه تو لئه، مون لئه ستون (5)آهي.

 

سچي راحت

ڪڏهن تو ڪا ڏٺي ماڻي، مٺي من جي سچي راحت،

نه جنهن جهڙي سُجهي ٿي ڪا، سٺي سنسار ۾ نعمت.

 

مهانگي چيز مڙني ۾، بنا ملهه جي ميسر ٿئي ،

نه جنهن کي ناز ناڻي تي، نه جنهن تي ڪا لڳي لاڳت.

 

کپي ٿي طبع سا عالي، هجي جا پاڻ کان پالهي،

خوديءَ جي خيال کان خالي، ڪري مخلوق جي خدمت.

 

سدا همدرد دل ڌاري، سڌا ناتا نه جا ساري،

پراون سان پرت پاري رکي جا عام سان الفت.

 

جتي ڳوڙهو ڳڙي پَرَ جو، اُتي گهاٽو ڏسي گهر جو،

ڇڏي وجهه ڪين واهر جو، نه هاري هوش ۽ همت.

 

هجي نِردوش دل وارو، اندر ٻاهر صفا سارو،

چڱائي جو چلي چارو، نه ڄاڻي هوڏ ۽ حرفت.

 

 

رکي سادو گذر سنهجو، سدا وس پاڻ تي پنهنجو،

نه ڪاڻيارو رهي ڪنهنجو،نه گهرجن ۾ ڇڏي غيرت.

 

سچائي کي رکي پاسي، نه رسمي بند ۾ ڦاسي،

نه جنهن کي ڀرم ڪو پاسي، هجي آزاد سا عادت.

 

اُتم منشا ۽ مقصد جي، رکي تابع جو خواهش کي،

رهي ”بيوس“ سدا تنهن تي، اپر آنند جي برڪت.

 

”حُسن“

ٿي نزاڪت جي نظر، جنهن کي ڏسي حسن و ڪمال،

تنهن جي تصوير چٽڻ آهه مصورلئه محال،

تنهن جي جلوي جي نه اظهار جو شاعر ۾ جلال،

نه ڪي تعريف بيانيءَ جي مصنف ۾ مجال،

ديد ديدار بَڻِي، دُور ٿي ديدن ۾ ڪري،

راهه چشمن تان وڃي دل کي ٿِي جذبن سان ڀَري،


برهه ڀنڊار سان هئي تار سڄي سونهن پري،
عشق آنند سَندي تار وسيلي ٿي ٻري،

ذات محسوس ڪرڻ لاءِ اچي ٿي چاهه چري،

شوق دل پاڻ اندر پاڻ جُدائي ٿِي گُهري،

پاڻ ۾ پاڻ جڏهن سُونهن سمائي نه رهي

پاڻ ۾ پاڻ پسائڻ کان سچائي نه رهي

 

سُونهن سر آهه ڪٿي، حسن هزاريءَ کان پُڇون

ڪنهن ڪمانگر جي عجب نقش و نگاريءَ کان پُڇون

خوب ڦولن سان ڦليل باد بهاريءَ کان پُڇون

لات بلبل کان ۽ ڪوئل جي تنواريءَ کان پُڇون

آسمان! تنهنجي ستارن ۾ هي چمڪو ڪنهنجو؟

نُور جي نوري مُنجهان ناچ جو ڇمڪو ڪنهنجو؟

 

نيمه- مندر ۾ رهي سُونهن جي ديوي ٿي سدا

نينهن وارن سان جتان خوب ڪري نازو ادا

پرت وارن کي پَري کان ئي پسائي تي لقا

کيس اوڏو ٿي ڇُهڻ جي نه رکي ڪو به سِٽا(1)

پاڪ مندر مان اچي پاڪ، وڃي پاڪ وَري

پنهنجي طالب کي ڏئي پاڻ عوض جسم ڀَريِ

 

سارو سنسار ٿو پدمڻ جي اڳيان ڏاڻ ڏئي

باغ گل، هار ڏئي، عطر جي سرهاڻ ڏئي

جهول موتين جا ڀريو، موج سان مهراڻ ڏئي

لعل ياقوت، رتن، سون رُپو کاڻ ڏئي،

ڏالي هر جنس بڻي سونهن جي سردار اڳيان،

تابعَ هر دل جُون حَدون حُسن جي سرڪار اڳيان.

 

جا مجازيءَ کي سُجهي محب سندي مورت ۾،

سونهن بيوس سا حقيقي لئه سڄيءَ قدرت ۾،

ڪا به ٻي سونهن سجهي چيَز نه ٿي فطرت ۾،

جا بجا حسن حقيقت جي صفا صورت ۾،

ٿي سگهي غرق حواسن جي حڪومت کان پري،

هوند هر چيز ۾ دلدار جو ديدار ڪري.

 

 

سونهن جي سخا

سونهن ۾ صورت سڄڻ جي ٿي سراپا سر ڏٺِي،

هر هنڌ ان مصري مٺيري مون چکي چوڌر ڏٺِي.

 

ٿئي جڏهن تيلو پچي پيلو، تڏهن ٿو ڪَڻ ڪڍي،

زرد رنگي رُو ۽ اندر ٿي ذري گهٽ زَر ڏٺِي.

 

جي ڪشالا ڪشٽ ڪاٽي ڪونڌ پهتا ڪوهه ڪاف،

ديَو- دک وٽ سوڀ سک جِي تن پري پيڪر ڏٺِي.

 

ڇو دکيا دلگير ٿين؟ جو ڪو به اهڙو ڪونه ٿيو،

جنهن ٿي پنهنجي اڄ هميشه ڪالهه کان بدتر ڏٺِي.

 

ڀال برڪت جو ڀنڊارو آهه بيحد سان ڀريو،

تنهنجي دعوت جي اي داتا ديگ مون در در ڏٺِي.

 

چيرجِي چنبن ۾ بلبل  ٿي ڪيُون چيٽوُن مگر،

ٿي خوشيءَ جي خاص مجلس باز خوش خاطر ڏٺِي.

 

شام جي شامت کان تن کي اڳ اُڏامڻ هو ضرور،

بند ڪنوَل  ۾ ڀَونر جي جن ڦٿڪندي ڦر ڦر ڏٺي.

 

نيٺ سِي نگر ڏي پَرَ ڪري ايندا اُڏيَ،

جي سَندُءِ تصوير سهڻي هيج مان هيڪر ڏٺي.

 

هر اَڻي ۾ گرچه جلوو آهه تنهنجي جوت جو،

پر سخا بيوس سڄڻ جي باغ ۾ بهتر ڏٺي.

 

آنند جي اُڇل

سرڳ جي آنند اُڇل جا ڪي ڪنارا پيا ڀَڄي،

جنهن منجهان آئِي اُڇل سان ڄُرَ خوشيءَ وارِي کَڄِي.

 

طبلي ڪوڏر تي ڪري ٿي ناچ آنند اپسرا(1)،

سبز رنگي سونهن تي پيو روح ڪڙميءَ جو رڄي.

 

عشر تي موسم بهاري ٿي لُٽائي اشرفيون،

لعل لالا کان لَڄي ٿيا، ماڪ کان موتي لڄي.

 

سِڙهه پَٽيا پوپٽ پَرَنِ جا روشنائيءَ سمنڊَ تي،

خوش کنڀن تي سونهنَ پُر مان سوکڙي آئي کڄي.

 

آسماني تاج سوني تان اُفق (2)کي ترورا،

شام جو سوني سُروپا (3)ڏين شفق (4)رگي سڄي.

 

 

حسن هيرن سان جَڙيل ڪا جوڙ جسماني ڏسي،

سَوز وارا سُر سڻايا ورهه جي واڄي وَڄي.

 

پنکڙِي گُل جي تي بيوس ترڪندي نازڪ نظر،

هارَ کائيندي حقيقت حسن ۾ ويندي هڄي.

 

هماليا

اَي هندُ جا سهارا، پکراج (1)تاج وارا،

ناموس ۾ نيارا، منهنجا هماليا پيارا،

ڌرتيءَ مٿان وسين ٿو، آڪاس سان کسين ٿو.

 

مشهور مانسرور، سانُپو، سنڌو سندو گهر،

ڀارت جي آس آڌار، کيٽن جو پيٽ پرور،

ڪيئي نديون ڀري ٿو، پاڻي پُڄي پري ٿو.

 

اوچا عجيب لانگها، نيتيءَ ۽ پرنگلا جا،

خيبر ۽ بارليچا، بولان گهاٽ گهاٽا،
ليڪن انهن لڪن مان مشڪل گذر ڪچن کان.

 

يومان کان حڪم تنهنجو هالار تي هلي ٿو،

هُن ڀر ٿُٻيٽ پوٺو هِن ڀر تي هند پوٺو(2)،

جنهن جون هزار چوٽيون آڪاس تان ٿي موٽيون.

 

 

سملا مري مسوري صحت جي لئه ضروري،

تو ۾ هرڻ کٿوري پشمي ٻڪر انگوري،

جن مان ٺهن ٿيون شالون ڪشمير ۾ نراليون.

 

سورج هوا هٿن سان، پاڻي کنيو سمنڊ مان،

ڪيلاس ڪلس ڀرسان، چاڙهي ٿو پاڻ پرتئا،

ڌارا جتان لهي ٿي ڀاڳيرتي وَهي ٿي.

 

وهندي لهي لڪن تان، جمنو تري جبل مان،

گڙ گڙ ڪندي گرجنا، جل جوش