سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات بيوس

صفحو :10

 

(108)

غريبن جي جهوپڙي

جا آهه جائداد نه ورثي وبال کان،

ٿيندي نه زير بار جا گرويءَ جي خيال کان،

اونو نه جنهن کي آهه ڪو جوکي جنجال کان،

رهي جا هنيانءَ تي سولي سنڀال کان،

جنهن ۾ غرور زر نه سراسر سگهي گهڙي،

الا! جهري مَ شال غريبن جي جَهوپڙي،

 

جا ونءُ وڃي ٿي چيز ڪنهن نازڪ نفيس کان،

آجي رهي جا اُوچ - گذاري جي ريس کان،

پڻ ٿي پناهه ۾ رهي حاسد حريص کان،

ڌاري نه خاصي خوف ڪو خوني خبيث کان،

بي ڪُرفَ ۽ ڪڙي رهي سوگهي صندوقڙي،

الا! جهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي،

 

ڇانگي ڇَنو اڏيائون، لامن لکن منجهان،

سادو اجهو سٽيائون پُراڻن پکن منجهان،

ڪاڍو(1) ڪڍيائون ڪڙٻ جي ڪانن ڪکن منجهان،

پورهيو پٽيائون پاڻ ۽ سرتَن سکن (2)منجهان،

مفتي (1)مدد تي آيا مچي مڙسن ٿي مڙي،

الا! جهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي.

 

جنهن کي نه نقش ساز تي ڪو ناز ٿو رهي،

رازو ڊکڻ نه جنهن تي ڪو لوهار ٿو رهي،

چُوني پٿرَ يا سِر جو نه سر بار جا سَهي،

”محصول جاءِ ڳَاهه جي هيٺان نه جا ڳهي،

مسواڙ بي مهار جي آهي نه جا پڙي،

الا!  جُهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي.

 

سجُ چنڊُ واجهه (2)ٿو وجهي جنهن جي وٿين منجهان،

ڀڻڪا ڪندي ڀڄي هوا جنهن جي ڀتين منجهان،

ڇڻڪار مينهن ٿوڪري ڇُٽڪي ڇتين منجهان،

قدرت سندي ڪمال، صحت لئه سوکڙي،

الا!  جُهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي،

 

جنهن ۾ مزو مچي مٺي ڍوڍي جوار تي،

سارو گذر وجهي نه طبيبن تنوار (3)تي،

پورهيو وجهي ٿو واڌ وڏيري ڄمار تي،

غالب پوري نه حرص خوشيءَ جي خمار تي،

بيوس جتي جلائي نه چنتا (4)جو چُوچِڙي،

الا! جُهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي،

 

انسان

جي هجي ذات کي ها پاڻ ڇپائڻ جو خيال،

ڪين هرگز ها ڪري توکي بنائڻ جو خيال.

 

رُوح تنهنجي کي ڪري نور مان ڪيئن ها پيدا،

جي هجي کيس نه ها (1)ڀيد بتائڻ جو خيال.

 

شڪل آئيني مان تنهنجي ٿي رچيندڙ جي بَکي،

آهي هي پاڻ بنا پاڻ پسائڻ جو خيال.

 

ٿي منّور ٿي جڏهن جوت منجهان منش ٻُڌي،

هو تڏهن خاڪ ۾ خورشيد سمائڻ جو خيال.

 

تو ۾ يزدان(2) جڏهن پريم ڀري دل ٿي ڀري،

هو تڏهن ڌار ڪري کيس ملائڻ جو خيال،

 

عشق ڌاران نه هلي دل تي حڪومت ڪنهنجي،

هو نه طاقت سان ڪو قدرت کي دٻائڻ جو خيال،

 

تنهنجي (3)رچنا ٿي رسيو حسن کي ڇا عين ڪمال،

جوڙ تنهنجي تي اٿيو پرت پچائڻ جو خيال،

 

بزم هستيءَ کي ملي رنگت ۽ رونق توکان،

توتي ٿي اوج رسيورنگ رچائڻ جو خيال،

 

ساري مخلوق جي آخر ۾ ٿو انسان اچي،

صاف ثابت ڪيو سرتاج سڏائڻ جو خيال،

 

آهي سنسار ۾ انسان!  اجالو توکان،

توکي ڪو آهه ڀلا پ،اڻ ملهائڻ جو خيال؟

،

ڪا به آڏو نه اَٽڪ آهه جي بيوس نه بڻين،

آهه دنيا ۾ اگر ڌوم مچائڻ جو خيال.

 

زندگي

بي ڪناري بحر (1)آهي تنهنجي ذاتي زندگي،

جا سُجهي ڦوٽو، فنا ٿي سا صفاتي  زندگي.

 

اڄ سُڀان جي قيد کان آزاد آهي ۽ اڪال(2)،

وقت پنهنجي ماڻ سان ماپي نه ڇاتي زندگي،

 

شڪل ڦيري سان نوائي جا چٽين سڀ نقش ٿي،

وقت سان ٻهروپ (3)جي تو راند لاتي زندگي.

 

هر حياتي مرڪزي گلُ هار هستيءَ ۾ بڻي،

ناهه هي هڪڙي فقط حاضر حياتي زندگي.

 

بند جسماني حياتي عرش اوچي تي اُڏي،

ٿي رکي آزاد ٿي ڇا ڇا نه ڇا تي زندگي.

 

وئين حياتيءَ جي حَدُن سان ٿي الڳ جڳ کان جُدا،

گرچه توکي هئي مليل برهمانڊ (4)ڀاتي زندگي.

 

ڀُون ۾ ڌٻجي بڪيئن هو چشم ٻج سالم، سُجاڳ،

تو رڳو نسريل سلي اندر سڃاتي زندگي،

 

مَٽ حياتيءَ جي هُنڊي بيوس برهه جي بينڪ مان،

ڪنهن به ڪامل عشق ريءَ ابدي (1)نه پاتي زندگي.


 

 

موت

ساز هستيءَ جي اچي هر تار مان تنهنجي صدا،

تنهنجي واڄو ٿو وڄي قدرت  جي محفل ۾ سدا،

هر نظم ۾ نازنين تنهنجو ڦري نازو ادا،

غمزده (1)غمزن (2)کان تنهنجي آشنا شاهه وگدا،

مرثيه کان تنهنجي بزم عيش ٿي ماتم سرا(3)،

آهه غمگيني کان تنهنجي هاءِ دنيا غم سرا،

 

آهه هر دل کي جلائوُ آهه ۽ نالان(4) موت،

هر جگر ٽوڙي ڪري ارمان جو نيشان موت،

ڇا حياتي آهه مشڪل آهه ڇا آسان موت،

ڇا مهانگي آهه جيوت ڇا ارزان موت،

ناهه اهڙي جاءِ ڪا جت موت کان فرياد ناهه،

گرچه اهڙو عام ته به عملي طرح سان ياد ناهه.

 

موت هوندي سانڍجن سهسين اميدون، آرزو،

ڪن مذاقون موت سان ٿا عيش و عشرت هوبهو،

برهه باتين ۾ ڪري بلبل گلن سان گفتگو،

آهه عقبيٰ (1)واسطي دنيا ۾ جاري جستجو (2)،

ڇو سمي ايندڙ تي ٿو انسان ٺاهي حال کي،

ڇو نه ٿو اندريون اڪالي(3) ڪين ليکي ڪال کي.

 

جي هجي ها نيستيءَ ۽ ناهه ۾ انجام موت،

هوند دنيا ۾ نه ٿئي ها هن طرح سان عام موت،

زندگيءَ جي شام لئه ٿيو رات جو آرام موت،

ٿو امرتا (4)جو سُڻائي صبح سان پيغام موت،

ڪيئن قديمي روز روشن نت نوائي کان نئون،

رات جي پردي کي چيريندو اچي سورن سنئون.

 

سطح آبي تي هوا ڪيئن لهر ٿي ٻوڙي سگهي،

لهر ٿي ٻوڙي هزارها بُڙبُڙا جوڙي سگهي،

سي ڦنڊيل ڦوٽا ورائي لَهر ۾ لوڙهي سگهي،

کن ۾ ٿي جوڙي سگهي ۽ کن ۾ ٿي ٽوڙي سگهي،

جي هوا ۾ خود نه جوڙڻ جي هجي طاقت قيام،

هن طرح سان هوند ٽوڙڻ ۾ نه ٿئي ها بي لغام،

 

خاڪ ۾ دٻجي به آهي چشم بج جو ڪيئن سجاڳ،

ٿو گهري تياڳڻ انڌاري قبر ۽ مڙدن جو ماڳ،

آهه رڳ رڳ ۾ سندس نو زندگي ڌارڻ جو راڳ،

آزمائڻ ٿو گهري ٻاهر، ڀري دنيا ۾ ڀاڳ،

ڪِينَ شُعلو زندگي جو ٿو وسامي زير خاڪ،

ٿي شرارو ٿو ڪري خاڪي گريبان چاڪ چاڪ.

 

موت جو سهڻو ملائڪ آهي رحمت جي سمان،

بدنمائي ۽ ڪُراڙپ تي ڪشي ڪرڙي ڪمان،

ڪهن ساليءَ، (1)ضعف حاليءَ کي ڀُلائي بيگمان،

پُشپ پيشاني (2)تي آڻي نو نزاڪت جا نيشان،

عمر جي چهري تان بيوس گهنج ٿو ميٽي ڇڏي،

نيڪ بد اعمال کي ويسر سان ٿو ريٽي ڇڏي،

 

نوائي

تنهنجي دنيا ۾ نوائيءَ جو سدا آهه جشن،

جنهن جي لٽڪي تي رهي موج ۾ هردل ٿي مگهن(1)،

صاف سولي ٿي گذر لاءِ لڳي راهه ڪٺن(2)،

ٿيو جڏائيءَ(3) ۽ جفا سان به جئڻ لاءِ جَتن،

اهڙي دنيا کان، جتي موت جو ماروُ ٿو وڄي،

جي نوائي نه هُجي، هوند هڄي هر ڪو ڀَڄي،

 

حسن جو آهين زماني ۾ تون جبرو هٿيار،

تنهنجي هستَيءَ تي رهي سونهن جي هستي جو مدار،

رُوپ جي راڳ اڳيان آهين سُريلي تون ستار،

هر نظاري جي نظر نُور نوائيءَ ري نڪار،

جي نه هر شي تي هڻي ڇاپ نوائي پنهنجي،

حسن جوکي ۾ ڏسي هوند وڏائي پنهنجي.

 

ٿو سچائيءَ تي نوائي جو جڏهن رنگ چڙهي،

سون مُنڊي ۾ تڏهن گويا ڪو هيرو  ٿو جڙي،

اَهُنر سو، جو نموني ۾ نئون گهاٽ گهڙي،

نو زبانيءَ ۾، مگر پَرتَ (1)پُراڻائي پڙهي ،

پيو پُراڻپ تي نوائيءَ جو جڏهن ويس وڳو،

گرچه. جهونو هو گُڏو، خوب سو محبوب لڳو،

 

 

هيچ اڄ آهه اُهو ڪالهه هُئي عبرت جنهن کي،

علم هو ڪالهه ، چَون اڄ ٿا جهالت جنهن کي،

عَيب شايد ٿئي سُڀان، اڄ ٿي نزاڪت جنهن کي،

سا ڪٿي چيز، نه تبديلي جي عادت جنهن کي،

گرچه خود ذات حقيقي ۾ نه ڦيرو ٿو اچي،

فرق ته به روپ صفائيءَ ۾ جهجهيرو ٿو اچي.

 

ڏينهن ٿو روزڏئي پرهه سان پيغام عظيم،

مان نوائيءَ کان نئون آهيان، قدامت کان قديم،

رمز منهنجي نه پروڙي ته نه آهي سو حڪم،

مون سان گڏُ، جو نه هلي، تنهنجي ٿي حالت ٿئي سقيم،

ٿي هنر مَندُ، نوائيءَ جي نه ڦيري سان ڦري،

تنهنجي تقدير چڙهي چوٽَ تي ”بيوس“ ٿي ڪري،

 

آزادگي

ٻاٻُري ڪَنڊن منجهان تنهنجو گذر، آزادگي،

تو وسايو سخت سو فولاد گهر آزادگي،

جنهن جي ٽوڙڻ لئه کپي جانٺو جگر آزادگي،

ڪنهن مصيبت جو نه ٿئي جنهن تي اثر آزادگي،

مست ٿي تنهنجي مٿان انسان ٿئي ٿو بي ڊپو،

جو بڻي پروانو ڏي ٿو تيز آتش ۾ ٽپو.

 

شخصيت جي گپت(1) شڪتي (2)تو بنا نڪري نٿي،

ڦاٽ کائي زندگي انسان جي نسري نه ٿي،

روشنائي روح جي اوندهه منجهان اُڀري نه ٿي،

قوميت ناڪارگر ٿي ڪنهن طرح سڌري نه ٿي،

پاڻ تي ڀاڙڻ ۽ خودداريءَ جو ٿو بڻ ناس ٿئي،

اَتمڪ (3)اُنتي(4) سندو هڪ خاص ٿو گڻ ناس ٿئي.

 

دم دٻيل، نڙگهٽ گُهٽيل، تو بن ٻَڪرَ ٻوساٽ آهه،

راڄداني رمز سان انصاف جي جڙڪاٽ آهه،

داد سان بيداد جي ويجهي عزازت واٽ آهه،

ٽمڪندڙ، ڦڙ ڦڙ ڪندڙ، بي جوت جيوت لاٽ آهه،

داٻ کان دٻجي وڃي ٿو درد دل رنجور (1)۾،

زخم دل ظاهر ٿئي ٿو نيٺ سو ناسور ۾.

 

دُور مان دُکندي اُٿي ٿي باهه سا ڀڙڪو هڻي،

جا جلائي جان کي جذبات جون چڻگون بڻي،

جيئن مخالف واءُ ڇُٽڪي تيئن ڪري تيزي گهڻي،

ڪين ٺاپر ٿئي، وسي جيسين نه رحمت جي ڪڻي،

لازمي ناتو رهي هن باهه سان برسات جو،

جيئن انڌاريءَ سان تعلق آ سهائيءَ رات جو.

 

گود ماتا ۾ مليل ڏاتار جي جا ڏات آهه،

۽ جنم تي جنهن جي لئه حقدار انسان ذات آهه،

جنهن کان وڌ سنسار ۾ سندر نه ڪا سوغات آهه،

تنهن کي نت روڪي رکڻ بيوس نه ڪنهن جي بات آهه ،

عرش وارا فرش تي ايندا مدد مخفي کڻي،

درد واريءَ دانهن تي خود داد آڻيندو ڌڻي.،

 

 

قوميت

چوٽَ کان ئي ڪاميابي تنهنجي قدمن تي ڪري،

سوڀ جو روشن ستارو تنهنجي محوَر(1) تي ڦري،

 

تنهنجي برڪت سان پون ٿا ماڪ مان موتي بڻي،

خشڪ بادل مون پَون ٿيون امر تي بونُدون ڇڻي،

 

ٿو ملي آزادگي سوره کان توکي تاج رُر،

ٿو ڍڪي روپي سروپا (2)خوش نصيبيءَ جو قمر،

 

ماٺ تنهنجي ۾ مهاساگر (3)تکي جي گرجنا(4)،

تو ڇڪيءَ جي ڇوهه سان زنجير فولادي ڇنا،

 

لفظ ناممڪن نه ٿئي تو قوميت جي ڪوش ۾،

خوف کائي نا اميدي ٿي لڪي پَڱَ پوش ۾،

 

 

سخت سختيءَ ۾ تسلي بخش تنهنجو خوش خيال،

ٿئي ٿو ميدان مصيبت مخملي سيجا مثال،

 

تو هٿان حاصل ڪري ٿو حسن قرباني ڪمال،

هر تحريڪ ۾ ڀَرين ٿي خاص جلوو ۽ جمال.

 

تنهنجي اوڏو آدريش انسانيت اُوچو سدا،

سڀ برابر تو اڳيان مفلس غني شاهه و گدا.

 

جان پوي نيچي نظر ٿي تنهنجي اوچي چوٽ تان،

سڀ تفاوت جا جبل ڏسجن ٿا واريءَ ڪوٽ جان.

 

رنگ مذهب حيثيت کان تنهنجو دامن صاف آهه،

پاڪُ يڪ طرفي اُٽل کان ساهمي انصاف آهه.

 

مختلف هستين ۾ آڻين محبتي ميلاپ تون،

بي سُريلي ساز کي ميلي، ڪڍين آلاپ تون.

 

 

تنهنجي پيڪر(1) ۾ پَري! آهي ڀَري جادوگري،

ٿي ڪري دنيا چري تنهنجي دلارا دلبري.

 

 

 

تو سوا وئرٿ(2) وڃي طاقت تباهي ۾ تمام،

ملڪ مڙدن سان ڀريل ڄڻ آهه مُڙدن جا مقام.

 

تنهنجي مضبوطيءَ بنا ٿي ديش ڀڳتي (3)بي جسي(4)،

بي نمڪ جيئن طعام ۾ هر چيز بيوس بي چسي.

 

 

 

پورهيت

ٿو ڪڻي مان ڪيچ آڻي تنهنجو ساڄو هٿ شريف،

دستڪاريءَ ۾ دلاور(1) آهه جو هنري حريف(2)،

برڪتي بازُن سان تنهنجي زور ٿو پائي ضعيف،

ٿو پلي رَتُ تي ربيع ۽ خون تي تنهنجي خريف،

زر زراعت مان اُپائي پاڻ ٿو بي زر رهين،

بي گرهه بيگر وَهين ۽ بي سمر، بي گهر رهين.

 

واءُ واچوڙي نه جو هيو تنهنجي لوهي جان کي،

بي دليو ڪانئر ڪرڻ جوڪين ڌم طوفان کي،

ناهه سردين کان سياندو تو عجب انسان کي،

ٿو سگهي لوڏي نه گرمين جو اثر ايمان کي،

ڀل پگهر ٽمندو رهي يا وڏ ڦڙو وسندو رهي،

مُنهن مگر هَسندو رهي، هڏ هاج ۾ گسندو رهي.

 

ٿي پتنگ توجان ساڙي شمع شاهوڪار تي،

خود رهي ماندو ته آندي موج مُوڙيدار تي،

گل ڌري بيدل تي ڀيٽا، خوش رهين خود خار تي،

توکي بي سُرتي (3)رسايو آهه حالت زار تي،

تنهنجي محنت جي شجر تي آهه پيل بي پاڙول،

جنهن رکيو تو سُڪل ۽  پاڻ کي سائو اول.

 

آءُ ڏس جوتش نظر سان کول هن هٿ جي تري،

جنهن سوا سنسار ۾ ڪنهنجي نه اڄ تائين سري،

ڪيئن نه آهي بخت جي بهتر نشانن سان ڀري،

مال، ڌن، عزت تي آهي سوڀ ان جي سرسري،

اُٿ، اُٿي ڄاڻُو نظر سان ڌر نصيبن تي نظر،

جا بجا پُورب،(1) پڇم(2) ۾ آهه پورهيت جي پچر.

 

نُور  ۾ تارا ٻُڏن ٿا، آسمان !ماتم نه ڪر،

آهه سورج جي سواري ڌر تون اوڀر تي نظر،

در بدر اوندهه ڏسي ڪومائجي ويندو قمر،

چشم روشن لاءِ بيوس آهه خاصي خوش خبر،

مالڪاڻي چيچڙي ۾ پيڙجڻ ڪيسين روا،

پنهنجي دل جي ڀيڙ اندر ڀيڙجڻ ڪيسين روا.

 

مزورڻ

خلق خود آهي مزورڻ تنهنجي نالي تي نهال،

آدرش (1)جيوت ۾ تنهنجي جوت، جلوو ۽ جمال،

 تنهنجي هر ڪنهن ڪارنامي ۾ بکي قدرت ڪمال،

پر نه پورهيت!  آهه توکي پنهنجي خوبين جو خيال،

ڪم گهڻو ڏيکاءُ ٿورو، ريت هي تنهنجي انوپ(2)،

ڦاٽلن ميرن لٽن ۾ آهين ڀڪتيءَ جو سروپ(3)،

 

مَرُ پگهَر ليڙن لٽن ۾ پران پَت (4)توکي وڻيو،

نيچ، پورهيت ۽ نماڻو مورمستڪَ (5)جو مڻيو،

اڻڀو سڻڀو سادو سُودو ڀاءِ پيو جيڪي بڻيو،

رات ڏينهن پنهنجي ڳَهَڻَ(6) کي تو نه ڳڻتيءَ سان ڳڻيو،

تنهنجي هِنَ شڌ ڀاونا (7)مان ٿو پتي(8) رات وٺي،

تنهنجي خوش چَهري منجهان تازي تکي طاقت وٺي.

 

 

ٿيو غريبيءَ ۾ نه گهڻ اولاد جو توتي اثر،

شوق وَسِ ٿي ڪين چاهين پيٽ پيدا تي پٿر،

پنهنجي ڇاتيءَ تي نپائين لاڏمان لخت جگر،

تات تنهنجي کان رهي جو سٽ ڀرُو (1)سَوکو سَٻر،

سخَت مشغوليءَ ۾ پڻ اولاد پالڻ بار ناهه،

ڪابه دائي يا دوائي يا مدد درڪار ناهه،

 

سانگ صرفي سان سِٽيو گهر جو سڄو تو سلسلو،

پنهنجي محنت سان ڪيو آسان مشڪل معاملو،

ڪنهن به چشڪي تي چري، تنهنجو نه ٿيو چتُ چلولو،

نِتُ رهي اڻ جيت ٿو تنهنجي قناعت جو قُلعو،

مَن رسيو تنهن چوٽ تي پهچي نه جت ڪا ريس ٿي،

ٿورَ گهرجن تي ڪري آسودگي آسيس ٿي،

 

تون پهڻ ڍوئين ٿي رستن جا ۽ ٽاڪين (2)ٿي ٽَڪَرَ،

ٿي حمالڻ(3) بار ڍوئڻ لئه رهين نت منتظر،

ڪارخانن ۾ وَهائين صبر سان پنهنجو پگهر،

سهن شڪتيءَ تي مگر هرگز ٿيو الٽو اثر،

حسن جي حالت ۾ بڻجين بدنگاهن جو نشان،

پر رکين بي داغ دامن عرش جي عصمت سَمان.

 

 

زندگي جي اُوچ طبقن ۾ نه ٿيو تنهنجو گذر،

ڪنهن به اعليٰ شخصيت جو ٿيو نه تعليمي اثر،

پر پرايو خود حياتيءَ مان تو حيرت جو هنر،

ٿيو سکيو سنسار ۾ تولاءِ سختين جو سفر،

آهين بيوس ۽ نماڻي او مزورڻ استري،

پر پريکيا وقت جيڪس آهين پورڻ (1)استري.

 

وقت قاتل

تخت شاهي تان جڏهن شاهه زمان ڏاڻ ڏنا،

وقت سلطان ٿي، پنهنجن کي سڏي پاڻ ڏنا،

مانَ دولت جا ۽ عُهدن جا مئي ماڻ ڏنا،

سي ڍَيا جن ٿي لياقت جا ڪي اُهڃاڻ ڏنا،

تڏهن غفلت جي غفائن(1) ۾ سُتل تنهنجو نصيب،

وقت قاتل ٿي بڻئين هاءِ! حِماقت کان غريب.

 

پر گنگا ۾ گهڙي سورج اشنان ڪيو،

نورَ توري ۾ تُري تنهن تي طلادانُ (2)ڪيو،

سونُ مُهرن جو ٿي آڪاس مان باران ڪيو،

روز روشن جي بُلنديءَ تان ٿي اعلان ڪيو،

تون تڏهن پڻ هُئين اکين هوندي انڌائپ ۾ عجيب،

وقت قاتل ٿي بڻئين هاءِ حماقت کان غريب.

 

گوش جي دهل تي گهڙيال ڌمالو (3)ٿي هنيون،

ڏينهن ڏينهن تي لنگهيا، راتيون ٿي راتين تي ويون،

مفت مندون ٿي مَٽيوُن مفت رُتيون آيون نيون،

ٻال جوڀن جون وهيون، پيسجي پرزا ٿي پيون،

آيو آخر ۾ ”پنڻ پيش“ جو پيغام قريب؟

وقت قاتل ٿي بڻئين هاءِ حماقت کان غريب،

 

وقت جي هرڪا گهڙي سون جي جهرڪي مثال،

عرش تان اُڏرَي اچي تنهنجي هٿن تي، تون سنڀال،

ڀيڙ هُٺ بند ڪري جهل، ته ڪرين عين ڪمال،

ڃ ورنه واپس سا اُڏي ويندي، هڻي ڌَڪَ جي ڌمال،

پنهنجي غلطيءَ کان سَٺل ڌڪ جو نه آهي طبيب،

وقت قاتل ٿي بڻئين هاءِ حماقت کان غريب،

 

توکي جيوت جا مليا ڏينهن ٻه ٽي ڳَڻ ڳڻيا،

سي به سُستي جي هٿان سرجي مٿان بار بڻيا،

ڪاهلي ڪوڏ وڻيا، موتي نه محنت جو وڻيا،

ڪين دنيا مان ڌڻيا(1) هاج جو هيري جا مڻيا،

هاءِ! بيڪاري ڪئي پنهنجي تو همدرد حبيب،

وقت قاتل ٿي بڻئين هاءِ حماقت کان غريب،

 

وقت جي کاڻ تي چنجورُ جو چُستيءَ جو هڻي،

لعل اقبال ۽ خوشحال جو کوٽي سو کڻي،

اهڙي اسرار سان بيوس ٿو گدا شاهه بڻي،

لال جيجل جي ڄڻي گرڀ مان اهڙو ڪو ڄڻي،

وقت ساٿي جو حياتيءَ جو، سو تنهنجو ٿيو حبيب،

وقت قاتل ٿي بڻئين هاءِ حماقت کان غريب.

 

شاهوڪار

لال ٿيو تنهنجو دوشالو ڪنهن جي لوهو ڇاڻ مان،

خون دل ڪنهنجو بکي ٿو تنهنجي ڳل ڳاڙهاڻ مان،

آهه تر دامان عشرت ڪنهن جي اک آلاڻ مان،

ساز راحت جو وڄي ٿو ڪنهن جي تنتن تاڻ مان،

ڪنهن ڪيو تو نرمکي کي مفت کائو مالدار؟،

آهه سا غافل غريبي شرم، شامت جو شڪار.

 

ڪيئن نه رت چُوسي ڄور کي لوڪ پيو سائين سڏي،

خون کنئچي جو ڪري دردي دلُيون خالي ڇڏي،

خون جي سرخي سان چُن هيڻن هڏين وارو گڏي،

شيش محلون شهر جون ٿو رُشوتي رازو اڏي،

 آهه پٿر دل جو شاهد فرد پٿر جاءِ جو،

سَوز سرسر ۾ سمايل سرد سُرَجي واءُ جو.

 

طمع هڙ هڙ پُو سبب ڪنگال ڪيءِ ۽ قرضدار،

تنهنجي مسواڙي محبت ٿي اپايا بي دئار(1)،

فاحشي عشرت جي عادت سان وَڌاُيئي هر وقار،

تنهنجي ٽهڪن ٿي هزارين چشم آهين اشڪبار(2)،

جيئن وڌيو ڌن، مال رتبو شان شاهوڪار جو،

تيئن وڌيو دنيا ۾ باعث زار جي آزار جو،

 

ڦوُل ڦل سان ڇُلندڙ ڏس پرٿوي (1)هيءَ پيٽ پال،

جت بڻي ککڙي، کجي، اُت کوٽ کي ڪهڙي مجال،

توکان ئي شايد اُٿيو مشڪل گُذاري جو سوال،

تنهنجي خودغرضيءَ ڪئي جيوت جئڻ عيوض جنجال،

لوڙ(2) کان وڌ کوڙ کي سوڙهو ڪيو تو سوڙهه سان،

سرسٽيءَ سهسين سقيمي، گرج لوهي لوڙهه سان،

 

ڪرم يوگي(3) ٿي نه تو خود ڪرم جي قدرت ڏئي،

ٿيل ٿڪاوٽ کان نه ويساهين وٺي، فرحت ڏٺي،

ڪيئن بصر بک ۾ مٺا ماڻي نه سا لذت ڏٺي،

تندرسيءَ جي نه سالم ننڊ جي نعمت ڏٺي،

جي رسي مزدور بيوس ڪنهن وڏيري راڄ تي،

هوند پهرين پور (4)اُترانکنڊ (5)تي توکي ڇڏي.

 

بي دل ڌن ڌڻي

پاڻ لئه جو گڏ  ڪيو مون تنهن ڪيو جڳ کان جدا،

منهنجي مان منهنجي اکين کي کيپ (1)جا کو يا چڙهيا.

 

ٿو سئيءَ جي پاکڙي مان ٿي سگهي اُٺ جو گذر،

پر نه جنت جي ٻُنڀي مان ڌن ڌڻي بي دل لنگهيا.

 

جنهن تي ٿو قبضو ڪجي سوئي ڦري ٿو قيد ٿئي،

ڪيئن ڇُٽي سوڙهي سسيءَ مان بند مٺُ ڀيڙيل ڀلا.

 

منهنجي مالي ٿي وجهي منهنجي حقيقت تي حدون،

منهنجي پوُنجيءَ مان ئي منهنجي پَيدَ(2) پيرن ۾ پيا.

 

ٿو ڏسي ڏيندڙ ڏيڻ ۾ جا خوشي ڏاتار جي،

مامتا سا ميڙ وارن ڪين ماڻي موج سا.

 

سو جدائي جو جياپو ڪيئن چلڻ ڌاران رهي،

جنهن جياپي جي مٿان آپي سياپي (3)جي سزا.

 

دل تتل سان ڪيئن ٺري جاٿي ٻيائيءَ ۾ ٻري،

آهه روحاني متي جو راز پورن ايڪتا.

 

ڪر خودي ۾خال پيدا ڀَر پوتر پريم سان،

آهه ان نعمت برابر عرش جي نعمت نه ڪا.

 

پاءِ ڀاڪر عام سان جي خاص سان خلوت گهرين،

پاڻ پالڻ جي پڇاڙي ٿي خواريءَ ۾ سدا.

 

سُرت جو سرمو وجهين جي انڌَ واري ڌُنڌ ۾،

هوند هر ڪنهن چيز ۾ سالم پَسين ساڳيو صفا.

 

آهه ڌن پر دل نه آهي، آهه دل پر نانهه ڌن،

چور چئبو ڪٿ سڃا ٿيا، ڍور ڪٿ” بيوس“ سڃا.

 

 

پوڄا مندر

منهنجو مندر به اتي درد سندو جت ديرو،

درد جنهن جاءِ ڦري، منهنجي اُتي ئي ڦيرو.

 

ڇرڪ ماري مان مٺيءَ ننڊ مان اڌ رات اُٿان،

ڊوڙي اُت جلد پُڄان درد جو جنهن جاءِ پيرو.

 

جي هي هڏ، ماس به ڪم عام جي خدمت ۾ اچي،

ڇو نڪوري ۽ ڪپي ماس ڏيان چو ڦيرو.

 

سوز جي آهه تتل کان جا جلڻ دل نه لڳي،

ٿيو شرف ان جو پهڻ کان نه ذرو سر سيرو.

 

پاڻ آڪاس ۾ شيوا جي اُڏايان اهڙو،

مثال عنقا نه لڀي منهنجو ڪٿي آکيرو.

 

طمع همدرد جو ايڏو ته ڪشادو پڙُ ٿئي،

جنهن جو هر جاءِ ٿئي مرڪز، نه مگر ڪٿ گهيرو،

 

سادگي ساڻ، سچائيءَ سان اي بيوس چمڪي،

دل ڪنول ڪنهن به مندائي سان نه ٿئي شل ميرو.

 

 

آس

هُل هلان جيون سفر ۾ ماڳ منزل جي بڻي،

ٿي هلي هيڻو مسافر هر هنڌ ان ٻئي هنڌ کڻي.

 

تنهنجي سپنن ۾ سمايل آرزو انسان جي،

تنهنجي گوديءَ ۾ نپايل چاههَ جي چنتامڻي(1)،

 

ٿو پٺيان تارو سُجهي نا دل ڀرئي آڪاس ۾،

پيٽ پٿر ۾ به جيڪس ٿي سُجهي پارس مڻي(2)،

 

تنهنجي مڪي تي چريو شايد چڙهي آڪاس تي،

پر چريائي سان جتي چوٽي ڪري آشا ڌڻي،

 

آس، سا آهي اُجالو ۽ ٿي سک درسي (3)ڪري،

جا ڏکيرا سور کائيندي، نراسائيءَ چڻي،

 

جيئن رهي محڪم(4) ارادو ۽ اڇا شڪتي (5)اڏول6)،

تيئن ٿي نڪري آس،(7) نراشا(8) جي پردن مان ڇڻي،

 

هِڻ هڄڻ پَٽَ کوهه ۾ جيئرو رکي هيءَ آس ٿي،

جَسُ جيئڻ مان تنهن ڪري ۽ تنهن ڪري دنيا وَڻي.

 

تيسين لهرين جي لپيٽن تي لڏي ترهو تري،

جيسين سالم آهه ان جي آس اولي جي اڻي(3).

 

ڪرم جي ميدان تي ڪر آس جو گهوڙو ڍَرو،

ڪوپ (4)تن تي ڪرم جو جن عيوضي جي ڳڻ ڳڻي،

 

مون نديءَ کي شانت ساگر ڏي وٺي هل آس تون،

هن سگهڙ گهر مان اگهر  گهر ۾ ڀڄائج ساٿڻي،

 

آس جي بُڻ (5)تي اڏيل ”بيوس“ ڪري جو ڪوٽ ٿو،

دل ۾ ٿو پيدا ڪري ڪيڏي نه گهٻراهٽ گهڻي.

 

ناري

 

جنهن ۾ ٻارڻ ۽ ٻرڻ جوڳ ٿو بارود رهي،

آهه ان لاءِ اها جاءِ جا محدود رهي.

 

پاڻ جذبي سان ٻري،  ٻاري ٿي جلوي سان سگهي،

يعني عابد (1)ٿي رهي نار يا معبود (2)رهي.

 

تنهنجي زينت تي پوي ضابطو زيبا ٿو سدا،

خوشي گلي ۾ ٿي ته لئه تار ٿي موجود رهي.

 

جنهن نديءَ چاڙهه ۾ ڀي قيد ڪنارو نه ٽپيو،

پِيچ تنهنجيءَ تي رتل ملڪ ٿو آسود رهي.

 

يا خريديل ٿي رهي، يا ٿي خريدار رهي،

ساٿي جيون جوٿي اياز يا محمود رهي.

 

جسم لڙڪي ٿي جلي، طاعم رڌڻ تي تون تيار،

توڙي ٿئيَ اک ڀسم،(3) باقي وڃي دود رهي.

 

 

گرڀ ۽ گود گلن ساڻ سنوارين ٿي سمو،

باغ دنيا تو سوا نيست ۽ نابود (1)رهي.

 

زائفا! پوري اگر زور تي پنهنجي اچين،

قوم ۾ هُوند ڪٿي مرد نه مسرور رهي.

 

ڀَئو ڀڪتي (2)سان تو ۾ ڪلاڪا (3)بيوس،

جنهن جي تشبيهه ۾ ٻي ڀيٽ ٿي بيسود رهي.


(1)  ڪاڍو = رسايا نوڙيون

(2)  سکن دوستن

(1)  مفتي = مفت ۾ ڪم ڪندڙ ونگاري

(2)  واجهه = ليئا

(3)  تنوار = طلب، ضرورت

(4)  چنتا = ڳڻتي

(1)  ڀيد = راز ڳجهه

(2)  يزدان = خدا تعاليَ

(3)  رچنا = ٺاهڻ

(1)   بحر = سمنڊ، دريا

(2)  اڪال = نه مرندڙ

(3) ٻهروپ = بگڙندر شڪل يا بدلجڻ وارو

(4) برهمانڊ – ڀاتي = ساري دنيا جو ڀاتي يا انساني  

(1)  ابدي = هميشه واري

(1)  غمزده = دکايل

(2) غمزن = ناز، ادا

(3) غم سرا = ڏک جي جاءِ

(4) نالان = روئندڙ

(1)  عقبيَ = آخرت

(2) جستجو = ڳولا

(3) اڪالي = هميشه زنده يعني روح يا ضمير

(4)  امرتا = حياتي

(1)  پشپ پيشاني = مُنهن

(2) ڪُهن سالي = ڪراڙپ

(1)  مگهن = مست

(2) ڪٺن = ڏکي، مشڪل واري

(3)  جڏائي= ڪمزوري

(1)  پرت = ڪاغذ يا ڪتاب

(1)  کپت = ڳجهي

(2)  شڪتي = طاقت

(3)  آتمڪ = روحاني

(4)  اُنتي = واڌارو

(1)  رنجور = بيمار

(1)  محور = مرڪز

(2) سروپا = پوشاڪ

(3)  مهاساگر = وڏو سمنڊ

(4)  گرجنا = گجگوڙ

(1)  پيڪر = پيشاني، منهن

(2)  وئرٿ = اجايو، بي سور

(3)  ڀڳتي = بندگي، شيوا

(4)   بي جسي = بي سود – بي فائده

(1)  دلاور = بهادر

(2)  حريف = حرفت يا هنر وارو

(3)  بر سرتي = بي خبري، اڻ ڄاڻائي

(1)  پورب = اوڀر

(2) پڇم = اولهه

(1) آدرش جيوت = مثالي حياتي

(2) انوپ = لاثاني، بي مثال

(3) سروپ = سهڻو ويس، صورت سهڻي شڪل

(4) پران پت = مڙس

(5) مور مستڪ = مٿي جو موڙ

(6) ڳهڻ = تڪليف ڪرڻ

(7) شڌ ڀاونا = صاف يا سهڻي هلت يا نيت

(8)  پتي = مڙس

(1)   سٽ ڀرو = مضبوط

(2)  ٽاڪين = ٽڪين ڀڃين

(3) جمالڻ = بار کڻندڙ

(1)  پورڻ = ڪامل

(1)    غفائن = غارن

(2) طلا = سون

(3) ڌمالو = آواز، شور، ڏونڪو

(1)  ڌڻيا = حاصل ڪيا، تڪليف اچڻ، بيڪار وڃڻ، ڏسو پلئٽس جي ڊڪشنري صفحو 549

(1) بي دئار = بي گهر  

(2) اشڪبار = رئندڙ، ڳوڙها ڳاڙيندڙ

(1)  پرٿوي = زمين

(2)  لوڙ = گهرج

(3) ڪرم يوگي = سخي

(4)  پور = دفعو