سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: چُهنڊڙيون

باب --

صفحو :5

 

 

1965ع

 

 

•

ٿئي ٿي وصل مان حاصل جدائي،

جدائي مان ميسّر وصلِ دلبر.

محبّت ئي فقط سرمايه زيست

محبّت زندگي جو آهه زيور.

7 جنوري 1965ع

لاهور

 

 

1967ع

 

 

•

سياست گندگي ۾ وئي بدلجي،

دغابازي سوا ٻيو ڪجهه به ڪونهي.

هتي دنيا ۽ عقبيٰ ٻئي وڃن ٿيون،

سو ڄاڻي ٿو خدا ٻيو ڪجهه به ڪونهي.

17 آڪٽوبر 1967ع

لاهور

•

رڳي ڄاڙي هڻ ۾ کوٽو کڙڪو

رڳي بڪ بڪ ڪرڻ جو ڪوڙو ڪڙکو

ته ڇو هڻجن ڀلا ڊاڙون ٻٽاڪون

سهي سگهجي نه جي هڪڙو به دڙڪو.

17 آڪٽوبر 1967ع

لاهور

•

ڪٿي واعظ ڪٿي رندن جون رمزون،

ڪٿي خيرات جو ڀت ڪٿ م ناب.

ڪٿي مسجد ۾ ڌوڪو ڪوڙ رشوت،

ڪٿي ميخاني جو مشروب ۽ آب.

22 سيپٽمبر 1967ع

حيدرآباد

 

 

1968ع

 

•

زباني زخم ڪئين ملندائي رهندا،

مٿن مرهم پٽيون ٿينديون ئي رهنديون.

وسارڻ بعد ئي منزل تي پڄبو،

اهي کاريون کٽيون ٿينديون ئي رهنديون.

1 جون 1968ع

اسلام آباد

•

ٻڌو اڄ هي عجب لٽڪو ۽ چٽڪو،

رڳو اڄ ملڪ ۾ سينڊل جو سٽڪو.

حڪومت آهه عورت جي اچي وئي،

۽ خاوند جي ڳچي ۾ آهي پٽڪو.

3 جون 1968ع

پشاور

•

هئا جي چاءِ جا پلپل پياسي،

سي پي پي ڳڙ ٿيا بيحد اداسي.

سوا شڪرّ پيڻ جي ڏيِن ٿا سي،

اٻاسي تي اٻاسي تي اٻاسي.

28 آڪٽوبر 1968ع

هالا

 

•

اسان اڄ جي حڪومت آزمائي،

نتيجي ۾ فقط هي ڳالهه آئي.

غريبن وٽ رڳو اوطاقي ڳڙخان،

اميرن جي گهرن ۾ کنڊ ٻائي.

28 آڪٽوبر 1968ع

هالا

•

محبّت واري ڏي وٺ ڪانه آهي،

ٿيو معشوق و عاشق جو اهو حال.

هي سستو سنهجو سٺڙو آهه سودو،

ملي ٿو مال جي بدلي ۾ اڄ مال.

1 نومبر 1968ع

اسلام آباد

•

جهان ۾ انقلاب ئي ايندا رهندا،

ڪي آيا، ايندا ۽ ڪي ويندا رهندا.

جي نسبندي جي ٿي ناڪاميابي،

ته پوءِ اٺ پير ويڙهائيندا رهندا.

1 نومبر 1968ع

اسلام آباد

 

•

خوشا قسمت جو نسبندي ٿئي پئي،

حڪومت جي ظفر مندي ٿئي پئي.

مشيّت ايزدي شايد اها هئي،

جو اڳ بندو هو سا بندي ٿئي پئي.

1 نومبر 1968ع

اسلام آباد

•

صدارت کي امامت ڪو نه چئبو،

حڪومت کي خلافت ڪونه چئبو.

اها ڪا ڳالهه ئي ٻي آهه يارو،

سياست کي صداقت ڪونه چئبو.

2 نومبر 1968ع

اسلام آباد

•

ملوڪيّت خلافت ڪا نه چئبي،

ڪسافت جينءَ لطافت ڪانه چئبي.

رڳي وڏماڻهپي ڪا شئي نه آهي،

اها بدعت امامت ڪانه چئبي.

2 نومبر 1968ع

اسلام آباد

 

•

ڏيڻ گاريون فصاحت ڪانه چئبي،

چوڻ گهٽ وڌ بلاغت ڪانه چئبي.

هجي جيڪا وڏن ماڻهن جي لءِ وقف،

محبّت سا محبّت ڪانه چئبي.

2 نومبر 1968ع

اسلام آباد

•

ٻُڌين ٿو، ڪن ڏئي ٻڌ، جئين اي مُلاّ،

ڪرڻ آسان آهن، هَلاّ گُلاّ.

رڳي چوڙڻ ته ڪو مشڪل نه آهي،

ڪراجمنيون تڏا توريون مُصلاّ.

4 نومبر 1968ع

اسلام آباد

•

ڳڻڻ پيسا پدم آسان آهن،

مگر پيدا ڪرڻ هڪڙو به مشڪل.

پگهر ۽ رت گڏي محنت ڪرڻ سان،

ٿيو سولي وڃي هرڪائي منزل.

4 نومبر 1968ع

اسلام آباد

 

•

جوانيون ۽ شباب ايندائي رهندا،

جوابن جا جواب ايندائي رهندا.

شريفن جي خدا عزّت بچائي،

جهان ۾ انقلاب ايندائي رهندا.

10 نومبر 1968ع

هالا

•

اڄوڪن عورتن جو طول ۽ غرض،

انهي سان گڏ پيو انگ انگ سڃاڻي.

خبر جيڪا به آهي شوهرن کي،

اها درزي به ٿو اڄ خوب ڄاڻي.

19 نومبر 1968ع

ڪراچي

 

 

1969ع

 

 

•

جو فرعون آهه سو آخر ئي ويندو،

وري ميدان ۾ هو ڪونه ايندو.

ضرورت ڪجهه ڪرڻ جي ڪانه آهي،

سندس موسيٰ ئي خود پاڙون پٽيندو.

2 جنوري 1969ع

راولپنڊي

•

جو مسڪينن غريبن سان کهي ٿو،

گهڻي مدّت نه سو حاڪم رهي ٿو.

ڀلي وزرا و امرا سَوَ هجن پر،

فقط فرعون سان موسيٰ ٺهي ٿو.

2 جنوري 1969ع

راولپنڊي

(ايوب خان جي دور ۾ جنرل موسيٰ گورنر ون يونٽ هو.)

 

 

•

هزارين انقلاب ايندا ئي رهندا،

جوابن جا جواب ايندائي رهندا.

ڪي بي تعبير ڪي تعبير سان ختم،

دماغن ۾ ته خواب ايندائي رهندا.

25 مارچ 1969ع

ڪراچي

يحيٰ خان جي مارشل لا

جي پهرين رات

 

•

ڪهين مسڪين کي جام ڪم نه ايندي،

اها دولت به دولت ڪانه چئبي.

پرايو ڀتّ کائي پوءِ ڦاٽڻ،

قسم ربّ جو شهادت ڪانه چئبي.

8 ڊسمبر 1969ع

ڪراچي

 

 

1970ع

 

 

•

جهان ۾ ڪيئي نامي ۽ گرامي،

نظر ۾ رک حلالي ۽ حرامي.

مگر اخلاق پنهنجي کي نه ڇڏ جان،

نه هرگز ٿيج ”طالب“ انتقامي.

29 ڊسمبر1970ع

ڪراچي

•

ڪٿي در بند ميخانا ملن ٿا،

ڪٿي خالي به پيمانا ملن ٿا.

ڪٿي مستن جا گفتا روح پرور،

ڪٿي مهڻا ڪٿي طعنا ملن ٿا.

31 ڊسمبر 1970ع

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org