[ 11 ]
مُلڪ
۾ اُن وقت ڇا پئي وهيو واپريو
]سياست
طرف منهنجي دلچسپي گهٽبي پي ويئي، جو اوچتو ”مسوري
ٺاهه“ جي رد ٿيڻ منهنجي اندر ۾ ٻيهر جوش ۽ خروش
پيدا ڪري ڇڏيو. – ايب لنڪن[
●
اُن وقت سڄي قوم هڪ عجيب ٻُڏتر ۾ مبتلا هئي. ڏاکڻين رياستن ۾
غلاميءَ جو رواج هو ۽ اُترين رياستن ۾ ٻانهپ، انهن
جي وڪري ۽ خريد ڪرڻ تي پابندي هئي. ائين سڄو ملڪ
ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو هو. آزاد ۽ غلام علائقا. اهي
ٻئي صفا غلامي (ٻانهپ) جي مسئلي تي پنهنجن خيالن ۾
بي حد انتها پسند هوندا هئا.
آمريڪي ’سول وار (گهرو ويڙهه)‘ کان چاليهه سال پهرين جو
زمانو عجيب ڇڪتاڻ جو زمانو هو. ان سڄي عرصي ۾ سڄي
قوم ڦوٽ، نفرت، ڪيني ۽ عداوت جي باهه ۾ جلندي رهي.
اُن وقت آمريڪي يونين يا وفاق ۾ ٻاويهه رياستون شامل هيون.
يارهن غلامي جون حامي ۽ يارهن ان جون مخالف. ايئن
حمايت ۽ مخالفت ۾ توازن قائم هو. 1820ع ۾ ان توازن
کي برقرار رکڻ جي لاءِ هڪ باهمي معاهدو ڪيو ويو
جنهن جي آڌار ”مين“ آمريڪي وفاق ۾ غلاميءَ جي
خاتمي جي حامي ۽ رياست ”مسوري“ ان جي مخالف جي
حيثيت سان شامل ڪيون ويون، ائين اهو توازن برقرار
رهيو.
ان ”مسوري معاهدي“ جو هڪ فقرو ”سڳورو
وچن“ سڏبو آهي. ان جي آڌار تي ٻنهي ڌرين اهو وچن ڪيو هو
ته ’لوزيان‘ جي علائقي ۾ جنهن کي اڃا رياست جي
حيثيت حاصل نه ٿي هئي، غلامي سدائين جي لاءِ ممنوع
قرار ڏني ويندي. غلامي جي حامي ۽ مخالف ٻنهي ڌرين
ان ”سڳوري وچن“ جي پابنديءَ جو وعدو ڪيو هو.
آمريڪا جي اترين ۽ ڏاکڻين رياستن ۾ غلامي جي مسئلي تي هونئن
به سخت اختلاف هئا. جنوري 1854ع ۾ اهي اختلاف اڃا
به شديد ٿي ويا. ٿيو هيئن ته سينيٽر اسٽيفن ڊگلس، سينٽ ۾ ”ڪينسس نيسراسڪا
ايڪٽ“ جي نالي سان هڪ بل پيش ڪيو، جنهن جو مقصد
”مسوري معاهدي“ جو خاتمو هو. ڊگلس سدائين غلاميءَ
جي زبردست علمبردارن مان رهيو هو ۽ هن هڪ ڀيري
سينٽ ۾ ٻيهر اهو مسئلو پيش ڪيو ته غلامي تي ڪيتري
حد تائين پابندي هڻي سگهجي ٿي. ان بل جي پيش ٿيندي
ئي سڄي ملڪ ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو.
ڊگلس جي رٿ تي ڪانگريس جي ٻنهي ايوانن ۾ مهينن تائين گرماگرم
بحث مباحثو ٿيندو رهيو. نيٺ اها رٿ منظور ڪئي وئي،
جنهن ۾ چيو ويو هو ته ڪينسس ۽ نيبراسڪا جي علائقن
کي جيڪي اُترين
حصي ۾ هئا، اهو اختيار ڏنو وڃي ته هو آمريڪي وفاق
۾ غلاميءَ جي حامي رياست جي حيثيت سان يا مخالف جي حيثيت سان شامل
ٿين.
لنڪن ۽ سندس حامين جو خيال هو ته ’مسوري معاهدي‘ موجب هڪ
ڀيرو اهو طئي ٿي چڪو
آهي
ته اُتريان حصا سدائين آزاد ۽ غلامي جا مخالف
خيال ڪيا ويندا. تنهنڪري هاڻ ”سڳوري وچن“ تان ڦري
انهن علائقن کي اهو اختيار ڏيڻ ته هو آزادي يا
غلامي جو فيصلو ڪن، اصولي طور تي غلط آهي.
ڪينسس جي علائقي ۾ غلامي جي حامين ۽ مخالفن ۾ زبردست ڇڪتاڻ
شروع ٿي ويئي. ٻئي ڌريون بند گاڏين ۽ گهوڙن تي
سوار ٿي چاقون ۽ بندوقن سان هٿياربند ٿي اندرين
علائقن ۾ پکڙجي ويا ۽ غلامي جي مسئلي تي مرڻ ۽
مارڻ جي لاءِ تيار ٿي ويا.
پر ڪينسس جي خوني واقعن ۽ جنگ کان پهرين سڄي ملڪ ۾ بحث ۽
مباحثي جي هڪ جنگ ڇڙي ويئي. لنڪن ان نازڪ موقعي تي
ماٺ ڪري ويهي نه سگهيو ۽ ان مسئلي تي پنهنجن خيالن
جو اظهار وڏي واڪي ڪرڻ شروع ڪري ڏنائين. پر خود
سندس وگ پارٽي ۾ اختلاف شروع ٿي ويا، تنهنڪري اها
پارٽي ختم ٿي ويئي ۽ جلد ئي هڪ نئين پارٽيءَ جنم
ورتو، جيڪا ريپبلڪن سڏرائڻ لڳي ۽ غلاميءَ جي سخت
خلاف هئي. لنڪن شرع شروع ۾ ان پارٽي ۾ شرڪت نه ڪئي
۽ ان کان ڌار رهيو.
1855ع ۾ هو آمريڪي سينيٽ جي چونڊن ۾ بيٺو پر الي نواءِ جي تڪ
سبب کيس 8 فيبروري 1855ع ۾ چونڊن ۾ شڪست ملي. هاڻ
لنڪن کي ان ڳالهه جو احساس ٿيڻ لڳو ته کيس چونڊن ۾
ڪاميابي ماڻڻي آهي ته ريپبلڪن پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ
گهرجي ۽ ائين هو ان اڻ وڻندڙ حالتن جو به تدارڪ
ڪري سگهندو، جنهن جي ڪري سڄي قوم متاثر پئي ٿئي.
29 مئي 1856ع تائين هو پنهنجي ذهن ۾ اهو فيصلو ڪري
چڪو هو ته کيس ڪهڙي سياسي پارٽيءَ جو ساٿ ڏيڻ
گهرجي ۽ ملڪي مسئلن جي باري ۾ سندس رايو ڪهڙو هئڻ
گهرجي؟
29 مئي 1856ع جو ڏينهن آمريڪي تاريخ ۾ سدائين ياد رکيو ويندو
ان ڏينهن بلومنگ ٽن ۾، الي نواءِ جي ريپبلڪن پارٽي
جو باقاعده مهورت ڪيو ويو.
اُن
ڏينهن لنڪن جيڪا تقرير ڪئي، اهو فن خطابت جو
شاهڪار چئي سگهجي ٿو. ان تقرير ٻڌندڙن کي پنهنجي
مَنڊ ۾ مُنڊي ڇڏيو. سڀني ڄڻ ساهه کڻڻ ئي وساري
ڇڏيو هو. اخباري نمائندا تقرير جا نوٽس وٺڻ وساري
ويٺا. سڄي ماحول کي لنڪن پنهنجي خطابت سان جادو
ڪري ڇڏيو. هو ڳالهائندو رهيو ۽ ماڻهو ٻڌندا رهيا.
بلي هرن ڊن، جيڪو ابراهام جي تقريرن جا خلاصه تيار ڪندو هو،
ٿوري دير ته هن ڪجهه لکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پوءِ هو
به پُرجوش خطابت، سگهارن دليلن ۽ بي مثل انداز
بيان ۾ ٻَڌجي ويو ۽ تقرير جو تت تيار ڪري نه
سگهيو. ڀلي هرن ڊن چوندو هو.
”مون مسٽر لنڪن جون سڀئي تقريرون ٻڌيون آهن ۽ اڪثر تقريرن جا
خلاصه تيار ڪيا آهن. بر بلومنگٽن جي تقرير سندس
خطابت جو شاهڪار هئي. سندس سگهارن دليلن، آتش
بياني ۽ بي مثل خطابت سندس حريفن کي به مَنڊي ڇڏيو. غلامي جي خلاف سندس دليل اڃا
تائين سياسي بنيادن تي قائم هئا. پر هاڻ هن انهيءَ
کي اخلاقي ۽ روحاني قدرن جي بنياد تي پرکيو. سندس
خلوص ۽ پنهنجي صحيح موقف جي يقين منجهس غضب جو جوش
۽ خروش ۽ بلا جي سگهه ڀري ڇڏي هئي. سندس قد ڇهه
فوٽ چار انچ هو پر بلومنگٽن جي اسٽيج تي هو ستن
فوٽن جو لڳي رهيو هو.“
ان تقرير جو ڪو مستند متن موجود نه آهي. پر اندازو لڳائي
سگهجي ٿو ته ان عظيم خطابت ۽ ان جي ڀرپور اثر جا
پڙاڏا سڄي الي نواءِ کان نڪري سڄي مشرقي علائقي ۾
ٻُرائجڻ لڳا. ٽن هفتن کان پوءِ فلاڊيلفيا ۾ آمريڪا
جي صدارتي چونڊن ۾ نامزدگيءَ جي لاءِ
’ري
پبلڪن نيشنل ڪنوينشن‘
ٿيو ۽ سڀني نمائندن هڪ سئو کن ووٽن سان لنڪن کي
نائب صدر جي عهدي لاءِ نامزد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
هاڻ گويا لنڪن جي لاءِ هڪ موقعو هو ته هو صدارتي
اميدوار جان سي فرمونٽ سان نائب صدر چونڊجي سگهي.
جيتوڻيڪ پوءِ لنڪن جي جاءِ تي نيوجرسي جي وليم اين
ڊيٽن کي نامزد ڪيو ويو. پر لنڪن جي لاءِ پهرين
نامزدگي به حيرت ۾ وجهندڙ ۽ غير متوقع هئي. جڏهن
کيس خبر پئي ته کيس هڪ سئو ڏهه ووٽ مليا آهن ته هو
حيران ٿي ويو. کيس يقين ئي نه پي آيو. هو چوڻ لڳو:
”جنهن لنڪن کي نامزد ڪيو ويو آهي، اهو آئون نه آهيان. مون کي
ياد ٿو پوي ته ميساچوسٽس
۾ هڪ ٻيو شخص لنڪن جي نالي سان آهي، ان کي نامزد
ڪيو ويو آهي.“
آمريڪي تاريخ جي پوءِ جي واقعن مان ان ڳالهه جي تصديق ٿئي ٿي
ته ان وقت نائب صدارت لاءِ لنڪن جي نامزدگي واپس
وٺڻ، خود لنڪن جي لاءِ سُٺي ثابت ٿي.
پهرين ته ان وقت ريپبلڪن پارٽي ايتري سگهاري نه هئي ۽ ان جي
ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهڻ ۽ هارائڻ جو وڏو جوکم هو.
تنهنڪري اهو ئي ٿيو ته صدارت جي نامزد اميدوار
فرمونٽ کي سندس ڊيموڪريٽڪ حريف جيمس بوشائن شڪست
ڏني ۽ ٻيو ته اهو آمريڪي تاريخ جو وڏو نازڪ دور
هو.
آمريڪا جون ڏاکڻيون رياستون غلاميءَ جون وڏيون حامي هيون ۽
ان سبب جي ڪري اهي سڀ فرمونٽ جون سخت مخالف هيون ۽
هنن اِها ڳالهه وڏي واڪي چئي هئي ته جي فرمونٽ
آمريڪا جو صدر چونڊجي ويو ته ڏکڻ جون سڀ رياستون
آمريڪي وفاق کان ڌار ٿي وينديون. اهو قدم آمريڪي
قوم جي لاءِ هڪ عظيم الميو هجي ها. غلاميءَ جون
مخالف اُتريون رياستون اڃا سوڌي ايتريون متحد نه
ٿيون هيون، جو هو ڏاکڻين رياستن کي سندن ڌمڪين جو
جواب ڏيئي سگهن. اهو ته اتفاق ئي هو، جو فرمونٽ کي
چونڊن ۾ شڪست ملي ۽ ڳالهه وڌيڪ نه بگڙي.
بوشائن جي آمريڪي صدارت جي ڪرسي تي ويهڻ کان ٻه ڏينهن پوءِ
آمريڪا جي سپريم ڪورٽ چيف
’جسٽس
راجر بي ٽني‘
جي سرواڻيءَ ۾ پنهنجو اهو مشهور فيصلو ”ڊرپڊ
اسڪاٽ“ نالي ٻڌايو. جنهن جي آڌار تي هڪ شيدي کي،
ڳوري نسل جي رهاڪو جي مقابلي ۾ ايترو حقير ۽ نيچ
قرار ڏنو ويو هو جو ڪنهن عدالت جي نظر ۾ ان کي
شهري نٿي مڃي سگهجيو.
ان فيصلي ٻرنديءَ تي تيل جو ڪم ڪيو ۽ اُترين رياستن ۾ غلامي
جي خلاف جذبن ۾ وڌيڪ شدت پيدا ڪري ڇڏي.
1858ع ۾ اسٽيفن ڊگلس جي رڪنيت جو ٻيو مدو ختم ٿي رهيو هو.
لنڪن هن ڀيري وڌيڪ گرمجوشيءَ سان چونڊ وڙهڻ جو
فيصلو ڪيو. هن ڀيري به سندس مقابلو ڊگلس سان ئي
هو، جيڪو جوڙتوڙ جو وڏو ماهر هو.
اسپرنگ فيلڊ ۾ 16 جون 1858ع ۾
’ري پبلڪن اسٽيٽ ڪنوينشن‘ ٿيو. ان ڪنوينشن ۾ لنڪن پنهنجي نامزدگي قبوليندي هڪ تقرير
ڪئي. ان تقرير بابت خود لنڪن جو خيال هو ته جيڪڏهن
تاريخ جي صفحن مان سندس سڀ خدمتون ڊاٺيون وڃن،
تڏهن به هو پنهنجي ان هڪ تقرير جي ڪري سدائين
جيئرو رهندو.
تاريخ ۾ اها تقرير ’هائوس ڊيوائڊڊ‘ جي نالي سان مشهور آهي.
ان تقرير ۾ لنڪن پنهنجي خيالن ۽ جذبن جو اظهار
اهڙي ته دليري، بي باڪي ۽ صاف گوئيءَ سان ڪيو جو
سندس سڀ دوست ڊڄي ويا ۽ هنن لنڪن کي منٿ ڪئي ته هو
پنهنجي لهجي ۾ نرمي پيدا ڪري ۽ ايتريون تکيون
ڳالهيون چوڻ مصلحت جي خلاف آهن. تنهنڪري اها تقرير
نه ڪر.
لنڪن جا سڀ دوست، ساٿي ۽ همدرد اُن ڳالهه تي زور ڀري رهيا
هئا. پر فقط ’بلي هرن ڊن‘ ان تقرير جي سگهه،
گيرائي ۽ گهرائيءَ جو صحيح اندازو لڳائي سگهيو ۽
هن ڄڻ الهامي انداز ۾ چيو:
”مسٽر لنڪن اوهان اکر به اکر اهائي تقرير ڪريو. هيءَ تقرير
اوهان کي آمريڪا جو صدر بڻائي ڇڏيندي.“
لنڪن جي ان تاريخي تقرير جو هڪ اقتباس هن ريت آهي.
”جنهن گهر ۾ خود ئي ڦيٽاڙو هجي، اهو گهر برباديءَ کان بچي نٿو سگهي. منهنجو ايمان آهي ته
اها حڪومت ايئن وڌي ويجهي نٿي سگهي ته اڌ ملڪ غلام
هجي ۽ اڌ آزاد.
آئون اهو نٿو چوان ته آمريڪي وفاق ختم ٿي ويندو. مون کي اها
به توقع ڪونهي ته هي گهر ڊهي پوندو. پر منهنجو اهو
ايمان آهي ته اها ورهاست ختم ٿي ويندي ۽ اهو نفاق
۽ ڦيٽاڙو باقي نه رهندو.“
انهن لفظن اُترين علائقن ۾ هڪ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو. انهن جون
همتون وڌي ويون پر ڏاکڻين رياستن ۾ ان تقرير جي
ڪري ڪاوڙ ۽ ڏک جي لهر ڊوڙي ويئي.
لنڪن جي سياسي حريف ڊگلس به موقعي مان فائدو ورتو ۽ لنڪن جي
تقرير ۽ ان جي جملن کي غلط انداز سان استعمال ڪيو
۽ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته لنڪن هاڻ گهرو
ويڙهه جي باهه کي وڌيڪ دُکائي رهيو آهي. ڊگلس
پنهنجن مقصدن جي حاصلات لاءِ سياسي ميدان ۾ هر چال
چلڻ جي لاءِ تيار هو. تنهنڪري لنڪن کان گهُر
ڪيائين ته ان نازڪ سياسي مسئلي تي صفائي سان
پنهنجي راءِ ڏي. ڊگلس ڄاتو ٿي ته لنڪن کان بازي
جيتڻ جي لاءِ کيس هر قسم جا وار ڪرڻا پوندا.
تنهنڪري هن ڪنهن به هيچ هٿڪنڊي استعمال ڪرڻ کان به
نه ڪيٻايو. کيس لنڪن جي صلاحيتن جي خبر هئي.
پهريون ڀيرو جڏهن ڊگلس لنڪن جي سينيٽ لاءِ نامزدگي
جي خبر ٻُڌي هئي ته هن چوي هو ”اسپرنگ فيلڊ جي سڄي
وگ پارٽي ۾ لنڪن کان وڌيڪ قابل، لائق ۽ ايماندار
ماڻهو ٻيو ڪو به نه آهي.“
چونڊن جي تياري جي لاءِ ڊگلس واپس ’الي نواءِ‘ موٽي آيو ۽
وڏي زور ۽ شور سان دورن جي تياري شروع ڪري ڇڏيون.
چونڊن جا دورا ڇا هئا. هڪ چڱو موچارو جلسو هوندو
هو. جنهن ۾ شان ۽ شوڪت جي نمائش هوندي هئي. ڪجهه
ماڻهو ته ڊگلس جي چرٻ زباني، خوش بياني ۽ تقرير جي
انداز کان گهڻو متاثر ٿيندا هئا ۽ ڪجهه وري ان
ڏيکاءُ کان متاثر ٿيندا هئا. ڊگلس جي زال به بي حد
شائسته، مهذب ۽ فيشن ايبل هئي. هن جي ڪپڙي لٽي ۽
وضع قطع جي الي نواءِ ته ڇا خود واشنگٽن ۾ به فيشن
ايبل حلقن ۾ وڏي هاڪَ هوندي هئي.
ڊگلس پنهنجي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ريل گاڏي جي هڪ بوگي مسواڙ
تي ورتي هئي، جنهن ۾ هو پنهنجي زال سان گڏ هڪ شهر
کان ٻي شهر ۽ هڪ وستيءَ کان ٻي وستيءَ تائين سفر
ڪندو هو. هن جي بوگي جي پويان هڪ ٻي کليل بوگي ۾
هڪ توپ رکيل هوندي هئي جنهن جو پتل اُس ۾ سون جيان
پيو چمڪندو هو. توپجي سدائين وردين ۾ رهندا هئا ۽
جنهن مهل ڊگلس جي گاڏي ڪنهن آبادي جي ڀرسان پهچندي
هئي ته توپ مان گولا ڇڏيا ويندا هئا. جيڪو ان
ڳالهه جو اعلان هوندو هو ته عظيم سياستدان ڊگلس
چونڊ مهم جي سلسلي ۾ تقرير ڪرڻ جي لاءِ پهچي ويو
آهي.
ان ئي گاڏي جي ڪنهن ٻي معمولي مسافرن جي بوگي ۾ سادي سودي ۽
ڊگهي قد جو سياستدان ايب لنڪن به موجود هوندو هو.
وٽس ايترو پئسو ڏوڪڙ ته نه هوندو هو جو ڊگلس جيان
ايڏو وڏو ڏيکاءُ ڪري سگهي ۽ نه ئي وري کيس ان جي
سَڌ ئي هئي.
ٻنهي اميدوارن جا سياسي نظريا ڌار ڌار هئا. چونڊ نعرا به الڳ
هئا ۽ ٻنهي جي اپيل جو حلقو به مختلف هو. ٻنهي جي
تقريرن ۾ هڪ مخصوص اپيل هوندي هئي. پر جيئن لنڪن
هڪ ڀيري چيو هو.
”اوهين ڪجهه ماڻهن کي ڪجهه وقت تائين يا ڪجهه ماڻهن کي گهڻي
عرصي تائين ته بيوقوف بڻائي سگهو ٿا. پر سڀني
ماڻهن کي سڄي زندگي بيوقوف بڻائي نٿا سگهو.“
پهرين ته لنڪن، ڊگلس سان گڏ ئي هڪ شهر کان ٻي شهر تائين
ڦرندو رهيو. ٻئي ڌار ڌار جلسن ۾ تقريرون ڪندا
رهيا. پر پوءِ کيس خيال ٿيو ته جيڪڏهن اسين ٻئي
هڪئي پليٽ فارم تان تقريرون ڪريون ته وڌيڪ مناسب
ٿيندا.
هن ڊگلس کي للڪاريو ته هڪئي پليٽ فارم تان هو ساڻس گڏ جي
تقريرن ۽ بحث مباحثا ڪري ته جيئن عوام کي هڪئي وقت
ٻنهي جي نقطه نظر جي گُڻن ۽ اوگڻن جي باري ۾ خبر
پئي ۽ هو سولائيءَ سان پنهنجي ذهن ۾ ڪو فيصلو ڪري
سگهن. جيتوڻيڪ پوءِ ڊگلس کي ان مان گهڻو نقصان
ٿيو. پر هن لنڪن جي للڪار قبولي ورتي.
ائين الي نواءِ رياست جي ستن شهرن اوٽاوا، فري پورٽ، جونس
بورو، چارلس ٽن، گليزبرگ، ڪوئنسي ۽ آلٽن کي اهو
فخر حاصل آهي ته اتي انهن ٻنهي عظيم سياستدانن
پنهنجون تاريخي تقريرون ڪيون، جن آمريڪي تاريخ کي
متاثر ڪيو.
عوام ۾ جوش ۽ خروش پکڙيل هو. ماڻهو ڍڳي گاڏين، ٻيڙين، گهوڙا
گاڏين ۽ مخصوص ريل گاڏين ۾ سفر ڪندا ڏورانهن هنڌن
تان اِهي تقريرون ٻڌڻ جي لاءِ ايندا هئا. ڪن ماڻهن
کي ته پنڌ به ڪرڻو پندو هو. انهن ماڻهن چونڊ مهم
جي تيارين کي پنهنجي پوري عروج تي ڏٺو. مشعل
بردار، جلوس، چمڪندڙ بينڊ ۽ باجا، ٻيڙين ۾ جل پرين
جي جَڳ
مَڳاهٽ، جهنڊيون ۽ جهنڊا، دهل ۽ شرنايون،
مطلب ته چونڊن جي پوري ڌام ڌوم هنن ڏٺو.
هنن هزارين ماڻهن جي ميڙ ۾ بيهي،
اوٽاوا جي سج جي تکاڻ به سَٺي.
فري پورٽ ۾ تيز برسات به ڀنا ۽ گيلز برگ جي
ڳڱائيندڙ سردي به برداشت ڪئي، پر پنهنجي دل پسند
اڳواڻن جون تقريرون ٻڌندا رهيا. انهن تقريرن تي هو
خوش به هئا. نعرا به هنيائون، ٽوپيون به مٿي
اڇلايون، ڪاوڙ به ڪيائون، کليا به ۽ جوش ۾ اچي
تاڙيون به وڄايائون.
کين پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ ان کان وڌيڪ ڪابه دلچسپ وندر نه ملي هئي.
ٻنهي اميدوارن جون شخصيتون به دلچسپ هيون. ڊگلس عام طور تي
اڇو يا نيرو ڪوٽ، اڇي قميص، هيٺ واسڪٽ، ڏاڍي نفيس
سُبيل پتلون ۽ پالش ٿيل چمڪندڙ جوتا پائيندو هو.
هڪ قد
جو ننڍو، پر پُراعتماد ۽ ٿورو مغرور شخص هو. وڏو چرب زبان، ڳالهه ٻولهه جو ماهر، لومڙيءَ جيان چالاڪ ۽ مڇيءَ
جيان ڦڙتيلو هو.
لنڪن قد ۾ ڊگلس کان هڪ فوٽ ڊگهو هو. کيس معمولي ڪوٽ پاتل
هوندو هو، جنهن جون ٻانهون سدائين ننڍيون هونديون
هيون. مُرين کان مٿي معمولي، استري کانسواءِ قميص
۽ ٽائي پاتل هوندي هيس ۽ عام طور تي هو هڪ پراڻي
بادامي شال ۽ پراڻي ڇَٽي
به پاڻ سان رکندو هو.
پر جنهن مهل اهي ٻئي تقرير ڪرڻ جي لاءِ بيهندا هئا ته ڪجهه
گهڙين جي لاءِ ٻڌندڙ هنن جي ظاهري شڪل ۽ صورت ۽
لباس کي وساري ويهندا هئا. هنن جا ڪنَ پنهنجي دور
جي بهترين مقررن جي لفظن تي لڳل هوندا هئا ۽ کين
اها به سمڪ نه رهندي هئي ته ڪنهن کي ڪهڙا ڪپڙا
پاتل آهن.
ڊگلس جيڪڏهن لومڙي وانگيا چالاڪ هو ته لنڪن به شڪارين جهڙي
سوچ ۽ سمجهه رکندو هو.
فري پورٽ جي تقرير ۾ لنڪن اڳ ۾ ئي هڪ سوچيل سوال
ڊگلس کان پڇيو. هن پڇيس ”ملڪي دستور تيار
ٿيڻ کان اڳ جيڪڏهن ڪا رياست غلامي جي اداري کي
پنهنجي حدن مان خارج ڪرڻ چاهي ته کيس ڪهڙو طريقو
اختيار ڪرڻو پوندو.“
لنڪن اڳواٽ ئي اندازو لڳائي ورتو هو ته ڊگلس ان سوال جو ڪهڙو
جواب ڏيندو ۽ هن اهو ڄاتو ٿي ته جيڪڏهن ڊگلس اهو
ئي جواب ڏنو، جيڪو سندس ذهن ۾ هو ته پوءِ ڊگلس جي
سياسي شڪست يقيني آهي ۽ ائين ئي ٿيو. ڊگلس نهايت
تيزيءَ سان وراڻيو: ”جيڪڏهن ڪا رياست غلاميءَ جو
خاتمو ڪرڻ چاهي ته کيس ان جي خلاف قانون منظور
ڪرڻو پوندو.“
سامعين ڊگلس جي ان حاضر جوابي کان محظوظ ٿيا، پر لنڪن کي خبر
هئي ته ڊگلس جو اهو جواب خود ڊگلس جي لاءِ ئي
سراسر نقصان جو ڪارڻ بڻيو. ان جواب مان گويا ٻين
لفظن ۾ اهو مفهوم ڪڍي سگهجي ٿو ته رياستون انفرادي
طور تي قانون پاس ڪري غلاميءَ جو خاتمو ڪري سگهن
ٿيون. ڏاکڻيون رياستون جيڪي غلاميءَ جون وڏيون
حامي هيون، اهي ڊگلس جي ان جواب تي چڙي پيون. ڊگلس
جو لڳ ڀڳ چوٿون حصو ووٽرن جو سندس سخت مخالف ٿي
بيٺو. خود سندس ڊيموڪريٽڪ پارٽي ۾ به ڦوٽ پئجي
ويئي ۽ ائين 1860ع جي صدارتي چونڊن ۾ ريپبلڪن
پارٽي جي ڪاميابي يقيني ٿي ويئي.
رياست الي نواءِ جي ستن ئي شهرن ۾ لنڪن ۽ ڊگلس جي بحث مباحثن
جو سڄو متن اخباري رپورٽرن شارٽ هينڊ (مختصر
نويسي) جي ذريعي لکي ورتو هو ۽ اهو سڀني اخبارن
ڇپيو. ائين بنهه ٿوري وقت ۾ لنڪن سڄي آمريڪا ۾
مشهور ٿي ويو ۽ سندس شمار چوٽيءَ جي سياستدانن ۾
ٿيڻ لڳو.
جلسن جي تقريرن ۽ بحث مباحثن کان پوءِ جڏهن لنڪن ٿڪي پوندو
هو ته هوٽل جي ڪمري ۾ جوراب ۽ بوٽ لاهي، آرام ڪرسيءَ تي ٽنگون ٽيڙي ليٽي پوندو هو ۽ سندس خيال کيس الائي ڪٿان
کان ڪٿي وٺي ويندا هئا. هو پنهنجي تصورن جي دنيا ۾
گم ٿي الائجي ڇا ڇا سوچيندو رهندو هو.
هڪ ڀيري جڏهن لنڪن ان ئي طريقي سان ”ڪونسي“ هوٽل ۾ پنهنجن
خيالن ۾ ٻُڏو ويٺو هو ته مشهور مزاح نگار ڊيوڊ آر
لوڪ جيڪو پنهنجي قلمي نالي ”پيٽر وليم دي نيزوي“
جي نالي سان وڌيڪ مشهور هو. لنڪن کي چوڻ لڳو:
”مون ايترو ڏکارو، ايترو ڳنڀير ۽ ايترو باوقار چهرو اڄ ڏينهن
سوڌي ناهي ڏٺو.“
لنڪن، لوڪ کي چيو، ”آئون عوامي ووٽ ته حاصل ڪري وٺندس، پر
مون کي اها پڪ ڪونهي ته ڪو رياستي اسيمبليءَ ۾
ڊگلس کي شڪست ڏيئي سگهبي.“
ان زماني ۾ اسيمبلي ئي سينيٽ جي سڀني ميمبرن کي چونڊي هئي.
هن لوڪ کي اهو به ٻڌايو ته ڊيموڪريٽڪ پارٽي کي
چونڊن ۾ ڪامياب ڪرائڻ جي لاءِ سندس سڀ سياسي مخالف
پنهنجي سڀني عيارين ۽ چالبازين کان ڪم وٺي رهيا
آهن. تنهنڪري ڪن ضلعن جي چونڊ تڪن ۾ اهو بندوبست
ڪيو ويو آهي ته ڊيموڪريٽڪ اميدوار ڪامياب ٿيندا.
هن ڀيري لنڪن جي اڳڪٿي الهامي انداز ۾ صحيح ثابت ٿي.
2 نومبر 1858ع جي صبح جو مينهن پوڻ لڳو، پر چونڊن جو جوش ۽
خروش سرد نه ٿيو ۽ جڏهن ووٽنگ کان پوءِ ڳڻپ ڪئي
وئي ته لنڪن کي هڪ لک پنجويهه هزار ٻه سئو پنجهتر
۽ ڊگلس کي هڪ لک ايڪيهه هزار نوي ووٽ مليا. پر
جڏهن سينيٽر چونڊڻ لاءِ رياستي اسيمبلي جو اجلاس
ٿيو ته 54 ميمبرن ڊگلس کي ۽ 46 ووٽ لنڪن کي مليا.
ان شڪست جي باري ۾ جڏهن به ڪنهن لنڪن کان پڇيو ته
هن هڪ نينگر جي ڪهاڻي ٻڌائي، جيڪو اگهاڙن پيرن سان
گهمي رهيو هو ۽ ٿاٻو کائڻ سان سندس پير جي آڱوٺي ۾
سخت ڌڪ لڳو. اهو قصو ٻڌائي لنڪن چيو ته
’ڌڪ ايترو ته سخت هو جو کلي ٽاري ڇڏڻ به
ممڪن نه هو ۽ وڏي ٿيڻ جي ڪري ٻارڙن جيان ويهي روئي
به نٿو سگهجي.‘
لنڪن جيتوڻيڪ سينيٽر چونڊجي نه سگهيو، پر سندس شهرت ۽
مقبوليت سڄي ملڪ ۾ وڌندي ويئي. چونڊن جي هُل بکيڙي سبب هو سڄو 1858ع جو سال پنهنجي وڪالت طرف ڌيان ڏيئي
نه سگهيو هو. هاڻ هن وڌيڪ ڌيان ۽ شوق سان وڪالت ۾
دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي. پر سياست کان به واسطو نه
ٽوڙيائين. هو اڃان تقريرون ڪندو هو. جيتوڻيڪ ڪن
حلقن ۾ سندس نالو آمريڪي صدارت جي لاءِ به ڳهنجڻ
لڳو. پر هو پاڻ کي ان عهدي جي لائق نه سمجهندو هو.
هڪ ڀيري هڪ اخبار جي ايڊيٽر جيڪو سندس وڏو حمايتي
هو،
ان کي
لکيو ته ”آئون پاڻ کي ان عظيم عهدي جو اهل
نٿو سمجهان.“
پر 1869ع جي شروع ۾ هن جي خيالن ۾ تبديلي اچڻ لڳي ۽ هاڻ هو
پنهنجي صلاحيت ۽ استحقاق جي باري ۾ ايترو شڪي ۽
نااميد نه رهيو هو. خيالن جي ان تبديليءَ جو وڏو
سبب اهو هو ته سندس تقريرون سڄي ملڪ ۾ وڏي شوق ۽
دلچسپي سان ٻُڌيون وينديون هيون. نيويارڪ سٽي ۾
ڪوپر يونين ۾ لنڪن جيڪا تقرير ڪئي هئي اها ته بيحد
پسند ڪئي ويئي هئي ۽ هن جي شهرت ۾ واڌاري جو سبب
بڻي. لنڪن، نيو انگلينڊ جو هڪ نجي دورو به ڪيو، هو
جتان جتان به ٿي لنگهيو، عوامي مظاهرن جي جوش ۽
خروش هن جي هردلعزيزي جي تصديق ڪري ٿي ڇڏي. ان
دوران لنڪن پنهنجي پارٽي پاران نامزد ٿيندڙ ٻين
صدارتي اميدوارن جي حالتن جو پڻ تجزيو ڪندو رهيو ۽
کيس هر اميدوار ۾ ڪونه ڪو اهڙو اوگڻ نظر ٿي آيو،
جنهن جي آڌار تي ان جي ڪاميابي جا امڪان گهٽ ٿي
نظر آيا.
نيويارڪ جو وليم ايڇ سي ورڊ، اوهايو جو ڪاسمين پي، چيز،
پنسلوانيا جو سائمن ڪيمرون، ٻه قانوندان هڪ آمريڪي
اعليٰ عدالت جو جج ميڪلين ۽ ٻيو مسوري جو ايڊورڊ
بٽيس، هي اهي اميدوار هئا جيڪي لنڪن جي پارٽي
پاران نامزد ٿي پي سگهيا.
پر انهن مان ڪن کي ڪجهه اهم حلقن جي حمايت حاصل نه هئي ۽ ڪي وري پنهنجي انتها
پسنديءَ واري رويي ۽ انقلابي بيانن سبب عوام جي
مڪمل تائيد حاصل نه ٿي ڪري سگهيا. پر لنڪن پنهنجي
اعتدال پسنديءَ
جي ڪري گهڻو مقبول هو. سڀني کان وڏو مسئلو ٻانهپ
(غلامي) جو هو. هڪ ڌر ان جي مڪمل خاتمي جي حمايت
ڪري رهي هئي، ۽ ٻي ڌر اها هميشه لاءِ قائم رکڻ تي
ضد ٻڌيو بيٺي هئي. لنڪن جو رويو وچٿرو هو. هو
غلامي جي خاتمي جي مسئلي تي رياستي وفاق کي ختم
ڪرڻ جي حق ۾ نه هو ۽ نه ئي وري غلامي جي لعنت کي
سدائين جي لاءِ برقرار رکڻ جو حامي هو، انهي ڪري
اتر ۽ ڏکڻ ٻنهي علائقن ۾ سنجيده نظرين جي ڪري
مقبول هو.
لنڪن کي پڪ هئي ته جنهن وقت
’ري پبلڪن نيشنل ڪنوينشن‘ صدارتي اميدوار کي نامزد ڪرڻ جي لاءِ ڪوٺايو ويندو ته کيس
ضرور ڪاميابي ملندي. کيس پنهنجي رياست الي نواءِ ۾
مڪمل تائيد حاصل هئي ۽ ان رياست جو هڪ هڪ ووٽ صرف
لنڪن کي ئي مليو. جنهن مهل الي نواءِ ۾ ووٽ وڌا پي
ويا ته جان هينڪس ۽ لنڪن جي دوستن وڏو مزو ڪيو.
جان هينڪس ۽ ڪجهه همراهن ڪاٺ جو هڪ وڏو بُنڊ جهلي سڄي شهر ۾ اهو کڻي گهميا. اهو بند لڳ ڀڳ ٽيهه سال اڳ
جڏهن لنڪن رياست الي نواءِ ۾ گهڙيو هو ته ان وقت
هن چيريو هو. ماڻهو اهو بنڊ ڏسي خوشي مان جهومڻ
لڳا ته سندن پنهنجي رياست جو ايب، جيڪو بُنڊ چيريندو هو سو آمريڪا جو صدر چونڊبو.
16 مئي 1860ع تي شڪاگو ۾ نيشنل ڪنوينشن ٿيڻ وارو هو. ريپبلڪن
ميمبرن جي آمد شروع ٿي چڪي هئي ۽ عوام ۾ جوش ۽
خروش وڌندو پي ويو. ڪي اميدوار جهڙوڪ سپورڊ پاڻ
سان بينڊ وڄائڻ وارا به وٺي آيو هو، جيڪي چمڪدار
وردين ۾ سڄي شهر ۾ باجا وڄائيندا پي گهميا. لنڪن
جا حامي به هر هنڌان اچي گڏ ٿيڻ شروع ٿيا هئا. اهي
آئل ڪلاٿ جون ڊگهيون ٽوپيون پاتل هئا، جيڪي ڏينهن
جي روشنيءَ ۾ چمڪنديون هيون ۽ رات جو گاسليٽ جي شعلن
۾ جڳ مڳائينديون هيون. لنڪن جا حامي به بينڊ وارن
کان جيڪڏهن گهڻو نه ته گهٽ ۾ گهٽ
سپور جي حامين
جيترو هل بکيڙو ڪندا رهندا هئا.
شڪاگوليڪ فرنانٽ جو علائقو بينڊ جي گيتن سان ٻُرائبوپيو هو.
ٻي طرف هوٽل جي ڪمرن ۾ سڀني اميدوارن جا منتظم ۽
رضاڪار وڏي گرمجوشي سان سياسي جوڙتوڙ ۾ رڌل هئا.
پنهنجن پنهنجن اميدوارن کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ
هو هرڪا چال هلي رهيا هئا. سياسي سوديبازيون، ڏي
وٺ ۽ ڌڙي بنديون ٿي رهيون هيون. لنڪن پاڻ اسپرنگ
فيلڊ ۾ رهڻ مناسب سمجهيو، پر هن پاران جج ڊيوڊ
ڊيوس ڪنويسنگ ڪري رهيو هو. لنڪن پنهنجن منتظيمن کي
هڪ نياپو موڪليو هو ته ”ڪو اهڙو معاهدو نه ڪجو، جو
آئون صفا ٻڌجي وڃان.“
ويچارو مخلص ۽ ايماندار ايب اسپرنگ فيلڊ ۾ ويٺو نتيجي جو
منتظر هو. کيس ڪهڙي خبر ته سندس دوست ۽ حامي سندس
ڪاميابي جي لاءِ ڪهڙا ڪهڙا معاهدا ۽ سودا ڪري رهيا
آهن. لنڪن جي تاڪيد جي باوجود به ڪي معاهدا ڪيا
ويا، جن مان ڪي ته ڏاڍا اهم ۽ فيصله ڪن هئا. جهڙوڪ
ڪن عهدن جي باري ۾ پڪ پڪاڻي به ڪئي ويئي. پر فتح
جي لاءِ اهو سڀ ضروري هو ۽ آمريڪي عوام ڄاتو ٿي
اهو سڀ ڪجهه ان عظيم نقصان جي سامهون ڪابه حيثيت
نه رکندو هو، جيڪو سندس ملڪ کي لنڪن جي شڪست جي
صورت ۾ کڻڻو پوندو ۽ اُن قسم جا معاهدا ۽ سودي
بازيون ڪٿي ۽ ڪڏهن نٿا ٿين.
هاڻ سڀني نمائندن جو ڌيان ”وگ وام“ ڏانهن هو. ڪاٺ جو هڪ تمام
وڏو عارضي هال، ڪنوينشن جي لاءِ اڏيو ويو هو ۽ اهو
سڄو هال ماڻهن جي تقريرن، نعرن ۽ آوازن سان ٻرائجي
ٿي ويو. اميدوارن پنهنجون چونڊ تقريرون ڪيون. خوش
قسمتيءَ سان ان زماني ۾ اهي تقريرون گهڻيون مختصر
هونديون هيون ۽ ان کان پوءِ نمائندا ووٽ ڏيڻ ۾
مشغول ٿي ويا. نيٺ ڪيترائي ڀيرا ووٽنگ کانپوءِ ايب
لنڪن ڪامياب ٿي ويو.
ماڻهو خوشيءَ سبب نچڻ، ٽپڻ ۽ تاڙيون وڄائڻ لڳا. ماڻهن جي هُل
۽ نعرن مان ائين ٿي لڳو ته اجهو ٿي ڇت اُڏامي، هوا
۾ ٽوپيون ۽ هيٽ اڇلجڻ لڳا. ڇت تي هڪ همراهه ويٺو
هو، ان کي اشارو ڪيو ويو ۽ هن توپ جي گولي مان
لنڪن جي سوڀَ جو اعلان ڪيو.
اسپرنگ فيلڊ ۾ اخبار ”الي نواءِ“ اسٽيٽ جرنل جي آفيس ۾ لنڪن
۽ سندس ڪجهه سنگتي ويٺا صبر ۽ سڪون سان نتيجي جو
اوسيئڙو ڪري رهيا هئا. ايتري ۾ تار ملي، ”خدا جو
شڪر آهي جو اسين ڪامياب ٿي وياسين.“
لنڪن جا دوست ۽ پاڙيسري خوشيءَ سبب نچڻ لڳا. هڪٻئي کي
مبارڪون ڏيڻ لڳا. جڏهن ٿورو جوش گهٽيو ته لنڪن
ڏاڍي خاموشيءَ سان چيو، ”عزيزو! اسان جي گهر ۾ هڪ
بندري قد واري عورت ان خبر جي اوسيئڙي ۾ ويٺي
هوندي، مون کان وڌيڪ ان کي انهيءَ تار سان دلچسپي
آهي. جيڪڏهن اوهين موڪل ڏيوم ته آئون کيس اها تار
ڏيکاريان.“
لنڪن نامزدگي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو. پر اڃا صدارت جي آخري چونڊ باقي هئي. چونڊ
جي باري ۾ سئو سيڪڙو يقين سان ڪجهه چوڻ
ممڪن نه هو ته نتيجو ڪهڙو نڪرندو؟ پر ٻين سڀني
اميدوارن جي مقابلي ۾ لنڪن جي ڪاميابي جا امڪان
وڌيڪ هئا.
اسٽيفن اي ڊگلس، نارودرن ڊيموڪريٽس ۽ جان بريڪن رج سدرن
ڊيموڪريٽس پاران اميدوار هئا. هڪ ٻي پارٽي جيڪا
ڪانسٽي ٽيوشنل يونين سڏبي هئي، چونڊ لڙي رهي هئي،
جنهن جو اميدوار جان بيل هو، پر ان جي ڪاميابي جا
امڪان ٻُڙيءَ برابر هئا.
6- نومبر 1860ع تي تاريخي چونڊون ٿيون. ڏاکڻيون رياستون اڃا
سوڌي عليحدگيءَ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيون هيون. ماڻهو
وڏي عزم ۽ استقلال سان پنهنجو ووٽ ڏيڻ جي لاءِ وڃي
رهيا هئا. کين خبر هئي ته اهو رڳو چونڊ معرڪو
ڪونهي، پر ان جا نتيجا ڏاڍا دورس نڪرندا.
اهو صحيح آهي ته لنڪن وڏي اڪثريت سان ڪاميابي نه ماڻي، پر
پوءِ به کيس چڱا موچارا ووٽ ملي ويا. لنڪن کي 452،
66، 18 ووٽ، ڊگلس کي 957، 76، 13 ووٽ، بريڪن رج کي
781، 49، 8 ووٽ ۽ بيل کي 779، 88، 5 ووٽ مليا.
لنڪن جا ڊگلس سان ڊگها تقريري مباحثا نيٺ لنڪن جي
ڪاميابيءَ تي ختم ٿيا.
ايب لنڪن جيڪو ڪاٺ جي هڪ معمولي جهوپڙيءَ ۾ جنميو هو، صدارت
جهڙي عظيم عهدي تائين پهچي ويو. هاڻ هن جي سامهون
ڪي اهم ذميواريون هيون، جن کي نباهڻ هر ڪنهن جي وس
جي ڳالهه نه هئي. لنڪن انهن ذميوارين کي جنهن
نموني پورو ڪيو، ان هن تي ابديت جي مهر هڻي ڇڏي.
هن جي ڀاڳ ۾ هڪ نازڪ گهڙيءَ تي آمريڪي قوم جي
سرواڻي لکيل هئي، ان گهڙيءَ جڏهن سڄو ملڪ نفاق جي
باهه ۾ ٻَري رهيو هو.
هاڻ هو آمريڪا جو نئون صدر هو ۽ بيشڪ ميري لنڪن پنهنجي خوابن
جي دنيا حاصل ڪري ورتي هئي. هو آمريڪا جي صدر جي
زال ۽ وهائٽ هائوس جي مالڪياڻي هئي.
_
[ 12 ]
موڪلاڻي
]هاڻ
آئون اوهان کان موڪليان ٿو. – ايب لنڪن[
●
اسپرنگ فيلڊ وارو گهر مسواڙ تي ڏنو ويو. ڳئون ۽ گهوڙو وڪرو
ڪيو ويو، ڪتو هڪ همراهه گهري کڻي ويو. ان کان پوءِ
ايب پنهنجي ويڳي امڙ سارا بُش سان آخري ملاقات ڪرڻ
جي لاءِ ويو.
هن، هرن ڊن کي چيو ته هي فرم جي نالي ۾ ڪا تبديلي نه ڪري،
سندس نالي جي تختي ڀلي ٽنگي پئي هجي ۽ جيڪڏهن
جيئرو رهيس ته واپس اچي وڪالت ڪندس. ڄڻ ڪجهه ٿيو
ئي نه آهي.
هو بظاهر سفر جي تيارين ۾ رڌل هو. پر هن جي دماغ ۾ برابر اهو
خيال ايندو رهيو ته هو ڏاڍي نازڪ موڙ تي صدر
چونڊيو ويو آهي. سڄو ملڪ گهرو ويڙهه جي لاءِ تيار
هو ۽ ڪنهن به مهل چڻنگ ڀڀڙ بڻجي ٿي سگهي. چونڊيل
صدر اهو عزم ڪيو هو ته هر عزت ڀريي ۽ ممڪن طريقي
سان هو ملڪ کي رتو ڇاڻ کان محفوظ رکندو.
11 فيبروري جي صبح جو مينهن اوڙڪون ڪري وسي رهيو هو. سياري
جو مينهن، گريٽ ويسٽرن جي اسٽيشن جي اسٽيشن تي ٽن
بوگين ۽ هڪ انجڻ تي ٻڌل مختصر گاڏي بيٺي هئي. اها
صدر جي اسپيشل ٽرين هئي. لنڪن پليٽ فارم تي ڇٽين
جو هڪ سيلاب ڏٺو. هزارين انسانن جا چهرا پنهنجي
محبوب ايب جي شڪل ڏسڻ جي لاءِ بيتاب هئا. کين سردي
۽ بارش جي پرواهه نه هئي.
لنڪن پليٽ فارم تان کين خطاب ڪيو.
منهنجا دوستو!
لنڪن خاموشيءَ سان چيو.
”هن رنج ۽ موڪلاڻي واري موقعي تي منهنجن جذبن جو اندازو
لڳائڻ سولو ڪونهي. هن شهر ۽ اُن جي رهاڪن مون کي
سڀ ڪجهه ڏنو آهي. آئون سندن ٿورن جي بار هيٺان
دٻيو پيو آهيان. مون هڪ پاءُ صدي گذاري آهي ۽ هتي
ئي جوان ۽ وڏو ٿيو آهيان. هتي ئي منهنجي ٻارڙن جنم
ورتو ۽ هن ئي سرزمين تي مون پنهنجي هڪ جگر جي ٽڪري
کي مٽي ماءُ جي حوالي ڪيو. هاڻ آئون اوهان کان
موڪلائي رهيو آهيان. مون کي خبر ڪونهي ته منهنجي
واپسي ٿيندي يا نه؟ مون تي وڏيون ذميواريون وڌيون
ويون آهن. منهنجو ڪم واشنگٽن کان به ڏکيو آهي. خدا
جي مدد کانسواءِ منهنجي ڪاميابي ممڪن ڪونهي ۽
جيڪڏهن هُن جي مدد شامل رهي ته آئون ناڪام نه
ٿيندس. مٿس ڀروسو ڪندي، جيڪو مون سان ۽ اوهان سان
گڏ رهندو ۽ هر هنڌ حاضر ۽ ناظر آهي. اسين اُميد
ڪري سگهون ٿا ته حالتون بهتر ٿي وينديون. آئون
اوهان کي ان جي بِلي ٿو ڪريان مون کي پڪ آهي ته
اوهين مون کي پنهنجي دعائن ۾ ياد رکندا. خدا
حافظ.“
انجڻ جي سيٽي فضا ۾ ٻُري، اسٽيشن جي گهنٽي وڳي ۽ ٽرين هوريان
هوريان ڪوهيئڙي ۾ گم ٿي ويئي.
لنڪن پنهنجي سڀاءُ ۾ نرم دل ۽ صلح پسند هو. جنگ، رتوڇاڻ ۽
تشدد جي خلاف سندس طبعيت جو حال پاڻ پوين صفحن ۾
پڙهي آيا آهيون. قدرت جي اها وڏي ستم ظريفي چئي
سگهجي ٿي ته لنڪن جهڙي شخص کي اهڙي دور ۾ صدارت جا
فرض سونپيا ويا، جڏهن سڄي ملڪ جي مٿان جنگ جا ڪڪر
ڇانئجي رهيا هئا. حالتون اهڙيون هيون جو جنگ اڻ ٽر
پي لڳي.
ڪن فيڊريٽ جي بندوقن جي پهرين گولي فورٿ سسٽر ۾ هلي. اها جنگ
جي شروعات هئي. ان کان پوءِ اتر ۽ ڏکڻ جون حريف
فوجون پنهنجن جنرلن جي اڳواڻيءَ ۾ گڏ ٿيڻ شروع
ٿيون. اها ان گهرو ويڙهه جون تياريون هيون، جيڪا
چئن سالن تائين جاري رهي.
انهن ٻنهي فوجن جا سپاهي جنگ جي ميدانن ۾ هڪٻئي جي سيني تي
بندوقون تاڻيون بيٺا هئا. انهن ٻنهي جي حب الوطني،
شجاعت، همت ۽ نصب العين هڪٻئي کان مختلف نه هئا.
ٻنهي جي حب الوطني، پنهنجا ڪٽنب ۽ نظريا هڪجهڙا
عزيز هئا. ٻئي هڪٻئي مادر وطن جا پٽڙا هئا ۽ ٻئي
ان جي سلامتي ۽ تحفظ جي خاطر هڪٻئي سان وڙهي رهيا هئا. اهي ٻئي پنهنجي
روئندڙ مائرن، ڏکارن پيئرن ۽ محبوبائن کي ڇڏي
پنهنجن ئي هم وطنن جي خلاف وڙهي رهيا هئا. اهو
جذبو جيڪو اتر ۽ ڏکڻ جي رياستن جي باهمي اختلافن
کي ختم ڪري هڪٻئي کي ويجهو آڻڻ جي لاءِ ڪم اچڻ
گهرجي ها، اهي جنگ جي ميدان ۾ هڪٻئي جي خلاف نفرت
جا جذبا اُڀارڻ ۾
زيان
ٿي رهيا هئا.
پهرين لڙائي ڏسڻ جي لاءِ ڪانگريس جا ميمبر ۽ انهن جون زالون
به پهتيون، گويا لڙائي نه ٿي،
هڪ پڪنڪ ٿي ويئي. پر جڏهن ڏاکڻي فوج جو جنرل جيڪسن
جنگ جي ميدان ۾ هڪ لوهي ديوار جيان ڄمي ويو ۽
وفاقي فوجن جي پيشقدمي رڪجي ويئي. نيٺ پٺتي هٽڻ ۾
تبديل ٿي ته اهي ڪانگريس جا ميمبر ۽ سندن زالون
تڙتڪڙ ۾ پنهنجي پنهنجي گاڏين ۾ واشنگٽن طرف وڃڻ
لڳا. هاڻ قوم کي خبر پئي ته جنگ پڪنڪ جيان ڪا وندر
جي شئي نه آهي.
1862ع تائين ٻنهي ڌرين جا ڪيترائي مغالطا دور ٿي چڪا هئا ۽
ڪيترن ئي معرڪن ۾ تمام گهڻا ماڻهو مارجي ويا.
1863ع ۾ جنگ جو رخ وفاقي مرڪز جي خلاف ٿي ويو.
لنڪن هڪ اعلان جي ذريعي چئي ڇڏيو هو ته ”اڄ کان
پوءِ سڀ غلام هميشه جي لاءِ آزاد ڪيا ويا آهن.“
ڏکڻ جي باهه تي ڄڻ تيل پئجي ويو. ٿوري گهيري
کانپوءِ وڪس برگ، وفاقي فوجن تي ڪاهي پيو، پر بي
جگري سان وڙهڻ جي باوجود پٺتي هٽڻو پيس.
وفاقي فوجن کي ڪيترائي ڀيرا شڪست ملي. لنڪن، ڪيترائي تجربي
ڪار جنرل فوج جي ڪمان جي لاءِ موڪليا. ميڪ ڊويل،
ميڪ املي لن، برن سائڊ، هوڪر ۽ ميڊا سڀني کي
آزمايائين، نيٺ سندس چونڊ
’يولي
سس اپس گرانٽ‘
تي پئي.
گرانٽ، اسپات، سلوانيا ڪورٽ هائوس، ڪولڊ هاربر، رچ مونڊ ۽
ٽپس برگ جي ڀرپاسي ڪيتريون ئي جنگيون وڙهيون ۽ ان
کان پوءِ هن مخالف فوج جي گادي جي هنڌ کي گهيري
ورتو.
توپن جي گوڙ ۽ تلوارن جي جهنڪارن ۾ ڪنهن ڪنهن مهل هڪ آواز
ٻُڌڻ ۾ ايندو هو. اهو آواز ابراهام لنڪن جو هو،
جيڪو جنگ جي هُل ۾ به نفرت جي جذبن کي گهٽائڻ جي
ڪوشش ڪري رهيو هو. ڪنهن ڪنهن مهل سندس هي لفظ فضا
۾ گونجڻ لڳندا هئا: ”اسان غلامن کي آزاد ڪري آزاد
ٿيندڙن کي حريت جي ضمانت ڏني آهي.“
يا وري ڪڏهن هي آواز ٻُرائجندو هو.
”97 سال اڳ اسان جي وڏڙن هڪ کنڊ ۾ هڪ اهڙي قوم جي نشوونما
ڪئي، جيڪا آزاديءَ تي ايمان رکندي هئي ۽ جنهن جو
اهو عقيدو هو ته سڀ انسان برابر پيدا ڪيا ويا آهن.
اڄ اسين پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهيون. ٻين لفظن ۾ اسين
ان ڳالهه جو امتحان وٺي رهيا آهيون ته هي قوم يا
ڪا به قوم، جيڪا ان عقيدي يا ايمان جي حامل آهي،
وڌي ويجهي سگهي به ٿي يا نه.“
۽ ان آواز کي سدائين جي لاءِ خاموش ڪرڻ کان لڳ ڀڳ هڪ مهينو
اڳ پهرين اهي پُروقار لفظ ٻڌڻ ۾ آيا ۽ شايد ئي
ڪنهن حڪومت جي سربراهه جيڪو اهڙي نازڪ ۽ ڏکئي
مرحلي مان گذري رهيو هجي، هنن لفظن کان وڌيڪ
شانائتا ۽ عظمت ڀريا لفظ ادا ڪيا هجن.
”اسان جي دل ۾ نه ڪنهن جي لاءِ نفرت آهي، نه ڪينو، نه ئي وري
ڪا عداوت. خدا اسان کي حق تي قائم رهڻ جي توفيق
عطا فرمائي ۽ سڀني جي لاءِ محبت ۽ درگذر جي جذبن
سان اسان کي پنهنجي ڪم ڏانهن ڌيان ڌرڻ گهرجي ۽ اهو
ڪم آهي زخمن تي پَها
رکڻ. جن ماڻهن کي هن جنگ مان نقصان پهتو آهي، تن
جي يتيمن ۽ بيواهن جي سارسنڀال ڪرڻ، ان کان سواءِ
اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ، جيڪو پائدار امن جي قيام ۾ اسان
جي مدد ڪري سگهي ۽ اسين نه رڳو پنهنجي وچ ۾ بلڪه
دنيا جي قومن جي وچ ۾ امن جا بنياد رکي سگهون.“
لنڪن معافي ۽ درگذر، خدمت ۽ محبت جي ان نظريي جو اعلان
پنهنجي ٻي سالياني افتتاحي خطاب ۾ ڪيو هو.
4 مارچ 1865ع جو ڏينهن طوفان ۽ برسات پاڻ سان گڏ کڻي آيو. پر
اتفاق ته ڏسو جنهن مهل لنڪن تقرير ڪرڻ جي لاءِ اٿي
بيٺو ته عين ان مهل ڪڪرن جا ڪجهه ٽڪرا منتشر ٿي
ويا ۽ ٺيڪ لنڪن جي مٿي جي مٿان سج پنهنجا سونهري
ڪرڻا پکيڙڻ لڳو. ڪيترن ئي حاضرين ان کي هڪ ازغيبي
اشارو سمجهيو، گويا جنگ جا ڪڪر وکري چڪا هئا ۽ هڪ
دل شڪسته قوم کي اميدن جو سج جڳ مڳائي رهيو هو.
غلاميءَ جون حامي، ڏاکڻين رياستن جو جري ۽ بهادر جنرل
’رابرٽ. اي لي‘ گهيري ۾ اچي چڪو هو. رسد، طبي امداد، کاڌ خوراڪ ۽ جنگي
هٿيارن جي کوٽ کيس شڪست مڃڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. 9
اپريل 1865ع تي هن وفاقي فوجن جي سربراهه يوليسس
ايس گرانٽ جي سامهون هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا.
آمريڪي وفاق ختم ٿيڻ کان بچي ويو.
پر ان جي واسطي ڪيتري نه وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئي!
جنگ پنهنجي پُڄاڻي
تي پهتي. ان خبر سان اتر جي سڀني علائقن ۾، ٻنين
۾، وستين توڙي واهڻن ۽ شهرن ۾ اطمينان جي هڪ لهر
ڊوڙي ويئي. جيتوڻيڪ ڏکڻ ۾ شڪست جي تلخي باقي هئي.
پر جنگ جي مصيبت ٽري وڃڻ سان هر شخص وڏو سڪون
محسوس ڪري رهيو هو.
پر ان کان اڳ جو صدر لنڪن جنگ جي پُڄاڻيءَ جي خوشين مان پوري
طرح لطف اندوز ٿي سگهي، هڪ قاتل جي گولي کيس ابدي
مسرتن جي هنجَ ۾ سمهاري ڇڏيو. هو واشنگٽن جي فورڊ ٿئٽر
۾ پنهنجي زال سان گڏ ”آمريڪن ڪزن“ جي تمثيل ڏسي
رهيو هو، جو هڪ جنوني ائڪٽر ’جون وائڪسن بون‘
پنهنجي پستول جي گولي سان اُن
سرحدي ڇوڪري جي زندگي جو ڏيئو گُل ڪري ڇڏيو. هي
اهو ڇوڪرو هو جيڪو رڳو پنهنجي ٻَل تي غربت، جهالت
۽ گمنامي جي زندگيءَ
مان نڪري هڪ اهڙي اڳواڻ جي درجي تي پهتو، جيڪو
دنيا جي عظيم ترين اڳواڻن ۾ ڳڻڻ جي قابل آهي.
ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته جيڪڏهن لنڪن ڪجهه عرصو وڌيڪ جيئرو رهي
ها ته جنگ کان پوءِ اڏاوتي رٿائن ۾ هن جي رهنمائي
ريگستان جي اونداهي رات ۾ رهبري جي شمع جو ڪم ڪري
ها. هو شڪست کاڌل ڏکڻ جي خلاف انتقامي جذبي کي
معافي، محبت ۽ درگذر جي جذبن ۾ بدلائي ڇڏي ها.
لنڪن جو موت سڄي قوم جي لاءِ هڪ عظيم الميو هو. سندس قتل،
اتر توڙي ڏکڻ جي هر فرد کي بنا ڪنهن متڀيد، رنگ ۽
نسل جي هڪ سچي همدرد ساٿي ۽ ٻاجهاري دوست کان
محروم ڪري ڇڏيو.
اسپرنگ فيلڊ مان رواني ٿيڻ مهل لنڪن جي زبان مان جيڪي لفظ
نڪتا هئا، سي الهامي طور تي سچ ثابت ٿي. هن چيو
هو.
”هاڻي آئون اوهان کان موڪلايان پيو، مون کي خبر ڪونهي ته
واپسي منهنجي ڀاڳ ۾ لکيل آهي يا نه.“
کيس واپسي ضرور نصيب ٿي، پر ڪيئن؟ هڪ ٽرين ماتمي جهنڊين سان
سجائي ويئي هئي، جنهن ۾ لنڪن جو تابوت رکيل هو.
ريل جي سڄي رستي تي، ڳوٺن واهڻن، وسندين ۽ ۽ شهرن
۾ هزارين ماڻهو، مرد توڙي عورتون، اپريل جي چمڪندڙ
ڏينهن ۽ اونداهين راتين ۾ پنهنجي محبوب ايب کي
خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ بيٺا هئا. هنن جون
اکيون روئي رهيون هيون. هنن جون دليون روئي رهيون
هيون، هنن جا روح روئي رهيا هئا.
اهڙي طرح ايب لنڪن پنهنجي اباڻي گهر ”الي نواءِ“ موٽي آيو، جتي هاڻ هو ابد تائين آرام جي
مِٺي ننڊ ۾ ستل هوندو. |