سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: چندن هار

باب-

صفحو :15

118

.نفس ڪيئن مارجي ؟

ٽن شيُن سان اي ادا ! تون نفس مار ،

ياد رک ، لهُه تون سدا تن جي سنڀار .

ماٺ جو خنجر تون کڻ، بُک جِي ترار ،

نيزو تنهائيءَ ۽ بيداريءَ جو ڌار .

جو رکي ٿو ڪينڪي هي ٽي هٿيار ،

نفس ان جو ڪين لهندو ڪا سُڌار .

 

119.جانورن تي رحم (انگريزيءَ تان)

ڌڪ هڻڻ کان اڳ، ادا ! ڪو قياس ڪر،

ڏس هي سڀ گگدام آهن جانور .

هڪڙي ڏينهن دانهين ٿين داور اڳيان ،

جنهن جي اُو مخلوق آهن اصل کان .

تنهن کي پياري پنهنجي سڀ مخلوق آهه ،

ظُلم سڀني ساهه وارن تان تو لاهه .

تن جي لاءِ آهي رڳو جي هيءُ جهان ،

ڇو نھ تون ايذا ڇڏي ، ڏين تن کي مان ُ ؟

بيزبان آهن ، اکين سان ٿا چَون ،

رحم ڌارا واهه ناهي بيڪسن .

اي ادا ! تو لاءِ هَڄَن هو سڀ ڄمار ،

رحم گهرجي تو کي ، تون پڻ رحم ڌار .

 

120.خيال جو اثر

تون اهو ٿيندين، جو تون گهرندين ٿيڻ ،

تون هتي تيئن جيئندين ، جيئن گهرندين جيڻ .

خوش ٿئي حالت زماني جي ٿي سسُت ،

ٿو رهي آزاد ان کان ، ٿئي جو چست .

دل جي همّت کي زمانو ڪين چئي ،

اتّفاق ۽ قسمت ان جي پيش پئي .

ان اڳيان، ڇا هي زمان ۽ ڇا مڪان ؟

سڀڪجهه ان جو چاڪر آهي بيگمان .

روح ۽ قادر رکي قُوّت وڏي ،

دل جي خواهش، جي وڃي ان سان ڳڏي .

۽ ارادو پڻ جي شامل ٿيو وري ،

پوءِ جبل اُن جي هٿان پوندو ڏري .

سمجهه سان رک، صبر جِي قائم تون حَد ،

تا خدا جِي پڻ رسي تو کي مدد .

روح جڏهن غالب ۽ عامل ٿو ٿئي ،

هر طرح قادر ۽ ڪامل ٿو ٿئي .

 

121.اَٺ شيون سيءَ جو اعلاج (عربيءَ تان)

اَٺ شيون آهن سياري جو اعلاج،

حرف ”پي“ (پ) سڀني ۾، پاري جو اعلاج .

پهرين تن ۾ ٿيو پَکو، يعني پناهه ،

جا لڪڻ جي جاءِ، يا آرامگاهه .

ٻي پَٿرڻِي آهي، پاٿاري، پلنگ ،

گودڙيءَ ۾ گرم ٿئي ٿو پڻ مَلنگ .

ٽي آهن پوشاڪ پَٽَ يا پشم جي ،

پيرهَن يا پوستين آهي ڀلي .

چوٿون پڄرڻ  ۽ پڄارو پوءِ آهه ،

ڪُلُ ۽ آڳيٺي، بخارو پڻ  ۽ باهه .

۽ پنجون پيالو ۽ پيمانو ۽ پَٽُ ،

پي وڃن ماڻهو پِڪن ُسان مئي جو مٽُ،

۽ ڇهون پڪوان ُ، جو پياري شراب ،

جيئن پڪوڙا ۽ پَڪَل ٿئي ٿو ڪباب .

۽ ستون پيارو پرين ، پتني يا زال ،

جا رکي ٿي سرديءَ ۾ گرم ۽ نهال .

۽ اٺون پيسو پنجڙ آهي ضرور ،

جو ڏئي گرمي، ڪري سرديءَ کي ڏور .

 

122.قسمت ۽ نصيب پنهنجي هٿ ۾

 رهندو هو ڪنهن ملڪ ۾ هڪڙو امير ،

جو سخاوت جي ڪري هو بي نظير .

پر سخا جو هيءُ سندس دستور هو ،

مڙني مسڪينن ۾ ايئن مشهور هو .

جيڪو ايندو هو سوالي ان اڳيان ،

پنهنجي ڏاڙهي وٺندو هو هٿ پنهنجي سان .

هئي سندس ڏاڙهي بھ گهاٽي ۽ ڊگهي .

ان جي دُن َ تائين سا آئي ٿي هلي .

سا جهلي مُٺ ۾، مٿان لاٿئين ٿي هيٺ ،

۽ ڏٺئين ٿي مُٺ ۾ ڇا آيو هو نيٺ !

جيترا پٽجي ٿي مُٺ ۾ آيا وار،

اوتريون مهريون ڪيائين ٿي نثار .

هڪ دفعي آيو نھ ٿي ڪو وار ُ جي ،

ٻيو ۽ ٽيو ڀيرو بھ ان هٿ واريو ٿي .

پوءِ بھ جي پَٽجي نھ آيو ٿي ڪو وار ،

ٿي ڏنئين ڪِي ڪين، ٿيو ٿي بيقرار .

هڪڙي ڏينهن آيو وٽس هڪڙو فقير ،

سوال ان جي تي ٿيو راضي امير .

هٿ گهمائي ويو مٿان ڏاڙهيءَ جي اُو،

وار ُ آيو ڪو نھ، ان جي روبرو .

ٻئي دفعي ۽ ٽئي دفعي پڻ آيو ڪو نھ ،

فڪر ُ، ان کان پَئي انهن ٻنهي ۾ ڇو نھ ؟

تڏهن امير ان کي ڏنو هن پر جواب ،

چيائين ؛ بابا ! تنهنجي قسمت ٿي خراب .

جي چڱو تنهنجو هجي ها اڄ نصيب،

مون وٽان تون ڪين موٽين ها غريب .

ان چيو : سائين ٿي قسمت منهنجي نيڪ ،

ٿي اوهان جي هٿ ۾ آهي بڇڙي ليڪ .

هٿ وجهڻ جي جي ڏيو موڪل مُنکي،

منهنجِي پوءِ قسمت چڱي معلوم ٿئي !

هر ڪنهين جي هٿ ۾ پنهنجي قسمت آهه ،

جي ڪشش، ڪوشش جِي ڄاڻي اُو ٿو راهه .

 

123.دل پاڪ  رکڻ ۽ ٻئي سان ڀلائي ڪرڻ (انجيل مان)

نفس مارڻ فرض ٿيو هر ڪنهن مٿي ،

نفس مارڻ ڌارا حاصل ڪِي نھ ٿئي .

جنهن پرائي زال ڏي ڪئي بد نظر ،

ڪيو حرام اُن َ، آهي زاني سو پڌر .

مَر اکيون پنهنجون پَٽي ، اڇلائي سو،

ايئن ڪرڻ ماڻهن جي لاءِ آهي ڀلو .

ان طرح، جي ٿاٻڙائن ڪنهن کي هٿ ،

مَر ُ وڍي تن کي ڇڏي، ري ڪنهن بھ ڪَٿ .

ڀل تھ هڪڙو بڇڙو عضوو ٿئي تباهه ،

پر نھ ساڙي بُت سڄو دوزخ جي باهه .

ڪو زنا ڌارا ڪڍي پنهنجي نھ زال ،

ان سان ٻئي ڪنهن جي نه شادي ٿئي بحال .

زال، جو ناحق ڪڍي بي ننگ نام،

سو انهيءَ کي ڄڻ ڪرائي ٿو حرام.

اک جي بدران اک ۽ ڏند جي بدران ڏند،

هو اڳي، پر اَئين ڪريو ايءُ رسم بند .

آئين بديء جي بدران، پڻ نيڪي ڪريو ،

ڌڪ هڻي ڪو ڳل تي، ٻيو ڳل ان کي ڏيو.

جو عدالت ۾ ڇڪي پهراڻ نئي ،

تنهن کي پڻ چادر ڇڪڻ پنهنجِي ڏجي .

جو نئي بيگر ۾ گهلي هڪڙو ڪوهه ،

آئين ٻھ ڪوهه ان سان وڃو، ڄاڻو نھ ڏوهه .

جو گهري ڪِي تو کان بخشش يا اُڌار،

ڏي خوشيءَ سان تنهن کي، ان کي ڪين ٽار .

 

124.سراسر وحدت آهي

ڪي ٿا ڪن آغاز جِي نت گفتگو ،

ڪي ٿا ڪن انجام جي نت جستجو .

وحدت، آغاز آهي ۽ انجام پڻ ،

ڇو رُلن ڪثرت ۾ پيا سي ڪُو بڪُو ؟

 

125.قرآن جا حرف ۽ معنى

حق رهي قرآن ۾ ٿو منجهه حجاب ،

حرف، معنى جو سدا آهي نقاب .

ان جي سُورت جي پڙهو صُورت اوهين ،

پر نھ سيرت جي صفت ڄاتي ڪنهين .

حرف آهي ٿانوء ۽ پاڻي قرآن،

پي وڃو پاڻي، ڏيو ٿانءَ ڏي نھ ڌيان .

حرف ٿيا پوشاڪ ڄڻ ماڻهوءَ  سندي ،

اُن جي معنى آدميءَ جي جان ٿي .

حرف ٿا سگهجن پڙهي نت سان زبان،

جان اُن جي پڙهجي اَخر ساڻ ڄان .

حرف آهي سِپَ ۽ معنى موتي آهه ،

ڪم ٿيو موتيءَ سان، ڪم ڪو سِپ سان ناهه .

خاڪ سان بيشڪ ڏسِي سگهجي ٿِي خاڪ ،

پاڪ سان گهرجي ڏسڻ، ٿيو جيڪو پاڪ .

 

126.نفس شيطانن جي کاڻ

ٿو اچي شيطان، ٿين جڏهن تون تيار ،

تو ۾ ٿيا شيطان جا چيلا هزار .

نفس جِي خواهش جي هڪ پوري ڪرين ،

سَوء ٿين شيطان پيدا تو ۾ يار !

 

127.ايڪائي ۽ دوئي

هوئي دوئي[1] جيسين ، وڌي ٿي مُشرڪي ،

جڏهن دوئي نڪري، اچي توحيد[2] ٿِي .

حق ۾ تون گم ٿي، آهي توحيد ايءَ ؛

”گم ٿيڻ“ گم ڪر، آهي تفريد[3] ايءَ .

 

128.دنيا جون خالي ۽ ڀريل جايون

قيد خانا بند آهن رات ڏينهن ،

پر سدا ماڻهن سان سي آهن ڀريل .

۽ عبادت خانا خالي ٿارهن،

گرچھ تن جا رات ڏينهن ٿا در کليل .

 

129.درياهه اندر ۾

اُڃ ۾، دريا کان جدائي ڇو ڪرين ؟

گنج تي بيهي، گدائي ڇو ڪرين ؟

ٿيو اُهو دريا اصل تو کان نھ دُور ،

گنج جي دَر کي نه ڪُنجيءَ جو ضرور .

 

130.دل جي همت جي تعريف

جيڪو پَر َ همّت جا پنهنجي لاءِ رکي ،

سو اڏامي نيٺ، عنقا کي رسي .

مَکِ کي جي همّت سندا شهپر هجن ،

فرق ڪو سيمرغ ۽ اُن ۾ نھ ڪن .

دل جي همّت جي رهي قائم سدا ،

هيڏڙو مڇر بھ آخر ٿئي هُما !

جي جهلي همّت، نگهباني ڪري ،

ننڍڙي ماڪوڙي سليماني ڪري.

 

131.نماڻائيءَ جو تعريف

پاڪ سجدي ۽ وضوء  لاءِ آهي خاڪ ،

هيٺ پرن جي پَئي، ٿي آهي پاڪ .

جي ڦٽي ڪو وڌ چُمڻ سان پنهنجا پير ،

ان ڪري، ان سان رکين جيڪر نھ وير !

ٿي نماڻي، خاڪ ٿي تو کان ڀلي ،

خاڪ تنهنجي سر تي پَئِي ان کان ڀلي .

 

132.هڪڙو نقطو ڇا ٿو ڪري

هڪڙو نقطو ٿو وجهي معنى ۾ ڦير ،

تون سنڀالج اَي ادا ڪاتب ! سوير .

ڇا مٿي، ڇا هيٺ، اُن مان خوف آهه ،

ڌيان ڪر ، نھ تھ اُن مان ٻريندين تون باهه .

وصف ٿي خاوند جي آهي رحيم ،

وصف ٿي شيطان جي آهي رجيم .

خلق هڪ جو نالو، عزت سان وٺي .

۽ ٻئي جو نالو لعنت سان وٺي ،

تيئن وري نقطو، وڏي حرڪت ڪري،

ڏس تھ رحمت کي ڪري زحمت وجهي .

هڪڙي جنّت ۾ ملي ٿو مومنن ،

ٻي جهنّم ۾ ملي ٿي ڪافرن .

فرق ڪيڏو ٿيو ٻنهي جي وچ ۾ يار !

تون لِکڻ ۾ رکج نقطن جي سنڀار .

 

133.يوسف ۽ نوح، اڄ بھ موجود

يوسفتان آهي جڳ سارو اڃا،

جي هجن ڪنهن وٽ زليخائي اکيون .

پڻ اکين ۾ نوح جو آهي تنور ،

جهَٽ اُ ٿار ِن ڪنهن گهڙيءَ طوفان ٿيون .

 

134.راڳ جو اثر

راڳ جو آهي چڱو، بڇڙو اثر ،

منحصر ٻڌندڙ تي ٿيو_ ماڻهو يا خر !

جي حقيقت کي ڇڪي ٻڌندڙ هلي،

سيرُ مَلَڪن کان مٿي ان جو ٿئي .

پر جي ٻڌندڙ شهو تي آهي شرير ،

ٿو چڙهِي شيطان جو سو ٿئي وزير .

 

135.خلوت ۽ قناعت

 مفلس آهيان، ڪوٺڙيءَ ۾ ٿو رهان ،

اُن ۾ ڏينڀوءَ جان رهي حلوو ٿو کان .

نانگ وانگي ٿيو خزانو منهنجي هيٺ ،

هڪڙي مانيءَ سان رهي ٿِي منهنجي ڏيٺ .

 

136.خدا جي مدد

منهنجي ٻيڙي ڇو ڊڄي طوفان کان ؟

ناخدا جڏهن منهنجو آهي نوح پاڻ .

نانگ مون کي ڇا ڪندا ضحّاڪ جا؟

جڏهن فريدون آهي گاوه سوڌو ساڻ .

 

137.دَهريءَ جي تعريف

تون نھ چئو دهريءَ کي ڪافر اي ادا !

دهري خود عابد خدا جوٿيو سدا .

جيڪي گذريا انبيا ۽ اوليا،

علم وارا ٻيا بھ سڀ دهري ٿيا .

دهر، طوفان اڳ ڏنو هو نوح کي،

باهه کي ڪيئين باغ ابراهيم تي .

دهر،احمد سان ڀلائي ڪئي گهڻي،

دهر کي پنهنجو چيو آهي ڌڻي .

دهر ڏئي ٿو انبيا کي سئو ڪمال ،

دهر ڏئي ٿو اوليا کي سئو جمال.

ڪامل آهن، دهر جا دانا سڀئي ،

عارف آهن، دهر جا بيِنا سڀئي .

دهر آهي وقت ۽ مظهر عظيم ،

وقت ضايع ڪر نھ اي دانا حڪيم !

کَلّمو ُ النّاس[4] اشارت دهر جي ،

لَو بَسطَ پڻ ٿي بشارت دهر جي .

حق جي اسمن مان هجي ها جي نھ دهر ،

مصطفا اُن تي ڪري ها ڪين مِهر .

حق تعالى آهي چيو آءٌ آهيان دهر ،

خود خدا آهي اصل دهر ۽ سپهر .

لا َتَسَبّو الد ِهّر[5] فرمايو رسول،

سڀ کي ايءَ  قدسي حديث[6] آهي قبول .

مظهر ۽ ظاهر ڏسين جي ٻئي تون هڪ ،

لاءِ ڄاڻڻ دهر جي ڳُجهه، نون نھ سڪُ .

 

138.حسن ۽ عشق

حسن چئي : عالم هي منهنجو عڪس ٿيو ،

عشق چئي : تون آهين، عالم ناهي ڪو .

حسن چئي : ڪو ڪو نھ تو کي ڏسي ،

عشق چئي : ٻاڻئي ڏسين تون پاڻ کي.

139.ابن الوقت ٿيءَ

گذريو  ۽ آئندو سڀ معدوم آهه ،

هڪڙو هيءُ پل حال جو معلوم آهه .

تنهن ڪري اي يار ! ابن الوقت ٿي ،

هڪڙو پل پڻ ٿي نھ غافل ، اي سخي !

تون غنيمت ڄاڻ پنهنجو هر پساهه ،

منحصر ٿيو هڪ پساهيءَ تي بھ ساهه .

 

140.پاڻ سڃاڻ، تھ خدا سڃاڻين

پاڻ آهيون پنهنجا طالب سو بَسو ُ ،

ذڪر ڳيري جان ڪريون پيا ڪو ُ ۽ ڪو ُ .

اُٿندي وهندي ٿا خدا چئون ۽ خدا ،

پاڻ کي پيا ٿا سڏيون خود جا بجا .

منجهه خدا، ظاهر ندا جو الف آهه ،

ٿيو خدا  ايءُ خود ، نھ ٿيو اِيءُ اَي اَلاهه !

جي سڃاتئي نفس پنهنجو اي ادا !

پاڻ کي ڪيو حق جو عارف تو سدا .

پنهنجو عارف ٿيءُ جو چيو ٿن ”مَن عَرف“ ،

پاڻ کي لهه ، پاڻ کي ڪر بر طرف .

141.خاطر، وحي يا رسول آهي

جيڪي خاطر ۾ ڪري تنهنجي خطور[7]،

سو  حضور آهي  بلاشڪ يا فُتور [8].

سو رسول آهي، جو حق کان ٿو رسي ،

ڄاڻ تون پڪ، فيض مطلق ٿو رسي .

جڏهن خواطر[9] تنهنجا ٿيا حق جا رسول ،

تڏهن خوشيءَ سان ڪر سڀن کي تون قبول .

 

142.روح جي سڃاڻپ

روح کي پورو سڃاڻن خود شناس ،

پر حقيقت اُن جي ظاهر ڪن نھ راس .

منجهه حقيقت ، صورت اُو رحمان جي ،

منجهه مثل، معنى اُو انسان جي .

روح کي، انسان جي معنى تون ڄاڻ ،

روح جي معنى، وري حق کي سڃاڻ .

روح، مخلوق آهي پر خالق نُما،

ابتدا ٿَس، پر ٿيو بي انتها .

جيڪو مخلوق آهي سو هالِڪ ٿيو ،

روح هالڪ ناهي پر مالڪ ٿيو .

 

143.پاڻ کي وسارڻ چڱو

پاڻ کي ويجهو ٿيس آءٌ، بلڪ گڏ ،

پاڻ کي جڏهن پاڻ کان ڄاتم جدا .

سمجهيو بيگانو جڏهن مون پاڻ کي ،

پاڻ سان تڏهن ٿيس آءٌ آشنا .

 

144.دنيا ۾ ڏک ۽ سک گڏ آهي

ڏک سان سک گڏ، نامراديءَ سان مراد ،

نيش سان گڏ نوش، بيداديءَ سان داد .

گنج جي ڳولي، ڏَنگي ان کي ٿو مار ،

گل ڇنِي جيڪو، لڳي ان کي ٿو خار .

 

145.سلوڪ ۾ مرشد ۽ هاديءَ جي ضرورت

 هڪڙو عارف باغ ۾ ويو سير لاءِ ،

سير حق جي لاءِ، نھ ويو هو غير لاءِ .

غير تِي ناهي نظر ، تا سير آهه ،

غير تي جي ٿِي نظر، تا سير ناهه .

سير ڪهڙو دل جو آوارو ڪندو ؟

ڪيئن نظارو سو ڪندو، جو ٿيو انڌو؟

ري حقيقت ڪهڙي ڪم جو ٿيو مجاز ؟

مغزري کَلَ ، تَهه بھ تهه ٿيو، جيئن پياز .

ٿئي محقّق لاءِ بيجان جاندار ،

رنگ ڏسي اُن جا، ٻُڌي اُن جا آچار .

باغ ۾ عارف وڃي بيٺو جڏهن،

 مَحو حق ۾ هوش ان جو ٿيو تڏهن .

اوچتو هڪ وڻ جو پاڇو ان ڏٺو ،

وڻ کي اُ ت اُن ٿي مخاطب ، هيئن چيو :

عمر گهاري تو سان  مون اي نيڪبخت !

پر رکيو تو مون  تي آهي بند سخت .

مون گذاريو ٻانهوٿي پي تو اڳيان،

پيو قد مبوسي ڪري تو کي ڦران .

منهنجا هٿ دامن ۾ تنهنجي ٿيا لڳل،

تنهنجي منهن تي ٿيو اکيون منهنجون کتُل .

نور سڄ جو تو تي پئي ٿو بي حجاب،

فيض ان جو توکي حاصل ٿئي شتاب .

سارو ڏينهن سڄ جو ڪرين ديدار تون ،

مون کي پڻ هڪ لحظو سو ڏيکار تون .

تا ذرو من فيض جو حاصل ڪريان !

۽ ڏسڻ اُن جي لقا جو دم ڀريان .

هي ٻڌي، پاڇي کي وڻ ورندي ڏني ،

سَڌ اها تنهنجي اندر ۾ ڪيئن اُٿي ؟

ڏس، رياضت ۾ گذاري مون ڄمار ،

رات ڏينهن هڪ ٽنگ تي بيٺس استوار .

پاسو ڌرتيءَ تي نه مون کوڙيو ڪڏهن .

منهن عبادت کان نه مون موڙيو ڪڏهن.

منهنجي هڪ هڪ پن ۾ راز آهن عجب،

ٿو پرهان دفتر اُهي آءُ روزو شب.

تڏهن ٿيو مس فيض ايءَحاصل مون کي،

نورپئي شمسِي ۽ قمري مون مٿي.

تون سدا آهين سُتو پيو، سست ٿي ،

ننڊ توکي نت رهي غفلت سندي .

ڪيئن ڏسي سگهندين تون سج کي اي خسيس!

ڪيئن ڪرين ان حال ۾ مون ساڻ ريس؟

جڏهن وٺين منهنجو وسيلو واسطو ،

تڏهن ٿئي تنهنجو ڪو سج سان رابطو،

پاڇو تون منهنجو، نه تو کي فرع اصل ،

مون کان توکي قرب، بعد ۽ وصل، فصل .

توکي اصلي ڪونڪو آهي وجود .

مون منجهان تنهنجو ٿيو بوڊ ۽ نمود .

تڙِڪو جو تو تي ذرو پرزو اچي .

ڄا ڻ پڪ، سو مون منجهان ٿِي ٿو اچي ،

مون بنا سج توتي ٿئي جي جلوه گر،

تنهنجي هستي نيست ٿي پئي سربسر .

تون جڏهن ڪي ڪين آهين، ڇو پڇين ؟

رهندين بي حاصل، جي پڻ واصل هجين .

نيست آهين، هست تنهنجو ٿيو مجاز ،

ڪر انهيءَ هستيءَ مجازيءَ تي نھ ناز .

نيست مان منهنجي وسيلي هست ٿئين ،

ڪيئن تڏهن ان هست تي تون مست ٿئين ؟

پاڻ کي پهرين اي پاڇا ! تون سڃاڻ ،

پوءِ مٿا هڻ سج جي تون ديدار ڪاڻ .

پاڻ ڄاڻين معرفت منهنجي جڏهن ،

 سج ڏسين پڻ،  معرفت منهنجي تڏهن .

ٿي حقيقت لاءِ گهر جي معرفت ،

معرفت ملندي ڪٿان، ري مصلحت ؟

مصلحت آهي، هدايت ۾ ضرور ،

معرفت هاديءَ جي، حاصل ٿئي ٿو نور .

انبّيا ۽ اوليا هادي ٿيا ،

پير، مرشد ٿا ڏسن راه هدى .

وڻ اُهي آهن، اوهين پاڇا سندن ،

حق آهي سج ، جو سدا چمڪي مٿن .

اَئين وٺو دامن انهن جي دوستو !

تا وڃي آخر اوهين حق کي رسو .

ٿيو ”فنا في الشيخ “، پوءِ ٿيو في الرسول ،

پوءِ فنا في الله “ ٿيو ، تا پَئو قبول .

 

146.پاڇي ۽ آهَه جي سنگت

پاڇو منهنجو آهي همدم هم قدم ،

آهَه منهنجي هم پيالھ همنشين .

پاڇو منهنجو قرتھ العين نور چشم ،

آهه منهنجي، راحت جان ِ حزين .

دوست دنيا ۾ نھ ڪو مون کي مليو ،

پاڇي توڙي آهه جهڙو باليقين .

پاڇو مون مڙسن منجهان چونڊي ڪڍيو ،

آهه زالن مان، ٿيس پنهنجو امين .

آهه مون کي نَئِي ڪڍي تا آسمان ،

پاڇو مون کي ٿو سمهاري بر زمين .

 

147.دولت ۽ همّت مخالف

جنهن کي آهي مال، همّت ان کي ناهه ،

 همت آهي جنهن کي، ناهي ان کي مال .

دولت ۽ همت مخالف ٿيون ٻئي ،

گڏ رهڻ همت جو دولت سان محال .

جيئن ٻھ ڀيڻون شرع ۾ آهن حرام ،

تن جو ٿيو دنيا ۽ عقبى جو مثال .

 

148.آواز جي حڪمت

آهي حڪمت هڪ رکيل آواز ۾ ،

زير بم سان نڪري جو هر ساز ۾ .

جي اُهو اسرار ظاهر ٿي پوي،

سَڀڪنهين کي ان کان حيراني لڳي .

ٻُڌ سبب آواز جو ڇا آهي اصل ؟

آهي سو يا وصل ٻن جو، يا تھ فصل .

”وصل“، گڏجڻ ٻن شين جي کي چون ،

”فصل“، جڏهن هڪ مان ٻھ ڀاڱا ٿي پون .

هاڻ، هڪ هڪ جو ڏيان تو کي مثال ،

تا ٿئي معلوم تو کي تِن جو حال .

فصل ٿيو ڪاغذ جو ڦاٽڻ اي ادا !

يا ڀڄڻ اکروٽ، باداميءَ جو يا .

پهڻ يا ڪاٺي يا ٻي شئي جا ڀڄي،

سا جدائيءَ کان سدا دانهون ڪري .

ڄڻ وڇوڙي کان ڪري فرياد سا ،

منجهه فراق عاشق رهي ٿو جيئن، ادا !

جيئن ڪ نڙ لئھ مثنويءَ ۾ ٿي سَند ،

” از جدائيها شکايت ميکند“[10].

وصل ٿيو، جڏهن هڪڙو هٿ ٻئي کي لڳي ،

ٿئي تڏهن آواز، تاڙي ٿي وڄي .

يا نغاري تي لڳي ڏونڪو جڏهن ،

يا وڄائي ساز کي ڪو ٿو جڏهن .

وصل توڙي فصل لاءِ فاعل ضرور ،

جو ملائي، يا ڪري هڪٻئي کان دور .

تڏهن ٿئي آواز پيدا اُن منجهان ،

نھ تھ رکيا مَر سي هجن جيئن اصل کان .

وصل فصل، آواز جو آهي سبب ،

پر مسبّب آهي ٻيو ، ڪونهي عجب .

سڀني سببن جو سبب آهي خدا ،

سو مسبّب ٿيو حقيقي، اي ادا !

ذرّو ” لا َيتحَر ّڪ“ آهي اصل جو ،

ڪيئن چُري ” اِلا ّ بِاذن الله“ سو؟

 

149.ڏڪار جي سختي

ٿيو  ڏُڪر اهڙو، جو ماڻهن ۽ مِرُن ،

بُک کان راتو ڏينهن پي کاڌا وڪڙ .

خشڪ ٿيون نهرون ۽ ٿي ويا مينهن بند ،

سوڪَ پوکن ۾، ۽ باغن ۾ لَڪَڙ .

پڻ مڪڙ آيا ۽ سڀ ساوڪ ٿِي ناس ،

باغ مڪڙن کاڌا، ۽ ماڻهن مڪڙ .

 

150.رند لاهوتي

رند لاهوتي، ٿين جڏهن مَي پرست ،

ٿا ٿين سي نار جي رينگٽ تي مست .

نار وانگي ٿا ڦرن ۽ ٿا نچن ،

نار وانگي ٿا  رئُن ۽ رڙن .

کِل نھ تن تي، هُو رهن حيران ٿا ،

ٿيا سي مستغرق، هڻن هٿ پير پيا .


[1]  هيڪڙائيءَ جو ضد، ٻه ڀائڻ

[2]  الله جي هيڪڙائي

[3]  اڪي ۽ اڪيلائي.

[4]  حديث ڪلمو الناس عليٰ قدر عقو لهم يعني ماڻهن سان سندن سمجهه آهر ڳالهايو.

[5]  حديث دهر کي گهٽ وڌ نه ڳالهايو

[6]  اها حديث جا الله تعاليٰ جو ڪلام آهي، ۽ ان کي رسول ڪريم بيان ڪيو اهي، فرق اهو آهي ته قرآن ۾ درج نه آهي.

[7]  سالڪ جي دل تي ايندڙ خطرا ۽ خيال

[8]  ڀل چڪ ۽ بدخيالي

[9]  ’خاطر‘ جو جمع

[10]  جدائيءَ کان شڪايت ڪري ٿي (مثنوي)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org