سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: چندن هار

باب-

صفحو :2

 

(2) بحر رمل (مخبون مثمن )

فاعلاتن فعلاتن فعلاتن فعلات

 

21. خدا ساڻ لڳو وتي

چيو هاتف[1] مون کي هڪ ڏينهن تون آهين شهباز،

ڦاٿين هِت[2] دام ۾، ڇو شاهه ڏي موٽي نه وڃين ؛

تڏهن ڀڳس عرش ڏي ڳولڻ ته آهي شاهه ڪٿي ،

چيئون اُتي شاهه[3] آهي توسان ۽ تون هت ڳولين.

 

22. بادشاهه ته بهادر

قوم ۾ جيڪو بزرگ آهي چون تنهن کي امام[4]،

آهي جمشيد اهو جنهن کي مليو آهي جام؛

بادشاهه جي ۽ بهادر جي هڪ ئي آهي وصف،

هڻي تلوار جو سڪّي تي هڻن تنهنجو نام.

 

23. روزيءَ جو رستو

منحصر جي هجي ڏاهپ مٿي گهٽ وڌ روزي،

ته گهڻو تنگ گذاري ها هت هوند نادان؛

پر ٿو نادان کي رب روزي رسائي ان ريت،

جو رهن ٿا سوين دانا به انهيءَ ۾ حيران.

 

24. شمع ۽ پروانو

هڪڙي ڏينهن شمع کي هيئن چوڻ لڳو پروانو:

تو کي روشن آهي هر طرح حقيقت منهنجي؛

لکيو تقدير ۾ منهنجي ته سڙي ساهه ڏيڻ،

ٿيان سدا توتي فدا، ِاي ٿي طبيعت منهنجي

 هوندو دينا ۾ نه مون جهڙو ڪو بيڪس ڪڏهين ،

جو مرڻ بعد نه جوڙي ٿو ڪو تربت[5] منهنجي.

هاءِ افسوس، نه منهنجي آهي پروا توکي،

تون ڪڏهن مون کان پڇي ڪين ڪي حالت منهنجي!

ساهه ڏيان تنهنجي مٿان پر نه ڪڇان ڪي واتون،

ڪر ڪو انصاف ۽ ڏس پياري تون غيرت منهنجي!

مري سو ڀيرا جيان، پوءِ به وري توتي مران،

غور سان ڏس ڪي آلهه لڳ تون هي همّت منهنجي!

جان پنهنجي ٿو ڏيان توتي خدا شاهد آهه،

دل ۾ پري تو کي ذرو ناهي ڪا الفت منهنجي!

 ٻڌي پرواني جي هي تقرير ڏنس شمع جواب،

حرف ڪو مون تي نه رک، ڪر نه شڪايت منهنجي؛

حال منهنجي جي خبر ناهي ڪا توکي، پيارا،

جڳ کي معلوم آهي ساري حڪايت[6] منهنجي.

شام کان رئڻ لڳان تنهنجي جلڻ تي، جاني،

صبح تائين آهي ثابت اِها صورت منهنجي.

جي سڙي خاڪ ٿو ٿين تون، ته ڳران آءُ پڻ ٿي،

ناهي گهٽ تنهنجي مصيبت کان مصيبت منهنجي؛

دل جلي منهنجي سڄي رات ۽ ۽ دونهون نڪري،

ڏس هي دلسوزي ۽ ڪم بختي ۽ غربت[7] منهنجي !

روڄ ۾ صبح کان اڳ عمر ٿئي منهنجي تمام،

درد ۾ تنهنجي سڄڻ اهڙي ٿي قسمت منهنجيءَ

تون ئي منصف ٿي مِٺا هاڻ، خدا ڪارڻ چئو،

سچي الفت آهي تنهنجي ڪِ محبّت منهنجي ؟


 

 

(3) بحر رمل (مسدّس )

فاعلاتن  فاعلاتن فاعلات

 

25. خلِطن جو تعداد ۽ انهن جي مزاج

خلط آهن چار، تن مان هڪڙو خون،

گرم ۽ تر[8] آهي سو جهڙي هوا؛

ٻيو آهي صفرا، جو آهي باهه جان،

گرم ۽ خشڪ آهي او سمجهيل سدا؛

ٽيون آهي بلغم، جو پاڻي وانگي آهه،

سرد ۽ تر، جيئن حڪيمن چيو ادا؛

چوٿون سودا آهي، جو ٿيو خاڪ جيئن ،

سرد ۽ خشڪ آهي سو، هي چار ٿيا.

 

26. دنيا جو مثال

ھڪڙي عارف خواب ۾ دنيا ڏ ٺي،

 ھئي اھا صورت ۾ ڪنئاري ڇو ڪري؛

تڏھن پڇيئين ان کان ته ”اي نينگر تون ڪيئن،

ھيترن مڙسن جي ھوندي ڪنئاري ٿِيئن ؟ “

تنھن تي چيو دنيا ”جي سچ مون کان پڇو،

مرد جيڪو هو، نھ تنھن مون کي رکيو،

جيڪو هو نامرد، سو مئو مون مٿان؛

تنھنڪري آءُ ڪنواري رھندي ٿي اچان“.

 

27. مھمان نوازي

رھ بکيو ۽ ڏي تون مھمان کي ڍوء،

تا چوان تو کي بھشتي ۽ سخي؛

۽ جي تو کي ڍوء ۽ مھمان کي بک،

ٿئين مروّت جي نظر ۾ دوزخي.

 

28. عاقل ۽ جاھل جو فرق

ھوندو جي ٻن عاقلن جي وچ ۾وار،

ڪين ڇڄندو ، جي کڻي ڪنھن ڇڪ ڏني؛

پر جي جاھل ھوندا تاڻڻ ۾ ٻئ ،

تا ا ھي زنجير پڻ وجھندا ڇني.

29. قرآن جي وقفن يا بيھڪ جي نشانن جو بيان

وقف جي قرآن ۾  ڪم ٿا اچن ،

 تن جي سمجھاڻي ڏيان ٿو، لاءِ ڪن :

م[9] آھي وقف لازم، بيھھ يار،

جي نھ بهندين ڪفر ٿيندو منجھھ شمار؛

ط کي عالم وقف مطلق ٿا چون،

جت اچي ان تان نٿا پڙھندڙ لنگھن ؛

 ج آھي وقف جائز ، جي بيهو،

آهي بهتر، پر لنگهڻ ۾ ڊپ نه ڪو،

ز مجوز وقف آهي، بيهه ڀلي،

پر آهي بهتر لنگهي جي وئين هلي،

ص کي تون پڻ مرخص وقف ڄاڻ،

جي پوين ٿڪجي ته بيشڪ روڪ پاڻ،

ق قد قيِل آهي وقف، اختلاف،

ڪي ملائن ۽ ڪي بيهن، ناهي صاف،

لا آهي لا وقف،تون بيهڪ نه ڪر،

جت پڄي آيت، نه ڪر ان تان گذر،

ڪ جي معني! ڪذالڪ ٿي ٿئي،

يعني جهڙو وقف اڳ آيو مٿي،

قف جي معنيٰ بيهه صل معنيٰ ملاءِ،

پر ڪرين جي وصل ترڪ، آهي بجاءِ،

۽ صلى ٿيو وصل اَولٰي، جي مڃين،

آهي بهتر جي ملائي تون پڙهين ؛

س سڪته آهي ، ٿورو بيهه ات،

معا نقته آهي، نقطا ٽي ٿيا جت ؛

معه معانقته آهي،نقطاٽي ٿيا جت

ٻن هنڌن مان جنهن تي چاهين تنهن ترس،

ياد رک هي بيت تا واقف ٿين سرس[10].

 

29. (ب) ادب جي تعريف

گهُر خدا کان تا ٿئي حاصل ادب،

بي ادب تي فضل فرمائي نه رب،

پڻ ادب کان نور وارو ٿيو فلڪ،

۽ ادب کان پاڪ پيارو ٿيو ملڪ.

 

30. سچ

جنهن ڀلاري جو سدا سچ يار آهه،

تنهن جو ٻيڙو هردو جڳ ۾ پار آهه،

سچ منجهان پهچي ڪنهين کي زيان ڪونه،

سچ جي سودي مان ٿئي نقصان ڪو نه.

 

31. خُلق

ڪاملن ڪيو خُلق کي منظور آهه،

عاقلن جو خلق نت دستور آهه،

خُلق مان مخلوق ۽ خالق ملي،

خُلق مان ٿو خلد[11] پڻ حاصل ٿئي.

 

32. ٻين جي حقارت

هڪڙي ڪوريئڙي کي چيو مک هڪڙي ڏينهن؛

ڏس ٽنگون پنهجون ته سنهڙيون ۽ ڊگهيون!

اُن چيس ؛ جي منهنجي ڄاريءَ ۾ پوين،

تا انهن جي رمز جون پو نئي سُڌيون.

 

33. مجاز مان حقيقت

منهن ڏسڻ سهڻن جو ٿيو مون کي روا،

جو ڏسان حق[12] کي ڪريان جنهن کي پسند،

خلق ساريءَ کي اکيون آهن مگر،

ٻيا ڏسن ٿا نقش ۽ آءُ نقشبند.

 

34. علم فقير کي امير ٿو ڪري

هڪڙو ڇوڪر هو اصل بيڪس غريب،

هوس جيئرو ڪونه مائٽ يا قريب،

شهر ۾ در در تي پنندو هو سدا،

پيٽ پاريندو هو پنهنجو ٿي گدا،

نيٺ ٿيو عاجز، ڏسي سو پنهنجو حال،

تنهن رکيو آڻي پڙهڻ تي سڀ خيال،

رات ڏينهن محنت ڪري ويٺي پڙهيئين،

علم لاءِ جيڪي پُنس سو ٿي ڪيئين،

نيٺ مُلڪن ۾ اچي مشهور ٿيو،

هر ڪنهين وٽ مرد سو منظور ٿيو،

تا اچي ٿيو بادشاهيءَ جو وزير،

ان طرح ٿيو سو فقيريءَ مان امير،

نيڪبختيءَ کان سندس جاڳيو نصيب،

نيٺ دولتمند ٿيو، جو هو غريب،

علم جو ايءُ مان آهي ڇوڪرو،

علم ائين محنت ڪري حاصل ڪريو.

 

35. سچو دوست

دوست سو آهي ، جو اوڳڻ دوست جا

آرسيءَ وانگي ٻڌائي رُو بَرو،

ناهي سو، جو سو زبانن[13] سان وڃي،

چئي ڦڻيءَ وانگي سي پرپٺ مُوبمو[14].

 

36. کريل اَولاد

پيٽ واري ڪا ويم جي وقت زال،

جي ڄڻي نانگ ۽ بلائون زهردار،

آهي بهتر سئو دفعا تنهن کان ادا،

جو ڄڻي بڇڙا ۽ ناصالح او ٻار.

 

37. باطني بت پرستي

بت پرستن، بت پرستي ترڪ ڪئي،

تون اڃا پيو لعنتي بت لاءِ مرين،

پيرهن ۾ تنهنجي ويٺو آهي بت،

بت پرستن تي تون لعنت ڪرين !

 

38. صبح جو سوير اٿڻ

نت چڱو آهي اٿڻ ننڊ مان سوير،

دير جاڳڻ جي ته آهي بڇڙي هير[15]،

رب جي رحمت صبح جو ٿي ٿئي نصيب،

هي اوهان کي ٿو چوان نڪتو[16] عجيب،

ٿي رهي ان کان طبيعت ڀي حال،

۽ ٿئي ٿو دور سڀ دل جو ملال[17]،

پرهه ڦٽندي ٿئي جڏهن ٿو سوجهڙو ،

تڏهن اٿو تاڪيد سان ائين ڇوڪرو،

ڏينهن چڙهئي تائين سمهڻ ناهي چڱو،

اهڙي عادت تي هيرڻ ناهي چڱو،

ٿا ٿين سچ، اهڙي عادت وارا سست،

ٿا رهن بيمار گرچه تندرست.

 

39. خواب ٻدائڻ جو شرط

جي ڏسين تون خواب، هر ڪنهن کي نه چئو،

پيش تون تعبير لاءِ عاقل جي پئو،

خواب يوسف کي نه چئي ها بادشاهه،

ملڪ ان جو قحط کان ٿئي ها تباهه[18] .

 

40. ڪاوڙ مارڻ

اصل ڪاوڙ زهر جهڙي ٿئي ڪڙي،

پر جڏهن ڪاوڙ کي مارين ٿئي مٺي،

زهر آهي اصل ماريندڙ سدا،

پر جي مارين زهر[19] ٿئي عمدي دوا !

 

41. ننڍي ۽ وڏي جو فرق

فرق آئين گهوڙي ۽ هاٿي جو ڏسو،

گرچه هڪڙو ٿيو ننڍو ۽ ٻيو وڏو،

گهوڙي سان هاٿي سگهو وٺجي هلي،

پر نه سگهجي گهوڙو هاٿي سان وٺي،

جي نه گهوڙو همقدم[20] هوئي شان سان،

آهي پيادو شاهه هاٿي جي مٿان،

چيچ پڻ اڱرين منجهان آهي ننڍي،

پر سدا آهي منڊيءَ جي جاءِ تي،

 

42. هفتي جا سعد[21] ۽ نحس[22] ڏينهن

نحس هفتي ۾ ٻه ڏينهن آهن سدا،

سومر ۽ اربع، سنڀالج تون ادا،

ڪر نه تن ۾ شادي، يا ٻيو اهڙو ڪم،

نه تون خوشيءَ بدران تون ڏسندين تن ۾ غم،

سعد آهن چار ڏينهن هڪٻئي جا جِيس[23]،

جمعو ۽ ڇنڇر ۽ آچر ۽خميس،

باقي هڪ آهي وچولو، ڪر سهي،

سو اڱارو آهي سعد ۽ نحس ٻئي.

 

43. رئڻ ۽ کلڻ جو فرق

سام[24] ڪئي پٽ کي نصيحت پيار سان،

ٿيو رئڻ بهتر، کلڻ بي وقت کان،

آهي بادل[25] جان رئڻ، وڄ جان کلڻ،

هڪ وسڻ رحمت جو، ٻيو آتش[26] لڳڻ،

ٿو خوشيءَ بيحد کان پوءِ ماتم مچي،

ٿو گهڻي کل مان رئڻ آخر اچي.

 

44. حرام نيٺ حرام

کاءَ لقمو جو حلال آهي ۽ پاڪ،

کا نه سو جو هوئي حرام ۽ شبهه ناڪ[27]،

اهڙو داڻو پڻ حرام آهي حرام،

ڌر[28] کان مر ان سان ٿئي ڪوشش تمام،

مر ته او بيت الحرام[29] ۾ پوکجي،

۽ بهشتي نهر جو پاڻي ڏجي،

چنڊ نئون[30] ڏانٽو ڪري جي تون لڻي،

پهڻ ڪعبي جي تي تون پيهين کڻي،

پاڻي زمزم جي سان جي ڳوهي يقين،

بيبي مريم يا بهشتي حور عيِن؛

جي پڙهين ڳوهيل اٽي تي بي عدد،

فاتحه[31] ۽ قل هو الله آحد[32]؛

جي کڻي طوبى[33] جون ٽاريون ٻارجن،

۽ اَھي جبر ئيل کي ٻارڻ ڏجن؛

نوح جو مر ھوئي پچائڻ لاءِ  تنور،

دم[34] سان جي عيسى ڪري ڦوڪڻ جو پور؛

سوء پڙھين مانيءَ تي بسم ا لله[35] تون،

کا ئين ۽ ڏين سا خدا جي راھ تون؛

تھ بھ ا ثر ان جو بدلبو ڪين يار،

ڪر تون دوزخ جو ٿُوهر اُن کي شمار ؛

آخرت جي لاءِ سمر ٿئي ڪين[36] جو،

۽ ڪري ويران خانو دين جو.

45. ز ا لن  جا ظلم

ڪَن’ ڏئي ٻڌ ظلم جي زا لن ڪيا،

۽ ڪتابن ۾ بزرگن جي لکيا؛

نِڪتو آدم پھرين ڪيئن جنّت[37] منجهان،

جڏهن حوا همراز ٿي شيطان سان؛

قتل جو پهرين ٿيو،هابيل هو،

ان جو قاتل زال لاءِ قابيل هو؛

ھ’ود پيغمبر کي آڏو زال ٿي،

۽ به يحٰي جي نڙي ان لاءِ وڍي،

زال لاءِ ماريو عليءَ کي پڻ پليد[38]،

۽ حَسَن پڻ زال سيان ٿيو شهيد،

زال هڪڙيءَ هئا نبي ستر ڪٺا،

عاري[39] ان کان انبيا ۽ اوليا،

مڪر زالن جي ڪيا خانا خراب،

ظلم زالن جي ڪيا سينا ڪباب،

زالون بد آهن ، بلائون بيگمان ،

اَلا مان ! آهي انهن کان اَلامان !

 

46.  عَينيّت[40] ۽ اثنيّت[41]

تو سان ٻيو پڻ آهي تون هشيار ٿي ،

ننڊ ڇڏ غافل ذرو بيدار ٿي ،

غير ڪونهي تو سان ٻيو ، تو آهين پاڻ ،

ناهي اثنيّت ، هي عَينيّت تون ڄاڻ ،

هڪڙو ماڻهو ٿو جڏهن ڳالهائي ڪي ،

ٿو ٻڌي پنهنجن ڪنن سان پاڻ ڀي ،

اِسم ٿيا جڏهين ٻه هِت ، ڪن ۽ زبان ،

ٿي دُوئي چوڻ ۽ ٻڌڻ ٻئي هڪ سمان[42] ،

ماسوي[43] الله جو مثل هڪ ٿيو اِهو ،

ڪثرت ۽ وحدت ۽ قُرب[44] ۽ بُعد[45] جو .

 

47. نفس پرستي

نفس پنهنجو ٿيو بتن جو بادشا ،

بت ٻيا ٿيا نانگ ۽ هي ازدها ،

نفس پوڄيندڙ بُرا ٿيا بت پرست ،

ڪونهي اهڙن گمرهن جو رهنما ،

نفس ۽ شيطان ۾ ٿيو فرق ڪو نه ،

تنهنڪري شيطان پرستي ٿي اِها ،

ڇو  ڪرين لعنت فقط شيطان تي ،

نفس تي پڻ ڪر جي ڌارين سمجهه ڪا ،

نفس ۽ ابليس آهن هڪڙو جسم،

صورتون پر ٿيون ٻه سي ظاهر جدا ،

پاسرين جي وچ ۾ دشمن چيو حديث ،

سو اوهان جو نفس ٿيو ابليس[46] يا .

 

48. ٻه نه ٺهندڙ شيون

مُلڪ هڪڙي ۾ نٿا ماپن ٻه شاهه ،

بُرج هڪڙي  ۾ نٿا ماپن ٻه ماهه ،

ٿيون ٻه زالون گهر اندر جنهن مرد کي ،

سو خدا کان ٿو گهري هر دم پناهه !

 

49.  هڪد ليو ۽ ٻه دليو

هڪد ليو دنيا ۾ دائم خوش رهي،

سرس تڪليفون سدا ٻدليو سهي،

پستو هڪ مغزو نه کائي اهڙا ڌڪ،

جهڙا بادامي، ٻه  مغزي کائي پڪ.

 

50.  سج ٿي، چنڊ نه ٿي

سج جي عادت وٺ ، مجّرد رهه سدا ،

چنڊ جان تارن جي لشڪر سان نه رهه ،

شاهه ۽ شيطان نه ٿي ضحّاڪ[47] جيئن ،

ٿي فريدون[48] ، رهه نسورو بادشهه ،

عيش ۽ عشرت ضحاڪي ، ٿيا ٻه نانگ ،

عفل ۽ دين ٿيو فريدوني سپهه[49] .

 

51.  دولت جي وصف

دولت آهي پهرين دويا ڊڪ ۽ ڊوڙ[50]،

پوءِ لڳي لت، جا ڪري ماري خوار؛

منهن ۾ دولت جي آهي هٺ، وچ ۾ راند،

۽ پڇاڙيءَ ۾ زوال آن[51] لاءِ تيار؛

جيئن شراب آهي شروع ۾ ٿيو گناهه،

وچ ۾ مستي ۽ پڇاڙيءَ ۾ خمار.

 

52.  زنده دل ۽ مرده دل

زنده دل ماڻهوءَ جو لاشو منجهه مٽيءَ،

بهتر ان جئري کان جو ٿيو مرده دل،

زنده دل هر گز مري ٿو ڪنڪي،

ڇا هي جي ٿيو جسم ان جو زير گل[52].

 

53.  چڱي ۽ خراب  صحبت

ويهه چڱن جي سنگ[53] ۾ شام ۽ سحر،

تا چڱي صحبت جو ٿئي تو ۾ اثر،

بڇڙي صحبت کان هميشه ڀڄ پري،

جو اها تئي وانگي ٿي ڪارو ڪري،

ورنه تون لوڙيندين ڪيِتو  پانهنجو،

۽ مٿو ڦوڙيندين اٽلو پانهنجو.

 

54.  جيترو ٿي سگهي اوترو نيڪي ڪر

ڪر تون نيڪي، جيڪا تو کان ٿي سگهي،

پوک ٻج نيڪيءَ جو، جيڪي پئي سگهي.

گالهه ٻڌ مرد، خدا[54] جي چاهه سان،

ڪر بدي هر گز نه خلق الله[55] سان.

هي ٻه ٽي ڏينهن آهي تنهنجي زندگي،

کڻ نه پنهنجي واسطي شرمندگي،

ڪنهن سان ڪڏهين اهنج ۽ ايذا نه ڪر،

جا هلت جڳ کي ڏکوئي سان نه ڪر،

جي بدي ٻئي سان ڪيئي، ڪيئي پاڻ ساڻ،

جيڪي پوکيندي سو لڻندين پنهنجو پاڻ،

نيڪ جو بد ۽ بديءَ جو نيڪ ڦل،

ڪين ڪڏهين توکي ملندو هڪ پل،

نِم ڪڏهين ڏيندي نه ڦر ڏاڙهون سندو،

۽ نه ٿوهر ڊاک جو ميوو ڪندو،

صوف ڪنڊِي ۾ لڳن ڪهڙي طرح،

۽ ٻٻر ۾ انب ٿين ڪهڙي طرح،

جنس پوکين جهڙي تهڙو فصل نيِن،

ڄائي پوءِ اڻڄاڻ ڇو ٿو يار ٿين،

تئين چڱا ڪم جي ڪندين، پسندين ندان[56]،

رهندو قائم تنهنجو نت نالو نشان،

۽ جڏهن دارالبقا ڏي ويندين تون،

بيگمان جنّت ۾ داخل ٿيندين تون.


[1]  ڳالهائيندڙ

[2] غيب جي خبر ڏيندڙ

[3]  هن دنيا ۾

[4] يا يار

[5] پيشوا، مهندار

[6] سڀاءُ

[7]  غريبي

[8]  آلو

[9] ميم

[10]  زياده

[11]  بهشت

[12] انهيءَ مان خدا کي ڏسان

[13]  ڦڻيءَ جي ڏندن سان مشابهت

[14]  وار وار ڪري- يا ذري پرزي

[15]  عادت

[16]  رمز

[17]  موڳائي- ملالت

[18] اشارو حضرت يوسف جي قصي ڏانهن جو قرآن ۾ آهي

[19] زهر ڪو ڪُشتو

[20]  همرڪاب

[21]  سڀاڳا

[22]  نڀاڳا

[23]  مٽُ

[24]  مشهور ايراني پهلوان

[25]  ڪڪر

[26]  باهه

[27]  شڪ گاڏڙ

[28]  شروع

[29]  ڪعبي جو گهر

[30]  شڪل ۾ ڏانٽي جهڙو

[31]  قرآن جي پهرين سُور

[32] اخلاص جي سُور

[33]  بهشت جو وڻ

[34]  ساهه يا ڦوڪ

[35]  خدا جو نالو وٺين

[36]  ڪي ڪين جو

[37] بهشت

[38]  ابن ملجم

[39]  بيزار

[40]  پاڻ خود

[41] غير

[42] جهڙا

[43]  خدا کان سواءِ ٻيو جيڪي آهي

[44]  نزديڪي

[45]  ڏُورائي

[46]  نفس يا ابليس آهي

[47]  شاهنامي وارو مشهور بادشاهه جنهن کي ڪلهن تي نانگ هئا

[48]  جنهن ضحاڪ کي ماريو

[49]  سپاهه يا لشڪر

[50] پارسيءَ ۾ دو جي معني آهي ڊوڙ ڊُڪ

[51]  اوهان

[52]  مٽيءَ هيٺ يعني قبر ۾

[53] محبت

[54]  خدا جو صالح ٻانهو

[55]  خدا جي مخلوق

[56]  هوجهان- آخرت

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org