سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: چُهنڊڙيون

باب --

صفحو :3

 

 

1954ع

 

 

•

اهو ڪهڙو ڀلا پڳدار چئبو،

ننڍن سان جو ڪري هردم وڏائي.

انهي کي ڪنهن طرح پيري نه سڏبو،

نه ڪا آهي اها ”مخدوم پائي“.

 

•

ڪٿي باقي رهي آهي شرافت،

لَڏي وئي ملڪ مان اڄڪلهه عنايت،

وڏن مان وئي جڏهن الفت ۽ شفقت،

تڏهن ناهي ننڍن ۾ ڪا اطاعت.

 

•

صد افسوس آهي الفت پئي وڪامي،

اسان جي ملڪ ۾ پت پئي وڪامي.

محبّت جو ادا ڪو قدر ڪونهي،

رُپي تي هاڻ عظمت پئي وڪامي.

 

 

•

گهڻا ڦاٿل رڳوئي ”لا الہ“ ۾،

هزارن مان ڪو اِلّاَ الله وارو.

رڳي هُو هُو چون ڪو آهه باهُو،

لکن مان ڪو رسول الله وارو.

 

•

اهو چئجي هجي جنهن تي عمل ڪجهه،

جي نه ته اُن کان ٿيڻ خاموش بهتر.

فقط بڪ بڪ ڪرڻ مان ڪي نه ورندو،

ڪچهري ۾ وهڻ خاموش بهتر.

 

•

وضو سان گڏ کپي دل پاڪ هردم،

رڳو هٿ پير ڌوئڻ ناهه مقصد.

عبادت سان چڱي مخفي ڪجي جا،

خدا راضي رکڻ ئي آهي مقصد.

 

 

•

تون ٻَڌ پرهيز گاري وارو احرام،

خدا جو گهر ته تنهنجي دل به آهي.

هُتي احرام ڪپڙي جو ٻَڌن ٿا،

هِتي احرام تقويٰ جو ڇا ناهي.

 

•

چوڻ ۾ ۽ ڪرڻ ۾ فرق بيحد،

ڪري سو قرب جو جنهن کي ئي ڪاڍو.

سدا خادم ٿيڻ ان کان به مشڪل،

رهڻ مخدوم ٿي دشوار ڏاڍو.

 

•

ته ٿيندا سِکَّ ئي آزاد اوّل،

جي وارن تي نجات اخروي آهه.

کپن هر وقت پنهنجا نيڪ اعمال،

سواتن جي ڇٽڻ جي واه ڪاناهه.

 

 

•

نه پي بيدرد جي هٿ جو به پاڻي،

چڱو ان کان ته آبِ شب يماني.

تون غيرن جي طعامن کان پري رهه،

نه ڇڏجئين پنهنجي گهر جي دال ماني.

 

•

چوڻ سولو ڪرڻ دشوار آهي،

ڪري سو جنهن کي دل ۾ پيار آهي.

سڏائي پاڻ کي هرڪو ٿو خادم،

نه خدمت لاءِ ڪو تيّار آهي.

 

•

اڳي اڳواڻ جي پويان هو هرڪو،

تڏهن منزل تي پڄندو ڪاروان هو.

جڏهن اڄ پنهنجي مُنهن سڀڪو هلي ٿو،

تڏهن کائي ٿو هرهڪ وک تي ڌوکو.

 

 

•

فقط ماڻهو ته منبر تي نه گهرجي،

ضرورت ماڻهپي جي آهه هردم.

ڏيڻ گاريون ته سڀ ڪنهن کي اچن ٿئون،

هتي زَخمن جي لءِ درڪار مرهم.

 

•

نظر باطن تي جنهن جي ڪانه آهي،

اها اک آدمي جي ڪانه چئبي.

جو ظاهر کي ڏسي سور جانور جئن،

طبيعت ان جي پو ڇا ڇا نه چئبي.

 

•

محبّت ۾ ستم سهڻا پون ٿا،

ٻيا سانگا سڀئي سٽڻا پون ٿا.

متان ڪو جلد بازي کان وٺي ڪم،

هتي رڪ جا چڻا چٻڻا پون ٿا.

 

 

•

خدا وٽ با عمل انسان پيارو،

لباسن تي نه ٿيندو ڇوٽڪارو.

ٿئي ٿي بي عمل جي گوش مالي،

ٽٽونءَ کي ٽارو تازي کي اشارو.

 

•

نه پڇجئين سور، تون سهڻا سمورا،

حياتي تائين ٿيندا ڪونه پورا.

نڀائڻ جي ڪبي محبوب هردم،

تون پنهنجي ۾ اسين پنهنجي ۾ پورا.

 

•

پڇا هرگز هي محشر ۾ نه ٿيندي،

سٿڻ ڀيڏي تي ڇو ته ڪانه پاتي.

مگر پڇندا ته تقويٰ ۾ گذاريئي،

يا پنهنجي دل تو دنيا ساڻ لاتي.

 

 

•

هُتي ڪانهي عمامي جي پڇا ڪا،

عبائون ۽ قبائون ڪم نه اينديون.

عمل ۽ نيڪ نيّت ئي کپن ٿا،

جي نه ته سڀ طاعتون برباد ٿينديون.

 

•

خدا کي سو سڃاڻي ڪونه سگهندو،

جو پنهنجي پاڻ کان ناآشنا آهه.

نه آهي جنهن کي پنهنجو قدر ڪوئي،

اهو چئبو وڏو ڪو بيوفا آهه.

 

•

 

اڪيلائي ۾ بي اخلاق جيڪو،

۽ ماڻهن جي اڳيان تهذيب وارو.

اهو هڪ قسم جو آهي منافق،

ٻڌڻ واري جي لءِ ڪافي اشارو.

 

 

•

نظر الله جي قلبن تي آهي،

هي ظاهر خال، خط آزار آهن.

جي سينگارين ته باطن پنهنجو سينگار،

ڦَڻِيون ڦوڪارا سڀ بيڪار آهن.

 

•

قسم الله جو سوئي مسلمان،

مڃيندو جو محمّد مصطفيٰؐ کي.

اهو هرگز مسلمان ڪونه آهي،

مڃي جيڪو فقط هڪڙي خدا کي.

 

•

ٿئي جيڪو به ٿو احسان فراموش،

انهي انسان کان ڪتّو ئي بهتر.

گلا جو جا هجي اوطاق مرڪز،

انهي کان ڀنگ جو ڀتّو ئي بهتر.

 

 

 

1955ع

 

 

•

خدا جو خوف جنهن جي دل ۾ آهي،

انهي کان خوف کائي ٿو زمانو.

جو باطِل کان ڊڄي حق ٿو ڇڏي ڏي،

اهو سمجهو ته آهي وائي آنو.

 

•

تميز خير و شر جنهن ۾ نه آهي،

انهي کي ڪينءَ ڀلا انسان چئبو.

بدي نيڪي جو جنهن وٽ فرق ڪونهي،

اهوئي آدمي شيطان چئبو.

 

•

وطن جي لءِ رڳو روئڻ سعادت،

زماني لاءِ گريو بدمعاشي.

اکيون حبّ وطن ۾ ٿيون نه آليون،

ته پوءِ چئبيون وزير آب پاشي.

 

 

•

فقط شادي سان مطلب ڪونه آهي،

ضرورت خانه آبادي جي سمجهو.

جي عورت آڻبي گهر عيش جي لءِ،

ته سا تحريڪ بربادي جي سمجهو.

 

•

فقط سجدو ريائي ڳٽ ڳچي جو،

قبول آهي اگر سجدو ڪِئو دل.

خدا پيشاني جاچي ڪانه ڏسندو،

ڏئو ان کي ڏئو ان کي ڏِئو دل.

 

•

ڪمال آهي هي مهانگائي جو اڄڪلهه،

ڪڏهن لاشو به محتاج ڪفن آهه.

مگر اڄ موج دولت مند لءِ ٿي،

جو ان جي پيٽ ۾ مسڪين دفن آهه.

 

 

•

يقين محڪم عمل پيهم نه آهي،

ڪهين کي قوم جو ڪو غم نه آهي.

سوين اسباب ٿيا زخمي ڪرڻ جا،

مگر موجود ڪو مرهم نه آهي.

 

•

زماني ۾ ڪٿي آهي وفائي،

متان آهين ڀليو هرگز ڏٽن تي،

چڱي بڇڙي جي ڪنهن ۾ سمجهه ڪانهي،

شرافت پيئي وڪجي اڄ هٽن تي.

 

•

زمانو سرڪشي ڏي اڄ وڌي ويو،

نه ڪنهنجو ڪٿ رهئو ڪو حال ڀائي.

ڪسر نفسي ڪنهين ۾ ڪانه آهي،

سڏائي خاصخيلي ٿو سرائي.

 

 

•

متان اڄ اعتبار ان تي ڪري ڪو،

پراوا ڪنهن طرح پنهنجا نه ٿيندا.

هو آهن پالڻا ناگن جا ٻچڙا،

وڏا ٿيندي ئي هڪدم کائي ويندا.

 

•

خدا حافظ نِڌڻڪن جوئي آهي،

زماني ۾ سفارش ئي هلي ٿي.

ڌِڪن ۾ اڄ غريباڻا سڀئي ٻار،

جوهر دفتر ۾ رشوت ئي ملي ٿي.

 

•

اڃا تائين ته موجن ۾ مزو آهه،

جي ساحل سان محبّت ٿي ته ڏسبو.

طبيعت پنهنجي اڄ مشڪل پسند آهه،

ڪا منزل سان محبّت ٿي ته ڏسبو.

 

 

•

اٿي ڪوڪر ثمر اڳتي جو راهي،

تون رهندين ڪيترو آلائشن ۾.

ڪرين ٿو ڇو نه پنهنجي پاڻ جي ڳَڻ،

گذارين پئو ٻين پيمائشن ۾.

 

•

ڪٿي اڄ آهه اسلامي قيادت،

ڪٿي اڄ آهه اصلوڪي امامت.

ڪٿي اڄ آهه بي مقصد محبّت،

ڪٿي اڄ آهه اشرافن جي عزّت.

 

•

تمنّائون ضرورت کان زياده،

خدا جو سُنهه وبال جان آهن.

رکڻ گهرجن هميشه خواهشتون گهٽ،

سدا خوش بي سر و سامان آهن.

 

 

•

گهڻا ڀائر ته يوسف کي به ها، پر،

انهن ۾ ڀائپي جي هئي نه الفت.

گهڻن کان سوئي هڪڙو ڀاءُ بهتر،

هجي جنهن ۾ محبّت ۽ مروّت.

 

•

نمڪپاشي جو موجوده طريقو،

ٿئي ٿو روز مرهم جي وسيلي.

ڪو پهچائي ٿو جي ڪنهن کي ڪا تڪليف،

ته سا ان جي ئي محرم جي وسيلي.

 

•

خدا ڪارڻ جي ڏاڍي دشمني آهه،

خدا ڪارڻ جي الفت ڪانه آهي.

خدا جو شان، پاڪستان ۾ اڄ،

محبّت کان سوا ٻيو ڇا نه آهي.

 

 

•

وڌي ويا ملڪ ۾ مذهب ۽ فرقا،

تڏهن فرقا ٿيا آهن تفرقا.

لباسن ۾ ڍڪيا اڄ دين و ملّت،

رهيا باقي وڃي خرقا ۽ سرقا.

 

•

ڪڏهن پنهنجا به بيگانا ٿين ٿا،

ڪڏهن دانا به ديوانا ٿين ٿا.

ڪڏهن ساقي به ٿي پئي ٿو تهي دست،

ڪڏهن خالي به پيمانا ٿين ٿا.

 

•

ننڍن سان ٿي ننڍو هلڻو ئي پوندو،

اڄوڪو پٽ سڀاڻي ٿيندو بابو.

زماني جي عجيب آهي هي فطرت،

هتي هر وقت جو ڏاڍو سو گابو.

 

 

•

مرڻ کان پو پيا ورسيون ملهائن،

جيڻ جي وقت ڪنهنجي ڪا پڇا ناهه.

حياتي ۾ ته ڪنهن جو قدر ڪونهي،

اسان جي قوم اڃا مردهه پرست آهي.

 

•

ڪٿي تاريڪ شاهن جا شبستان،

ڪٿي پر نور خسخانا به آهن.

ڪٿي خود قلب ئي ڪعبا ٿين ٿا،

ته ڪن جي دل ۾ بتخانا به آهن.

 

•

ڪٿي پئا کيڏجن خوني ڊراما،

ڪٿي عشق و محبّت جا فسانا.

ڪٿي ساغر تي ساغر جو به دور آهه،

ڪٿي بتخانا ۽ ڪٿ ڀوتخانا.

 

 

•

سوا بارود جي بندوق بيڪار،

انهي کان ڪاٺ جو ڌڪّو ئي بهتر.

ڀلا رشوت جي روزي ڪهڙي چئبي،

تهين کان ڀنگ جو ڀتّو ئي بهتر.

 

•

خدا کي گوشت جي ڪانهي ضرورت،

اتي هڏ پوسٽ جي ڪانهي ضرورت.

هُتي گهر جي ٿو قرباني جو جذبو،

زباني دوست جي ڪانهي ضرورت.

شّوال عيد ڏينهن

 

•

اسانجو يار جي ياري سان ڪم آهه،

فقط پنهنجي وفاداري سان ڪم آهه.

اسين سودو زيان کان آهيون بالا،

اسان جو ڇا کٽِي هاري سان ڪم آهه.

 

 

•

ڏجي جاهل کي هردم وٽ تي وٽ،

جي نه ته آخر هڻي وٺندو ڪڏهن جهٽ.

اُهي ٻيئي ٻڌل هردم ٿا سونهن،

زماني ۾ هميشه ڄٽ ۽ ڦٽ.

 

•

اسان کي پاڻ کان ئي بي خيالي،

ته ڪينءَ دلبر ڏي وڃبو ٿي سوالي.

اسين ڪنهن کي سڃاڻو ۽ نه ڄاڻو،

اسان مستن جو مشرب لا ابالي.

 

•

رهيا آهن وڃي هي يار باقي،

شراب و شاهد و ساغر ۽ ساقي.

ڪڏهن صحبت به آهي واعظن سان،

اهي آهن امور اتّفاقي.

 

 

•

جو خود هو پاڻ ئي گمراهه آهي،

اهو ڪنهنجي ڪندو ڪا رهنمائي.

خدا تي ڀروسو رکبو هميشه،

ته سو پاڻهي ڪندو مشڪل ڪشائي.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org