سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: ابراهام لنڪن

 

صفحو:7 

[ 6 ]

الي نواءِ جي سرحد

]آئون ايڪيهن سالن جي عمر ۾ الي نواءِ پهتس. - لنڪن[

نوجوان لنڪن کانسواءِ ٻيا ماڻهو به انڊيانا جي ان علائقي کان گهٻرائجي ويا هئا. ”پيجن ڪريڪ“ جي علائقي ۾ وري بيماري پکڙجڻ شروع ٿي ويئي هئي. رڳو هڪ ئي هفتي ۾ ڊينس هنيڪس جون چار ڍڳيون ۽ يارهن گابا مري چَٽ ٿي ويا هئا.

انهيءَ وقت ٽام لنڪن جي عمر ٻاونجاهه سال هئي، پر هن جي لاءِ هر ڏينهن هڪجهڙو هو. جڏهن هو پهريون ڀيرو انڊيانا آيو هو ته به هٿين خالي هو ۽ اڄ به سندس غربت ۽ مفلسيءَ جو حال ساڳيو هو. زندگي جي ناڪامين سندس ساٿ نه ڇڏيو هو. شايد اڃا زندگيءَ ۾ ٻيا به ڌڪ لکيل هئس. تنهنڪري ماڻهو جڏهن ”واباش درياهه“ پار ڪري مرڪزي ”الي نواءِ“ جي زرخيز ۽ سون اُپائيندڙ زمين جو ذڪر ڪندا هئا ته هو ڏاڍي ڌيان ۽ دلچسپيءَ سان ٻُڌندو هو.

بعد ۾ لنڪن، هنيڪس، هالز ۽ جونسٽن جي انڊيانا مان لڏپلاڻ جو ذڪر ڪندي ڊينس هنيڪس چوندو هو ته، ”مون کي ياد آهي ته سڀ کان پهرين جان هنيڪس، الي نواءِ ڏانهن لڏپلاڻ جون سانباهو ڪيو ۽ انڊيانا مان نڪري کڙو ٿيو. الي نواءِ پهچي هن خط لکڻ شروع ڪيا ته اوهين سڀ هيڏانهن هليا اچو، مون اوهان جي لاءِ ڏاڍيون ڀليون زمينون هٿ ڪيون آهن. ٽام جو ته سدائين پير پَٽ تي ئي ڪونه هوندو هو، هن اڃا تائين انڊيانا جي زمين جي قيمت به ادا نه ڪئي هئي. تنهنڪري هو  سڀ ڪجهه ڇڏي وڃڻ جي لاءِ تيار ٿي ويو. هن پنهنجا ڍور ڍڳا سڀ گڏ ڪيا. لنڪن جا گهر وارا هنيڪس جا ۽ جونسٽس جي گهر وارن سفر جي لاءِ پنهنجو سامان سهيڙيو ۽ ڍڳي گاڏين تي ڍوئي نين منزلن جي ڳولا ۾ ’الي نواءِ‘ طرف هلڻ لڳا. مون کي ائين ٿي محسوس ٿيو، ڄڻ بني اسرائيل جي خانه بدوشن وانگر اسان جا قافلا به سدائين نئين ڪنعان طرف هلندا رهندا.

نئين ڪنعان جي وعدو ڪيل سرزمين، کير ۽ ماکيءَ جي سرزمين، ڄڻ اسان جي اوسيئڙي ۾ هئي، انهيءَ سرزمين جي سرسبز ۽ شاداب چراگاهن نه ڄاڻ ڪيترن قافلن کي اچڻ جو دعوتون ڏنيون هيون.

ٽام لنڪن پنهنجو سڀڪجهه وڪڻي پئسا گڏ ڪيا. انهيءَ کان پوءِ دوستن ۽ پاڙِيسرين کان موڪلايو، گهرو سامان، عورتون، ٻار، وهٽ، سڀ بيل گاڏين ۾ سَٿيا ۽ گاڏيون چيڪاٽ ڪنديون سفر تي روانيون ٿي ويون. ايب سڄي رستي ۾ لڳاتار ٽوٽڪا ٻڌائيندو هليو. ڪنهن ڪنهن مهل مٿس ڳنڀيرتا به طاري ٿي ويندي هئي. ائين لڳندو هو، ڄڻ هو ڪنهن اهم ۽ ڌيان طلب  مسئلي بابت سوچ ويچار ڪري رهيو هجي، ان زمين ۾ ڊينئل ويسٽر، سينٽ ۾ هڪ ولوله انگيز تقرير ڪئي هئي. جنهن ۾ هن چيو هو ته ڪابه رياست ملڪي قانون کي نظرانداز نه ٿي ڪري سگهي. ويسٽر جي تقرير جو اهو مشهور جملو لنڪن ڪڏهن به وساري نه سگهيو ته ”آزادي ۽ رياستي اتحاد هاڻي ۽ آئينده سدائين گڏ رهندا.“

انهيءَ برفاني سفر ۾ تيرهن ڄڻا گڏ هئا، ٽام، سارابُش جونسٽن، ابراهام، سارا جو پُٽ جونٽس، سارا جي ڌيءَ ايلزبيٿ، جنهن جي شادي ڊينس هنيڪس سان ٿي هئي. انهيءَ جا چار ٻارڙا سارا جي ٻي ڇوڪري مٽيلڊا ۽ سندس وَر اسڪوائر هال ۽ سندس ننڍڙو ٻارڙو شامل هئا.

انهيءَ سفر کي لنڪن ڏاڍو ڏکيو ۽ پريشاني وارو ٻڌائيندو هو. اهو قافلو هوريان هوريان ’واباش درياهه‘ جي ڪنڌي تي وينسينس جيڪو انڊيانا رياست جو سڀ کان وڏو شهر هو. اتي پهچي هنن درياهه پار ڪيو ۽ ’الي نواءِ‘ جي چراگاهن جو رخ ڪيو. اهو سفر ڏاڍو تڪليف وارو هو. سخت سياري جي موسم شروع ٿي چڪي هئي.  گاڏي جا ڦيٿا ڄميل دٻڻين ۾ ڦاسي ٿي پيا. ڊينس هنيڪس انهيءَ سفر جو تذڪرو ڪندي چوندو هو، ”اسان کي اهو مختصر رستو طئي ڪرڻ ۾ ٻه هفتا لڳا. ٻيلن، ميدانن ۽ ٻنين مان لنگهندا، اسين پنهنجي منزل طرف وڌندا رهياسين.“

اهو علائقو اڃا غيرآباد هو، هنڌ هنڌ تي پاڻيءَ جا چشما ۽ ناليون وهنديون هيون. انهيءَ ڊگهي رستي تي اڃا تائين هڪ پل به نه ٺاهي ويئي هئي. چشمن جي سطح تي سردي جي ڪري برف جو هلڪو تهه ڄمي ويندو هو. بيل گاڏي جڏهن انهن ڍورن ۽ چشمن وٽان لنگهندي هئي ته برف جي تهه ٽٽي پوندي هئي ۽ پاڻي وهڻ لڳندو هو. ايب وٽ هڪ ننڍو ڪُتو هو. هو سڄو رستو وفاداري مان هن سان گڏ هلندو رهيو. هڪ ڀيري ايب مُڙي ڏٺو ته اهو ڪُتو ڍوري جي ٻي پاسي سمهي پيو هو. سردي جي ڪري هو ڍوري جي ٿڌي پاڻي کي تري پار ڪري نه سگهيو.

هو هڪ ڪُتي جي جدائي سهي نه سگهيو، ايب انهيءَ واقعي جو ذڪر ڪندي چيو، ”مون بنا دير جي جوراب ۽ جوتا لاٿا ۽ سخت سرديءَ جي پرواهه نه ڪندي ڍورو پار ڪري ٻي ڀَر وڃي پهتس ۽ سيءَ ۾ ڪنبندي ڪُتي کي ڪڇ ۾ کڻي ٻئي ڪناري تي آيس. ٻي ڪناري تي پهچي ڪُتي مهرباني جي اظهار ۾ اهڙا ته ٺينگ ٽپا ڏنا جو منهنجي تڪليف جي تلافي ٿي ويئي.“

مارچ 1830ع جي شروعاتي ڏينهن ۾ ڍڳي گاڏين جو اهو قافلو ”سنگامون درياهه“ جي اُتر طرف ”ديڪٽيور“ کان ڏهه ميل ڏکڻ طرف ڪاٺ جي ٻيلي ۽ چراگاهن وٽ پهچي ويو.

ان قافلي ۾ پنجن ماڻهن جلدي جلدي معمول موجب هڪ جهوپڙي ٺاهي، انهيءَ ننڍي جهوپڙيءَ ۾ اِهي تيرهن ئي ڄڻا 1830ع جي گرمين جي سڄي مند ۽ برسات ۾ رهندا رهيا. بلڪه 31-1830ع جون طوفاني سرديون به ان ئي ڪئبن ۾ گذاريائون.

_

ايب ننڍي هوندي ڪاٺ جا بُنڊ چيريندو هو، هتي کيس ٻيهر بنڊ چيرڻ جو ڪم ڪرڻون نه پيو. ”ميڪن ڪائونٽي“ ۾ ڏهن ايڪڙن جي ايراضي تي فصل پوکيو ويو هو. ان سڄي ايراضيءَ جي چوڌاري ڪاٺ جي بُنڊن جي چوديواري ٺاهڻ جي لاءِ هن هزارين بُنڊ چيري ڇڏيا، هن انهيءَ کانسواءِ ٻين آبادڪارن جي لاءِ به پنهنجي هڪ مائٽ سان گڏجي مزدوريءَ تي چار هزار بُنڊ چيريا.

1830ع جي بهار جي مُند ۾ هن چراگاهن جي زمينن جي صفائي ڪئي ۽ پنهنجي هٿ سان جهرجهنگ وڍي صاف ڪيو. انهن ۾ هر هلايو ۽ پوکيءَ لائق بنايو. کيس پنهنجي محنت جو ڦل مليو، جولاءِ جي مهيني ۾ فصل گوڏن تائين چڙهي آيو ۽ سيپٽمبر ۾ سڀ ٻارا پچي راس ٿيا. پر سرءُ جي مند سان گڏ بخار ۽ بيماريءَ به اچي مُنهن ڪڍيو، ائين ٿي لڳو ته سياري جي مُند اڃا به سخت تڪليف ۾ گذرندي.

1830ع ۾ ڪرسمس جي ڏينهن کان ئي برفباري شروع ٿي ويئي، هڪ سخت طوفاني لهر آئي، جنهن سڀني ٻنين ۽ چراگاهن کي پنهنجي وڪڙ ۾ وٺي لاٿو. موسم اهڙي ته ڀوائتي هئي، جو ويچارا جهوپڙي کان ڪجهه والن جي فاصلي تي ويندا هئا ته طوفان ۾ ڦاسي مڻين برف جي هيٺان دٻجي ويندا هئا ۽ جڏهن برف ڳرندي هئي ته انهن جي هيٺان ڄميل انساني لاش ملندا هئا، ڪيترن ئي ڏينهن تائين ”الي نواءِ“ انهيءَ سردي ۽ برفباريءَ جي طوفان ۾ گهيريل رهيو. سڀني رستن تي ٽي فوٽ اوچي برف ڄمي ويئي هئي. ڪن ڪن علائقن ۾ ته گهرن جي ڇتين تائين برف ڄمي ويئي هئي ۽ سڀ گهر برف ۾ ڍڪجي ويا. ٿرما ميٽر ڄمڻ پد کان به هيٺ ڪِري پيو هو. اهڙي حالت ۾ به گهر جي ڇت کان ٻاهر رهيا، انسان توڙي حيوان، سڀ برف جي ڍڳن ۾ دفن ٿي ويا. اڇن پُڇن واري هرڻن سان به ائين ئي ٿيو، هنن جو سڄو نسل ختم ٿي ويو، شروع شروع ۾ ته بگهڙن کي انهن مئل جانورن مان گهڻو فائدو ٿيو. بنا گهرئي دعوت ٿي وين. پر جلدئي سندن وارو به اچي ويو ۽ پوءِ هو به ان ئي برف ۾ دٻجي ويا، جيڪا کوٽي هو پنهنجو شڪار ڪڍندا هئا.

لڳاتار نون هفتن تائين جهوپڙيءَ جا ماڻهو بچيل سَچيل اَن جي داڻن ۽ برف کي ڳاري انهن پاڻي تي گذارو ڪندا رهيا. ائين ڪنهن نه ڪنهن نموني سندن جانيون بچي ويون. بس اهوئي غنيمت هو، هنن جي جهوپڙيءَ جي ٻاهران ويرانيءَ جو راڄ هو، ميلن تائين برف جون سڌيون ٻنيون ۽ موت جي ويران وسنديءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نٿي آيو. تنهنڪري گهڻي عرصي تائين ”الي نواءِ“ جي علائقي ۾ شڪار جا جانور نه ٿي مليا. ڀلا مِلن به ڪيئن؟ هو ته برفباري جي انهي سخت سال جو کاڄ بنجي ويا هئا.

نيٺ خدا خدا ڪري مصيبت جا ڏينهن ختم ٿيا ۽ سج چمڪڻ لڳو، برف جون ڇُپون وگهرڻ لڳيون. لنڪن جي ڪيبن مان هر شخص پنهنجي جان بچائي ڀڄڻ ٿي چاهيو. انهيءَ ڪيبن ۾ هنن موت کانسواءِ باقي سڀ تڪليفون سٺيون هيون. تنهنڪري جلدئي سارا ۽ لنڪن پنهنجي آخري گهر ”ڪونر ڪائونٽي“ ۾ منتقل ٿي ويا. هن رواج ۽ قانون کان ڪجهه وڌيڪ ئي عرصو پنهنجي پيءُ سان گڏ گذاريو هو. هاڻ هو آزاد هو، جتي به وڻيس، اتي وڃي پنهنجي نئين دنيا وسائي ٿي سگهيو.

پر کيس في الحال ۽ فوري طور تي ڪنهن نوڪري جي گهرج هئي، هن کي ”ڊينٽن آفٽ“ سڀ کان پهرين آڇ ڪئي. آفٽ هڪ خيالي پلاءُ پچائيندڙ بدمست واپاري هو، هو ڏٽ تي کائيندو ۽ پيئندو هو ۽ مست رهندو هو. هن ايب لنڪن، سندس ويڳي ڀاءُ جون جونسٽن ۽ ڊينس هنيڪس کي نوڪر رکڻ ٿي چاهيو. کين ڪم اهو ڪرڻو هو ته اهي واپاري وکر ٻيڙيءَ تي چاڙهي ”نيو اوورلينز“ کڻي وڃن ۽ اتي وڪڻن. ان ڪم لاءِ آفٽ کين اسپرنگ فيلڊ ۾ اچي ساڻس گڏجڻ جي لاءِ چيو، انهيءَ وقت تائين برف ڳري ويندي ۽ موسم اڳ جيان خوشگوار ٿي ويندي.

لنڪن جي بيان موجب جڏهن هو انهيءَ ڪم جي لاءِ روانا ٿيا ته سڄو ملڪ ٻوڏ جي لپيٽ ۾ آيل هو ۽ رستن تي سفر ڪرڻ ناممڪن بنجي ويو هو. هنن پهرين مارچ 1831ع تي هڪ ننڍي ٻيڙي خريد ڪئي ۽ ”سنگامون درياهه“ ۾ روانا ٿي ويا.

جڏهن هو اسپرنگ فيلڊ پهتا ته سندس واپاري دوست اڳ ۾ ئي اتي موجود هو ۽ هو شراب خاني ۾ ويٺو شراب ڏوڪي رهيو هو. هو گهڻو تيز هو، پر ٻيڙيءَ جو ڪو اتو پتو نه هو. هان ايب کي معلوم ٿيو ته جيڪڏهن هنن ٽنهي کي نوڪري ڪرڻي آهي ته کين ٻيڙي به ٺاهڻي پوندي ۽ پوءِ ئي کين واپاري وکر کڻي وڃڻو پوندو. ان سڄي ڪم جي مزدوري ٻارهن ڊالر ماهوار في ماڻهو هوندي. تنهنڪري هو ٽيئي ڪم تي چڙهي ويا، هڪ مهيني جي سخت پورهئي کان پوءِ اسي فوٽ ڊگهي ۽ ارڙهن فوٽ ويڪري ٻيڙيءَ جُڙي راس ٿي. هنن ٻيڙيءَ تي چڙهڻ مهل وڏو هُل بکيڙو ڪيو ۽ ڏاڍي ڏکيائيءَ سان سامان چاڙهيائون. انهيءَ سڄي ڪم ۾ گهڻو وقت لڳي ويو ۽ ٻوڏ جي پاڻي لهي ويو. نيٺ ٻيڙيءَ ”رئلج هل“ جي بند تي اچي ڦاسي پئي.

اهو واقعو ”نيو سليم“ ڳوٺ جي ڀرسان ٿيو. اڳتي هلي هتي لنڪن پنهنجي زندگي جا ڇهه سال گذاريا. اهي ڇهه سال لنڪن جي زندگي ۾ وڏي اهميت رکن ٿا، انهيءَ ٻيڙيءَ تي ”نيو سليم“ جي رهاڪن ايب جي پهرين جهلڪ ڏٺي هئي. کين ڪهڙي خبر ته واپاري وکر سان ڀريل ان ٻيڙيءَ ۾ (جيڪا ان مهل درياهه جي بند ۾ ڦاٿل هئي) جيڪو هلڪي هڏ ڪاٺ جو ٻاويهن ورهين وارو نوجوان سوار آهي، اهو هڪ ڏينهن آمريڪا جي ٻيڙي پار اُڪارڻ لاءِ پنهنجي زندگي به قربان ڪري ڇڏيندو. ان مهل لنڪن کي نيري رنگ جي پتلون پاتل هئي، هن جا پانچا مٿي کنيل هئا، ايب جي پيرن جا مُريا چٽا نظر اچي رهيا هئا، کيس لڪيرن واري قميص ۽ مٿي تي هڪ نرم ٽوپلو پاتل هو. ايب درياهه ۾ ڦاٿل ٻيڙيءَ کي بچائڻ لاءِ وڏي ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ ٻيڙيءَ جو حال اهو هو ته ڄاڻ ٻُڏي. پاڻي ڀرجي وڃڻ جي ڪري ٻيڙي اڃا به ڳري ٿي ويئي هئي، اڳ ۾ ئي سامان جو وزن گهڻو هو. ٻيڙيءَ مان پاڻي ڪڍڻ جي ڪابه صورت سمجهه ۾ نه پئي آئي، ٻيڙي لڏڻ لڳي ۽ ويجهو هو جو اها ٻُڏڻ لڳي ها، جان هنيڪس چواڻي ”ايب کي هڪ اٽڪل سُجھي، هن سامان جا کوکا ڌڪي ٻيڙيءَ جي ٻي ڪناري تي رکيا ۽ بند جي ويجهو ٻيڙيءَ ۾ هڪ سوراخ ڪري پاڻي ڪڍي ورتو، هاڻي ٻيڙي هلڪي ٿي وئي. جيئن پاڻي نڪري ويو ته ايب ٻيهر پاڻي ڀرجڻ کان اڳ نهايت ڦڙتائي سان سوراخ بند ڪري انهيءَ جي مٿان ڪاٺ جي ڇپر هڻي ڇڏي.“

درياهه جي ڪناري تي ”نيوسليم“ جي رهاڪن جو هڪ وڏو ميڙ گڏ ٿي ويو، جيڪي وڏي بيچيني مان خاموش بيٺا هئا. انهيءَ ميڙ ۾ اهي ماڻهو به شامل هئا، جن اڳتي هلي ايب جي زندگي تي گهرو اثر وڌو. ان ميڙ ۾ مينٽر گراهم به هو، جيڪو هڪ اسڪول ماستر هو. گراهم ئي ايب کي زمين جي ماپ ۽ پيمائش جو فن سيکاريو. انهن ۾ گراهم کانسواءِ جيڪ آرمسٽرانگ به هو، جنهن کي ايب ملهه جي هڪ مقابلي ۾ دسيو هو، پر پوءِ هو ايب جو گهرو دوست بنجي ويو، انهيءَ ميڙ ۾ اينارئلج به هئي، جيڪا ڳوٺ جي سڀ کان سهڻي ڇوڪري هئي، ۽ ماڻهن ۾ ڳالهين جو موضوع هئي. انهن ۾ اينارئلج جو پيءُ جيمس رئلج به هو، جنهن هڪ ڪالوني جو بنياد وڌو هو ۽ هڪ مِل جو مالڪ هو.

اهي ۽ ڳوٺ جا ٻيا ماڻهو ڪنڌيءَ تي بيٺا انهيءَ خاموش طوفان جو نظارو ڪري رهيا هئا. جنهن ۾ ايب هڪ هيري وانگر ٻيڙي کي بچائڻ جي جدوجهد ۾ مصروف هو.

لنڪن ٻيڙي ۽ سامان بچائڻ جي لاءِ جنهن ڦڙتيءَ ۽ فرض شناسي جو ثبوت ڏنو، انهيءَ مان ڊينٽن آفٽ به خوش ٿيو ۽ سندس دل ۾ ايب جو قدر اڃا به وڌي ويو. تنهنڪري هن ايب کي هڪ ٻئي آڇ ڪئي ته هو ’نيو اوورلينز‘ مان واپس ورڻ تي سندس ننڍي دوڪان ۾ منشي بنجي وڃي.

جون جونسٽن، جون هنيڪس، ايب لنڪن ۽ ڊينس، سينگامون کان ٿيندا ”الي نواءِ درياهه“ تائين پهتا ۽ پوءِ مِسي.سي.پي پهچي ويا. جون هنيڪس پنهنجو ارادو بدلائي ڇڏيو ۽ واپس نيو اوور لينز وڃڻ جي بدران سينٽ لوئي هليو آيو. هنيڪس پنهنجي هڪ بيان ۾ ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو آهي ته نيو اوورلينز ۾ ايب هڪ سهڻي ڇوڪري جو نيلام ٿيندي ڏٺو ۽ هن پڪو پهه ڪيو ته جيڪڏهن کيس ڪڏهن موقعو مليو ته هو سڀ کان پهرين غلامي ۽ جسم فروشيءَ جو ڪو بِلو ڪندو. الي نواءِ واپس اچڻ کان پوءِ ايب، مستقبل ۾ آمريڪا جو صدر، ڳوٺ جي هڪ ننڍي دوڪان ۾ منشي گيري ڪندي ڏاڍو خوش هو.

[ 7 ]

نيوسليم ۽ بليڪ هاڪ جي جنگ

 

]پوءِ آئون نيو سليم هليو ويس، جتي هڪ دوڪان ۾ منشي وڃي ٿيس، ان کان پوءِ بليڪ هاڪ جي لڙائي شروع ٿي ويئي، مون کي رضاڪارن جي هڪ دستي جو اڳواڻ چونڊيو ويو، ان ڪاميابي تي مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي.

– ايب لنڪن[

جولاءِ 1831ع جي آخري ڏينهن ۾ جڏهن ايب ’نيوسليم‘ پهتو ته کيس اتي جو ماحول اوپرو نظر آيو. وٽس نه ڪو وسليو هو ۽ نه وري ڪو سهارو هو. هو ته بي سرو سامانيءَ جي حالت ۾ اُتي پهچي ويو هو. کيس ته ڪو سٺو هنر به نه ٿي آيو، ٻني ٻاري يا معمولي ٻيڙي ٺاهڻ جي واڍڪي ڪم مان ڇا ٿي ٿي سگهيو، کيس پنهنجي زندگي بي مقصد ۽ بيڪار معلوم ٿيڻ لڳي، کيس سمجهه ۾ نه پي آيو ته هو ڇا ٿو بڻجي سگهي؟ پر انهيءَ ڳوٺ ۾ ڇهه سال گذارڻ کانپوءِ جڏهن ڪنهن ٻي هنڌ وڃي هڪ وڪيل جي حيثيت ۾ ڀاڳ آزمائڻ جو فيصلو ڪيائين ته ان وقت تائين هو هڪ ڪامياب وڪيل ۽ قانوندان جي حيثيت سان گهڻو مشهور ٿي چڪو هو، ڳوٺ جي سماجي ۽ سياسي زندگيءَ ۾ هن خاص مقام حاصل ڪري ورتو هو. هو هوريان هوريان ۽ اڻ محسوس طريقي سان پنهنجي منزل طرف وڌي رهيو هو، جيڪا هن جو ڀاڳ بنجي چڪي هئي.

آگسٽ جي مهيني ۾ صدر جي چونڊ ٿيڻي هئي، جڏهن ايب انهيءَ ننڍي ڳوٺ ۾ ويو ته چونڊن جون تياريون وڏي زور شور سان ٿي رهيون هيون، ايب جي اڪثر سوانح نگارن جو هي خيال آهي ته ان چونڊ ۾ هن اسڪول جي استاد مينٽل گراهم جي مدد ڪئي ۽ هن جي لاءِ ووٽ گڏ ڪيا، پر اسان جو خيال آهي ته اها ڳالهه صحيح ڪونهي. البت هن شايد پهريون ڀيرو ووٽ وڌو، جڏهن ماڻهو ووٽ ڏيڻ جي لاءِ هڪ ڪمري ۾ گڏ ٿيا ٿي ۽ هڪ ماڻهو ووٽ وجهڻ جي لاءِ ٿي ويو ته اوسيئڙي جون گهڙيون طويل لڳڻ ٿي لڳيون، ڄڻ وقت جو ڦيٿو بيهي ويو هجي. ماڻهو بيزار ٿي پيا ۽ ان موقعي ٿي ايب پنهنجن لطيفن ۽ ٽوٽڪن سان ماحول ۾ خوشگواريت تي پيدا ڪئي ۽ ماڻهن جي بيزاري ختم ٿي ويئي ٿي. ايب جي انهيءَ لطيفن کي ماڻهن ڏاڍي دلچسپي سان ٻُڌو ته ڪهڙي نموني هڪ پادري پنهنجي واعظ ۾ مگن هو ۽ هڪ چچي سندس پتلون جي پائنچي ۾ گهڙي ويئي.

انهيءَ وسنديءَ جا ماڻهو دل ۽ جان سان ايب کي چاهڻ لڳا. ههڙو زنده دل ۽ ڀوڳائي همراه ته هنن اڳ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺو هو. ايب کي ڪجهه هفتا ٻيا به دڪان جي لاءِ ايندڙ سامان جو اوسيئڙو ڪرڻو هو، جيڪو ڊينٽن آفٽ پاڻ سان گڏ آڻڻ جو وعدو ڪيو هو. جيستائين سامان اچي، تيستائين هِن گهمي ڦري، وسنديءَ جو واءُ سواءُ ورتو. اهو هڪ ڳوٺ هو، جيڪو جيمس رئلج ۽ جان ڪيمرون ٻه سال اڳ آباد ڪيو هو. انهن ٻنهي هن ڳوٺ ۾ ڪاٺ چيرڻ جو آرو ۽ اٽو پيهڻ جي چڪي به هنئي هئي. ڳوٺ جي وچ ۾ هڪ رستو هو، جنهن جي ٻنهي پاسن گهرن ۽ ٻنين جون قطارون هيون، جن تي هر وقت ٻار ۽ عورتون وڙڪنديون وتنديون هيون. هوريان هوريان ڳوٺ ويو وڌندو، جلدئي ڳوٺ ۾ لوهار، موچي ۽ واڍا به اچي سهڙيا. ٻه ڊاڪٽر به اچي ڳوٺ ۾ ٽِڪيا، جيڪي ننڍين ننڍين بيمارين جو سولائيءَ سان علاج ڪري ٿي سگهيا ۽ ڀڳل هڏين کي جوڙڻ جا ماهر سمجهيا ويندا هئا.

پنسار ۽ وليم ڪليري جي دوڪان تي به هر وقت ماڻهن جو ميڙو متل هوندو هو، اهڙي رونق ته ميٿوڊسٽ ۽ هپٽسٽ جي ديولن ۾ به نه هوندي هئي.

ڪجهه هفتا ٻيا به گذري ويا ۽ ڊينٽن آفٽ دوڪان جي لاءِ وکر کڻي ڳوٺ پهچي ويو، ڳوٺ ۾ اچي هن ڏٺو ته سندس دڪان جو منشي ايب ڳوٺ جي ماڻهن جو ڏاڍو دل گهريو بنجي ويو هو. لنڪن جو سڀاءُ ۽ اُٿي ويٺي ئي اهڙي هوندي هئي، جو اوپرو ماڻهو به جلد ساڻس هِري مِري ويندو هو. ڳوٺ جا ماڻهو به کيس گهڻو پسند ڪندا هئا، پر لنڪن کي اڃا ڌاڪو ڄمائڻ جي لاءِ ڪن امتحانن مان گذرڻو هو.

ڳوٺ جي آسپاس رولو نوجوانن جو هڪ ٽولو هو، جيڪو ”ڪليريز گرڊ بوائز“ سڏيو هو. اهو سٺن پهلوانن، شهسوارن، شڪارين ۽ ويڙهو نوجوانن جو جٿو هو. اهي کائيندا پيئندا، عيش ڪندا، ڊاڙون ڊشون هڻندا ۽ موج مستيءَ ۾ ايندا هئا ته مار ڪٽ به ڪندا هئا. ڪنهن تي فلڪ ئي نه آڻيندا، گهوڙا ڊوڙائيندا، هنٽر ڦيرائيندا هر ڇنڇر تي ڪليري جي دوڪان تي ايندا هئا. ڪليري جو دڪان آفٽ جي دوڪان کي فقط ٽيهن وکن جي پنڌ تي هو. ڪليري جي دوڪان تي سندن ميڙو متو پيو هوندو هو. هو ايندڙ ويندڙ ماڻهن تي چٿرون ڪندا ۽ کين چيڙائيندا هئا، ۽ جي ڪو ساڻن اٽڪندو هو ته کيس ڪُٽڪو به ڏيئي ڇڏيندا هئا.

آفٽ پاڻ ته قد جو بندرو ۽ بنهه ڊڄڻو هو، ڦوڪَ سان اُڏامڻ وارو، سو هنن جوڌن سان ڪيئن ٽڪر کائي ها. پر کيس ايب تي گهڻو ڀروسو هو. تنهنڪري هن ڦوڪون ڏيڻ شروع ڪيون ته سندس نوڪر ايب انهيءَ ٽولي جي هر نوجوان کي ملهه ۾ دسي ۽ کين ماري ماري دنبو بنائي سگهي ٿو وغيره. هن پنهنجي پاران ايب تي پنجن ڊالرن جي شرط جو اعلان به ڪري ڇڏيو، ترت ئي آفٽ کي ساڻس شرط هڻڻ وارا ملي ويا.

انهيءَ سڄي ٽولي مان جيڪ آرمسٽرانگ وڌيڪ سگهارو سمجهيو ويندو هو. هن جي باري ۾ اها ڳالهه مشهور هئي ته ڏهن ڪوهن جي فاصلي تي ڪوبه اهڙو ماڻهو ڪونهي، جيڪو کيس هارائي سگهي. نيٺ اها خبر ڳوٺ ۾ پکڙجي ويئي ته ايب ۽ آرمسٽرانگ جي وچ ۾ ملهه وڙهڻ جو شرط لڳي ويو. جلدئي ٻيئي آکاڙي ۾ پنهنجي سگهه جو مظاهرو ڪندا. جيئن جيئن ملهه وڙهڻ جو ڏينهن ويجهو ايندو ويو، تيئن ڳوٺ ۾ جوش پکڙبو ويو ۽ ماڻهو کٽڻ ۽ هارائڻ تي شرط هڻڻ لڳا.

انهيءَ مشهور ملهه جو ايب جي ايندڙ سياسي زندگي تي گهرو اثر پوڻو هو، نيٺ ڇنڇر جي ٻنپهرن جو مقابلي جو اعلان ٿيو، سڄي ڳوٺ جا ماڻهو ميدان جي چئني پاسن کان گهيرو ٻڌي بيهي رهيا. جيڪ ۽ ايب ٻنهي قميصون لاٿيون، هاڻي ٻئي هڪٻئي کي دسڻ ۽ هارائڻ جي فڪر ۾ زور آزمائي ڪرڻ لڳا. جيڪ قد جو ٿورو بندرو، پر سگهاري هڏ ڪاٺ وارو جوان هو، منجهس ڍڳي جهڙي طاقت هئي، سندس ڪسرتي جسم ۽ ٻانهن جا ڏورا اُس ۾ چمڪي رهيا هئا. ايب ڊگهو طاقتور جوان هو، پر کيس ان ڳالهه جو چڱي پَر احساس هو ته سندس مد مقابل به ڪمزور ڪونهي.

انهيءَ ملهه جي باري ۾ ڪيترائي قصا مشهور آهن، ۽ انهن ۾ تضاد پڻ آهن، پر هڪ ڳالهه انهن سڀني قصن ۾ ساڳي آهي ته ٿوري دير ته انهن ٻنهي ۾ سخت مقابلو ٿيندو رهيو، پر نيٺ ايب، جيڪ کي دسي وڌو. جيڪ جي دسجڻ شرط ٽولي جي سڀني همراهن ايب کي گهيري ورتو. ايب هڪدم ٽپ ڏيئي ڀت سان ٽيڪ ڏيئي بيهي رهيو ۽ انهن کي چيائين ته هو سڀني سان ملهه وڙهڻ جي لاءِ تيار آهي، پر شرط اِهو آهي ته اهي سندس اڳيان هڪ هڪ ٿي مقابلي لاءِ اچن. هو اڃا اِهي ڳالهيون ڪري رهيا هئا، جو جيڪ آرمسٽرانگ ڏاڍي معقوليت جو ثبوت ڏنو، هن ڏٺو ته سندس ٽولي جي نوجوانن ايب کي گهيري ورتو آهي ۽ شايد مٿس حملو ڪري ڏين. هو جلدي اُٿيو ۽ پنهنجن ماڻهن کي ڌڪا ڏيئي پري ڪيائين ۽ ايب سان ڏاڍي گرمجوشيءَ سان هٿ ملائي کيس ڪاميابيءَ جون مبارڪون ڏنائين.

آرمسٽرانگ ۽ سندس زال ڳچ عرصي تائين ايب جا گهرا دوست رهيا ۽ سياسي معرڪن ۾ هنن سدائين ايب جو ساٿ ڏنو.

انهيءَ مقابلي کان پوءِ ڳوٺ جي ماڻهن ۾ ايب جي اهميت اڃا به وڌي ويئي. هن اڳتي هلي اهو به ثابت ڪيو ته هو شهسواري ۽ ٻين مردانن ڪرتبن ۾ ڳوٺ جي ٻين ماڻهن کان وڌيڪ ماهر هو. ڳوٺ جي ماڻهن هڪ راءِ ٿي کيس پنهنجو اڳواڻ مڃي ورتو، عام رواج موجب ايب نه ڪو شراب پيئندو هو ۽ نه ئي وري جوا کيڏندو هو. انهيءَ احتياط ۽ پرهيز باوجود سندس شهرت ۽ مقبوليت ۾ ڪابه ڪمي ڪانه ٿي.

اهو صحيح آهي ته سرحدي علائقن جا سادا سودا ڳوٺاڻا ماڻهو جسماني طاقت کان وڌيڪ مرعوب ٿيندا هئا، هو طاقت جي نمائش پسند ڪندا هئا، پر گڏوگڏ هو ذهني ۽ دماغي صلاحيتن جو به وڏو قدر ڪندا هئا، تنهنڪري انهيءَ ڳوٺ جا اڌ ڊزن پڙهيل ماڻهو ايب جي دماغي صلاحيتن جا معترف هئا.

اسڪول جي ماستر مينٽر گراهم، ايب کي رياضي ۽ قاعدو سيکاريو، جيڪ ڪليڊو، جيڪو سڄو ڏينهن پيون مڇيون جهليندو ۽ ٻٽاڪون هڻندو هو، تنهن کي ڪيترائي شعر ياد هئا. تنهن ايب کي شيڪسپيئر جا ڊراما ۽ رابرٽ برنس جي ڪلام پڙهڻ ۾ مدد ڪئي.

ڳوٺ جي بحث مباحثي واري ڪچهري ۾ ايب کي لهائڻجو موقعو مليو، جتي هن تقرير جا جوهر ڏيکاريا، انهن بحث مباحثن ۾ سندس مدلل ۽ سنجيده تقريرون ٻُڌي جيمس رئلج ۽ ڊاڪٽر فرانسس رينجر، ايب جي هڪ سُٺي مقرر واري صلاحيت کان متاثر ٿيا ۽ هنن محسوس ڪيو ته ايب کي فقط ٿوري مشق جي گهرج آهي، نه ته منجهس هڪ سٺي مقرر واريون هڙئي خوبيون موجود آهن.

هونئن به ايب هر معاملي ۾ اڳيان اڳيان رهندو هو ۽ هر فن ۾ پنهنجي ڀڙ هئڻ جو ثبوت ڏيندو هو، پر گهٽ ۾ گهٽ هڪ معاملي ۾ پنهنجي اهليت ثابت ڪري نه سگهيو، ڳالهه هيءَ هئي ته ايب کي خريد ۽ فروخت جي ڀيٽ ۾ ڪتابن پڙهڻ سان وڌيڪ دلچسپي هئي. هو سڄو وقت دوڪان ۾ ٽنگون ڀت سان ٽڪائي ليٽيو ڪتاب پيو پڙهندوهو ۽ لوڻ، کنڊ ۽ صابڻ جي وڪري ڏانهن ڌيان نه ڌريندو هو.

ماڻهو ايب جي ٽوٽڪي بازي، خوشطبعي ۽ سنجيدگيءَ کان وڌيڪ سندس ديانت ۽ ايمانداريءَ کان متاثر هئا ۽ کيس گهڻو پسند ڪندا هئا، پر ڪٿي به دوڪان لطيفن ۽ ٽوٽڪن سان نه هلندا آهن، نتيجو اهو نڪتو ته هوريان هوريان ڪاروبار ختم ٿي ويو ۽ آفٽ به انهي نفعي کانسواءِ هلندڙ ڌنڌي مان بيزار ٿي پيو، هن دوڪان بند ڪري ڇڏيو ۽ ڪنهن ٻي ڪاروبار جي ڳولا ۾ ڪنهن ٻي هنڌ هليو ويو، ۽ ويچارو ايب هڪ ڀيرو ٻيهر بيروزگار ٿي ويو.

نيو سليم ۾ ست مهينا رهڻ جي دوران ايب جي سنگت ساٿ جو حلقو گهڻو پکڙجي چڪو هو. سنگت سان گڏ سندس هلندي چلندي به وڌي ويئي، جنهن جي ڪري ايب ۾ ايتري ته خود اعتمادي وڌي ويئي، جو هن 9- مارچ 1832ع تي اعلان ڪيو ته هاڻي هو ايندڙ چونڊن ۾ مڪاني لوڪل ڪائونسل جي لاءِ بيهندو. هن مينٽر گراهم ۽ پنهنجن ٻين مداحن جي مدد سان پنهنجو پهريون چونڊ منشور پڌرو ڪيو، جيڪو بنهه مختصر پر سنگامون جي ووٽرن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڪافي هو.

لنڪن پاڻ اينڊريو ۽ جيڪسن جي حريف هينري ڪلي کي پسند ڪندو هو. لنڪن پنهنجي چونڊ منشور ۾ مقامي گهرجن موجب عوامي پسند جون شقون به شامل ڪيون. جهڙوڪ: اڪثر ووٽر قرضي هئا، تنهنڪري هن قرِض تي وياج جو سيڪڙو گهٽائڻ جو وچن ڪيو، سڄي علائقي ۾ اسڪول نه هئڻ جي برابر هئا، تنهنڪري هن اسڪولن جي قيام ۽ تعليمي سهوليتن جي فراهميءَ جو اعلان ڪيو ۽ آخر ۾ هن وعدو ڪيو ته ”سنگامون درياهه“ کي ويڪرو ۽ اونهو ڪري آبي ذريعن جي چرپر جي سهوليت پيدا ڪئي ويندي. سندس خيال هو ته ائين ڪرڻ سان گهٽ ۾ گهٽ پندرهن کان ٽيهن ٽنن تائين وزني جهاز ”سنگامون درياهه“ مان ’سائوٿ فورڪ‘ اچي ٿي سگهيا. ايب پنهنجي انهيءَ راءِ جو اظهار به ڪيو ته جيڪڏهن عوام رضاڪاراڻي طور تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار هجي ته دريا جي رستي ۾ جيڪي موڙ اچي ويا آهن، تن کي ڪٽي سڌو ڪري سگهجي ٿو، ۽ درياهه کي وڌيڪ اونهو ڪري سگهجي ٿو، ايب پنهنجي چونڊ منشور ۾ آخري پئرا هنن سادن پُراثرائتن لفظن سان ختم ڪئي.

”آئون هڪ معمولي گهراڻي ۾ ڄايس ۽ ان ڏينهن کان وٺي اڄ سوڌي نهايت معمولي حيثيت سان زندگي گذاريندو رهندو آهيان. جيڪڏهن منهنجي عزيز ديس واسين مون کي اڃا به گمنامي جي پسمنظر ۾ رکڻ پسند ڪيو ته مون کي ڪا گهڻي مايوسي نه ٿيندي، ڇو ته آئون اهڙين مايوسين ۽ ناڪامين کي اڪثر منهن ڏيندو رهيو آهيان. اوهايو دوست ۽ ديس واسي. ابراهام لنڪن.“

ماڻهن کي آبي چرپر ۽ اچ وڃ جي ذريعن جي اهميت جو پورو اندازو نه هو. پر لنڪن جڏهن پنهنجي چونڊ منشور ۾ اعلان ڪيو ته آبي رستن کي ترقي ڏني ويندي ته ماڻهو انهي اعلان جي اهميت کي چڱي طرح سمجهي نه سگهيا، پر هڪ ڀيري هيئن ٿيو ته، ”نيوسليم“ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ اعلان ڪرايو ويو ته جلدئي هڪ دخاني ٻيڙِي ”طلسمات سينٽ“ لوئيءَ مان واپاري سامان کڻي اسپرنگ فيلڊ کان ڇهه ميل اُتر طرف ”سنگامون درياهه“ تائين ايندي. انهيءَ اسٽيمر جو ڪپتان ونسنٽ لوگ هو سينٽ لوئي کان ان هنڌ تائين ڀاڙو ساڍا ستٽيهه پائونڊ ٿي لڳو، رستي مان اهو سامان نيڻ ۾ انهيءَ کان به ٻيڻو ڀاڙو ٿي لڳو.

ظاهر آهي ته جڏهن اچ وڃ تي خرچ گهٽ ايندو ته شيون به سستيون ٿينديون ۽ عوام جي قوت خريد به وڌي ويندي ۽ خوشحالي عام ٿيندي. ايب جي انهيءَ اعلان کي ٻڌي ”نيوسليم“ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جي رهاڪن ۾ خوشي جي لهر ڊوڙي ويئي.

اسٽيمر ”طلسمات“ جي لاءِ سنگامون درياهه جو رستو به صاف ڪرڻو هو، درياهه جي ڪنڌيءَ تي وڏا وڻ بيٺل هئا، جن جون ڊگهيون ڊگهيون ٽاريون اڳيان وڌي آيون هيون، ۽ هڪٻئي سان اُلجهي ويون هوين. اسٽيمر جي واسطي انهن واڌو ٽارين کي وڍي صاف ڪرڻو هو.

انهيءَ وقت ايب مقامي قانون ساز مجلس جي ميمبريءَ جو اميدوار هو. هن سڀ کان پهرين پنهنجي رضاڪاراڻين خدمتن جو اعلان ڪيو ۽ نوجوانن جو هڪ جٿو تيار ڪيو، جيڪي ڊگهيون ڪُهاڙيون کڻي، جيڪي بانسن ۾ لڳل هيون، تيز چاقن ۽ ٻين اوزارن سان، جن سان انهن ٽارين کي ڪپي سگهجي، هٿياربند هئا، اهي سڀ ماڻهو ماڻهو هڪ ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا ۽ سنگامون درياهه جي انهن وڻن کي وڍڻ لڳا، ساڻن گڏ هڪ گهوڙي تي سوار ”بلي هرن ڊن“ به درياهه جي ڪنڌيءَ تي هلي رهيو هو، جيڪو رضاڪارن جي انهي جٿي جي همت افزائي ڪندو پي ويو. اڳتي هلي اهو هرن ڊن، ايب جو وڪالت ۾ ڀائيوار ۽ سندس وڏو مداح بنجي ويو. هن ايب جي سوانح حيات به لکي.

دخاني ٻيڙي ”طلسمات“ جو وڏي پُرجوش انداز ۾ آڌرڀاءُ ڪيو ويو. ٻيڙي آئي ۽ هن واپار جو سامان بندرگاهه تي لاٿو، واپسيءَ تي ايب به انهيءَ جي پائلٽ سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ ئي ويو.

ماڻهن ۾ اڃا طلسمات جي اچڻ ۽ انهيءَ جي آڌرڀاءُ جو جوش ۽ خروش باقي هو، جو هڪ ٻيو افواهه ڏاڍي زور ۽ شور سان پکڙجڻ لڳو، ان ڳالهه جي ڪري ماڻهن ۾ ٿورو ڊپ ۽ هراس به پکڙجي ويو ۽ ڳالهه هئي به ڊپ جهڙي.

ڳالهه اِها هئي ته انهيءَ علائقي ۾ آمريڪا جي قديم رهاڪن ريڊ انڊين جا ٻه قبيلا ”سبڪ“ ۽ ”فاڪس“ آباد هئا، ۽ انهن جي سردار جو نالو ”بليڪ هاڪ“ هو، اهي ماڻهو قديم زماني کان انهيءَ سڄي علائقي تي قابض هئا. هتي ئي پوکي راهي ڪندا هئا ۽ شڪار ڪندا هئا. ۽ سڄي علائقي ۾ انهن جو ئي راڄ هو. جڏهن آمريڪا ۾ يورپي ماڻهن جي آمد شروع ٿي ۽ ڳوري نسل جا پناهگير مختلف علائقن ۾ آباد ٿيڻ شروع ٿيا ته انهن قديم رهاڪن اها ڳالهه سٺي نه سمجهي ۽ شروع شروع ۾ ته سخت ويڙهه ٿي. پر ڳورن پناهگيرن جو سيلاب ويو وڌندو ۽ هر هنڌ انهن قديم رهاڪن کي پٺتي هٽڻو پيو.

پهرين ته بليڪ هاڪ جي قبيلي به انهن نون آيلن سان ٺاهه ڪري ورتو، پر هاڻ هنن معاهدي جي خلاف ورزي شروع ڪري ڏني ۽ چوڏس ڦُرلٽ، قتل ۽ رتوڇاڻ جو رڻ ٻاري ڏنو. بليڪ هاڪ انهن قديم رهاڪن جي فوج گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڏني ۽ اهي مِسي.سي.پي درياهه کي پار ڪري الي نواءِ ۽ وس ڪانيسن جي وسندين تي وڏي پئماني تي ڪاهه ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيا هئا.

”بليڪ هاڪ“ جو دليل هو ته اها زمين جنهن تي ڳورا اچي قابض ٿيا آهن، قدرت جي ملڪيت آهي، ۽ جيڪي ماڻهو ان زمين تي پوک ڪن ٿا، اهي ئي ماڻهو قدرت پاران ان جا صحيح وارث قرار ڏنل آهن. هي زمينون خريد ڪري ۽ وڪرو ڪري نٿيون سگهجن. خريد ۽ فروخت جي لائق فقط اهي شيون آهن، جيڪي منتقل ڪري سگهجن.

بليڪ هاڪ جي ان دليل ۾ ڀلي ڪيترو به وزن هجي، پر هن ڀيري هن پاڻ ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي ۽ سُک ۽ امن سان رهندڙ ماڻهن ۾ ڊپ جي لهر پکيڙي ڇڏي هئي.

اترالي نواءِ جي بيٺڪن مان تيز رفتار قاصد فوجي امداد جي درخواست کڻي لڳاتار اچي رهيا هئا، الي نواءِ جي گورنر عوام کي رضاڪارن جي هڪ فوج تيار ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي، ماڻهو وڏي انگ ۾ اچي رضاڪار فوج ۾ شامل ٿيڻ لڳا، ايب لنڪن کي اڪثريت راءِ سان انهي فوج جو ڪمانڊر چونڊيو هو. هن جي چونڊ ۾ ”گلري گرو بوائز“ جو وڏو هٿ هو. اهي همراهه هاڻي ايب جا گهاٽا سنگتي بڻجي ويا هئا ۽ اهو اڃا به وڌيڪ سٺو ٿيو جو ”جيڪ آرمسٽرانگ“ کي ايب جو نائب بڻايو ويو.

رنگروٽن جي غير فوجي عادتن بابت ڪيترائي دلچسپ لطيفا مشهور ٿي ويا هئا. خود ايب به انهن رنگروٽن جي باري ۾ ڏاڍيون دلچسپ ڳالهيون ٻڌائيندو هو. اهي فوجي سکيا ورتل نه هئا، جيڪي قاعدن ۽ قانونن کان واقف هجن. هو ته سادا سودا ڳوٺاڻا هئا، جيڪي فوجي تنظيم، قائدن، نظم ۽ ضبط جي اهميت کان اڻڄاڻ هئا ۽ فقط خدمت جي جذبي هيٺ اچي فوج ۾ شامل ٿيا هئا. تنهنڪري انهن جون حرڪتون به ڏاڍيون دلچسپ ۽ کل جهڙيون هيون. اهي سڀ لطيفا نه رڳو رنگروٽن جي باري ۾، پر سندن ڪمانڊر ايب جي باري ۾ پڻ مشهور هئا. پنهنجن رنگروٽن جيان ايب به فوجي قاعدن ۽ اصطلاحن کان ڪو گهڻو واقف نه هو.، ڪئين ڀيرا ڪمپني مارچ ڪندي پئي هئي ته سندن ڪمانڊر اهو سوچيندو رهندو هو ته ڪمپني کي ڪيئن حڪم ڏيان. تنهنڪري هڪ ڀيري لطيفو هي ٿيو ته اها ڪمپني مارچ ڪندي هڪ اهڙي سوڙهي رستي تي پهتي، جتي سپاهي وک وک سان گڏي هلي نه سگهيا. حڪم ڏيڻو هو ته اها ڪمپني END WISE اچي وڃي. پر ڪمانڊر صاحب کي اهو فوجي اصطلاح نه ٿي آيو، تنهن ڪري تڪڙ ۾ هن اهو ڊگهو حڪم ڏنو، ”بيهي رهو، هيءَ ڪمپني ٻن منٽن لاءِ منتشر ٿي ويندي ۽ پوءِ رستي جي ٻي پاسي پهچي قطار ٺاهيندي.“

لنڪن ۽ سندس ساٿين کي بليڪ هاڪ يا سندس سپاهين سان منهان مُنهن ٿيڻو نه پيو ۽ نه ئي وري ڪنهن جهيڙي جهٽي جي نوبت آئي.

لنڪن جي اها فوجي زندگي جلدئي ختم ٿي ويئي، ڪيترين ئي جهڙپن کان پوءِ بليڪ هاڪ ۽ سندس سپاهين کي گهيري ۾ ورتو ويو ۽ بليڪ هاڪ کي گرفتار ڪري ”واشنگٽن ڊي.سي“ موڪليو ويو. جتي بليڪ هاڪ کي آمريڪي صدر ’اينڊريو جيڪسن‘ جي اڳيان پيش ڪيو ويو. هن جي منهن تي ڪابه ندامت يا پريشاني نظر نه آئي. هو آمريڪي صدر جي سامهون ڇاتي تاڻي بيهي رهيو ۽ چيائين، ”آئون به انسان آهيان ۽ تون به هڪ انسان آهين. مون پنهنجي قوم تي ٿيندڙ ظلمن جي خلاف تلوار کنئي آهي ۽ منهنجا ماڻهو وڌيڪ عرصي لاءِ اهو ظلم سهي نه ٿي سگهيا. جيڪڏهن آئون انهن ظلمن تي ماٺ ڪري ويهان ها ته هو چون ها ته بليڪ هاڪ پوڙهو ٿي ويو آهي ۽ هاڻ سرداريءَ جي لائق نه رهيو آهي ۽ هو سمجهن ها ته مون ۽ قوم جو ننگ ڪونهي.“

بليڪ هاڪ جي گرفتاريءَ سان گڏئي بليڪ هاڪ جنگين جو سلسلو به پُڄاڻي تي پهتو ۽ ڪمپني ٽوڙي ويئي ۽ لنڪن ’ڏکڻ وسڪن سن‘ هليو ويو. ان دوران ظلم اهو ٿيو ته سندس گهوڙو چورائجي ويو. تنهنڪري واپسي جي لاءِ وٽس ٻي ڪا واهه ئي نه هئي ته هو يا ته پنڌ وڃي يا ڪا گاڏي ڀاڙي تي ڪري.

ان واقعي کان ڪيترا سال پوءِ هڪ ڀيري لنڪن ڪانگريس جي سامهون تقرير ڪري رهيو هو. صدارت جي عهدي جو ڊيموڪريٽڪ اميدوار جنرل لوئي سيس ان تقرير جو نشانو هو. ان تقرير ۾ ايب پنهنجن ۽ جنرل سيس جي فوجي ڪارنامن جو خوب مذاق اڏايو.

جناب صدر!

ٿلهي ليکي آءٌ اهو ذڪر ڪندس ته ڇا اوهان کي خبر آهي ته آئون هڪ فوجي هيرو رهي چڪو آهيان. هائو، فوجي هيرو، بليڪ هاڪ جي لڙائي جي زماني ۾ آئون ڏاڍي بهادري سان وڙهيو هوس. جڏهن ته آئون جنرل سيس جي فوجي ڪارنامن جو ذڪر ٻڌندو آهيان ته مون کي خود پنهنجي زندگي ياد اچي ويندي آهي.

آئون اوهان کي يقين ٿو ڏياريان ته انهن خوني لڙاين ۾ منهنجي تلوار نه ٽٽي، ڇاڪاڻ ته مون وٽ سري کان تلوار هئي ئي ڪانه. پر هڪ موقعي تي مون کي ياد ٿو پوي ته مون هڪ بندوق جي نالي خراب نموني موڙي ڇڏي هئي.

پر جنرل سيس هٿ ٺوڪيا هيرا چونڊڻ ۾ مون کي به ماري ويو هونئن ته مون به ضرور جهنگلي بصر وڍڻ ۾ کيس پٺتي ڇڏي ڏنو هوندو. جيڪڏهن ڪنهن جيئري حبشيءَ کي وڙهندي ڏٺو آهي ته بيشڪ ان معاملي ۾ هو مون کي ملهه ماري ويو.“

نيو سليم واپس ورڻ کانپوءِ لنڪن، اسٽيٽ ليجسليٽو اسيمبليءَ ۾ بيهڻ جو فيصلو ڪيو هو، وقت بنهه گهٽ هو ۽ ڪم تمام گهڻو ڪرڻو هو، تنهنڪري پاڻ ڀرپاسي پنهنجي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ روانو ٿي ويو. هو هارين سان ڳالهائيندو هو. کين ٻنين ۽ وهٽن جي باري ۾ صلاحون ڏيندو هو. لابارو ڪرڻ ۾ مدد ڪندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن تقريرون به ڪندو هو. هڪ ڀيري هو اهڙي ئي هڪ ميڙ ۾ تقرير ڪري رهيو هو، جو هڪ ڍڳو ميڙ ۾ ڪاهي پيو ۽ ماڻهو منتشر ٿيڻ لڳا، لنڪن تقرير روڪي هيٺ لٿو ۽ ڍڳي کي سنڱن مان جهلي ڌڪا ڏيئي ميڙ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيائين. ان کان پوءِ وري اطمينان سان پنهنجي جاءِ تي بيهي تقرير ڪرڻ لڳو.

ان موقعي تي کيس مسڊ جين جو ڪوٽ ۽ کهري ڪپڙي جي پتلون پاتل هئي، جيڪي گهڻي ننڍي هئي، سندس مٿي تي اڇو ٽوپلو هو، جنهن ۾ فيتو به لڳل نه هو. سندس تقرير اختصار پر جا معيت جي لحاظ کان مثالي حيثيت رکندي هئي.

”منهنجا دوستو! آئون سمجهان ٿو ته اوهين سڀ مون کي سڃاڻو ٿا، منهنجو نالو ايب لنڪن آهي ۽ منهنجن ڪجهه سنگتين مون تي زور ڀريو ته آئون رياستي ليجلسٽو جي چونڊن ۾ بيهان، منهنجو چونڊ منشور ڪنهن ڪراڙي عورت جي رقص جيان مختصر ۽ دلچسپ آهي. آئون هڪ قومي بئنڪ جي قيام جي حق ۾ آهيان. آئون داخلي نظام بهتر بنائڻ ٿو چاهيان، آئون چاهيان ٿو ته محصول به گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ لڳائڻ گهرجن، اِهوئي منهنجو چونڊ منشور آهي ۽ اهي ئي منهنجا سياسي نظريا آهن. جيڪڏهن آئون چونڊجي ويس ته به اوهان سڀني جو ٿورائتو رهندس. جي نه چونڊيس ته به.“

لنڪن شايد زندگي ۾ پهريون ۽ آخري ڀيرو سڌن سنون ووٽن ۾ هارائي ويو، پر کيس پنهنجي تڪ ۾ 7 جي مقابلي ۾ 277 ووٽ مليا، ان مان ظاهر ٿو ٿئي ته هو نيو سليم ۾ سڀني کان وڌيڪ مقبول ماڻهو هو. کيس پنهنجي ڪمپني جو ٻيهر ڪپتان مقرر ڪيو ويو، انهن چونڊن ۾ هو بيشڪ هارائي ويو، پر 1832ع جي گرمين جي پڇاڙيءَ ۾ کيس پنهنجي هردالعزيزي جا گهڻائي ثبوت ملي ويا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org