سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات بيوس

صفحو :7

 

قدرت وارا

 

سڀ ڪن تنهنجي ساراهه قدرت وارا،

نرمل جوِتي نور نظارا،

 

ڪوٽان ڪوٽ بڻايئي ڌرتيون،

سهسين سج چَنڊ تارا ڪتيون،

جن جو انت نه پارا، قدرت وارا

 

گلن اندر سرهاڻ ڌرين ٿو،

پن پن، مان پڙلاءُ اچي ٿو،

ڇم ڇم جا ڇمڪارا، قدرت وارا

 

چنهب چَتُن ۽ چيهن کولي،

بلبل ڪوئل ٻوليِ ٻولي،

مور نچن ناميارا قدرت وارا

عجب بنايا بجليون بادل،

بوندون بَرس بَرس ڪن ٿاڌل،

واڄٽ ڪن وسڪارا، قدرت وارا

 

قادر قدرت منجهه سمايو،

بي رنگيءَ هي رنگ رچايو،

چيتن جا چمڪارا، قدرت وارا

 

ملڪ مڙيوئي مندر آهي،
آگو سڀ جي اندر آهي،

ديهنِ(1) منجهه دُئارا (2، )قدرت وارا

 

ساهه اندر جو ساهه کڄي ٿو،

”بيوس“ اندر ناد (3)وڄي ٿو،

موهن مرليءَ وارا، قدرت وارا


 

 

شاهه عبداللطيف

 

شعر آهي شاهه جِي خود زندگي، اسرار آهه،

شاعري پوشاڪ سان پيغمبري اظهار آهه.

 

هن حقيقي سمنڊ مان انڀو (1)سندا غوطا هڻي،

بي بها موتين جو آندو اڻ ميو انبار آهه.

 

آب ۾ ۽ تاب ۾ ڇا نظم دلڪش دلفريب،

نَو نزاڪت،  رنگ رونق سان ڀريل اشعار آهه.

 

سخن گل جا هر چمن جي چونڪ ۾ ٿيا چهچٽا،

ڇا زمين تي زرنگاري گيان جو گلزار آهه.

 

عام کي اعليٰ ڪيو هن رنگ روحاني ڏئي،

سادگيءَ مان تازگي نازڪ نظر نروار آهه.

 

آهه هر ڪنهن بيت اندرِ پلٽ پلٽان پرت جي،

هر ”لطيفي لات ۾ سا لنوءُ سندي للڪار آهه.

 

ٿو ڪهي رهڻيءَ تان ڪهڻي، قال آهي (1)حال تان ،
ٿو
ڏسي تنهنجي ديدار سان، جنهن جي اگيان ديدار آهه.

 

شاهه جي هستيءَ کان پائي شانُ ٿي خود شاعري،

شاهه جي ڪامل ڪلامي هر صفت ٽمٽار آهه.

 

سنڌ جي روشن شمع مان ويو ولائت تي شعاع،

پر اڃا پرڪاش(2) آڏو وقت جي ديوار آهه.

 

باغ شاهيءَ مان ملي ويو ورق گل جو ڪو ذرو،

ڇا چوان ”بيوس“ منجهس جو حيرتي هٻڪار آهه.


 

 

فنا ۾ بقول

 

نه بلبل حسن گل تي ڀُلُ بهاري بي بقا آهي،

نزاڪت، رنگ، رونق جو، گهڙيءَ کن لئه لقا آهي.

 

چمن ۾ چيٽ کان چهه چهه، ٻه ٽي ڪي روز هيءَ ٻهه ٻهه،

خزان چوندي ڪري ٽهه ٽهه، فنا آهي فنا آهي.

 

لنوين ٿي لاڏ مان لاتيون، برهه مان ٿي ڪرين باتيون،

وڇوڙي جون وڏيون راتيون، صفا چونديون جفا آهي.

 

پُڪاري ٿو قفس خالي، هميشه نانهه خوشحالي،

ڦري صَياد(1) ٿئي مالهي، عجب ڪرڙَي قضا آهي.

 

پٽي ڏس گاهه مان پترو، مٿان جنهن ماڪ جو قطرو،

سَليندو زندگي خطرو، نه هستيءَ کي جٽا آهي.

 

چُنهب بلبل ڏسي ڪنئچي، چيو گل هاءِ بيدردي،

حقيقي عشقَ اندر ڀي، مجازيءَ جي مدعا آهي.

 

زمانو آهي زاغن لئه، بهاريو باغ داغن لئه،

چيو بلبل نڀاڳن لئه، ڌريل گل ۾ دعا آهي.

 

ڦڙي ۾ سمنڊ ٿيو ساقي،(2) رهي فانيءَ اندر باقي،

ڦري بيوس ٿيو خاڪي، مگر ذاتي سدا آهي.

 

واٽ ور ور سا وٺڻ، جنهن کي چون سياڻا صواب،

عشق وارن جو اصل کان آهه انڪاري جواب.

 

عشرتي تيلي جلائي قيمتي سگريٽ کي،

ڏس ته ٽامون ٿو ڪري ڪيئن سون جو خانو خراب.

 

گهرج جي گهاڻي مٿان ٿي ڀيڙ ڀيڙان پيڙ جي،

ٿيو وچولي شخص لئه اڄ پيٽ پالڻ ۾ عذاب.

 

عشق شيشي راهه هتي تِرڪي تکو، ڪچڙو قدم،

پيرسن ٿي آهه هت هلڻو جوانيءَ کي جناب.

 

ٿو تمنا جي تماشي ۾ نچي پُتلين مثل،

سر سلاميءَ ۾ جهُڪائي اَهه نالي ۾ نواب.

 

ڪم ڪرڻ سببان ئي پورهيت آهه ساڄو هٿ شريف،

شان شاهوڪار تي ڏائي مثل آيو عذاب.

 

ڀنورُ کان ڀنل دِل برهه واري ڪر خريد،

خار کان خالي نه آهي باغ دنيا ۾ گلاب.

 

خوب خوش رنگي بدن پر دل مندي ۽ بي ڍنگي،

ٽوڪري ڪچري مٿان ٿوڪين سونهي ڪيمخاب.

 

کُنهنب ويسي، خون رَنگي بهتر بند ۾،

شال ڪنهن شوقين لئه نڪري نه شيشي مان شراب.

 

محل مايا جي اندر محلات جي راڻي رهي،

ماهتابي منهن مٺل تي اَهه وارن جو نقاب.

 

هڪ صديءَ کانپوءِ شايد سنڌ ۾ ڪو ڪو ڪڻو،

شعر خوانيءَ لاءِ گهُرندو شعر ”بيوس“ جو ڪتاب.

 

 

سک درشتي

 

اک لُڙڪ سان، منهن مُرڪ ڀريو ياد ڪنداسين،

فرحت ڀري دنيا ۾ نه فرياد ڪنداسين.

 

جهِڄنداسين ۽ جُهرنداسون نه خود بار کان دل جي،

سچ، فهم نه هڏ وهم سان برباد ڪنداسين.

 

هن حور دنيا کي ڪيو مڪروهه حواسن،

نرپکش (1)ٿي هر چيز کي ڌنيواد (2)ڪنداسين.

 

خود غرض نگاهن ۾ لڪل آهه خرابي،

بي غرض ٿي بند راهه کي آزاد ڪنداسين.

 

بي گل نه سجهي خار ڪو، بي خار گهڻا گل،

هن آس تي ناشاد دليون شاد ڪنداسين.

 

ترتيب سان تقدير تي تدبير لڙائي،

ويران مان آباد کي آباد ڪنداسين.

 

واڄو ٿو وڄي قدرتي قانون ڪنن ۾،

اُستاد مٿان عرش مان امداد ڪنداسين.

 

رئڊيم جي طرح اينداسين ايٿر تان اُڏامي،

گرهن تي گهمڻ لئه نئين ايجاد ڪنداسين.

 

سائو ٿي رَهه سرءُ ۾ خندان(1) ٿي خزان تي،

بي لطُف حياتيءَ کي به شمشاد ڪنداسين.

 

اوندهه جي چڙهي چوٽ تي تاري ڏي نهاري،

چمڪاٽ تي هر آس جو بنياد ڪنداسين.

 

جيوت جي ڪشا ڪش ۾ چنبا لال - دنيا ۾،

ڪجهه پريم جي پرشاد مان ارشاد ڪنداسين.

 

ڪيئن ڪور ڪُراڙپ ۾ لڪل آهه جواني،

هڪ انت جئڻ بعد، وري آد(2) ڪنداسين.

 

بيوس جي جشن خاني ۾ ڪنهن ڏينهن اي جاني،

پي بار غماباد (3)کي برباد ڪنداسين.

 

حقيقت جو هار

عشق جو اوگهڙ ڏسي ٿيو بي حجابيءَ کي حجاب،

ناس ٺوڪيندو ڀڄي ٿو نينهن وارن کان نقاب.

 

کول اک ڏس هوتُ هاڻي پوءِ نِيندءِ پوئتي،

هر مهل حاضَر حضوري وقت جو ڪهڙو حساب.

 

سونهن سچ هر چيز ۾ هر چيز پوڄا يوگ آهه،

ديد لئه ديدار هر جاءِ سُرت لئه هر جا ثواب.

 

ڇو ڇڪيءَ مان ڇُڙڪ ڇوڙي طلب ۾ تڪڙو ڀڄين،

جهل سواري سوال سل!  هاڻي ڪٿي آهين جناب؟

 

مان رهان جي تو اندر ٿو تون به ٿو مون ۾ رهين،

مون بنا تنهنجو رهڻ پڻ آهه جوکي ۾ جناب.

 

نام روپي روپ روپي خال چهري نور تي،

هن دنيا دونند(1) جي رچنا (2)رچائي ٿا شتاب.

 

ڌن خزاني خاص مان چنتامڻي(3) اَئين کڻي،

هن عجب روشن شمع هوندي نه ڪر خانو خراب.

 

پاڙ خود پر ماتما ۾، ڏارَ هن سنسار ۾،

هن امر جيوت جي جَڙتي ڪالُ ڪيئَن ٿئي ڪامياب.

 

دهل دل دڪ دڪ ڪري ۽ خون ناڙين ۾ نچي،

سانس ۾ سرندا وڄن ٿا ۽ رڳن اندر رباب.

 

درسنين ٻن جي وچان ديدن جيئن درسن ڪيو،

ايڪ مان ڏسندي انيڪي ٿيون متعجب لاجواب.

 

ذات باقي جي اڳيان تصوير خاڪي ٿي ڦري،

موت، پيري ضعف جو پيو خاڪ کي سهڻو خطاب.

 

نظم مغزي کوٽ کوٽان شعر پلٽان پلٽ دل،

ڪاغذي گل ڇا لڳي ۽ ڇا لڳي بيوس گلاب.

 

 


 

 

پردي پُٺيان (سمجهي چَئو)

ٿو بکي پردي پُٺيان ڪنهنجو  لقا؟ سمجهي چئو،

سُرت آڏو ٿو اچي ڪنهنجو سما؟ سمجهي چئو.

 

پل ۾ سَو مَيلن تان آڻي نقش ۽ آواز کي،

آهه بجليءَ جي اندر ڪنهنجي سِٽا؟ سمجهي چئو.

 

ڪيئن جُزا پوري وزن ۾ ٿا ملي، مرڪب ٿين،

جڙ اندر هِيءَ آهه ڪنهنجي جا ڳتا؟ سمجهي چئو.

 

ڪنهن ڌريا لعلون جواهر پيٽ پٿر کاڻ ۾؟،

مينهن ڦڙ مان ڪنهن ڪيو موتي صفا؟سمجهي چئو.

 

ڀاڻ، ڌرتي، واءُ پاڻي، روشني ساڳي، مگر،

ڇو ڇڪن ٿا ڌار، گل، رنگ بو جدا؟ سمجهي چئو.

 

وڻ وڌي ٻج مان ٿيو، سَنگ داڻي مان بڻيو!،

ٿا ڪڻي مان ڪيچ ٿين، ڪنهن جي ڪلا؟ سمجهي چئو.

 

هفت رنگي روشنيءَ مان خاص شيء ڪو خاص رنگُ،

ڪيئن رکي ٿي ۽ هٽائي ٿي ٻيا؟ سمجهي چئو.

 

ٻارُ ازخود ڄمڻ سان ئي کير ڌائڻ ٿو لڳي،

ڪير ڄمندي کيس ڏئي ٿو ايءَ سکيا؟ سمجهي چئو.

 

حالتُن سارو تفاوت آهه تر تر تي رکيل،

ڇو ڀلا، هڪ شاهه ٿيو، ٻيو ٿيو گدا؟ سمجهي چئو.

 

آهه جي، قانون قدرت اصل کان اُستت،(1) اٽر،

آهه ڪنهنجي زور جي هيءَ ساکنا(2) سمجهي چئو.

 

شڪل ڦيرو آهه، پرخود جسم ٿئي پيدا نه ناس،

ڪنهن جي پيدا ۽ امرتا مان دنيا؟ سمجهي چئو.

 

ليڪ، جن ٽبڪن بڻائي سي ته بي مقدار ها،

ڊيگهه آئي ليڪ ۾ ڇا کان ڀلا؟ سمجهي چئو.

 

بي صفت ٽبڪو ته هڪ ئي ٿي سگهي ٿو نه ٻيو،

پر اچي ٿو ليڪ ۾ ڪيئن جا بجا؟ سمجهي چئو.

 

درسنيءَ کي درسنيءَ جي سامهون رک ۽ نهار،

ايڪ مان ڪيئن ٿو ٿئي بي انتها؟ سمجهي چئو.

 

بنس پوريءَ ۽ سنئينءَ ۾ ڦوڪ ڦوڪي پاڻ ٿو،

ورنه بيوس جي سخن ۾ آهه ڇا؟ سمجهي چئو.

 

برهه جي بازار ۾ ڪر بي خريديءَ کي خريد،

بي تعلق دار لئه ٿئي نا اُميديءَ مان اميد.

 

جن ڏٺا چِتَ ۾ چٽا چوڏنهن طبق روشن سدا،

چنڊ ڏسندي ڪين ٿئي تن عرش وارن لاءِ عيد.

 

گنج خانا گيت غيبي خاص کولڻ واسطي،

آهه قدرت کان مليل ڪامل ڪويسر (1) کي ڪليد(2).

 

جيئن ڏسن تيئن تيئن سڪن تيئن تيئن لڪن،

عشق وارن جا وري هي عبرتي آهن عقيد.

 

هم وزن آهن سراسر ساهميءَ جا پُڙ ٻئي،

پر پٺيان همدرد ڳوڙهو مت مٿان خونِ شهيد.

 

ڪي زمانا سونهن جي سردار سان سيني اندر،

وصل جا ماڻيا مزا مون پر نه ڍاپي دل نه ديد.

 

خود ويسارو، ڌنڌ نظري، ضعف دل ٽارڻ جي لئه،

طلب طب مان نينهن جا نسخا ڪڍيا ويا چيِد چِيد(3).

 

شور هُل بلبل نه ڪر بلڪل نه غُل(1) گُلَ تي رسي،

ياد رک! ”فرياد وارن لئه اڃا بُستان بعيد.

 

پريم جي پاڇي پوڻ تي خوش لڳي کارو کٽو،

پيار ڌاران بي رسا ۽ بي چسا مال و مليد.

 

ٿو ڏيڻ ڏيندڙ ڏسي، بيوس نه سڪ شرڌا(2) ڏسي،

آهه سو مردود مرشد پاڻ مايا جو مُريد.

 

وسين ويجهو وَنين (1)۾ ٿو پرين پردو وري ڇا جو،

بَڻي خود پر ان پرانين جو وچئون ويڇو وري ڇا جو.

 

جگر ۾ جاءِ خود جوڙي ٻيائي کي ڇڏيئي ٻوڙي،

ڪري دل ۾ اندر ديرو دُئِي(2) دوکو وري ڇا جو.

 

چمڪ جي آهه چهري جي سيارن ۾ ستارن ۾،

ته قهري رات ڪاريءَ ۾ پوي پاڇو وري ڇا جو.

 

پُٺي ڏيئي اچي ويئي انڌاري جي اندر ڌرتي،

وکر نا صاف سورج تي ڪڪر ڪارو وري ڇا جو.

 

منڊل کڻندا وتن تارا جُڳن کان خال ۾ ڪرندا،

جتي هر جاءِ مرڪز اٿيو اُتي گهيرو وري ڇاَ جو.

 

هِتي ناهين ڪٿي ناهين هينئر ناهين ڪڏهن ناهين،

جي گڏ ناهين ته هڏ ناهين ملڻ موقعو وري ڇا جو.

 

جڳت جي آد (3)کان اڳ ٿي چڪي تو مون سندي شادي،

نئين سر ميل ميلڻ جو سڄو سعيو وري ڇا جو.

 

نه حاجت ڪا حضوريءَ ۾ سفارت يا وڪالت جي،

سڌِي شهه راهه محبت ۾ وسيلو ٻيو وري ڇاجو.

 

محبت ريءَ نه ڄاڻڻ ٿئي بنا ڄاتئي نه محبت ٿئي،

وجهن ٿا گيان ڀڳتيءَ ۾ ڦڏو ڦَيروُ وري ڇا جو.

 

بڻي هر چيز ۾ چَسڪو ڪري حيران هر کائين،

عجائب عيش دنيا کان مِٺا موشو (1)وري ڇا جو.

 

ڦِٽائي ڦُوهه ۾ هڪڙيون، رچين رانديون نئين سرِ ٻيوُن

ڪري جو جوڙ تنهن کي ٽوڙ ۾ صرفو وري ڇا جو.

 

ڪليشن يا ڪه عيشن ۾ جي هِڪُ آهين ته حق آهين،

جتي ڀي جاءِ ڏي جاني خوشي خطرو ڇا جو.

 

سگهي ٻاڻي نه ٻڌ ڄاڻي، وري واڻي جتان ورچي،

جو روشن پاڻ تهن تي ڄاڻ جو تجلو وري ڇا جو.

 

ملڻ جي آسري بيوس حياتيءَ کي هلايان ٿو،

رهِي جي آس اڻپورِي نِڌر ناتو وري ڇا جو.

 

ڇا ڪندي تدبيرات، جت سخت دل صياد (1)آهه،

بلبلين سان باغ ۾ اڄ اڻ پُڇو بيدار (2)آهه.

 

بُوند شبنم ۾ ڏسو نقلي حَياتيءَ جو قصو،

زندگي لحظي اندر آباد ۽ برباد آهه.

 

مرم جي پردي مان نڪتي دانهن نازڪ درد جي،

ڪهڙي ڪهڙي تنهنجي هيٺان اي فلڪ فرياد آهه.

 

شيام جي مرلي وڄي شيوا مندر ۾ ڌوم سان،

اڄ نه بند رابن سندو اوڌئو! اڳيون سو داد آهه.

 

چشم روشن لاءِ هرجا فيلسوفي ٿي نچي،

عينڪي ک لاءِ مگر ڪيڏي ڪتابي واد آهه.

 

فڪر سان ڦولها ڪجي هر هنڌ شيرين ٿي لڀي،

پر اسان ۾ سو ڪٿي جذبو مثل فرهاد آهه.

 

خوش لقا دنيا جي منهن تان لاهه دک درسي نقاب،

سک درس لئه حوُر دنيا دلربا دلشاد آهه.

 

ڇا سندس تشبيهه بيوس ماهه تابان سان ڪجي،

روءِ خوبان عاشق لئه خود خدا آباد آهه.


 

 

ملڪي پيار

عقل، آزادگي، اقبال آسودگي عزت،

اُتي ئي پير پائيندا، سچي جت ملڪ لئه محبت.

 

وطن حب ديش جي ڀڪتي، اتم اعليٰ شڪتي،

پناري (1)جن سندس ورتي، کٽي دنيا جي تن نعمت.

 

اُهي مائرون ڀلي مرڪن، جي ٻاروتڻ ۾ لولي ڏين،

ته صدقي ديس تان تن من، ڪرڻ جهڙي نه ٻي خدمت.

 

جگر پنهنجا ڪڍي ڏينديون، منواولا موکينديون،

اهائي باس باسينديون ته رهجي ملڪ جي عزت.

 

وطن حب جو عجب سانچو، ڪرامت جو ڪري ڪم ٿو،

مخالف ٻل (2)مِٽائي جو، ڪري هڪ طرف ڪل طاقت.

 

رنگن ٻولين ۽ قومن جا، تفاوت ميٽجي سڀ ويا،

ڦري ويا ديش واسي ٿيا ڇڏي نفرت سکيا، اُلفت.

 

ڇڏي واپار ڌنڌن کي، ڏئي تالا مدرسن کي،

اچن گڏ ملڪ جي سڏ تي، ڦٽائي عيش ۽ عشرت .

 

ٻُڍن منجهه  جوش کان جوڀن، جنگي پوشاڪ زالون ڪن،

خوشيءَ سان خدمتون آڇين، حب الوطني عجب همت.

 

ننڍي کان بند ۾ ڦاسي، پکي پرڏيهه ٿيو واسي،

لڳس ڏينهن رات چوراسي (1)ته هت ڪيئن قيد ڪيو قسمت.

 

جڏهن پيري سندس آئي، گڏيس ٻيو ڪو وطن ڀائي،

ٻُڌڻ سان ديس جي وائي، ڏنائين دم منجهان فرحت.

 

غلامي طوق گردن ۾ چنبا دُشمن جا شرمن ۾،

مصيبت موت ڪرمن ۾ وطن ويرين جي هيءَ حالت.

 

ديالو ديس ماتا جو، رڳن ۾ کير تنهنجو ويو،

جتي ٿي خون ڊوڙي ٿو، ڪري نبضن اندر حرڪت.

 

انهيءَ رَت پاڪ جو قطرو، بدن ۾ جيسين هوندو ڪو،

نه سهندو ملڪ کي جوکو، نه سهندو غير جي غيرت.

 

بدن مردو، جيارن جي، وطن جي نانءُ ڏي ڦوڪي،

انهيءَ ۾ ٿي سُجهي مون کي، اسم اعظم سندي برڪت.

 

جتي سو مان نوي گڏجي، چون هر ڳالهه کي پنهنجي،

اُتي بيوس وطن حب جي وڄي ٿي واهه جو نوبت.

 

اڪيلائي

اچي اصلي وطن مان ٿو کڻي هرڪو اڪيلائي،

وڃي موٽي دنيا مان ٿو وٺي ساڳيو اڪيلائي.

 

اڪيلو آهه آيو جو، اڪيلو ويندو آخر سو،

اچڻ سان ۽ وڃڻ سان ٿو وڃي ڏونڪو اڪيلائي.

 

تپيشر (1)۽ رکيشر(2) ۽ مُنيشر(3) سنت ۽ ساڌو،

سماڌي، (4)يوگ، جپ تپ ۾ هلڻ حيلو اڪيلائي.

 

گهُرن خلوت نشيني ٿا سچا درويش صاحب جا،

ڌڻيءَ جي درد وارن لئه مدعا مَن جي اڪيلائي.

 

خزانا علم جا اونها، ڀنڊارا گيان جا اُوچا،

اچن ويچار انڀو (5)مان وٺي موقعو اڪيلائي.

 

رهي ٿو خيال مرڪز تي اندر اُجرِي ٿئي روشن،

حقيقي سمنڊ ۾ اونهو هڻي غوطو اڪيلائي.

 

اُجهاڻيل دل گهري دائم اَجهو ٿي عيش عشرت ۾،

حواسن جي خوشين خاطر ڌڪاري ٿو اڪيلائي.

 

اُجالو ناهه جنهن دل ۾ رهي مايوس ماڻهن ري،

بڻي تنهن لئه ٿي بيشڪ سا وڏو بوجو اڪيلائي.

 

اڪيلي ذات وحدت مست پنهنجي ذات ۾ بيوس،

ٿئي مخلوق خالق مان مگر ڀلجيو اڪيلائي.

 

ٻهڪندي ٻرندي رهي ٿي منهن مڻيا مشتاق ۾،

جئن رهي لالاڻ لالي ٿي شفق آفاق(1) ۾.

 

ٿو پهر پهرين ڀڄي، هيڻي هنڌان، هيڻي هٿان،

ڏِسُ ختابيءَ جي خطا آخوند جي اخِلاق ۾.

 

سپِ نه سنڀري سمنڊ جي ٿي ڪنهن سمي دريا دلي،

چَپَ پسائڻ لاءِ نت آسون رکي افلاڪ ۾.

 

ٻجَ ڦُٽا هرگز نه سي، جي مخملي تهه تي ڪريا،

ٿيا سلا ساوا جڏهن پيا بيخوديءَ جي خاڪ ۾.

 

بدتميزيءَ ساڻ ڇُڙوانگي ڪري ٿي ڇيڳرو(2)،

ٿو کَري نوڪر ۽ لوفر اڪثري اوطاق ۾.

 

ٿيو هنر ۽ قدر وارن لاءِ ڪچر ڪيميا،

پر نڪمو نفرتي ناقص نظر ناپاڪ ۾.

 

هُوءَ ڪِري گپ چَڪ ڪري پر هوءَ بکي موتي مثال،

آهه هي ڪهڙو تفاوت مينهن ڦڙ ۽ ماڪ ۾؟

 

”جِيءُ حضوري“ کان نه هٽندو ڪم لياقتُ لالچي،

مان لئه محبت نه رهندي حرص جي هيراڪ ۾؟

 

جي نه کائن ٿا جيئڻ لئه پر جيئڻ لئه پر جيئن ٿا کاڌ لئه،

تن جي لئهِ ”بيوس“ برابر خوشدلي خوراڪ ۾.

 

سر ۾ سودا، چير دل ۾، آهه سينو چاڪ لئه،

ٿي مچي ڪيڏي مصيبت محبتي مشتاق لئه.

 

ڀيڙ ڌاران پيڙ ناهي، پيڙ بن ناهي خمير،

بن خميري ناهه شيرو، درد آ دل پاڪ لئه.

 

چَتِ مڻي چنتن مڻِ،ر چِتون مَڻي، چيتن مڻي،

ٿا چون جو چچ مڻي، چمڪي چڱي چالاڪ لئه.

 

وهه ٽپي واهڙ ٽپي، ساهڙ سبب سائر (1)ٽپي،

هيج هِن ڀر ناهه ڪا هُن ڀَر سندي هيراڪ لئه.

 

ٿي سچي ساڙيهه سان، مارن مِٺن سان، ڏيهه سان،

هن مٽايو هو نه هرگز لاک کي پوشاڪ لئه.

 

آءُ منهنجا راڄ راڻا آءٌ نه ڄاڻان روڄ مان،

تو سوا ٿيا ڀينگ ڀاڻا، خاڪ آهي ڪاڪ لئه.

 

رڻُ رَتو راڱو متو ٿيو ڌرتتو، ڌوٻڻ اُتيو(2)،

ڄَر سڄر هن کان سَٻَرَ آهي اندر غمناڪ لئه.

 

نينهن سان نوري نماڻي پاڻ پٽ راڻي ڪندو،

عرش اوچي تان لهي، خورشيد ايندو خاڪ لئه.

 

ڪيئن لڇڻ ليلان مٽيو ۽ ڪانڌ ڪيئن ڪئونروءَ کٽيو،

ٺاٺ تي ٺڳجي سٽيو موتي سچو ڦڙماڪ لئه.

 

ڪين ڪامل لئه قراري ٿِيِ هزاري تخت مان،

تنهن ڪئي ”بيوس“ ڌناري روح جي خوراڪ لئه.

 

تو اڀ ۽  (1)شڪتيءَ جي آهيان آد (2)کان آغوش(3) ۾،

گود تنهنجو بي تفاوت، پيو تفاوت پوش ۾.

 

پاڻ خلقي پاڻ مان، مون دانهن دوريءَ کان ڪئي،

هو نه سپني، جي سمي ۾ هوش پورو هوش ۾.

 

چرن (4)ڪومل، نيچُ نرٻل(5) نِوِڙندو وڃ ناٿ ڏي،

سِرُ نه پيرن تي پڄائڻ آهه داخل دوش(6) ۾.

 

طور تجلي نور تي بي سود ٿيا نو لک نقاب،

سچ سچائي انڊلٺ جي هفت رنگي ڪوش(7) ۾.

 

خيال کنئچڻ لاءِ آهن ڏهه ڏسائون (8)ڏينهن کي،

هِر (9)اچي هر طرف کان اڌراَت جي خاموش ۾.

 

پرک پرکڻ لاءِ آهي ڪروڌ ڪامل ڪسوٽي،

ماڻهپو ماڻهوءَ جو جاچي جلد سگهبو جوش ۾.

 

خام ”خيالي بند“ خاطر موهه(1) مُڪتيءَ(2) لئه سزا،

غيب پور مان گُپت(3) هي آواز آيو گوش(4) ۾.

 

گرچه رهڻو آهه مشڪل خاص سک، دک کان جدا،

پر نصيبن سان رهيو شايد پوي سنتوش (5)۾.

 

ذائقو ۽ فائدو وڙهندا ٻئي ويا ويڄ ڏي،

جنهن ڏني فتويٰ ته بيوس نيش (6)آهي نوش (7)۾.

 

ڏکيو ڏورايو

ڏوهه لئه اخلاق جهڙو تيز ڪو اوزار ناهه،

سنت ٻگهه جي لاءِ ڦاسائڻ مڇي دشوار ناهه.

 

ٿِي وڃي ٿو گپت گيڙو رنگ ۾ اڪثر گناهه،

ويس درويشيءَ ۾ نيشان داغ جو نروار آهه.

 

دام دگران جي پرن تي پاڪ سيپارا بڻيا،

هن شڪاريءَ کي منڊڻ لئه دام (1)ٻيو درڪار ناهه.

 

ڪاڻ ڪانهي ساهميءَ ۾ طمع توريندڙ اندر،

فرض انسانيت به لالچ کي ديانت دار ناهه.

 

نياءُ (2)پڻ ناڻي وڪامي ٿو واپاري راڄ ۾،

ڪورٽون ڪلدار لاءِ، لاچار آ، آچار(3) ناهه.

 

پار آهي پوش ٿڳڙيءَ مان سئي انصاف جي،

نياءُ جو نيزو مگر پوشاڪ زر مان پار ناهه.

 

 

ٿو رهي دن رات ششدر، سکه نه خود سر جو وٺي،

آهه چوڪيدار شاهي مال تي، زردار ناهه.

 

ڀڀ ۽ ڀڀڪي (1)تي لُٽي لک، پرنه پر اُپڪار تي،

آهه شاهوڪار رَءِ زردار، پر سردار ناهه.

 

نت رهي سوبند خانو لڙڪ لوهُوءَ سان ڀنل،

عام جي پئسي مٿان جِت عام کي اختيار ناهه.

 

مڪت،(2) آنند جا بُکيا، ڪي مانَ ڌن، مڃتا مُٺا،

لاتمنيٰ، بي تعلق ئي منجهن حقدار ناهه.

 

جنس پوکيل تي ڄمي بيوس دنيا جي کيت ۾،

هر خطا لئه هر سزا، اسرار آهه، سنسار ناهه.

 

تو بنا معنيٰ نه آهي محب، ملڪيت مال کي،

ڌنُ بنا دل جي، وڌائي جيوتي جنجال کي.

 

جنهن سکيا سان راهه روشن ٿئي نه تنهنجي راهه ڏي،

سا سُڌاري جي عوض الٽو ڪري اعمال کي.

 

نيڪ جذبي جي چڻنگ ڦوُڪي امنگ سان آگ ڪر،

ڪا سُٺي ساعت سنواري ٿي سگهي هڪ سال کي.

 

بک نه مَرُ ڀرتي بيهي هن برڪتي ڀنڊار جي،

وقت خاصي کاڻ آهي، کوٽِ ۽ لهه لعل کي.

 

ڪو به اهڙو ڪوٽ ناهي جت نه پهچي درد ٿو،

ڪشٽ، (1)ڪامل ڪيمياگر ٿو ڪري ڪنگال کي.

 

ويو مري ماضي ڇُٽي، ايندڙ وهيڻو آس جي،

هن زماني ۾ حڪومت آهه حاصل حال کي.

 

موت جي موجودگيءَ ۾ ٿين جشن، جلسا، جلوس،

ڪين ليکي ٿو آندر وارو اڪالي ڪال(2) کي.

 

جن ڪتابي ڌرم جهاڳي، ڪرم تي قبضو ڪيو،

سورما سي ديس پهتا اوج ۽ اقبال کي.

 

آهه پل پل جي پني تي مُهر تنهنجي مهر جي،

ڪا گهڙي گذري نٿي، جنهن ۾ ڀَلائين ڀال کي.

 

زلف مزگان ابرو، دلبر خود بخود آيا نظر،

روشنيءَ سان گرچه ڏسڻو هو رُڳو هڪ خال کي.

 

هر مدائي مرض لئه خاص بيوس هي علاج،

وهم جي تلوار آڏو فهم جي ڌر ڍال کي.

 

هوَس

پنهنجي هَوَس(1) حنا(2) جو چڙهي جنهن تي رنگ ٿو،

خورشيد بڻي خاڪ مان خر مان ختنگ ٿو.

 

ليليٰ ڪري ٿي حسن ۾ حيران حور کي،

مستيءَ ۾ مست ٿي چوي مجنو ملنگ ٿو.

 

ٻئي جو نه ڀانءِ پَٽُ پوي، پنهنجو کٿو مٺو،

پُٽ پيٽ پنهنجي جو وڻي لوٺيو لُفنگ ٿو.

 

بي شڪل ۽ بي ڊول ٿئي ٿو ٿر کان ٿولهه کان،

جو انگ رکي پاڻ کي ڏينڀوءَ جو ڏنگ ٿو.

 

عاشق نه آگ تي، گهري ٿو جِيتڙا ڳهڻ،

جئري جلائي جان هوس تي پتنگ ٿو.

 

ڪانئر ٿي جو پڇي تو قناعت جي قيد کان،

تنهن کي هوَس جو نانگ نهوڙي نِسنگ ٿو.

 

هر شيءِ جا ابتدا ٿي رکي، انتها رکي،

ليڪن طمع جو ڪو سُجهي ديرو نه دنگ ٿو.

 

جاڳي اُٿي جي جوت، هوس جي هلي هوا،

ٻرندو، وسامندو رهي اوچو امنگ ٿو.

 

سرکو رهي سنتوش (1)سان ساڄي لڱين نه سو،

جنهن کي تمنا(2) جو چُٽي تير و تفنگ ٿو.

 

سوخود خوديءَ جي داٻ کان ٻوساٽجڻ لڳي،

جنهن کي وجهي اُوُلوڀ جو واسينگ ونگ ٿو.

 

هئي هئي هوَس جو دام ٿو آرام دل لُٽي،

منشا (3)۾ منش(4) جي وجهي ڀولو ۽ ڀنگ ٿو.

 

جنهن جاءِ ٿو بيواجبي لالچ لپو ڏسي،

توسن طمع تنهين جاءِ ڇا تاڻي نه تنگ ٿو.

 

بيوس تي قرب ڪِرِ ڀڄي، او ڪامنا پري،

ساڙيو رکي ته سَنگَ تنهنجو، انگ انگ ٿو.

 

جنهن ديد کُسي هتي ديدار يار ويو،

تنهنجو هجڻ نڪُار، اجايو ڄمار ويو.

 

مندر مان مس قلم کڻي نڪتو هو خار مان،

پن پن مٿان لکي سڄو ويدن جو سار ويو.

 

آيو هو سر کڻي سوين سوغات هوت جا،

مون کي نه مُرڪندو ڏسي موٽي بهار ويو.

 

چمڪاٽ چار طرف حقيقت جو حيرتي،

افسوس اکين مان نه مگر انڌڪار ويو.

 

ظاهر ڇڏي کڻي ڪجي باطن تي جي نظر،

ازخود اندر مان هوند هي هي ڌِڪجي ڌڪار ويو.

 

تنهن لاءِ ٿي ملول ۽ محتاج پيو