سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: چندن هار

باب-

صفحو :31

 

(18) بحر رجز سالم

مستفعلن مستفعلن مستفعلن مستفعلن

 

658 . يتيمن جي دانهن

آرام سان اي صاحبو ! آئين ويٺا آهيو پنهنجي گهر ،

ڇو ڪين هڪ لحظو لهو ڪا درد مندن جي خبر ؟

ٿا پيٽ آئين کائي ڀريو ، پاڻي ٿڌ و پڻ ٿا پيو ،

هئي هئي ! اسين اڄ بک مريو، ناحق رُلون پيا دربدر .

ڪپڙا ڍڪيو عمدا اوهين، سوٽي ۽ پشمي، ريشمي ،

نانگا وتون گهمندا اسين، ڦاٽن ٽٽن ناهي نظر .

ماڙين ۾ ٿا آئين گهاريو، شمعون ۽ بجليون ٻاريو ،

اوندهه اسان آزاريو، جيئري رهون ٿا منجهه قبر.

ٿيا نرم ان جا بسترا، ڪرسيون ۽ ميزون تن سوا ،

پٽ تي سمهون ٽپڙن بنا، سَرِ سَرِ مٿي، ڀنگي نه گهر.

اولاد ٿا ائين سڀ رکو، ڪو قياس اسان تي پڻ ڪريو ،

هنج ۾ رکون ڪنهنجي مٿو،  ڪنهن کي سڏيون مادر پدر ؟

ٿا ٻار اوهان جا خوش رهن، ۽ ٿا اوهان سا لاڏ ڪن ،

آهيون اسين نِت منجهه ڌڪن، مشڪل اسان جو ٿيو گذر.

آهيون اوهان ئي جهيڙا ، انسان آخر ۽ بندا ،

آدم آبو اِيئن ٿيو ادا ! ٿياسين اوهان کان ڇو بتر ؟

واهر يتيمن جي تڏهن، بهر خدا ڪريو ڪڏهن ،

ملندو ثواب اُن جو جڏهن، سڀ نيڪ، بد ٿيندي پَڌر.

 

659 . خدا جي نانوَ جي برڪت (مسَدس)

جنهن هنڌ کڏون کوٻا هجن، سا واٽ اصلي تون نه هل ،

ڏوهن، خطائن ۾ متان آنڌا ! پوين پهچئي خلل ،

چوگرد اونداهي آٿئي، ڪر هوش، اک پَٽ پَهرَ، پل،

ايمان جي فانوس ۾، رک شمع جان پنهنجو عمل ،

هر دم خدا کي ياد ڪر، ٿِي مَحو پياري نانَو ۾ ،

آرام ۽ راحت سدا آهي خدا جي نانوَ ۾.


 

 

(19) بحر خفيف محذوف مقصور

فاعلاتن مفاعلن فعلات

 

660 . سچي دوستيءَ جو مثال

پاڻيءَ ۽ کير جي ڏسو محبت،
دوستي تِن هئي پاڻ ۾ لائيِ،
ذات ڀائِي هئا اڳيئي اُو،
فرق ٿو روئِي هو منجهن جائِي.
دوستيءَ ۾ هو ٿي ويا يڪرنگ.
ويا ملي هڪ ٿِي، ڀائِي ۽ ڀائِي.
تن جي اُلفت سچِيءَ جو اُونهو راز،
مور سمجهي سگهيو نه حلوائِي،
تنهن ڪڻاهِي ڀري رکي تنهن سان،
۽ انهي هيٺ باهه ڀڙڪائِي.
باهه جا اُت جڏهن اَٿيا شعلا،
لڳا ٽهڪڻ به، جوش ٻئي کائِي.
کير جو ڏک ڀريو ڏسي هيءَ حال،
ڪهل پاڻيءَ  کي اُن گهڙي آئِي.
ٻاڦ ٿي تنهن اُنهيءَ تي ساهه ڏنو،
دوستيءَ جي عجب سا گهرائي.
دوست جي جان نثاري کير ڏسي،
درد دل جي کان هيءَ ڪڍي وائِي:
هاءِ افسوس دوست منهنجا! هاءِ!
ماري مون کي ٿي تنهنجي چترائِي
تو بنا ڪيئن جڳائي مون کي جيئڻ؟
منهن ۾ اهڙي جيئڻ کان، پئي ڇائِي.
ڇا ڪريان، ڪيئن ڏسان وري توکي؟
نه ٿِي صورت نظر اچي ڪائِي.
جوش کان ان کي پوءِ اچِي ويو حال،
نه سگهيو تنهن کان پاڻ ۾ مائِي.
سو اُڦر ڪِي ڪرِيو ڪڻاهيءَ مان،
باهه سان تنهن ڪئي هٿاپائِي.
باهه، دانهون ڪري وئِي ويهي،
مٿان حلوائي بوند ڇٽڪائِي.
کير چيو: آيو موٽي مون وٽ يار.
دل ۾ ان جي ٿِي ان کان سرهائي.
سوڪري ماٺ تڏهن رهيو ويهي.

 

۽ ٺريو ۽ مٿانس ٿرُ ڄائِي.
خوش رهن شال! دوست سي، جي رکن،
مِهرَ، محبت، سچائي، پاڪائِي.
هڪ ٻين تان ٿا جي ٿين قربان،
وَصل جِي تنِ ملي ٿِي واڌائِي.
جسم هڪ ۾ ٻه ساهه، جيئن ڪ ٻه مغز
رکي بادامِي، تن جِي پر سائِي.

 

661 . سائي ۽ ڪاري رنگ جي جنگ

سائو ڪارو جو چون رنگ آهه،
تن ٻنهي جِي اچِي لڳي جنگ آهه.

 

هر ڪو ڏئي پنهنجي بهتريءَ جو دليل،
ٻئي کي گهٽ ڄائي پاڻ کان ۽ ذليل.

 

سائو، ڪاري کي چئي، خدا جو سُنهن،
شل! نه دشمن جو پڻ ٿئي ڪارو مُنهن.

 

دوست کي هر ڪو هيئن ڪري ٿو دُعا:
سائو ٿين، پاڙ سائي ٿيئِي سدا!

 

سائِي آهي خدا جِي سڀ ساوُڪ،
پَن ۽ وڻ ساوا ٿا، وڻن بيشڪ.

 

خضر خواجه جو سائو رنگ ٿيو پاڪ،
۽ بهشتين جي سائي ٿِي پوشاڪ.

 

سائِي چادر ڍڪي خدا جي رسول،
ڪئي پڳَ سائِي آل اُن جي قبول.

 

رنگ سائو اکين جِي راحت ٿيو،
ايءَ حڪيمن جو قول آهي سچو.

 

اهڙي هڪڙي، حديث پڻ ڪَن ڪر،
”آلخضر آهي پوءِ يُحلي النَّظر“.

 

خضر رُفرق قرآن جي آيت،
۽ به ”مد’ها متان مَخضرَّه.“

 

منهنجو شاهد حديث ۽ قرآن،
مون کي ماڻهو، مَلَڪ ڏين سڀ مانَ.

 

سائو فيروزو ۽ زمرّد آهه،
جي کڻن ساڻ، سي سڀاڳا واهه!

 

توکي ڄائي نڀاڳو ٿو عالم،
ٿيو سيه پوش جنهن ڪيو ماتم.

 

شال! ڪنهن جو ٿئي نه بخت سياهه،
ڪارو ڪافر به آهي تنهنجو گواهه.

 

گهر ۾ جنهن جي هجي ڪُتو ڪارو،
نه اچي اُت مَلَڪ ٿو موچارو.

 

ان طرح منهنجي وصف ٿي هرجا،
۽ ٿي هر ڪنهن کان ٻڌجي تنهنجي گلا.

 

هي ٻڌي سائي چيو ڪاري:
تنهنجي مهڻن ادا! وڌو ماري.

 

پاڻ ٿياسين قريب هڪڙو رنگ،
سنگ هڪٻئي جا آهيون ۽ نه ڪُسنگ.

 

آءُ ٺهان تو مان، تون ٺهين مون مان،
ڄائي نيروٽي، پڇ وڃي تنهن کان.

 

هئي جا چادر نبيءَ سندي سائي،
ته هئي ڪاري پڳ سندن جائي.

 

تون ڪلهن ۽ پُٺن جي هوَّئين زينت ،
هوس تن جي مٿي جي آءُ عزت.

 

جي ’بني فاطمه‘ جو ٿئين تون نشان،
جي ’بني عباس‘ وٽ لهان آءُ مانُ.

 

ورتو ’نياڻي‘ جي آل جو تو درُ،
آءُ سندس ’چاچي‘ جو ٿينُس نوڪر.

 

جي بهشتين جِي تون ٿئين پوشاڪ،
ته ٿيس ڪعبي جي ڪري آءُ پاڪ.

 

ويس ‘بيت الحرام‘ جو ڪارو آهه،
تنِهنجو شاهد جهان سارو آهه.

 

’حجر آسَوَد‘ به ان جو ٿيو ڪارو،
ٿا چمُن حاجي، جڳ کي سو پيارو.

 

فخر قرآن جو به دل تان لاهه،
جو’ غرابِيب ُ سَو’دُ‘ پڻ آت آهه.

 

آءُ ٿو ’والّيلَ‘ جو هڻان پڻ دمُ،
رات جو ڏسِ! خدا کڻي ٿو قَسم.

 

رات ڪاري ۾ پڻ سوين ٿيا ساج،
تنهنجِي شاهد آهي شبِ معراج.

 

جي تون آڻين حديث جِي ڪا بات،
ته منکان ٻُڌ تون ’نور ُ في الّظلمات‘.

 

جهڙي ظلمات، تهڙي ڪاري رات،
لڀي ظلمات ۾ ٿو ’آب حيات‘.

 

چئين ٿو، راحت اکين جِي ٿي ساوڪ،
آهي سچ، ڪر نه وڌ انهيءَ کان بڪَ.

 

شل! نه ڪنهنجون اکيون ٿين سايون،
مرض يُرفان جون ٿين جايون.

 

وصف، سهڻين اکين جِي ٿي ڪاراڻ،
ٺهيو سرمو، ڪجل انهن جي ڪاڻ.

 

ڌيان ُ ڏئي ڏِس! اکين جو تون تارو،
سائو آهي يا آهي اُو ڪارو؟

 

پِنبڻيون ڪاريون، وار پڻ ڪارا،
ڪارا تِرَ ۽ ڀِرون ٿيا سونهارا.

 

حسن جو تا اِهو آهي سامان،
ڇا، ٺهي ٿو انهن بنا اِنسان؟

 

سانورو، سهڻو چئي ٿو جڳُ سارو،
ڪارو سڏجي ”الله جو پيارو“.

 

ڪارو حضرت ’بلال‘ سارج تون،
ڪاري ’ليلِي‘ جِي ڏئي خبر مجنون.

 

دل اندر پڻ رهي ٿو نقطو سياهه،
وڃ حڪيمن کان تون پُڇي شڪ لاهه.

 

ڪاري مسَ، علم جي نشاني آهه،
سا ڪتابِي۽ پڻ قراني آهه.

 

سائو فيروزو ٿيو جي موچارو،
’مشڪ چين‘ ۽ ’ختن‘ جو ٿيو ڪارو.

 

ڪارو هيِرو ٿيو قيمتي، ڪامياب،
ڪاري موتيءَ جو پڻ عجب ٿيو آب.

 

سائو ۽ ڪارو، چئي ’قليچ‘ ٿيا سَنگَ،
انهيءَ موليٰ جا هيِ مڙئي ٿيا رنگَ.

 

662 . ڪتاب جي سنگت

سنگتي رک ڪتاب ڌارا ڪونه،
ڪري ماٺ، تو سان ڳالهائي،
ڪهڙي حالت به تنهنجي هوئي پرهوُ،
نه ڪڏهن رنج ٿئي، نه رنجائي.

 

663 . سچي سڪ ۽ طلب

نه زماني جِي ۽ نه قسمت جي،
منهنجي واتون ڪڏهن ڪو ٻڌندو گلا.
سوئي پاڻهئِي لنگهي اندر ايندو،
سڪِ اندر ۾ رکان ٿو جنهن جي سدا.
رات جو، ڏينهن جو، سُتي، جاڳي،
شئي جا ڳوليان ٿو، مون کي ڳولي سا.
هيڪلائيءَ جو مون کي ناهي غم،
مُحب ملندو، ڪري ڪرم پنهنجا.

 

664 . ڪالهه کان اڄ چڱو (عربيءَ مان)

ماڻهو، آهي هميشه اڄ جو پُٽ،
پوءِ ڪهڙو به هوئي اڄ جو حال!
ڪالهه جو پٽ نه آهي ڪنهن ڪم جو،
گرچ ان وٽ هو ڪالهه مِلڪ ۽ مال.
ڪهڙي هڻبي ٻٽاڪ مئُلن تي؟
جن مٿي ڪالهه آيو ڪاهي ڪال.
فخر ڪر پاڻ تي، نه ڏاڍي تي،
ماضي ڇڏ، حال ُ وٺ ُ ۽ استقبال.

 

665 . مشهور حيوان، قران ۾ آيل (عربيءَ مان)

ڪنهن ٻڌا هوندا ڪين سَتَ حيوان،
ٿيا مشهور، آيا منجهه قرآن.

 

جانور ٽي، پکي ٻه ڳڻ تن مان،
هڪڙو سُرڻو ۽ هڪڙو ترڻو ڄاڻ.

 

ڪتو ’اصحاب ڪهف‘ جو پهرين،
ڏاچي ’صالح’ جي پوءِ ڇو نه ڳڻين؟

 

’ڳئون‘ ٿِي ان کان پوءِ ’موسيٰ‘ جي،
سُور جنهن تي ’بقر‘ جي نازل ٿي.

 

آهي ’هدُهدُ‘ پکي ’سليمانِي‘،
مور ُ ’آدم‘ جِي آهي نشِانِي.

 

’نانگ‘، حوّا‘ جو ويري جنت ۾،
’مڇي‘، ’يونس‘ جي آهي شهرت ۾.

 

هي نبيئن سان گڏ ٿيا مشهور،
ٻيا به قرآن ۾ ٿيا مسطور.

 

اُٺ ۽ گهوڙو، گڏهه، خچر، ٻڪريون،
هاٿي پڻ ۽ بگهڙ، گدڙ ۽ رڍون.

 

پڻ سوئر آيا، ڀولڙا، باندر،
اُت اِهي جانور اچن ٿا نظر.

 

۽ پکين مان به آيو آهي ڪانوء،
۽ اِبابيل جو به آهي نانوُ.

 

جيت، ماڪوڙيون ۽ مکيون ۽ چچڙ،
مکيون ماکيءَ جون، ڏيڏريون ۽ مڪڙ.

 

آهي ڪوريئڙو پڻ اُتي آيو،
رب اِنهن جو به ذڪر فرمايو.

 

666 . اڳي به هوس، اڳتي به هوندس

حڪم حق جي تي با وفا هوندس،
صاف صوفين جان آءُ صفا هوندس.
ٻُڌ ته تو کي ٻڌايان تن جا قول،
ڪين مرندس آءُ، دائما هوندس.
چئي ٿو ’خاقاني‘، آهيان چنڊ نه آءُ،
چمڪندڙ سج جان رهنما هوندس.
هوس سوء سال هن کان اڳ آءُ،
پوءِ به سوء سال اڳتي ٻيا هوندس.
ان طرح چئي ٿو ”مولوي رومي“،
مثل سبزيءَ جي بارها هوندس.
نو سوء قالب ڏٺا مون ۽ پنجاهه،
جيئن اڳي هوس، تيئن اڃا هوندس.
’شمس تبريزي‘ ٿو چوي هڪ هنڌ،
اِبتدا هوس، انتها هوندس.
هڪ دفعو ڄائو گاهه ۽ انسان،
ڄائو هت آءُ گهڻا دفعا هوندس.
چئي ٿو پڻ ’زِنده پيل احمد ڄام‘.
قطرو، قُلزم کان ڌار تا هوندس.
هوس جسمن ۾ سوء هزار ورهه،
ورهه ٻيا ڀِي اڃا گهڻا هوندس.
قول ’منصور‘ جو به آهي هيئن،
ڪيئن فنا ٿيان، جو آءُ بقا هوندس.
بحر وحدت جو آءُ ڦُڙو آهيان،
اڳُ بجا هوس، پوءِ بجا هوندس.
۽ ’سنائي‘ حڪيم پڻ ٿو چئي،
سڀ کان اڳ هوس، چوء ته ڇا هوندس؟
آءُ ازل کان اڳي هئس جيئرو،
تا آبد ڇو نه آءُ بپا هوندس؟
ٻولي ’بهلول‘ جِي به ٻئڌ آبتِي،
ٻه ورهه اڳ خدا ڪنا هوندس.
نه هو ارض وسما ، خدا به نه هو،
تڏهن منجهه نشو ۽ نُما هوندس.
چيو نبيءَ پڻ، ’محمّدي‘ آءُ نُور،
اصل کان هوس ۽ سدا هوندس.

 

حاضر  ’آدم‘ کان اڳ هئس حق وٽ،
واصل آخر به باخدا هوندس.
پيرويءَ تن جي تي چوي ٿو ”قليچ“،
ڇو نه نِت جيئرو آءُ ڀلا هوندس؟
ٿِي بَشرَ، ڪين ٿيان خدا، ليڪن،
نه خدا کان ڪڏهن جدا هوندس.

 

667 . تنهنجو ۽ منهنجو عشق (انگريزي تان ورتل)

1. چوٽيون ٽڪرن جون چوء طرف چمڪن،
نهرون پاڻيءَ جون چوء طرف ٿيون وهن.

 

پر وڻي مون کي جهڙو تنهنجو عشق،
تهڙيون هرگز سڄڻ! اُهي نه وڻن.

 

2. بيٺا برفي جبل صفا مضبوط،
واچوءن ۽ مينهن تن کي ڪين چوَن،

 

پر نه مضبوط عشق منهنجي جيئن،
۽ نه صاف اُن جان سي ڪڏهن به رهن.

 

668 . مهيني جو نحس تاريخون

نحس تاريخون هر مهيني ۾،

سَت ٿيون ڪُل، ادا ! جي ياد رکين.

ٽين ۽ پنجين ۽ تيرهن ۽ سورهين ،

ايڪيهين، چوويهين ۽پنجويهين.

 

669 . روزمره جي وقت جو ورهاڱو چئن عالمن ۾ رهڻ

وقت پنهنجو ورهايو مون هيئن آهه،
هلان ننڍپڻ کان ٿو مٿي اِن راهه.

 

مڙئي چوويهه ڪلاڪ ڏينهن ۾ ٿيا،
سي وراهي ڪيا مون چار حصا.

 

 هڪڙو حصّو رهان آءُ زير زمين،
ٻيو رهان آءُ زمين تي ٿو يقين.

 

ٽئي ۾ تا اَڀ مٿي ٿو گهاريان آءُ،
چوٿين ۾ عرش تي گذاريان آءُ.

 

گذري پهريون وڃي مُئن وانگي،
ننڊ، غفلت ۽ راند ۾ ٿو وڃي.

 

وقت اِيءُ سڀ وڃي ٿو ضايع ٿي،
ماڻهو ڄڻ مئو، ويو زمين ۾ ڀي.

 

موت جو ڊپ جو ان سان ٿئي شامل،
آهي حصّي انهيءَ ۾ سو داخل.

 

آهي عالم اُهو به نفساني،
اسفلي، دوزخي، يا شيطاني.

 

پڻ چون ان کي ڪي ٿا عالَم خواب،
موت جي ڀيڻ ننڊ، انهيءَ جو جواب.

 

پر بشر لاءِ سا ضروري آهه،
حد اندر پڻ، مدد سا روح جي آهه.

 

اُن تي چيو شاهه: ’سي سُتا سونهن‘،
ٿِي حقيقت ۾ ننڊ عبادت جن.

 

حصو ٻيو، جو گذاريان ڌرتيءَ تي،
وقت آهي جهان جي سو ڀلي.

 

ڪريان دنيا جو اُن ۾ سڀ ڪم ڪار،
داخل اُن ۾ ٿيو جڳ جو سڀ وهنوار.

 

ٿا چون ان کي عالم انساني،
شرعي ناسوتي پڻ ۽ حيواني.

 

پهريون ننڊ جو، هي جاڳ جو عالمَ،
جنهن ۾ ظاهر هلي مجازي ڪم.

 

باطني تا حديث چئي هيئن ٿِي،
ماڻهو دنيا ۾ ٿيا سُتل سڀئي.

 

جڏهن مرن ٿا تڏهن سي جاڳن ٿا،
اُبتا نالا سمهڻ ۽ جاڳڻ جا.

 

سو جي دنيا کي چئبو عالم، خواب،
ننڊ جو عالم ته خواب منجهه ٿيو خواب.

 

حصّو ٽيو آسمان تي جو رهان،
شعر اُن ۾ ٿو آءُ پڙهان ۽ چوان.

 

اوج تي پيو اُڏامان فڪر ۾ نت،
هُتي دل ۽ دماغ، جسم ٿيو هِت.

 

ڄڻ ته عالم اهو ’مثالي‘ ٿيو،
۽ طريقت ڪري ’خيالي‘ ٿيو.

 

ملي جبروتي زور تنهن ۾ ٿو،
جي سنڀاليندڙ آهي دم دم جو.

 

رهان اُت خوش، خيال ۾ غرقاب،
جوڙيان آءَ نظم، نثر جا به ڪتاب.

 

ٿيا سي اولاد منهنجو روحاني،
پٽُ، ڌيون جيئن ڄڻيون مون جسماني.

 

حصّو چوٿون اُنهان مٿي آهي،
عرش ڏي روح جڏهن وڃي ڪاهي.

 

سو عبادت جو وقت آهي يار!
صدق سان ٿو ڪجي جڏهن ويچار.

 

مَحو حق سان ٿيڻ جو اُو ٿيو زمان،
’لي ميع الله‘ جو اُهو ٿيو نشان.

 

سير ملڪوت جو به آهي سو،
مُلڪ لاهوت لامڪان‘ جو اُوهو.

 

عالم ايءُ ٿيو حقيقي روحاني،
آهي توراني پڻ ۽ عرفاني.

 

اِن طرح آءُ جيان به ٿو ۽ مران،
پڻ بقا ۽ فنا ٻئي ٿو ڏسان.

 

حصّي هر هڪ ۾ ايئن ٿيا ڇه ڪلاڪ،
ٿين ضايع نه، جي ٿيان چالاڪ.

 

موت جي حصّي مان ڪريان چوري،
غفلت ۽ ننڊ آءُ ڪريان ٿوري.

 

تا بچايان گهڙيون انهيءَ مان جي،
ڪنهن حصي ٻئي ۾ نئِي گڏايان سي.

 

فرض لازم ادا ڪرڻ سڀ ٿيا،
خلق جا ۽ خدا جا ۽ پنهنجا.

 

واري سان سڀ ادا ڪرڻ گهرجن،
نه وٺي هڪڙي کي، ٻيا ڇڏجن.

 

670 . آخر فنا

سوء ورهه ڪو جئي ته ڇا حاصل؟

پورو هڪ ڏينهن زندگاني آهه .

ملڪ الموت لاءِ هڪ جهڙي،

پيري ۽ طفلي ۽ جواني آهه.

نه رهيو آهي هت، نه رهندو ڪو ،

سچ ! هي دنيا سراي فاني آهه .

 

671 . مناجات ۽ دعا

آي خداوند قاضي الحاجات[1]!
ڪاشفِ الغمّ[2]، ساتِرالعَورات[3]!

 

”غافِر الّذنب[4]، قابل النوبَه“[5]،
عالمِ السَّر[6]ّ، سامسعِ الدَّعوه[7].

 

يا الهٰي! تون ڪرِدگار، ڪريم،
ربُّ، رحمان تون، غفور، رحيم.

 

خالق ۽ رزاق آهين، تون غفار،
حافظ ۽ ناصر آهين، تون ستّار.

 

تون حڪيم آهين، تون عليم، حليم،
تون عظيم آهين، تون مقيم، قديم.

 

باري آهين تون ۽ آحد ۽ صَمد،
لمَ يلد آهين، تون ولم يُولد.

 

حاصر آهين تون ۽ لطيف، خبير،
ناظر آهين تون ۽ سميع، بصير.

 

مالڪ الملڪ، ڪار ساز آهين،
قاضي الحقّ، بي نياز آهين.

 

ڪيو پيدا تو آسمان، زمين،
تنهنجي قدرت انهن ۾ ڏسجي يقين.

 

هر طرح پاڪ آهي تنهنجي ذات،
بيشمار آهي تنهنجي مخلوقات.

 

سڀ جماد ۽ نبات ۽ حيوان،
ڪيو اشرف اُنهن ۾ تو انسان.

 

عقل تنهن کي ۽ فهم، هوش ڏنئي،
پنهنجي محبت جو دل ۾ جوش ڏنئي.

 

نيڪ، بد جي ڏنِي تو تنهن کي تميز،
فضل سان تنهن کي ڪيئِي عطا هر چيز.

 

لطف اُن تي سندئِي هزار آهن،
اُن تي اِحسان بيشمار آهن.

 

يا الهٰي! اسان تي هر ساعت،
تنهنجي نازل ٿئي نئِي نعمت.

 

فضل تنهنجو رهي اسان تي سدا،
شڪر تنهنجو ڪري سگهون نه آدا.

 

رهون غفلت ۾ روز، شب ٿا اسين،
بندي آهيون هوا، هوس جا اسين.

 

اي خداوند، قادر ۽ قيّوم!
منهنجو سڀ حال تو کي ٿيو معلوم.

 

نفس آهي ڪيو تباهه مُنکي،
ڪيو شيطان بر گناهه منُکي.

 

عمر گذري خطا ۾ وڻي ساري،
بار ڏوهن جو سرِ تي ٿيو باري.

 

دل سان تنهنجي نه مون عبادت ڪئي،
نفس جِي مون سدا اِطاعت ڪئي.

 

نِت گذاريو مون منجهه هوا ۽ هوَس،
نه اڃا مون ڪئي بدين کان بس.

 

نفس پويان لڳي تباهه ٿيس،
ٿي گنهگار، روسياهه ٿيس.

 

آهيان شرمندو ۽ پشيمان آءُ،
ڪريان توبهه ٿو بادل و جان آءُ.

 

ڪيئن اچان تو اڳيان آءُ ويچارو؟
ڪيئن ڏيکاريان هي پنهنجو منهن ڪارو؟

 

آهيان نيڪين کان آءُ هٿن خالي،
پر تون ئي آهين وارث ۽ والي.

 

آءُ وڃان ڪيڏي تنهنجي در کان سوا؟
تو بِناڪير ٻيو پُڇي ٿو ڀلا؟

 

آءُ گنهگار، تون رحيم آهين،
آءُ سعه ڪار، تون  ڪريم آهين.

 

منهنجي آهي گناهه نِت عادت،
لطف، بخشش مگر ٿِي تنهنجي صفت.

 

جي ڪندين عدل تون خداوندا!
ڪيئن ڀلا ڇٽئندا تنهنجا هي بندا؟

 

فضل تنهنجي جي ٿي اميد سڀن،
رحم سان تون نجات ڏيندين تن.

 

گرچه آهن گناهه منهنجا هزار،
تنهنجي توحيد جو ڪريان اقرار.

 

پنهنجي رحمت جي واسطي مولا!
پنهنجي عزّت جِي واسطي مولا!

 

واسطي پنهنجي دوستدارن جي،
واسطي پنهنجي سڀ پيارن جي.

 

منهنجي توبهه قبول ڪر يا رب!
منهنجو مقصد حصول ڪر يا رب!

 

منهنجي بڇڙن ڪمن تي ڪونه نطر،
تون چڱو آهين، ڪا چڱائي ڪر.

 

منهنجي اَندر کي روشنائي ڏي،
قلب منهنجي کي تون صفائي ڏي.

 

علم؛ حڪمت نصيب ڪر مون کي،
معرفت جِي تون ڏي نظر مون کي.

 

تون نه ڏي مونکي حرص دنيا جو،
شوق وجهه دل ۾ منهنجي عقبيٰ جو.

 

تنهنجي محبت ۾ دل رهي معمور،
رهي تنهنجو زبان تي مذڪور.

 

جيئري تو سان هرِ پل رهي نت هانءُ.
هوئي مرڻ وقت ياد تنهنجو نانءَ.

 

رزق تون ڏي حلال جو يا رب!
حسن تون ڏي مال جو يا رب!

 

ڪر نه محتاج ٻئي جو تون مونکي،
غيب سان دائما مدد پيو ڏي.

 

قرض ۽ مرض کان فراغت ڏي،
تون قناعت جِي ربّ ! دولت ڏي.

 

تاب، طاقت منکي ڏي آي يزدان!
نه پَليان پنهنجو نفس ۽ شيطان.

 

تون حياتيءَ ۾ تندرست رکيج،
سختيءَ سڪرات جي نه ڏيکاريج.

 

ماءُ پيءُ منهنجي کي تون بخشين خدا!
ڀائر ۽ ڀيڻون مرَهين ” پڻ تون سدا.

 

بخش منهنجا سڀئي عزيز، قريب،
جي اڳي ويا منکان ۽ دوست، حبيب،

 

خوش رکج منهنجو نت تون آل، عيال،
ڪج تون صالح انهن کي، نيڪ خصال.

 

تن جو طالع چڱو هوئي، عمر دراز،
هجي عزّت سان گڏ تني کي نياز.

 

خوش رهن سڀ عزير منهنجا شال!
پڻ ٻين مومنن جِي لهج سنڀال.

 

موت ۽ قبر جو عذاب نه ڏي،
مون کي عقبيٰ جو تون عتاب نه ڏي.

 

حشر ۾ تون اُٿارين نيڪن سان،
صالحن ۽ قبول پيِلن سان.

 

ڪر دعا هيءَ ”قليچ“ جِي تون قبول،
فضل سان پنهنجي ۽ بحق ّ رسول.


[1]  حاجت روا

[2]  غم لاهيندڙ

[3]  اوگهڙ ڍڪيندڙ

[4]  گناه بخشيندڙ

[5]  توبه قبول ڪندڙ

[6]  اسرار کي ڄاڻندڙ

[7]  دعا کي ٻڌندڙ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org