سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: چُهنڊڙيون

باب --

صفحو :2

چُهنڊڙيون

 

(قطعا) 

 

49-1948ع

 


 

 

 

•

اکيون هردم اداسي تنهنجي ڪارڻ

رهن پلپل پياسي تنهنجي ڪارڻ

هي طالبُ طالبُ الموليٰ بنائي

ڪيو سورن سنيا سي تنهنجي ڪارڻ

4 مئي 1948ع

 

•

 

جهان ۾ حسن سلطانِ محبّت

جنابِ عشق ٿيو جانِ محبّت

هو آهي گوهرِ ڪانِ محبّت

هي آهي شوڪت و شانِ محبّت

25 جون 1949ع


 

 

 

 

1952ع

 

 

•

نه آيو پر نه آيو پر نه آيو

مون سمجهيو ٿي قرار آيو ڪ آيو

رڙيون بلبل ڪري 12 مهينا

نهاري پئي بهار آيو ڪ آيو

28 جنوري 1952ع

ميرپور بٺورو

•

انهي کي شرمساري ٿيندي آخر

وري جو آزمايل آزمائي

اهو ناڪام ٿي دنيا ۾ رهندو

پرائي ڳالهه ۾ جو پير پائي

 

•

نجات اخروي تقوا سان ملندي

متان ڦاسين ڪڏهن آلائشن ۾

تون دنيا ساڻ گڏ عقبا به سينگار

گذارين تون متان آرائشن ۾


 

 

 

•

هُتان جنهن وقت ٿيندو آهي ڀَڀڪو

ڪندو تيرِ طعن سيني ۾ چَڀڪو

مِسز جهندم هڪل ڏئي آهي اٿندي

اتي بيهي نه سگهندو يار سڀڪو

 

•

ڪري تير زبان پئي دل خراشي

هي هلندي ڪيستائين بدمعاشي

اسان وٽ اڄ ڪٿي رزِق حلال آهه

اسان وٽ ڪاميابي آهي ئي راشي

 

•

ڪٿي آهي زماني ۾ محبّت

ڪنهين وٽ ڪنهنجي لءِ ناهي مروّت

رهي ڪنهنجي نه اڄ محفوظ عزّت

چڱائي ۽ چڱن جي آهي قلّت


 

 

 

•

رڳو خطبن پڙهڻ مان ڪونه ورندو

خطيبن ۾ عمل جو روح گهرجي

زباني ٻوڙ ۾ گهه جو نه صرفو

کپي فاتح نه هت مفتوح گهرجي

 

•

جو ناؤ نوش ۾ ئي محو آهي

انهي جي زيست زهر آلود سمجهو

ٿيو جو ناچ گهرجو اهل انسان

ته ان جي عاقبت محمود سمجهو

 

•

سڪونِ قلب ئي آرام چئبو

رڳو کائڻ پيئڻ ۾ ڇا رکيو آهه

طبيعت ۾ جي اطمينان ڪونهي

ته پوءِ خالي جيڻ ۾ ڇا رکيو آهه


 

 

 

•

چوڻ سولو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهه

ٿيڻ عاشق لءِ، ڪم ڪرڻا پون ٿا

نڀائڻ واسطي گهرجي ٿي طاقت

هتي سو سور غم چرڻا پون ٿا

 

•

اچڻ کان پوءِ جيڪا ڪانه ويندي

اها پوڙهپ ۽ ان جي ناتواني

وڃڻ کان پوءِ جا موٽي نه ايندي

سا آهي يار ديواني جواني

 

•

اهي چئبيون نه مومن جون نشانيون

ڊگهي ڏاڙهي پيل سرمو ۽ پڳڙي

عصا ڪن تائين ۽ ڀيڏن تي سلوار

اڳيان هر ويل ۾ ڍاڪو ۽ ڊڳڙي


 

 

 

•

پڙهيو جن علم ديني ۽ ٻڌي پڳ،

ڳڀي ماني جي لءِ محتاج آهن.

زماني ۾ انهن جو بول بالا،

جي مغرب جي جهان جا تاج آهن.

 

•

هي آهن ڄڻ ٻٻر کان ٻير گهرڻا،

وفائي جون اميدون بي وفا ۾.

محبّت بي محبّت وٽ ڪٿي آهه

وفا جي آهي ته به ان جي جفا ۾؟

 

•

رڳي ڏاڙهي ڊگهي سنّت نه چئبي،

مگر ان سان چڱي نيت به گهرجي.

محمّد جي ڪبي هر طرح تقليد،

اتي اعمال جي صحت به گهرجي.


 

 

 

•

منجهايو مذهبن ماڻهن کي بيحد،

جو اصلي علم اڄ موجود ناهي.

حقيقت ۾ ته مونجهارو به ڪونهي،

اڳيان قرآن ۽ اسلام آهي.

 

•

تون کائين آدمن جو ماس واعظ،

پيڻ ان کان ته مي جو جام بهتر.

رهي باقي نه لعن وطعن جو هوش،

اهو ساقي سندو انعام بهتر.

 

•

اڄ آفسون ئي دارالعشق آهن،

وڃڻ دلبر جي در بي سود بلڪل.

اتي معشوق عاشق گڏ رهن ٿا،

فراق و هجر ٿيا نابود بلڪل.


 

 

 

•

گهڻا ڀائر ته يوسف کي به هئا پر،

انهن ۾ ڀائپي جي هئي نه الفت.

گهڻن کان سوئي هڪڙو ڀاءُ برتر

هجي جنهن ۾ محبّت ۽ موّدت.

 

•

چون ٿا جنجي دل درياءُ آهي،

ڪڏهن اڏ تي به سهي بيهي رهن ٿا.

گهڻائي تنگدل انسان آهن،

جي ڪنهن دم بي ڌڙڪ دريا ٽپن ٿا.

 

•

وڃي تلخي ڇڏيو لذّت وڌي ٿي،

پراڻي جئن ٿئي مي تئن گهڻو ڪيف.

گهڻا ماڻهو پراڻا ٿي ڪڙا ٿين،

انهن جي آهي حالت تي ئي صد حيف.


 

 

 

•

ڏٺم دنيا اڃا تائين به بڪر آهي،

پڇيم آهين ڀلا تون ڇو ڪنواري.

چيئين مردن ته مون کي هٿ نه لاتو،

ٿئي نامرد سا ڪيئن قربداري.

 

•

کپن جرّت سان گڏ جذبات دل جا،

نه ايندو ڪم رڳو ظاهر جو ڦٿڪو.

ٿيڻ سرويچ دنيا ۾ ڏکيو آهه،

ڀڄن ٿا ڪيئن ٻڌي پيرن جو ٿڦڪو

 

•

اڃا عورت سڀئي حق ڪو نه ورتا،

جڏهن ورتئين ته سڀ مولا کي پرتا.

خبر پوندي جڏهن سو ڏينهن ايندو،

پوءِ ٿيندا سڀ جا ظاهر ڪرتا ڌرتا.


 

 

 

•

جڏهن ”وَرُ“ ٿيندي دنيا ۾ نياڻي،

تڏهن کان مڙس ٿيندو گهر ڌڃاڻي.

اهوئي دور ايندو نيٺ هڪ ڏينهن،

ڀريندو مرد ئي گهر جو پو پاڻي.

 

•

نه ظاهر دل جو ڪوئي راز ڪر تون،

مگر هر راز تي ڪو ناز ڪر تون.

ٿي طالبُ خانئه دل جو اي طالبَ،

ڀلي هفت آسمان پرواز ڪر تون.

1 رجب 136هه

هالا

 

 

1953ع

 

•

جفا تي تو سڄڻ هر دم جفا ڪئي

نه تنهنجي طبع مون ڪنهندم خفا ڪئي.

اميد آهي وري ملنداسين ٻيهر

حياتي جيڪڏهن دلبر وفا ڪئي.

 

•

زماني ۾ وڌي وئي بيوفائي،

محبّت ملڪ ۾ ئي ڪانه آهي.

چڱائي جو ته نالو ئي ٿيو گم،

سوا ان جي ڀلا ٻيو ڇا نه آهي.

 

•

 

اڳي هر ڪنهن کي ملندي مفت ۾ هئي،

محبّت رشوتن سان اڄ ملي ٿي.

خلوص ۽ نيڪ نيّت ٻيئي ڪافور،

اسان جي قوم تي دنيا کلي ٿي.


 

 

 

•

حقيقت ۾ اهو ماڻهو ننڍو آهه،

ننڍي هوندي ڪري جيڪو وڏائي.

ٿي ماڪوڙي هنيو جنهن شينهن سان دم،

انهي سمجهو ته پنهنجو ڪُر لڄائي.

 

•

وڏو سو جو بلند اخلاق آهي،

ڪٿي ئي ڪونه ٻئو مقبول ٿيندو

اهوئي سرفراز آهي جهان ۾،

سڀن آڏو جهڪي ويتر جو ويندو.

 

•

وڏو ماڻهو نه عُهدي ساڻ ٿيبو،

وڏائي جو سبب اخلاق آهي.

تڪبّر ذات تي جي ٿئو ته ڇا ٿئو،

عمل ري ڪنهن جي عزّت ڪابه ناهي.


 

 

 

•

خدا وٽ جبّه و دستار ڪجهه ناهه،

اتي ڌوتي ۽ ٻيو زنار ڪجهه ناهه.

وٽس نيّت چڱي جي ئي ضرورت،

رڳو صورت سان گڏ سينگار ڪجهه ناهي.

 

•

وڏو ماڻهو ڪوبي اخلاق آهي،

چڱو ان کان گهڻو ماڇي مهاڻو.

ڀلا جو اک ٻيائي جي رکي ٿو،

ٿئي بهتر انهي کان ڪوجهو ڪاڻو.

 

•

عمل ناهي ته سڀ ارڪان بيڪار،

فضول آهي مگر هر ڳالهه رسمي.

فقط وئو جسم ڪعبي ۾ ته ڇا ٿئو،

خدا جو سنهه رڳو دل حج ڪري ٿي.


 

 

 

•

 

رڳو محشر ۾ تو کان هي نه پڇندا،

ته دعوت جي تو سنّت ڇو نه پاري.

مگر چوندا خدا ڪرڻ ڏنئي ڪِي،

يا کائڻ ۾ حياتي تو گذاري.

 

•

اي واعظ ناس ڪينءَ ٻيڙي کان افضل،

ٻنهي جو اصل هڪ تمّاڪ آهي.

جا تون ٿو ڏين سان مسجد ۾ به جائز،

جا ٻاهر ٿا پين، ناپاڪ آهي.

 


 
 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org