[ 3 ]
ويڳي ماءُ
]ايب
ڏاڍو نيڪ ۽ پيارو ٻارڙو هو، هو مون سان ڪڏهن به
خراب نموني نه هليو ۽ نه ئي مون کي شڪايت جو موقعو
ڏنائين، هو پنهنجي سڀاءُ ۾ هر شيءِ ۽ هر شخص سان
سُٺو سلوڪ ڪندو هو، اسان ٻنهي جا خيال هڪ جهڙا
هئا، اسان ٻنهي جو دماغ به اڪثر معاملن ۾ هڪجهڙو
ڪم ڪندو هو. – سارابش لنڪن[
●
نينسي لنڪن جي موت کانئس سندن زندگيءَ جون ننڍيون ننڍيون
خوشيون به کسي ورتيون هيون، انهيءَ وقت سارا جي
عمر يارهن سال هئي، ايتري ننڍي وهيءَ ۾ ئي سندس
مٿان گهر جي سڄي ڪم ڪار جو بار اچي پيو هو. هوءَ
پنهنجي پيءُ، ڀاءُ ۽ هنيڪس جي لاءِ رڌپچاءُ ۽ سڄي
گهر جو ڪم ڪار ڪندي ۽ پنهنجي قسمت تي روئيندي هئي،
سچ پُڇو ته هوءَ ڪاٺ جي ان اڻپوري جهوپڙيءَ جي
زندگي مان ڪَڪ ٿي پئي هئي. پر هوءَ اڪيلي سر ايترو
سارو ڪم ڪيئن ٿي ڪري سگهي، ايب جي عمر ڏهه سال هئي
۽ هو ويچارو سڄو ڏينهن پنهنجو غم پاڻ سهندو هو، نه
ڪنهن سان ڪجهه سَلي سگهندو هو ۽ نه ئي وري ڪو کيس ڏڍ دلاسو
ڏيڻ وارو هو، سڀ پنهنجي پنهنجي پيڙا ۽ غم پاڻ ئي
ڀوڳيندا هئا.
ٽام لنڪن کي گهڻو رنج اُن ڳالهه جو هو ته نينسي ۽ اسپيرو جي
موت تي ڪفن دفن جون سڀ رسون باقاعده ادا ٿي نه
سگهيون هيون. هو پاڻ ته لکيل پڙهيل نه هو ۽ نه ئي
وري ڀرپاسي ۾ به ڪو پادري وغيره هو، جيڪو انجيل
جون مخصوص آيتون ايصال ثواب واسطي پڙهي سگهي.
هڪ ڏيهاڙي ڪينٽڪي ڳوٺ جو رهواسي هڪ پادري ”پارسن اليڪن“
وڙڪندو سڙڪندو هن پاسي اچي نڪتو، ٽام انهيءَ موقعي
کي غنيمت سمجهيو ۽ ٽنهي ٻارن کي ساڻ ڪري فاتحه
پڙهڻ جي لاءِ نينسيءَ جي قبر تي ويو، ايب ۽ سارا
جون دليون ڀرجي آيون ۽ سندن بي چين نظرون مٽيءَ جي
ڍڳ جي هيٺان ڪجهه ڳولهڻ لڳيون. ٽام، هنيڪس ۽ ايب
ڪنڌ جُهڪائي
پنهنجا هٿ ڇاتي تي ٻڌاءِ.
پادري سڳوري انجيل جون آيتون پڙهڻ شروع ڪيون،
پادري ثواب خاطر انجيل پڙهندو رهيو، ٽام خاموش
بيٺو ماضيءَ جي يادن ۾ گُم هو ۽ ٻارڙا ڀنل نيڻن
سان آسمان طرف تڪي رهيا هئا، ڄڻ هو نيري اُڀ ۾
ماءُ جي ٻاجهاري چهري جي هڪ ڀيرو ٻيهر جهلڪ پسڻ
چاهيندا هجن، ڄڻ هن مامتا ڀريل آواز کي جيڪو هاڻ عدم ۽ فضائن
۾ هميشه جي لاءِ کوئجي ويو هو، ٻڌڻ ٿي چاهيو.
سڳوري انجيل جي آيتن سان نينسي جي روح کي ضرور راحت ملي
هوندي، پر وڇڙيل گهراڻي جي ڀڳل دلين کي ڪابه شيءِ
تسڪين نه ڏيئي سگهي. لفظن سان ڪٿي ٿا جدائي جا
گهاءَ ڀرجن! نينسيءَ جي کوٽ سندن زندگين ۾ هڪ خال
پيدا ڪري ڇڏيو هو. کين سندس ڳالهيون هر هر پيون
ياد اينديون هيون. هوءَ سندن لاءِ اُن ڪَتيندي هئي
پوءِ انهيءَ مان هنن جي لاءِ ڪپڙا تيار ڪندي هئي،
سندن لاءِ صابڻ ٺاهيندي هئي، اونداهين راتين کي
روشن رکڻ جي لاءِ ميڻ بتيون ٺاهيندي هئي. هنن جي
لاءِ جنڊ پيهي اٽو پيهندي هئي. کين وهنجاري سَهنجاري اڇو ۽ اُجرو ڪندي هئي. جهوپڙي اڻ
پوري هئي ته ڇا ٿي پيو، پر هوءَ ان کي شيشي جيان
صاف رکندي هئي. نينسيءَ کي وڃائي کين ائين محسوس
ٿيو ته نه رڳو هو هڪ محبت ڪندڙ ماءُ کان محروم ٿي
ويا آهن، پر زندگيءَ جون سڀ خوشيون کانئن
کسجي ويون آهن.
اهڙي طرح هڪ سال گذري ويو، سرءُ جي مُنڌ ۾ نينسيءَ جي ٻارهي
جي زمانو به اچي سهڙيو. ٻارهي کان پوءِ ٽام پنهنجي
دل ۾ هڪ فيصلو ڪيو ته آخر ڪيستائين ٻارڙا هينئن
اڪيلا ڌڪا کائيندا رهندا. ٽام لنڪن ٽنهي ٻارڙن کي
ڇڏي ڪينٽڪي جي سفر جي سنبت ڪئي ۽ روانو ٿي ويو،
ٽام جي غيرموجودگيءَ ۾ ٻارڙن کي تنهائي جو احساس
اڃا به وڌيڪ شدت سان ٿيو.
’ايلزبيٿ
ٽائون‘ پهچي، ٽام لنڪن، سارابش جونسٽن جو گهر
ڳولهيو هو، سارابش کي شادي کان اڳ ئي سڃاڻندو هو.
سندس مڙس ڊينئل جونسٽن وفات ڪري ويو هو ۽ هوءَ
پنهنجي ٻن نياڻين ايلزبيٿ ۽ ميلدا ۽ هڪ پُٽ ’جون‘
سان گڏ زندگي گذاري رهي هئي. سارابش جا ٽيئي ٻار
پيءَ جي شفقت کان محروم ٿي چڪا هئا ۽ ٽام جا ٻار
به ماءُ جي مامتا کي ياد ڪري رهيا هئا. سندن مسئلا
۽ تڪليفون هڪجهڙيون هيون ۽ انهن جو نبيرو به
هڪجهڙو
ئي هو.
ان زماني جا ماڻهو ڏاڍا سادا سودا، مخلص ۽ سندن زندگيءَ جيان
سندن جذبا به سچا ۽ کرا هوندا هئا. ٽام ڏاڍي سادگي
سان سارابش کي چيو، ”منهنجي زال کي گذرئي پورو سال
اچي ٿيو آهي. منهنجا ٻار به تنهنجن ٻارن وانگيان
ڏکارا ۽ پريشان آهن. آئون توکي ننڍي هوندي کان
سُڃاڻان ٿو، تون به منهنجي عادت کان واقف آهين،
هتي آئون ان لاءِ آيو آهيان ته جيڪڏهن تون راضي
هُجين ته اسين هڪٻئي جي ڏک سُک ۾ شامل ٿي وڃون.
مون کي انهيءَ معاملي ۾ تڪڙ به آهي، آئون چاهيان
ٿو ته اهو ڪم سڀاڻي ٿي وڃي ته چڱو!“
سارابش ڏاڍي سڪون سان ٽام جي ڳالهه ٻُڌي ۽ ڏانهنس ڏسڻ
کانسواءِ ئي چيائين، ”مون کي تنهنجي راءِ سان
اتفاق آهي. پر هن غربت واري زندگيءَ ۾ آئون ڪجهه
قرضي ٿي پئي آهيان، تنهنڪري ان ڪم کان پهرين قرض
جي ادائيگي ضروري آهي.“
ٽام، سارابش جو قرض ادا ڪيو ۽ ٻي ڏينهن يعني 2 ڊسمبر 1819ع
جي صبح جو سندن وهانءُ ٿي ويو.
هڪ ڏينهن صبح جو سارا، ايب ۽ هنيڪس خوشي ۽ حيرت مان ڏٺو ته
سندن گهر جي اڳيان هڪ چئن گهوڙن واري گاڏي اچي
بيٺي، ان ۾ الماڙي، ميز، ڪرسيون، رڌپچاءُ جا
ٿانوَ، صابڻ ٺاهڻ جي ڪٽلي، نرم پرن وارا بسترا ۽
هڪ نئين ماءُ جي مُنهن تي نظر پين. گڏوگڏ هڪ نئون ڀاءُ ۽ ٻه
ڀينر به نظر آيون.
هاڻي سندن اڪيلاين جا ڏينهن ۽ راتيون ختم ٿي ويون هيون ۽
سڀني کان وڌيڪ اهو ته کين هڪ محبت ڪندڙ ماءُ ملي
ويئي هئي. پر سارابش جي مٿي تي هڪ ڀرئي ترئي گهر
جون ذميداريون اچي پيون هيون. هوءَ صاف سٿرو، ٺهيل
ٺڪيل آرامده گهر ڇڏي آئي هئي ۽ هتي اچي هن ڏٺو ته
ڪاٺ جي لڙين جي هڪ اڻپوري جهوپڙي، جنهن جي درين تي
شڪار ڪيل جانورن جي کلن جا پردا لڙڪي رهيا هئا. ڇت
جي تختن تي ڪيترائي سوراخ هئا، جن تي وڻن جون
ڇالون پيون هيون. ڪمري ۾، جنهن کي مُشڪل سان ڪمرو چئي سگهيو ٿي، هڪ پاسي ڪاٺ جي لٺين مان ٺهيل
پلنگ پيل هو، جنهن تي بُهه سان ڀريل گدا پيا هئا.
اڻ گهڙيل ڪاٺ جي هڪ ميز ۽ ٽي کن ڪرسيون پيل هيون.
بس اهوئي هو ڪُل اثاثو- هن نئين گهر جو فرش به
ميرو هو، هن ٻارن تي نظر وڌي ته سارا، ايب ۽ هنيڪس
جا وار وڌيل، جيڪٽ ميرو ۽ بدن ايترو ته گدلو هو،
ڄڻ سالن کان هو وهنتا ئي نه هجن. سارابُش
جيڏانهن به نظر ٿي ڪئي ته سندس وحشت وڌندي ٿي
ويئي. ڪٿي سندس ننڍو ۽ آرامده گهر ته ڪٿي هڪ ٻيلي
واري بيابان ۾ گهيريل گهر! جيڪڏهن هوءَ ڪا جهڙي
تهڙي زال هجي ها ته هيستائين چئن گهوڙن واري
گاڏيءَ ۾ ويهي واپس ايلزبيٿ ٽائون پنهنجي گهر پهچي
چڪي هجي ها، ٻين جي لاءِ ڪير ٿو مصيبت سهي!
پر ٻارن جي ڀاڳ ۾ ”سارابُش“ هڪ ٻاجهاري ۽ منتظم ماءُ ثابت ٿي، انهيءَ جي باري ۾ ڊينس
هنيڪس جا تاثرات ٻڌو:
”جنهن ڏينهن اسين سڀ غيرمعمولي طور تي گندا ۽ ميرا هئاسين،
هن اسان کي ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين ڏٺو ۽ ٿورو
مُرڪي. پر ڪجهه چيائين ڪونه. هن سڀ کان پهرين جيڪا
ڳالهه چئي، سا اها ته هڪ بئنچ کڻي ٻاهر وڻ جي
هيٺان رکو، تنهن کان پوءِ هن سامان مان پاڻي ڀرڻ
جي لاءِ هڪ بالٽي ڪڍي، پوءِ هڪ صابڻ ڏيندي مون کي، ايب ۽ پنهنجي پُٽ جونسٽن کي خوب بدن مهٽي
وهنجي سَهنجي صاف سٿرا ڪپڙا پائي اچڻ جي لاءِ چيو،
اسين چاچي سارا جي سامهون ميرا ۽ گدلا رهي نه ٿي
سگهياسين.“
ايب ۽ سارا جلدئي پنهنجي نئين ماءُ سان هِري مِري ويا، اڳتي
هلي هو ماڻس ايترا ته لاڳاپجي ويا، جو کين اهو
محسوس ئي نه ٿيو ته هوءَ ڪا سندن ويڳي ماءُ هئي.
لنڪن بعد ۾ سڄي عمر سندن ذڪر پنهنجي سڳي ماءُ جيان
ئي عزت ۽ احترام سان ڪندو هو ۽ سارابش انهي جي
لائق هئي به. هوءَ سندن لاءِ هڪ رحمت جو فرشتو ثابت ٿي، هن سڀ کان پهرين
پنهنجن نون ٻارن ايب ۽ سارا ڏانهن ڌيان ڌريو. سڄو
ڏينهن سندن چيڙهيالن
وارن کي ڌوئڻ، صاف ڪرڻ ۽ ڦڻي ڏيڻ ۾
گذاريو. پوءِ هنن لاءِ نوان ڪپڙا تيار ڪيائين ۽
کين وهنجاري سَهنجاري ڪپڙا بدلرايائين. هن ٽام کي
ئي پلنگ ٺاهڻ جي لاءِ چيو ٽام جلدئي اهي شيون جوڙي
راس ڪيون. هن فرش صاف ڪيو، پراڻن گاديلن کي، جن ۾
بُهه ڀريل هو، اڊيڙيو ۽ بُهه ڪڍي ڦٽو ڪيو ۽ انهن ۾
نئون صاف ڪيل بُهه ڀري گاديلا تيار ڪيا ۽ پلنگن تي
وڇائي انهن جي مٿان نرم پرن وارا بسترا ۽ وهاڻا
لڳايا.
ايب جي نئين امڙ هر معاملي ۾ ايب جي همت وڌائي، ٻنهي ماءُ
پُٽن ۾ هڪ ٻي جي لاءِ گهڻي چاهت ۽ اُڪير هئي.
سارابش بيحد همت واري خوش مزاج ۽ کلمک هئي. سندس
هڪ پوٽي لکت ۾ پنهنجي ڏاڏيءَ بابت تاثرات هن ريت
بيان ڪيا آهن:
”هوءَ بيحد کلمک،
ڊگهي قد واري ۽ سُهڻي هئي، سندس ڳالهه ٻولهه ڏاڍي
مُهذب ۽ شگفته هوندي هئي. هوءَ پنهنجي وارن جو وڏو جوڙو ٻڌندي
هئي.“
سارابش پنهنجي گهراڻي تي هڪ راڻيءَ جيان
راڄ ڪيو، سندس گهر جا ڀاتي جن جو تعداد گهڻو وڌي
ويو هو، ساڻس ڏاڍي محبت ڪندا هئا،. ايب ته خاص طور
تي پنهنجي ماءُ سان محبت ڪندو هو، ٻئي گڏجي ويهي
پاڻ ۾ صلاحون ڪندا هئا، ماءُ پنهنجي نئين پُٽ جي
همت وڌائيندي ۽ کيس ڪهاڻيون ٻڌائيندي هئي.
نيٺ ڪرسمس جو ڏينهن اچي ويو، ٻارن کي گذريل ڪرسمس به ياد
هئي. جڏهن سندن بنا دروازي جي گهر جو در ڄڻ ڪرسمس
جي لاءِ بند هو. سندس گهر جا ويڳاڻا در ۽ دروازا
وڏي ڏينهن جي هر خوشيءَ کان محروم پنهنجي رهندڙن
کي گم سم لڳندا هئا، ٻارن کي اهو محسوس ئي نه
ٿيندو هو ته وڏو ڏينهن ڪڏهن آيو ۽ گذري ويو. پر
1819ع جي 25هين ڊسمبر تي جڏهن سج جو پهريون ڪرڻون
سندن صاف سُٿري گهر جي در ۽ درين تي پيو ۽ ’مسيحؑ جي
ميلاد جو ڏينهن‘ جو پيام لکيو ته ڄڻ سڄو گهر
زندگيءَ جي نين خوشين سان جَڳ مَڳ ٿي ويو، ان ڏينهن سندن امڙ خاص طور تي لذيذ ۽
مصالحي
دار کاڌن جو بندوبست ڪيو ۽ رات جو جڏهن اهي سڀ
ماني جي ميز جي چوڌاري مِڙي ويٺا ته ٻاڙن جون دليون احسانمنديءَ جي جذبن سان ڀريل هيون، اڄ سندن گهر
ٻاجهاري ماءُ جي مامتا کان محروم نه هو.
[ 4 ]
شروعاتي
تعليم
]اُن
زماني ۾ اسڪول نالي ماتر هئا، اُستاد بنجڻ جي لاءِ
ڪنهن خاص لياقت جي گهُرج نه پوندي هئي، فقط لکڻ
پڙهڻ ۽ حساب ڪتاب اچڻ ڪافي هو، تعليمي نظام ۾ ڪابه
شيءِ اهڙي نه هئي جنهن سان تعليم جو شوق پيدا ٿئي
ها. - لنڪن[
●
جن ماڻهن
کي ايب لنڪن جي ننڍپڻ جو اهو زمانو ياد آهي، جڏهن
هو ڏکڻ انڊيانا ۾ اگهاڙن پيرن سان گهمندو وتندو
هو، تن ڏينهن بابت ايب ٻه ڳالهيون ڪڏهن به نه
وساريون. هڪ اِها ته هو ان زماني ۾ به پنهنجي ڄمار
جي لحاظ کان ايترو ته ڊگهو هو، جو کيس پاتل پتلون
سدائين لُنڊي لڳندي هئي ۽ پتلون جي اوچن پائنچن
مان سندس پيرن جا مُريا سدائين صاف نظر پيا ايندا
هئا ۽ ٻي ڳالهه اها ته ايب جي هٿن ۾ سدائين ڪونه
ڪو ڪتاب ضرور هوندو هو.
انهيءَ ٻي تاثر مان اسين اهو سولائيءَ سان اندازو
لڳائي سگهون ٿا ته ايب جسماني ۽ ذهني طور تيزي سان
وڌي رهيو هو. جيتوڻيڪ ذهني طور تي اُن وقت تائين
سندس طبيعت جا ڪي خاص جوهر ظاهر نه ٿيا هئا، پر
پوءِ به هو پنهنجي ساٿين ۾ سڀني کان وڌيڪ سمجهو
ذهين ۽ باخبر ڇوڪرو هو. هو گهڻو ڪري ڪنهن مٿاهين
جاءِ تي چڙهي ويندو هو ۽ هٿ ۽ ٻانهون لوڏي ديول جي
پادريءَ جي وعظ جو نقل ڪندو هو، جيڪو ڏسي ماڻهو
کِلي کِلي کيرا ٿي پوندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن هو پڙهيل
ڪتابن جا صفحن جا صفحا ڏاڍي ڳنڀيرتا سان ورجائيندو
هو ۽ ماڻهو ڏاڍي ڌيان سان سندس تقرير ٻڌندا هئا.
هو سڀاءُ ۾ بيحد شرميلو هو، پر ڳالهيون ڪندي سندس
هٻڪ دور ٿي ويندي هئي، کيس ڪيترائي ٽوٽڪا نقل،
نذير ۽ لطيفا پڻ ياد هوندا هئا، جن سان هو کلندڙن
کي کلائي کلائي پيٽن ۾ وَٽ وجهي ڇڏيندو هو.
ڪنهن ڪنهن مهل ته هو ويٺي ويٺي ڪنهن اونهي سوچ ۾
ٻُڏي ويندو هو، سندس منهن مان فڪر جا چٽا آثار نظر
ايندا هئا، ۽ هو بلڪل فلسفي لڳندو هو، فطري طور تي
هو ڏاڍو نرم دل ۽ صلح پسند انسان هو، پر جيڪڏهن
کيس ڪنهن چڙ ڏياري ته هو وڙهڻ لاءِ به تيار ٿي
ويندو هو. ابراهام لنڪن کي سڄي زندگي اهو افسوس
رهيو ته کيس شروع کان ئي باضابطا طور تي اسڪول ۾
تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو نه مليو. هن جيڪو ڪجهه به
سِکيو، اهو سڀ پنهنجي ذاتي صلاحيتن ۽ محنت جي
سهاري سکيو، جنهن جو اظهار هو گهڻي نهٺائي مان
ڪندو هو. صدارت جهڙي وڏي عهدي تي ويهڻ کان پوءِ به
هو پنهنجي انهيءَ تعليمي کوٽ جو ذڪر وڏي افسوس سان
ڪندو هو. پنهنجي تعليم جي باري ۾ لنڪن ڏاڍي سُٺي
انداز ۾ لکيو آهي ته، ”منهنجي اسڪول جي تعليم قسطن
۾ ٿي آهي.“
هن پنجن استادن وٽان تعليم پرائي، ٻن کان ڪنيٽڪي ۾
۽ ٽن کان انڊيانا ۾. پر سندس تعليم جو ڪُل عرصو هڪ
سال کان به گهٽ آهي. ظاهر آهي ته هڪ سال جي گهٽ
عرصي ۾ ڪير ڀلا ڇا ٿي پڙهي سگهيو؟ انڊيانا ۾ سندس
استادن جا نالا ڪرافورڊ، دورزي ۽ سوئيني هئا.
اسڪول جي ڪتابن ۾ انجيل، رياضي جو هڪ ڪتاب ۽ هڪ
هِجي ياد ڪرڻ وارو ڪتاب ئي سندس ڪُل موڙي هئا.
سرحدي علائقي جي انهن سڀني اسڪولن جي حالت هڪ جهڙي
هئي، تعليمي طريقو، نصاب، سڀ ساڳيو هو، شاگردن کان
في ورتي ويندي هئي. جيڪا اڪثر ڪري فصل لهڻ تي
اناج، سوئرن يا جانورن جي کلن جي شڪل ۾ هوندي هئي،
اسڪولن جي عمارت عام طور تي ڪاٺ جي هڪ جهوپڙيءَ تي
مشتمل هوندي هئي. جن جي درين تي ڪاغذ لڳل هوندو هو
ته جيئن اُس ۽ هوا کان بچي سگهجي.
ڇوڪرا ڪاٺ جي ٺهيل بئنچن تي ويهندا هئا، هڪ ٿورڙي
مٿاهين بئنچ ميز جو ڪم ڏيندي هئي، انهيءَ تي ڪتاب،
قلم ۽ مس ڪُپڙي رکيل هوندي هئي. استاد جي پٺيان
آتشدان هوندو هو. جنهن ۾ سياري جي مُند ۾ باهه
ٻَرندي رهندي هئي. انهيءَ باهه جي گرمائش سبب
استاد جي چيلهه ۽ اڳين بئنچن تي ويٺل شاگردن جا
چهرا خوب سيڪجندا هئا. باقي پوين بئنچن تي ويٺل
شاگرد سيءَ سبب ڏڪندا رهندا هئا. انهن جون ٽنگون
تڙڪنديون رهنديون هيون ۽ آڱريون ايتريون ته سايون
ٿي وينديون هيون جو پکن وارو قلم ڪنهن به طرح هٿ ۾
جهليو نه ٿيندو هُون.
اهو اسڪول به لنڪن جي گهر کان ساڍا چار ميل پري
هو، کيس روزانو نوَ ميل پنڌ اچڻون ۽ وڃڻون پوندو
هو. جنهن زماني جي موسم وڻندڙ هوندي هئي ته هو نون
ميلن جي مسافريءَ مان مزو ماڻيندو هو، ٻيلي ۾
ننڍڙن نوريئڙن کي پُڇ لوڏيندي اخروٽ ڪُتريندي
ڏسندو هو. اهي نوريئڙا سندس اچڻ جي آواز تي نه
ڀڄندا هئا، کيس اهو نوَن ميلن جو رستو طئي ڪرڻ
ڏاڍو ڏکيو لڳندو هو. برسات يا برف جي ڪري سندس
ڪپڙا ۽ بُت پُسي ويندا هئا، ڊينس هنيڪس، ابراهام
لنڪن جي انهيءَ حالت کي هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي:
”کل جا جوتا، جنهن جي اندر ڪارو چمڙو لڳل هوندو
هو. سندس پيرن جي حفاظت لاءِ ڪافي نه هوندا هئا،
برسات ۽ برفباريءَ ۾ انهن جوتن ۾ پاڻي ڀرجي ايندو
هو ۽ پير سُن ٿي ويندا هئس.“
پر اهي مصيبتون، روزانو جو اهو ڊگهو سفر، ايب کي
تعليم جي خاطر سڀڪجهه گوارا هو، اسڪول وڃڻ جي لاءِ
کيس ڪير به مجبور نه ڪندو هو. هو جيڪڏهن چاهي ها
ته اسڪول نه وڃي ها، پر کيس تعليم سان عشق هو.
سندس وس پُڄي ها ته هر وقت پڙهندو رهي ها، هن
چاهيو ٿي ته کيس جيترو به وقت ملي ٿو، هو انهيءَ ۾
گهڻي ۾ گهڻو سکي وٺي. ايب جو هڪ ڪلاسي ”نٿينل
گرگس“ ٻُڌائي ٿو ته، ”ايب اسڪول ۾ سدائين سڀني کان
اڳ پهچندو هو. ڪلاس ۾ سڀ کان اڳين بئنچن تي ويهندو
هو ۽ پنهنجي سڀني هم ڪلاسين کان وڌيڪ ذهين ۽ تيز
هو. لفظن جي هِجَ ۽ معنيٰ کيس چڱي طرح ياد هوندي
هئي، هڪ ڀيري هن هِجَ ۽ معنيٰ جي سبق ۾ ڏاڍي مزي
واري حرڪت ڪئي. سندس هڪ هم ڪلاسن ڇوڪري انگريزيءَ
جي هڪ لفظ جي هِجَ ٻُڌائي رهي هئي ۽ هوءَ اڃا
D.A.F
تائين هتي ته هٻڪڻ لڳي، اڳيون لفظ
I
(آءِ) هو، جيڪو کيس ياد هو. انگريزيءَ ۾
I
(آءِ) اک کي به چئبو آهي. جنهن وقت هوءَ
I
(آءِ) تي اٽڪي بيهي رهي ته ايب مان مٺيءَ ۾ سندس
اک ڏانهن اشارو ڪيو. ڇوڪريءَ هڪدم سمجهي ويئي ۽
جلدي ٻُڌائي ڇڏيائين. ايب اڪثر ان قسم جون شرارتون
به ڪندو رهندو هو.“
ڪنيٽڪي جيان انڊيانا ۾ به ساڳئي طرح جي مڪتبي
اسڪولن جو طريقو رائج هو، اهي اسڪول پراڻي زماني
جي اوڀرند مدرسن سان ملندڙ جلندڙ هئا. جهڙيءَ طرح
اوڀرندن ملڪن ۾ ڪيترائي ٻارڙا تڏي، تونئري يا پٽ
تي ويهي زور سان لڏي پڙهندا هئا، اهڙوئي طريقو
انهن اسڪولن ۾ به لاڳو هو، سڄو اسڪول فقط هڪ
جهوپڙيءَ واري ڪمري تي مشتمل هو، جنهن ۾ مختلف
درجن جا ڇوڪرا گڏ ويهي پڙهندا هئا. استاد هڪ ڊگهي
لٺ کڻي سڄي ڪمري ۾ هلندو وتندو هو ۽ سڀني درجن کي
هڪ ئي وقت پڙهائيندو رهندو هو. جڏهن هڪ درجي وارا
سبق پڙهندا هئا ته ٻي درجي وارا پنهنجو سبق پڪو
ڪندا رهندا هئا. انهن سڀني جو گڏيل سڏيل آواز
اسڪول کان پري مکين جو ڪو مانارو محسوس ٿيندو هو،
جنهن ۾ هزارين مکيون ڀُڻ ڀُڻ ڪنديون رهنديون هُجن
۽ اها ڀُڻ ڀُڻ ڪلاڪن تائين جاري رهندي هئي. ڪڏهن
ڪڏهن ويچارو ڪو ڏُڏ شاگرد انهيءَ ڀُڻ ڀُڻ ۾ پنهنجو
سبق وساري ويهندو هو، ته سزا طور کيس ڊگهي
چُهنبدار ٽوپي پائي ڪمري جي ڪُنڊ ۾ بيهڻو پوندو
هو. اها ٽوپي پائي هو ڪو مشڪرو پيو لڳندو هو.
ڪڏهن ڪڏهن هينئن به ٿيندو هو ته سال جي شروع ۾ ڪو
هڏ ڪاٺ جو سگهارو ڇوڪرو اسڪول ۾ داخل ٿيندو هو ته
اهو معلوم ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو هو ته استاد ڪهڙو ۽
شاگرد ڪهڙو آهي؟ اهڙن موقعن تي استاد ويچاري کي
پنهنجو داٻو قائم رکڻ ۾ ڪيترائي ڏينهن لڳي ويندا
هئا. ڇوڪرا استاد کي شاگرد ۽ شاگرد کي پنهنجو
استاد سمجهڻ لڳندا هئا ۽ جڏهن حقيقت معلوم ٿيندي
هئي ته ڏاڍو مزو ايندو هو.
مسٽر ڪرافر تعليم سان گڏ تربيت جو به خيال رکندو
هو. تنهنڪري هو اهو ڪندو هو ته ڪنهن ڇوڪري کي ٻاهر
موڪلي ڇڏيندو هو ۽ کيس چوندو هو ته تون هاڻي هڪ
نئين نويلي ڇوڪري جي حيثيت مان ڪمري ۾ گهڙندين.
ڇوڪرو اندر گهڙندو هو ته ماستر صاحب باقي سڀني
شاگردن سان انهيءَ جو تعارف ڪرائيندو هو، اهڙيءَ
طرح اهو ڇوڪرو ڪمري ۾ گهڙڻ، سلام ڪرڻ ۽ ڳالهه
ٻولهه جا طريقا پاڻمرادو سِکي وٺندو هو. |