مقالا
ڪريم بخش خالد
سچل سائين ۽ مستشرقين
اعزاز يافته اديب، ادي محمد علي حداد جي انعام يافته ڪتاب، ”سچل
سرمست تي ببليو گرافي“ جي اڀياس کانپوءِ هڪ طرف
حبيبي حداد جي محبانه ۽ صادقانه محنت ۽ ادبي خدمت
جي ساراهه ڪرڻ ضروري آهي، ته ٻئي طرف، انهن ادبي
ادارن، اخبارن ۽ رسالن جي روش تي تعجب ٿئي ٿو جو
انهن اڪثر هڪئي ادبي تخليق جا نوان نوان عنوان
رکي، ان کي پئي ڇاپيو آهي اهڙي ورڇ ڪرڻ کانپوءِ،
ببليو گرافي جي ڪتاب جي ضخامت اڌ جيتري مس رهجي
ويندي. پر اهو ڪتاب، پنهنجي مٿي، اولين ۽ منفرد
پُستڪ آهي ۽ تحقيق جي موجوده تانگهي تس ۽ عميق
غواصي جو مثال پيش ڪري ٿو.
اهڙي طرح ببليوگرافي مان اهو پڻ ظاهر ٿئي ٿو ته سچل سائين جهڙي
عالم ۽ فاضل شاعر جي ڪلام ۽ پيغام تي فارسي، عربي،
انگريزي، اردو ۽ ٻين عالمي ٻولين ۾ ڪا تحقيق ڪانه
ٿي آهي. عقيدت ۽ جذبات جي جنون جي بدران، حقيقي
حُب، مانائتي محبت ۽ تاريخي تحقيق جي احساس جي
اظهار خاطر، مون کي معاف ڪريو جيڪڏهن مان ائين
چوان ته سچل سائين جي فارسي، سرائڪي ۽ سنڌي شاعري
جي موضوعن ۽ اسلوب ۾ تمام گهڻي يڪسانيت ۽ مشابهت
آهي. ان ڪري تحقيق جو ڪنواس ايترو وسيع ناهي، جيئن
ڪن ٻين ڪلاسيڪي شاعرن جي اڀياس دوران نظر اچي ٿو.
مستشرقن به ٻه چار آهن جن سچل سائين جو نوٽس ورتو
آهي. انهيءَ بيتوجهيءَ جا سبب ظاهر آهن.
(1) ابن خلدون جو قول آهي ته ڪنهن به قوم جي
زندگي، عروج ۽ ڪمال لاءِ عصبيت جو جذبو ضروري آهي.
پر اسان، بنا سوچ سمجهه جي، لساني عصبيت ۾ ايتري
قدر ڦاٿل آهيون، جو ببليو گرافي مان معلوم ٿو ٿئي
ته ڄڻڪ هن وقت تائين، سچل سائين جي باري ۾، فقط
سنڌي ٻوليءَ ۾ ئي لکيو پيو وڃي، ۽ اهو به روائتي
انداز ۾ ۽ عقيدت ۽ شرڌار طور. ادبي تجزيه، شاعرانه
جائزي ۽ فڪري نقد و نظر کان ڪوهين پري ڏسڻ ۾ پيا
اچون، حالانڪ سچل سائين نه پيري مريديءَ جو ٺاٺ
سڳن ڪيو. نه انهيءَ غلامانه ذهنيت جي همت افزائي
ڪئي. اهو ادارو ئي سندس سرمدي آلاپ جي خلاف هو. هو
چاهي ها ته مسند ارشاد تي ممڪن ٿي، وڏي عزوجاهه
واري مادي منزل ماڻي سگهيو ٿي. پر هو ته وڏو عالم
۽ صوفي با صفا هو. سو سندس باري ۾ لکيل ۽ ڇپيل
سنڌي ليکن جي صحيح ڏسڻي بڻائبي ته خوشي بدران ڏک
ٿيندو. اهڙي طرح آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اهل قلم هوندا
جن سندس ڪلام ۽ پيغام جو، سندس ملڪي ۽ غير ملڪي
همعصرن سان تقابلي مطالعو ڪيو هوندو يا تيرهين صدي
هجري / ارڙهين صدي عيسوي جي ادبي کيتر ۽ سندس ملوڪ
مقام جو تعين ڪيو هجي.
(2) ٻيو سبب اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي جامد هيئت ۽ سُست اوسر جو
مسئلو آهي. ان جو دائرو اڳ جي مقابلي ۾ وڃي ٿو
وڌيڪ محدود ٿيندو. سنڌيءَ جي موجوده صورتخطي، جيڪا
اساسي مذهب ۽ متمدن ٻولين جي رسم الخط وانگر آهي،
اسان لاءِ ڪن لساني مسئلن جي باعث بڻي آهي. جيڪي
مشيني دور جي پيداوار آهن. ابتدائي طور سياسي ۽
مذهبي معاملن جي ڪري، اسان جي هم زبان هم وطنين،
انهيءَ رسم الخط جي مخالفت ڪئي ۽ هل هنگاما کڙا
ڪيا ڪن مستشرقن به اُن جي سڌي يا اڻ سڌي طرح
مخالفت ڪئي. ديوناگري ۽ هندو سنڌي اکرن جي موافقت
۽ تائيد ۾ ڪتاب جوڙيائون، گرامر ٺاهيائون، ۽ عام
راءِ کي هموار ڪرڻ جي هلچل هلايائون. انهيءَ سان
گڏوگڏ، سنڌي ٻولي بابت اهڙيون ڳالهيون به لکي ويا
جو هينئر انهن کي پڙهندي، معلوم ٿو ٿئي ته انهيءَ
دانشه سازش جي پويان سندس ڪهڙو مقصد ڪارفرما هو؟
انهيءَ صورتحال کي سياسي ماحول ۽ ماڻهن جي لڏپلاڻ،
وڌيڪ گنڀير بڻائي ڇڏيو، تانجو نتيجو اهو نڪتو جو
سنڌي زبان ۽ علم و ادب جي باري ۾، مستشرقين ته
ڇڏيو، پر پنهنجو به تحقيقي رويو حيرت جهڙو رهيو.
سنڌي جا لساني مسئلا نظرن کان اوجهل رهيا ۽ اسان
جي فقط انهن شاعرن جو چرچو ٿيڻ لڳو جيڪي سيد، پير
يا مخدوم هئا يا وري ڪنهن خانقاهه نظام سان منسلڪ
هئا. ظاهر اهي ته مذهبي مامرا ۽ شاعرانا سخن جدا
جدا ادبي ماڻ جا متقاضي ٿين ٿا.
(3) هن ڏس ۾ ٽيون اهم سبب، سچل سائين جي ڪلام جو گهڻي مدت کان
غير مُهون رهڻ ۽ ان جي صحت مسلڪي لاڙن جي باري ۾
گفتار جي غازين جا مناظرا آهن. اسان کي نوحه خواني
۽ ماتم ۾ مزو ايندو آهي، ان ڪري پيا مٿو پٽيون ته
سچل سائين کي ڪو گربخشاڻي، يا فلاڻو ڪه فلاڻو نه
مليو ورنه فقير سائين جي سچن سُخنن جي سونهه سوڀيا
سرس هجي ها. پر ڀائرو! ڳالهه هروڀرو ائين ناهي،
سچل سائين جي ڪلام جا مجموعا جوڙيا ويا ۽ ان بابت
وڌيڪ ڪم ٿي سگهي ٿو، پر زبان جي بيقدري ۽ علم وادب
ڏانهن بيتوجهي جي لاڙن کي ڪيئن مُنهن ڏجي! انهيءَ
کان علاوه سچل سائين جي ساک کي جڳ ۾ جرڪائڻ لاءِ
ضروري آهي ته سندس فارسي ڪلام کي جلد مرتب ۽ مدون
ڪري پڌرو ڪجي. فارسي زبان جو حلقو وسيع، ۽ شاهي
ٻولي هجڻ سبب ان جي قدر و منزلت به وڌيڪ آهي. گهڻ
ٻولين وارن شاعرن ۽ دانشورن جي پيغام کي محض هڪ
ٻوليءَ تائين محدود رکي نٿو سگهجي. جيئن غالب ۽
ڊاڪٽر سر محمد اقبال جو مثال اسان جي سامهون آهي.
ٻنهي جي اردو ڪلام کي، ڪڃرين ۽ قوالن جي ڳائڻ
وڄائڻ کان وڌيڪ ڪا اهميت نه ٿي ڏني وڃي. البت سندن
فارسي شاعري ۾ معنيٰ جا موتي، فڪر ۽ فلسفي جا
خزانا، ۽ آفاق ۽ انفاس جا اسرار ۽ رموز معلوم ٿين
ٿا. سچل سائين جي سرائڪي ڪلام تي، علمي ادبي لحاظ
کان وڌيڪ تحقيق ۽ ترجمي جو ڪم ٿي چڪو آهي ۽ ٿي
رهيو آهي. سنڌي سال ۾ هڪ دفعو ميلي تي اچي، رسمن
رواجن جي ريلي ۾ پيا لڙهندا رهندا ۽ ٻين، خرافات ۾
پنهنجو وقت ۽ پيسو برباد ڪندا.
مستشرقين جو معاملو، محض علم و ادب يا تاريخ جي باري ۾ تحقيق نه
هوندو آهي، پر پنهنجي ملڪي ۽ قومي مفاد جي مدنظر
تفتيش سان انهن جو تعلق ٿئي ٿو، جنهن لاءِ کين
مختلف النوع سکيا ڏني وڃي ٿي. سنڌ جي طبيعي بيهڪ
اهڙي آهي جو صدين کان اُن جي جيئيو پوليٽيڪل اهميت
نروار پئي رهي آهي ۽ طاقتور قبيلن ۽ قومن، بادشاهن
۽ اميرن، باغي سپهه سالارن ۽ شهزادن جون مٿس نظرون
پئي رهيو آهن. غنيمن ۽ غاصبن، خونخوار حمله آورن ۽
هوس ملڪ گيري ۾ ڦاٿل حريصن، جارحيت جي جواز لاءِ،
اسباب ۽ عوامل معلوم ڪرڻ خاطر، اڳواٽ درويشن ۽
عالمن جي بهروپ ۾ عيار ۽ شاطر ماڻهو موڪليا، جن
سندن لاءِ راهو هموار پئي ڪيون. جديد دور ۾،
مستشرقين به انهيءَ گروهه سان تعلق رکن ٿا جيتوڻيڪ
انهن جي آپريشن جا دائرا، حلفا ۽ رخ مختلف ٿين ٿا.
هن موضوع تي تفصيلي گفتگو، منهنجي تحرير جي سرنامي
جو ساٿ نه ٿي ڏئي، ان ڪري اهي ڳالهيون ڪنهن ٻي وقت
ڪبيون.
سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن جي گهڻو ڪري سڀني رخن بابت، اين. ايم.
بليموريا جي ببليوگرافي (1930ع) موجب هڪ سؤ کان به
وڌيڪ ڪتاب، رپورٽون ۽ مقالا لکيا ويا آهن جن ۾
تاريخ، تذڪرا، سفرناما، ادبي جائزا، انتظامي امور
۽ زرعي ۽ معدني ذخيرن بابت تجزيا شامل آهن پر جنهن
مُستشرق سڀ کان اول، تفصيل سان لکيو آهي، سو هو سر
رچرڊ برٽن، جنهن کي پوءِ وارن يورپي ليکڪن حوالي
طور پئي ورجايو آهي روايتي تعصب جي باوجود، سندس
ڪتابن ۾، ٻين ڳالهين کان علاوه سنڌي زبان ۽ ادب ۽
مذهبي لاڙن جي باري ۾ گهڻي معلومات ملي ٿي، انهيءَ
سان گڏوگڏ سماجي زندگيءَ جون جهلڪيون پڻ، جيڪي
هينئر شايد اسان کي پسند نه اچن، پر اسانجي تهذيبي
اوسر جي نشاندهي ضرور ڪن ٿيون. برٽن، شاهه
عبداللطيف ڀٽائي جو احوال ڏنو آهي؛ تصوف جي چئني
سلسلن ۽ سنڌ جي درويشن جي عادتن، رياضتن ۽ لباس جو
پڻ ذڪر ڪيو اٿس. ٺٽي جي درسگاهن ۽ پورهيتن جو بيان
ڪندي لکيو اٿس ته هندوستان جي مقامي زبانن مان،
ڪنهن وٽ به ايتري ادبي، قديم ۽ پنهنجو اصلوڪو
سرمايو موجود ناهي، جيترو سنڌي زبان ۾ آهي. (سنڌ ۽
قومون صه 5) مگر برٽن ڪٿي به سچل سائين جو ڪو
حوالو ڪونه ڏنو آهي.
انکانپوءِ هڪ جرمن مسيحي مُبلغ ارنيسٽ ٽُرمپ، جنهن جو جرمنيءَ
جي مذهبي اصلاحي تحريڪ (پروٽيسٽنٽ) سان لاڳاپو هو
۽ پنهنجي مذهبي پيشوا مارٽن ليوٿر (1483- 1546)
وانگر تصوف جي مسلڪ جي خلاف هو، هند ۽ سنڌ جي
ياتراتي اچي ٿو. هو علم السينه جو ماهر هو. سنسڪرت
سان عشق هيس. مرهٽي، گجراتي، سنڌي، پشتو، گرمکي
پنجابي زبانن تي عبور حاصل هيس. پشتو پنجابي ۽
سنڌي ٻولي جا گرامر لکيائين. سکن جي ڌرميءَ پستڪ
گرنٿ جو انگريزي ۾ ترجمون ڪيائين. براهوئي ڪشميري،
نيپاليءَ جي معاملي ۾ سندس اڀياس حقيقت پسندانه
ڪونه هو ۽ سندس رايا غلط ثابت ٿيا آهن. عربي جي
باري ۾ گهڻي معلومات نه هجڻ. بلڪ مذهبي عصيبت جي
ڪري، هو ان عالمي زبان جي جاميعت، غنائيت ۽ اثر جو
معترف ناهي، ۽ سنڌي جهڙي قديم آريائي زبان سان،
عربي جهڙي قديم سامي (Semetic)
زبان جي سنٻنڌ کي عجوبو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽
وسيع تر رواج لاءِ زبردست رڪاوٽ ڄاڻائي ٿو. سندس
چوڻ هو ته ”اها طرز تحرير، سنڌي زبان جون سموريون
گهرجون پوريون ڪري نه ٿي سگهي“ هن لکيو آهي ته
”منهنجي پهچڻ (55 1854) کان ٿورو اڳ، هڪ برٽش سول
سرونٽ، هڪ نئين عربي الف بي جوڙي، ۽ هروڀرو ملڪ
مٿان مڙهي، انهيءَ الف بي کي صفا احمقانه لپي ڪوٺڻ
گهرجي“ ٻه سال پوءِ لکيائين ته ”عربي اکر ڪنهن به
پراڪرتي زبان کي نقل ڪرڻ لاءِ بلڪل نامناسب آهن“
هو ان وقت جي مذهبي سنڌي ادب کي، لساني لحاظ کان،
ڪا اهميت نٿو ڏئي ڇو ته سندس خيال موجب ان ۾ ادب
ڪونهي، رڳو فارسي، عربي لفظن جي ڀرمار آهي، اهوئي
سبب آهي جو سنڌي ٻولي جي اشاعت لاءِ هن ديوناگري
لپيءَ جي حمايت پئي ڪئي. مگر شاه عبداللطيف ڀٽائي
جي رسالي جي ڇپائيءَ لاءِ عربي نسخ لپي استعمال
ڪئي اٿس ۽ ان مقصد لاءِ خاص لوهي ٽائيپ به
ٺهرايائين پر جڏهن ”رسالو“ ڇپجي (1866) پڌرو ٿيو
ته سڀيئي حيران ٿي ويا. اهو ڪتاب ضرور هو، پر شاه
لطيف جي پيغام بدران گمراگيءَ جو گرنٿ هو. هڪ ته
رسالي جو متن مڪمل نه هو! ٻيو شاه صاحب جي ڪلام جي
ڇنڊ ڇاڻ ڪري، ملفوظاتي ڪلام کي الڳ ڪونه ڪيو ويو
هو. وڏي مشڪل صورتخطيءَ جي هئي نسخ لپيءَ ۾
هندستاني الف بي ڪتب آندي ويئي، جنهن لاءِ ٽرمپ جو
خيال هو ته اها برطانوي هندستان جي عام زبان آهي ۽
گهڻو ترقي يافته آهي. ان کي مقامي ۽ يورپي ماڻهو
آساني سان سمجهي سگهن ٿا. اهو به ته هندستاني لپين
کي وڌائڻ نه گهرجي ۽ داغدار ۽ محدود ٻولين جي
بدران عام طور سمجهه ۾ اچڻ واري لپيءَ کي رواج ۾
آڻجي. سنڌي هڪ محدود علائقي جي زبان آهي ۽ ان جي
اوسر جو ڪو امڪان ناهي. جديد سنڌي الف بي ۾ لساني
ضرورتن جي مطابق جيڪي منفرد حرف بڻايا ويا آهن،
ٽرمپ جي رسالي ۾ انهن کي مرڪب حرف طور استعمال ڪيو
ويو آهي جيئن ته ٿ جدا حرف آهي، پر ٽرمپ ت ۽ هه
حرفن کي ملائي، اهو مقصد حاصل ڪيو آهي. اهڙي طرح
ڀ، ٺ، ڦ، جهه، ڇ، ڌ، ڍ، ڊ، ڙ، ک وغيره حرفن جو حشر
ڪيو اٿس. ڳ جي بدران، گ جي هڪ مرڪز جي هيٺان، پشتو
املا وانگر هڪ ٽٻڪو لڳايو اٿس. نقطن جي معاملي ۾
به ٽرمپ جو رسالو هڪ طرح جو کورک ڌندو آهي، ڪاڪ
محل آهي جنهن کي سمجهڻ لاءِ، نئين سر ۽ طويل مدت
واري درسي نصاب
Refresher Course
جي ضرورت آهي ۽ سچل لغات، جي صاحب، سنديلي سائين
کي اها خدمت ۽ رحمت قبول ڪرڻي پوندي ان وقت جي
علمي تحقيقي ماحول، ڇپائي جي دقتن ۽ دشوارين ۽
مقرره رقم کان وڌيڪ خرچ نه ڪرڻ جي پابندي جي
مدنظر، مٿي ڄاڻايل اوڻايون، انهيءَ خيال کان نظر
انداز ڪري سگهجن ٿيون ته ٽرمپ صاحب جو رسالو، ادبي
تماشي
(Literary Antics)
(جي باوجود هڪ طرح جو قديم يادگار
(Antique)
آهي، ۽ ان کان وڌيڪ نه ته ان جي ڪا اهميت آهي ۽ نه
ئي ڪو ڪارج يا مصرف، ڇو ته صورتخطيءَ جي تمام گهڻي
فرق سببان، ننڍن توڙي وڏن لاءِ نه فقط ان کي صحيح
پڙهڻ ۽ سمجهڻ دشوار آهي، پر پاڪستان جي موجوده
لساني بيچيني واري ماحول ۾، وڌيڪ پيچيده مسئلا ۽
مناطراتي ملاکڙا ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن جي نتيجي
۾، اسان کي ئي لوڙڻو پوندو ڇو ته اسان وٽ ابلاغ
عامه جا گهٽ ۽ غير موثر ذريعا آهن ۽ اهڙي نوعيت
وارن مسئلن ۾ اسان جو ڪو ٻيو حامي ڪونهي.
رسالي جي ديباچي، ۾ ٽرمپ لکيو ته هندوستان جي جديد زبانن جي ڀيٽ
۾، گهڻن نڪتن ۽ خوبين جي سببان، سنڌي زبان عمده ۽
اعليٰ درجي واري
(Superior)
آهي ۽ لسانيت جي ماهرن کي ان جي اڀياس ۽ تحقيق طرف
توجهه ڪرڻ گهرجي. بهرحال ٽرمپ جي ڪنهن تحرير ۾ سچل
سائين جو ڪو ذڪر ڪونه آيو آهي جنهن مان ثابت ٿئي
ٿو ته سندس مطالعو محدود ۽ ڪن پوشيده مقصدن لاءِ
هو.
ٽرمپ صاحب کان پوءِ، ڊاڪٽر هربرٽ ٽاور سورلي جو نالو اچي ٿو،
سندس تاريخي شاهڪار ڪتاب: ”شاهه عبداللطيف آف ڀٽ“
۾ سچل سائين جو ٻن هنڌن تي ذڪر آيو آهي. هڪ هنڌ،
شاه جي رسالي يعني لطيفي ڪلام جي خوبين جو بيان
ڪندي چوي ٿو ته سنڌي ساهته ۾ شاهه عبداللطيف کان
اڳ يا کائنس پوءِ، ڪابه اهڙي چيز ڪينهي جنهن جي
ڀيٽ رسالي سان ڪري سگهجي. پر حاشيه
(Foot Note)
۾ آغا غلام النبي خان صوفي جي مرتب ڪيل سچل سرمست
جي ڪلام جي ضخيم مجموعي
a big edition جو حوالو ڏنو اٿس (ص. 203) ٻي هنڌ مهراڻ جي زيرين ماثر ۾ تصوف
جي اوسر بابت لکندي، سنڌ جي صوفي شاعرن جي باري ۾
چوي ٿو ته جن سنڌي صوفي شاعرن بابت هاڻي گهڻوئي
جديد لٽريچر ملي ٿو. تن مان ڪوبه شاهه عبداللطيف
جي پايئه جو ناهي ۽ اڪثر پونير آهن. تيرهين صدي
عيسوي کان وٺي، جڏهن قلندر شهباز جو بول بالا هو،
ويندي ارڙيهن صدي عيسوي تائين جڏهن شاهه عبداللطيف
حيات هو، مصدقه تاريخي معلومات تمام گهٽ ميسر آهي.
انهن شاعرن ۾ سچل سرمست جو نهايت اوچو مقام و منزل
آهي. هو 1739ع ۽ 1757ع جي وچين عرصي ۾ پيدا ٿيو ۽
چيو وڃي ٿو
(Alleged)
ته ننڍپڻ ۾ شاهه عبداللطيف سان مليو هو (صفحو
290).
ڊاڪٽر سورلي کانپوءِ، پيٽر مين سياح ۽ ناول نگار جو سفرنامو
بعنوان سنڌ جا درويش
(Saints of sindh)
آهي، جيڪو جان مري لنڊن طرفان 1956ع ۾ شايع ڪيو
ويو. هن ڪتاب ۾، سنڌ جي ڪن خانقاهن جو مشاهدو ۽
تجربو بيان ڪيو ويو آهي. پيرن ۽ فقيرن جي مقصدن ۽
مقلدن لاءِ، هن ڪتاب ۾ عبرت جو گهڻو سامان سنواريل
آهي، ۽ حساس طبع پڙهندڙ به اُنهن حقيقتن جي دلچسپ
اظهار کان متاثر ٿيڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهي.
مسٽر پيٽرمين خيرپور ضلعي جو دورو پڻ ڪيو هو، پر
سندس ڪتاب ۾ سچل سائين جي ماڳ ۽ مرتبي جو ڪو ذڪر
ڪونهي. ان جو سبب شايد اهو هجي ته کيس جيڪو مواد
مطلوب هو، سو درازن جي درٻار ۾ موجود ڪونه هو.
پيٽرمين کان ٻه (2) سال پوءِ (1958ع ۾)، ڊاڪٽر سر محمد اقبال
(1877 - 1938ع) جي ڪلام ۽ پيغام جي مطالعي
(Iqbal Studies) جي سلسلي ۾، جرمن مستشرقه پروفيسر ڊاڪٽر اين ميري شميل پاڪستان
آئي. سنڌ جي صوفياڻي شاعري کان متاثر ٿيڻ سببان
کيس سنڌي ٻولي ۽ ادب سان دلچسپي پيدا ٿي. کيس
انگريزي، ترڪي، عربي، فارسي، سنڌي، اردو وغيره
زبانن جي چڱي ڄاڻ آهي. سندس هموطني ڊاڪٽر ارنيسٽ
ٽرمپ (1828 - 1885ع) کي سنڌي شاعري جي رڳو گرامر
واري پهلوءَ سان دلچسپي هئي، پر ڊاڪٽر شميل سنڌي
ٻوليءَ جي هر هڪ صنف ۽ شعبي جو مطالعو ڪيو. سندس
پهريون مضمون سنڌي ادبي بورڊ جي سرگرمين جي باري ۾
هو جيڪو 1961ع ۾ پڌرو ٿيو. ان کان پوءِ اڄ تائين،
مائي شميل گهڻيئي مضمون ۽ ڪتاب وغيره لکيا آهن،
ليڪچر ڏنا آهن ۽ سيمينارن کي خطاب ڪيا آهن. سندس
تقريرن/مقالن جا مجموعا پڻ ڇپيا آهن، جن جي ذريعي
سنڌي علم و ادب، تاريخ، ڪلچر ۽ صوفي شاعرن کي
ٻاهرين دنيا سان روشناس ڪرايو اٿس.
ڊاڪٽر شميل سچل سائين جو گهڻو ذڪر ڪيو آهي. مثال طور 1963ع ۾
سندس هڪ مضمون بعنوان ”سنڌي لوڪ شاعري ۾ صوفي شهيد
حلاج جو ذڪر“ شايع ٿيو. ان مضمون جو ترڪي ترجمو
1969ع ۾ پڌرو ٿيو. هن مضمون ۾ شاه لطيف کان سچل
سائين تائين، سنڌي شاعري جو جائزو پيش ڪندي،
”انالحق“ جي فلسفي ۽ فڪر جو سنڌي شاعري ۾ بيان ۽
اثر واضح ڪندي لکيو اٿس ته سچل جي ڪلام تي حلاج جو
تمام گهڻو اثر ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ تمام گهڻا اشارا ملن
ٿا.
ڏهه سال کن پوءِ 1974ع ۾”هندستان ساهيته جي تاريخ“ جي عنوان
سان، جي گونڊا جو مرتب ڪيل ڪتاب شايع ٿيو. جنهن ۾
”سنڌي ساهيته“ جي عنوان سان هڪ باب ڊاڪٽر شميل جو
لکيل آهي. ان ۾ سچل سائين جو مختصر احوال، ۽ سندس
شاعري جو ادبي تجزيه پيش ڪيو اٿس. انهيءَ باب جو
سنڌي ترجمو ادي غلام حيدر ٻرڙي ڪيو. جيڪو قائداعظم
يونيورسٽي، اسلام آباد ۾ پروفيسر آهي، ۽ شهيد
عبدالرزاق اڪيڊمي، مورو (سنڌ) طرفان 1918ع ۾،
”سنڌي ادب جي ارتقا“ نالي سان شايع ٿي چڪو آهي.
مون اصل ڪتاب (انگريزي) ڪونه ڏٺو آهي، البت جيڪڏهن
ترجمو درست آهي ته پوءِ ڊاڪٽر شمل جي سنڌي ٻولي ۽
ادب بابت معلومات غلط نه، ته به ناقص ۽ اڻپوري
ضرور آهي. وري ادي غلام حيدر اجا اضافا ۽ حاشيا به
گهٽ تعجب خيز ناهن.
1975ع ۾، ڊاڪٽر شميل جو هڪ ضخيم ۽ اهم ڪتاب شايع ٿيو. نالو اٿس
Mystical Dimsnsions of islam
يعني اسلام جا متوصفانه رخ، هن ڪتاب ۾ ٻن هنڌن
يعني ص. 387 ۽ ص. 397 تي اشاري طور ۽ ص،393 کان ص.
396 تائين، تفصيل تي سچل سائين جو ذڪر ڪيو ويو
آهي. 383 صفحي تي سچل سائين جي پرجوش ڪلام جي سنڌ
۾ مقبوليت ۽ 397 صفحي تي، شاهه عنايت شهيد جي ذڪر
ڪندي، سچل سائين جي مشهور ڪلام ڏانهن اشارو ڪيو
اٿس، جنهن ۾ سچ لاءِ سر ڏيڻ وارن شهيدن جو ذڪر
آهي. ڊاڪٽر شميل، جهوڪ واري شاهه عنايت کي سنڌ جو
حلاج چوي ٿي، سچل سائين فرمائي ٿو:
جيءٌ آئين ڀلي تون، ڪنهن منزل مون پهچائين تون،
ٿو موٽي سر وڍائين تون!
سرمد کي ڏيئي لت ڪهايئي، سوريءَ تي منصور چڙهايئي شيخ عطار جو
سر وڍايئي هاڻي هيڏي پنڌ پڇيائين تون زڪريا ساڻ
ڪرٽ چيرايئي، يوسف کي منجهه کوهه وجهايئي شمس ملن
جي هٿئون مارايئي، عاشق ٿو آزمائين تون ڄڻيو ڪفر
صنعان وجهايئي، بلهي شاهه کي ذبح ڪرايئي جعفر کي
دريا ٻوڙايئي، تن کي پار لنگهائين تون گهاڻي ۾
بلاول پيڙايئي، عنايت ميدان مارايئي، ڪرمل کي هن
حڪم هلايئي، ڦيروءَ ڪنڌ ڪپائين تون قاسم درن ساڻ
سٽايئي، موسيٰ کي بي سهاڳ وٺايئي اڪيداس تعزير
ڏوايئي، سو اڄ ساڳيو آهين تون ”سچو“ سندءِ پند
پڇائي، گهوريو پنهنجو سر گهمائي نينهن وارن ڳالهه
ڳالهائي، عاشق ٿي فرمائين تون.
سچل سائين عشق جي شهيدن جا تفصيل ڳڻائيندي، پاڻ کي به موت لاءِ
تيار ڪري ٿو. سندس آڏو جيڪي ڪجهه آهي، سو محبوب حق
جي سونهن ۽ شان و شوڪت آهي. باقي سندس مهربانيون ۽
ظلم ته فقط وحدت جا ٻه روپ يا رخ آهن. سچل سائين،
انسان جي حقيقت کي ڄاڻڻ لاءِ ڪيئي سوالن پٺيان
سوال پڇي ٿو ۽ اهڙي ريت پنهنجي وجود جو تمام رنگين
تصور پيش ڪري ٿو.
شي آهيان ڪاڪيون ڪهڙي، جا سمجهي نه ڄاڻان!
بعضي ڀايان پتلي، يا
آهيان گڏيءَ ڏور
يا گوءِ آهيان هٿ يار جي، يا وانگيءَ وانگر زور
يا تا محل آهيان، جنهن ۾ شهنشاهه
ٻوليون ڪري ڪيتريون، ٿو درنئون داناهه
يا تا گهوڙو آهيان، جو هلائي هسوار
يا تا موج درياه جي، جا ٻوڙي ٿي ٻاهار
يا تا مهنديءَ گل آهيان، جنهن اندر لالائي
يا آهيان گل گلاب جو، جنهن ۾ سر سرهائي
يا تا چشمو آهيان، جو ابر ڀريو آب
تهن ۾ سايو سج جو، يا پاڇوئي مهتاب
يا تا پاڇوئي حق جو، آءٌ اصل کان آهيان،
ڳالهه ”سچوءَ“ نا سمجهي، کون هاديءَ اهائي
تا غير خدا جو ناهين، هين صاحب سدائي.
393 کان 396 صفحن تي مشتمل احوال ۾ ٻه چار غلطيون آهن، جهڙوڪ
سچل سائين جو ننڍپڻ ۾، شاهه عبداللطيف جي خانقاهه
۾ وڃڻ ۽ کيس ڏسندي ڀٽائي بزرگ جو فرمائڻ ته اسان
جيڪا ڪني چاڙي آهي، تنهن جو ڍڪڻ، وڏو ٿي هي نينگر
لاهيندو. حالانڪ حقيقت هن طرح آهي، ته سيلاني سالڪ
لطيف، سر وسفر جي دوران، درازن ۾ سچل سائين کي
ڏسندي، اهڙو ارشاد فرمايو هو، اهڙي طرح سچل سائين
جي وفات جو سال 1826ء لکيو ويو آهي، جيئن عام طور
ٻيا اديب به لکندا رهن ٿا، مگر حقيقت ۾ 14 رمضان
1242ء برابر آهي.11 اپريل 1827ع جي هجري سال عيسوي
سال کان ڏهه ڏينهن گهٽ ٿيندو آهي. ”سچل“ لفظ جي
معنيٰ ڪندي، ان کي ”سچ“ لفظ جو اسم تصغير ڄاڻايو
ويو آهي جيڪو لغوي لحاظ کان غلط آهي. سچل جي معنيٰ
آهي سچار، سچو، راست گو، ديانت دار وغيره. اهو لفظ
سچ جي صفت فعلي آهي. اسم تصغير ناهي، افسوس آهي جو
”سچل لغات“ ۾ ستگر، ستم، سُپ وغيره لفظ ته آهن، پر
سچ، سچو، سچار ۽ سچل لفظ ڪونهن. هيءُ احوال قريب
قريب ساڳيو آهي، جيڪو اڳ ”هندوستاني ساهتيه جي
تاريخ“ ۾، هڪ باب ”سنڌي ساهتيه“ ۾ ڏنل آهي، جنهنجو
حوالو مٿي اچي چڪو آهي. اهڙي طرح ٻه سنڌي ڪلام به
ساڳيا آهن، پر سڪ ۾ شهيد ٿيندڙ سالڪن جي ياد ۾ چيل
ڪلام بابت ڊاڪٽر شميل جو چوڻ آهي ته ان ۾ آيل
تاريخي معلومات، هڪ چڱو خيال آهي جڏهن ته اسلامي
دنيا کان سنڌ ايترو ڏورانهون ملڪ آهي، پر ڪن
الزامن جي تصديق ڪري نه ٿي سگهجي. مثال طور بلهي
شاه جو قتل، اهڙي طرح ڪرمل ۽ بلاول جي به سڃاڻپ نه
ٿي سگهي ٿي ته هو ڪير هئا ۽ ڪهڙن الزامن سببان قتل
ڪيا ويا. البت ڊاڪٽر شميل سچل سائين جي جرئت،
بيباڪي ۽ مافي الضمير جي بي ساخته اظهار کي، ترڪي
جي لوڪ شاعر يونس
Emre ۽ ٻين جي شاعري سان ڀيٽ ڪئي آهي. شهيدن واري ڪافي بابت لکيو
اٿس ته اهڙا مثال روزبهان بفلي پنهنجي ”شرح
شطحيات“ ۾ به ڏنا آهن. اهڙي طرح عطار، روميءَ ۽
ترڪي شاعر يونس
Emre
۽ بيڪتشي به مظلوم صوفين جي ڊگهي فهرست ڏني آهي،
اتر افريقه جي اجتمائي دعائيه نظمن ۾ پڻ اهڙو ذڪر
ملي ٿو.
ڊاڪٽر شميل لکيو آهي ته سچل سائين صاحب ڪمال قادرالڪلام صوفي ۽
تنهائي پسند سالڪ هو. هن سنڌي، سرائيڪي اردو ۽
فارسي ۾، دل جي احساس ۽ درد کي في البديهه انداز ۾
پيش ڪيو ۽ ان جي ردعمل ۽ انجام جي ڪا پرواهه ڪانه
ڪئي. مقدمين وانگر لوڪ ڪهاڻين کي موضوع بڻايائين،
سسئي ۽ سهڻي کي پنهنجون سورميون بڻايون آهن پر
ايترو تفصيل نه ڏنو اٿس جيترو شاه عبداللطيف پش
ڪيو آهي سندس اردو ۽ فارسي شاعري هيئت ۽ اسلوب ۾
روائتي ۽ تقليدي
Traditional and Conventional
آهي، پر مادري زبان ۾ هو پنهنجي جذبن کان مغلوب
ٿيو پوي ٿو ۽ سمورا راز آشڪار ڪري ٿو. شاه
عبداللطيف وانگر، سچل به حلاج سان پرجوش محبت جو
اظهار ڪري ٿو، پر سچل جي ڪلام ۾ حلاج جو نالو سوين
ڀيرا ورجايو ويو آهي. نقشبنديه مسلڪ وارن کان
علاوه، ٻين سڀني پوين شاعرن حلاج سان حب جو هوڪو
ڏنو آهي، پر متاخرين مان، ڪوبه سچل سان همسري ڪري
نه ٿو سگهي. هو وڏي همت ۽ استعداد وارو شاعر آهي ۽
ترنم، رواني، برجستگي اثر، عشق ۽ برهه جي گهري
جذبي، سندس ڪلام ۾ جادو جو اثر پيدا ڪري وڌو آهي.
سندس سنڌي توڙي سرائيڪي شاعري، سموري برهه جي باهه
سان ڀرپور آهي.
1981ع ۾ جرمن پاڪستان فورم، هئمبرگ (جرمني) طرفان ڊاڪٽر شميل جو
هڪ ٻيو ڪتاب پڌرو ڪيو ويو. پاڪستاني ٻولين جي
لساني اڀياس ۾ جرمني جو ڪردار
German Contributions to the study of Pakistan,
Linguistics Hemburg 1981
هي نهايت معلوماتي ۽ مفيد ڪتاب آهي. جنهن ۾ ڊاڪٽر
شميل جا ڇهه مقالا شامل آهن ۽ جيئن عنوان مان ظاهر
آهي، پاڪستان جي لساني تناظر جو سارو نقشو اکين
آڏو اچي وڃي ٿو. انهيءَ ڪتاب ۾ شامل هڪ مضمون ۾
سنڌي ۽ پنجابي ٻولين جي اڀياس ۾ جرمن حصي جو بيان
آيل آهي. ۽ سچل سائين جو 126، 127 ۽ 129 صفحي تي،
ضمناً ذڪر ڪيل آهي. سنڌي ادب جي ارتقا بابت،
هندوستان جي ادب جي تاريخ شامل سندس مقالي ۽ سنڌي
صوفيانه شاعري ۾ حلاج جو ذڪر، واري مقالي جا حوالا
ڏنل آهي.
ڊاڪٽر شميل پنهنجي مقالن ۾، اي - بوساني
A. Bausani storia delle Literature dell
Pakistan,
milano, 1958
جي ڪتاب”پاڪستان جي ادب جي ڪهاڻي“
جا حوالا پڻ ڏنا آهن جنهن جو مواد گهڻو ڪري، پير سيد حسام الدين
راشدي جي لکيل اردو چوپڙي ”سنڌي ادب“ (1951) تان
ورتل آهي.
1971ع ۾ ماسڪو مان سنڌي ٻولي بابت
The sindhi Language
آر پي ييگوروف
R.P Yegorova
جو ڪتاب شايع ٿيو جيڪو اصل ۾ روسي ڪتاب (1966ع) جو
انگريزي ترجمو هو. مون اهو ڪتاب ڏٺو ناهي، پر روسي
ثقافتي سرگرمين جي پيش نظر قوي امڪان آهي ته ان ۾
سچل سائين جو ضمنا ذڪر هوندو. ڊاڪٽر شميل هن ڪتاب
جو حوالو ڏنو آهي.
مان پورهيت سنڌي ليکاري آهيان، منهنجي محدود مطالعي موجب، ڊاڪٽر
ڪرسٽوفر هئڪل آخري مستشرق آهي، جنهن سنڌي ۽
سرائيڪي زبانن جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو آهي. کائنس اڳ
مسٽر بيمس ۽ مسٽر اوبرين هن ڏس ۾ ڪجهه ڪم ڪيو هو،
هو لنڊن اسڪول آف اورينٽل ۽ افريڪن اسٽڊيز سان
منسلڪ آهي ”اتر سنڌ ۾ ڏکڻ اولهه پنجابي ۾
سرائيڪي(ٻولي) ۽ سرائيڪي ادب (1900ع)“ بابت سندس
ڪيل تحقيقي مقالي تي کيس 1972ء ۾ پي. ايڇ. ڊي جي
ڊگري ملي. ڊاڪٽر شيڪل، ڪراچي ۾ ڪوٺايل ”سنڌ، صدين
کان“ سيمينار (1975) ۾ ”سنڌ جي سرائيڪي صوفيانه
شاعري جا اسلوب ۽ موضوع“ بابت هڪ مقالو پڙهيو هو،
جيڪو پوءِ سيمينار ۾ پڙهيل مقالن جي انتخاب ۾ شامل
ڪيو ويو ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، ڪراچي طرفان
1981ء ۾ شايع ڪيو ويو. ان مقالي کي الڳ ڪتابچه
طور، بزم ثقافت، ملتان وارن به ڇپايو آهي. ۽ ڀٽ
شاهه ثقافتي مرڪز طرفان، منتخب مقالن جي مجموعي جي
سنڌي ترجمي ۾ به اهو مقالو شامل آهي، اهو ڪتاب
1982ء ۾ پڌرو ٿيو. ڊاڪٽر شيڪل لکيو آهي ته شاهه
عبداللطيف کان پوءِ، سچل سرمست سنڌ جو وڏي ۾ وڏو
شاعر هو، سنڌو مائريءَ جي روائتي مسلم ادب جي
تجزيه لاءِ جيڪي ماڻهو مقرر آهن، سي تسلي بخش نه
آهي. طول طويل مذهبي تاويلون ڏيئي، برجنسي صوفيانه
شاعري کي بنيادي طور عين دين اسلام ٺهرائڻ ۽ ان
سببان ويچار جي لائق سمجهڻ ۽ ٻڌائڻ سان، ڪو ڌاريو
ماڻهو اهو سمجهي نه سگهندو ته اهو ڪلام ڇا بابت
آهي ۽ ان جو اظهار هڪ خاص انداز ۾ ڇو ٿو ڪيو وڃي.
تاهم اهڙي شاعريءَ جو هڪ چٽو پيغام آهي ۽ ان پيغام
کي سمجهڻ کان سواءِ ان جو قدر نه ڪري سگهبو. ڊاڪٽر
سورلي جي تقليد ۾، ڊاڪٽر شيڪل واديءَ مهراڻ جي
وچولي علائقي جو صوفيانه سرائيڪي شاعري جو ٽه رخو
تجزيو پيش ڪيو آهي ۽ اهو اڀياس سچل سائين ۽ بيدل
فقير جي سرائيڪي ڪلام تي مبني آهي. انهيءَ ادبي
تورتڪ جا مجوزه ٽي رخ اسلامي اسلوب (2) فارسي
اسلوب ۽ (3) مڪاني اسلوب آهن. سچل سائين جي ڪلام
مان مثال ڏيندي، ڊاڪٽر شيڪل پنهنجو اڀياس، ٿلهي
ليکي، ”هير رانجو“ جي، داستان تائين محدود رکيو
آهي، ڇو ته سندس تحقيق موجب سچل سائين سرائيڪي
ڪلام ۾ انهيءَ لوڪ ڪهاڻي تي گهڻو توجهه ڪيو آهي ۽
باقي لوڪ داستانن کي سنڌي شاعري ۾ بيان ڪيو اٿس.
ڊاڪٽر شيڪل جي مقالي کي غور سان جاچبو ته معلوم
ٿيندو ته سندس مطالعو، ڊاڪٽر شميل جي اڀياس کان
گهڻو جامع ۽ اونهو آهي.
مقامي طور تي، سرائيڪي وارن دوستن به هن ڏس ۾ پيش قدمي ڪئي آهي،
محترم صديق طاهر ۽ محمد اسلم رسولپوري جون ڪوششون
نه ساراهڻ، احسان فراموشي آهي. پر سنڌ ۾ ”هيءَ
گوءِ هي ميدان“ وارو معاملو آهي. چو طرف سوچ ويچار
۽ سنجيده عمل جي بدران، اڃا سچل سائين جي ڪلام جي
ميڙ چونڊ تي ابتدائي بحث ٿي رهيا آهن. سچل سائين
جي عالمي شهرت ۽ بين الاقوامي سطح تي علمي تحقيق
لاءِ ضروري آهي ته سندس فارسي ڪليات کي مناسب
تصحيح ۽ تدوين کان پوءِ، جلد پڌرو ڪيو وڃي. ۽ اهو
ڪم پنهنجي ساڻيهه جي ڪنهن سخنور دانشمند جي سپرد
ڪيو وڃي. الله تعاليٰ جي قضل و ڪرم سان اسان وٽ
گهڻيئي دردمند دک رکندڙ عالم فاضل آهن جيڪي اهو ڪم
صداقت، امانت ۽ محبت جي جذبي سان پورو ڪري سگهن
ٿا. ”گهر جي پير کي چلهه جو مارگ“ ۽ ولائتي ڪٻر کي
مينا“ سمجهڻ جو سمو دم ٽوڙي چڪو آهي. هونئن به سچل
سائين ”مغربين“ جي مڪر ۽ فريب، ۽ ”ڦلنگين“ جي فتني
فساد جي باري ۾ واشگاف نمونه ۾ اسان کي خبردار ڪيو
آهي.
سو...
سچ ٿا مرد چون، ڪنهن کي وڻي نه وڻي
ياريءَ جو دم ڪوئي هڻي نه هڻي
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
خودشناسي سچل سرمست جي نظر ۾
قديم زماني کان انسان پنهنجي ذات ۽ ڪائنات جي رنگارنگيءَ تي
سوچيندو رهيو آهي. پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ ۽ پنهنجي اندر
جي اونهاين تي سوچ ۽ ويچار ڪرڻ، صوفين ۽ فيلسوفن
جو مک مضمون رهيو آهي، امام غزاليءَ جي ڪتاب
ڪيميائي سعادت جي شروعات ئي انهن لفظن سان ٿئي ٿي،
ته انسان کي انهيءَ ڳالهه تي غور ۽ فڪر ڪرڻ گهرجي،
ته هو ڇا آهي، ۽ هن ڪائنات ۾ هن جو ڪارج ڪهڙو
آهي؟! اهڙي طرح سڀني صوفي بزرگن پنهنجي پيغام ۾
اها دعوت ڏني آهي، انسان پنهنجو پاڻ سڃاڻي، ۽
پنهنجي خصوصيتن ۽ مقصدن جي اصل حقيقت معلوم ڪري،
هنن جو چوڻ آهي، ته خود شناسيءَ کان پوءِ ئي انسان
خدا شناسيءَ جي منزل تي پهچي سگهندو.
قديم ۽ جديد فلاسافرن به خودشناسي ۽ خود آگهيءَ تي زور ڏنو آهي.
ڊيڪارٽ (1716ع - 1646ع) چوي ٿو.
”جيئن ته مان غور وفڪر ڪريان ٿو، انهيءَ ڪري مان آهيان“ لاڪ
(1704 – 1632ع) ڪانٽ (1804 – 1724ع) ۽ گوئٽي
(1814ع – 1762ع) وغيره به خود آگهيءَ جو مسئلو
بيان ڪيو آهي. ڪانٽ چوي ٿو ته خودآگهيءَ سمورن
علمن جو مرڪز آهي. قديم يوناني فلاسافرن سقراط
(322 ق.م 384ق.م) افلاطون (347 ق.م 427 ق.م) ۽
ارسطو (322 ق.م 384ق.م) وغيره به انهيءَ حقيقت تي
روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مسلمان فلاسافرن:
يعقوب، ابن رشد ۽ الڪندي وغيره به انهيءَ ڳالهه تي
ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ لکيو آهي. مسلمان صوفي بزرگن،
انهيءَ مسئلي کي قرآن تعليمات جي روشني ۾ سمجهايو
آهي ۽ اهو معاملو بيان ڪندي، قرآن شريف جون آيتون،
حديثون ۽ بزرگن جا قول شاهديءَ طور آندا آهن، قرآن
حڪيم ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي. ولقد خلقناالانسان
ونعلم ماتوسوس بہ نفسہ و نهن اقرب اليه من حبل
الوريد (ق 16)
(۽ بيشڪ ماڻهوءَ کي پيدا ڪيو سين ۽ سندس نفس کيس جيڪو وسوس
وجهندو آهي، سو ڄاڻندا آهيون ۽ اسين (سندس) ساهه
جي رڳ کان وڌيڪ ويجها آهيون.)
صوفي بزرگن هن سلسلي ۾ خاص طرح سان هن آيت جو پويون حصو گهڻو
آندو آهي، ۽ اها آيت شاهديءَ طور آڻي اسان جو ڌيان
ڇڪايو آهي. حضرت سچل سرمست فرمايو آهي.
”نحن اقرب“ اها اشارات، گڏ توئي سان گذران“
الله تعاليٰ جي انهيءَ عظيم احسان جي باوجود انسان غافل ٿي وڃي
ٿو، ۽ پنهنجي ذات ۽ صفات جو اهو عرفان حاصل نه ٿو
ڪري، جنهن جي ذريعي الله تعاليٰ جا اهي اسرار ۽
رموز مٿس، آشڪار ٿين، جيڪي سندس اندر موجود آهن.
هنن جو چوڻ آهي ته انسان اندر ۾ انهيءَ ذات جي
سڃاڻ سان هو عرفان الاهي حاصل ڪري سگهي ٿو. امام
غزالي پنهنجي ڪتاب ڪيميائي سعادت جي شروع ۾ لکيو
آهي:
”واضح هجي ته پنهنجي نفس جي معرفت الله تعاليٰ جي معرفت جي ڪنجي
آهي. انهيءَ ڪري چيو ويو آهي من عرف نفسہ فقد عرب
ربہ يعني جنهن پنهنجي نفس کي يقيني طرح سڃاتو، ان
پنهنجي پائڻهار کي سڃاتو. انهيءَ ڪري الله تعاليٰ
فرمايو آهي. سنريهم آياتنا في الافلق وفي انفسهم
حتيٰ يرتبين لهم انہ الحق. يعني اسان پنهنجون
نشانيون جهان ۾ ۽ خود انهن جي نفسن ۾ انهن کي
ڏيکاريون ٿا، ته جيئن حق جي حقيقت مٿن روشن ٿئي.
مطلب ته تنهنجي لاءِ تو کان وڌيڪ ڪا به شيءِ ويجهي
نه آهي. جيڪڏهن تون پنهنجو پاڻ کي نه سڃاڻندين، ته
ٻي کي ڪيئن سڃاڻي سگهندين.“
قرآن شريف ۾ هڪ ٻي جاءِ تي الله تعاليٰ فرمايو آهي:
وفي الارض آبت اللمومنين ه وفي اَنفسکم اَفلا تبصرون (الذاريات
آ-)
(۽ يقين ڪندڙن لاءِ زمين ۾ نشانيون آهن. ۽ اوهان جي جندن ۾ به،
پوءِ نه ٿا ڏسو ڇا؟)
پوئين آيت ڏانهن صوفياء ڪرام گهڻي قدر اشارو ڪيو آهي، ۽ اها آيت
شاهديءَ طور آڻي، ٻڌايو آهي، ته انسان جي اندر ۾
ذات مطلق جو جلوو جاري ۽ ساري آهي. سنڌ جي صوفي
بزرگن به انهيءَ ڳالهه تي تمام گهڻو زور ڏنو آهي،
۽ پنهنجي حقيقت تي ويچارڻ تي اصرار ڪيو آهي. حضرت
سچل سرمست فرمايو آهي:
وفي انفسڪم افلاتبصرون، ويجهو ڪيم وسار.
وفي انفسڪم افلاتبصرون ڪا ڪيون ڪجي هيءُ ڪن.
اهڙيءَ طرح قرآن حڪيم جي ذڪر ڪيل آيتن جي روشنيءَ ۾ حضرت سچل
سرمست پنهنجي ذات جي حقيقت تي غور ۽ فڪر ڪيو آهي،
۽ ذات جي معرفت جون حقيقتون چٽيءَ طرح بيان ڪيون
آهن. هو چوي ٿو، ته جيستائين پنهنجي ذات جي نفي نه
ڪئي ويندي، تيستائين پنهنجو پاڻ سڃاڻي نه سگهبو.
يعني پاڻ وڃائڻ سان ئي پنهنجو پاڻ ڳولهي لهبو. ان
کان پوءِ ئي معرفت الاهي حاصل ٿيندي. فرمائي ٿو:
پاڻ وڃائي پاڻ، ڳولهي لهج پاڻ کي،
پاڻ منجهان ئي پاڻ کي پوندءِ ڄاڻ سڃاڻ،
مکڻ آکر هيڪڙو، سوئي کير سنڀاڻ،
اهو اٿئي اهڃاڻ، ڳهلا انهيءَ ڳالهه جو.
يعني پرين پري ڪونهي، پر پنهنجو پاڻ ۾ ئي موجود آهي. اهڙي قسم
جا ڪيترائي شعر سچل سائينءَ جي رسالي ۾ ملن ٿا،
مثلاً
هيڏي هوڏي نه نهار، تنهنجي ويڙهي يار وسي ٿو،
ڦولهي لهج پاڻ مان، ڇو ٿو وڃين وڻڪار.
سچل سائين، منطقي انداز ۾ پنهنجي ذات ۽ معرفت حقيقي جو تجزيو
ڪندي چوي ٿو، ته مشاهدو ۽ مطالعو ٻڌائي ته ذات
حقيقي جو جلوو انسان جي اندر ۾ جاري ۽ ساري آهي.
انهيءَ ڪري جيڪڏهن پنهنجو ... ڪري ڇڏيو، ته فقط
اها ذات حقيقي قائم ۽ دائم رهندي ان کان پوءِ جيئن
ته هو پاڻ رهندوئي ڪونه، ته پوءِ اناالحق جو هوڪو
ڏيڻ لڳندو، جيئن منصور حلاج اناالحق چيو هو.
ادل ڀيري ڀڃ جي بند خيالات جا،
تنهان پڃاڻان وڃ، حلاجي حيرت کي.
سچل سائين چوي ٿو، ته جڏهن اهو عرفان حاصل ٿيندو، ته هن جي سوچ
عام ماڻهن کان مختلف ٿي ويندي، ۽ هو اها ڳالهه مڃي
نه سگهندو، ته مان به آهيان، ۽ خدا به آهي.
جي مڃن ٿا آدمي، سي نه مڃان مان،
سچل آهيان آءٌ، جو ٻانهو ٻي جونه ٿيا.
ٻي هنڌ چوي ٿو:
حدين وڃي هرڪو، لاحد وڃي پير،
سچو سو فقير، جو حد لاحد لنگهي وڃي.
سچل سائينءَ جي نظر ۾ ڪائنات جي ڪثرت جون رنگينيون الله تعاليٰ
جي صفتن ۽ اسمن جا مظهر آهن. ڪائنات جي ڪا شيءِ يا
ڪو وجود يا ڪا هستي، ڪنهن هڪ اسم جو مظهر آهي، ڪو
ٻن اسمن جو مظهر آهي، ۽ ڪا وري مختلف اسمن جو مظهر
آهي. مطلب ته مجموعي ڪائنات الله تعاليٰ ڪرڻ وارو
آهي، ۽ ڪائنات مظهر آهي. هن پنهنجن صفتن ۽ اسمن کي
هن ڪائنات جي ظهور سان ظاهر فرمايو. انهن مظهرن جي
تفصيل جو جيڪڏهن خلاصو ۽ تت بنائجي، ته اهو انسان
آهي، جيڪي ڪجهه ڪائنات ۾ آهي، اهو مجموعي طرح
انسان ۾ موجود آهي، ۽ جيڪو انسان ۾ آهي، اهو تفصيل
سان ڪائنات ۾ آهي. فرق اهو آهي، ته انسان ۾ مجمل
نموني آهي، ۽ وجود ۾ وحدت ۽ ڪثرت گڏوگڏ موجود آهن.
هن جي وجود ۾ وحدت جي وائي به آهي، ته هن جي مزاج
۽ فطرت جا ڪيترائي رنگ ۽ روپ به آهن. سچل سائين جي
ڪيترين ڪافين ۾ اها حقيقت بيان ڪيل آهي. نموني طور
ڪجهه شعر پيش ڪجن ٿا:
چؤ ميان عشق ڪئين، تون سوين سيل بنائين ٿو
ڪاٿئين پيرين آهين پيادو، ڪاٿئين بور ڀڄائين ٿو
ڪاٿئين منبر واعظي، ڪاٿئين پوٿيون پٽائين ٿو
ڪاٿئين زربصت قبائون، ڪاٿئين ليڙان لڙڪائين ٿو
----
مون کي عبرت آهي، اهڙي حال جي
هاريون حيرت آهي انهيءَ ڳالهه جي
ڪاٿئين ڏاڍو، ڪاٿئين هيڻو، ڪاٿئين جوڙ جڻيا ٿو پائي
ڪاٿئين ڪوري، ڪاٿئين موچي، ڪاٿئين سيد سڏائي
ڪاٿئين ڪافر، ڪاٿئين مومن، ڪاٿئين سوريءَ سر هلائي
يعني مزاج، ۽ فطرت رنگ ۽ روپ، مذهب ۽ عقيدي، ڌنڌي ۽ ڪرت جي لحاظ
کان انسان ۾ تنوع آهي. هو ڪيترائي رنگ ۽ روپ
اختيار ڪندو رهي ٿو. سچل سائينءَ جي نظر ۾ انسان
جا اهي رخ عارضي ۽ فرضي آهن. جيڪڏهن پنهنجي وجود
جا وهم وساريا، ۽ پنهنجي پاڻ کي فنا ڪبو، ته انهن
نام نهاد نالن جي خود بخود نفي ٿي ويندي. سچل
سائين انهن نالن کي نانهن سان مِٽي ۾ ميساري ٿو ۽
فرمائي ٿو:
تاب ڪنون بي تاب ميان، مين تاب ڪنون بي تاب
نا مين خاڪي، نا مين بادي، نا مين آگ نه آب
نا مين جِني، نا مين اِنسي، نا مائي نا باپ
ذات سچل دي ڪيهي پڇندئين! نالي تا ناياب
اهڙيءَ طرح ڪثرت جي عارضي وجود جو انڪار ڪبو، ته وحدت ئي وحدت
نظر ايندي. ٻيائيءَ جو سنڌو سيڻهوئي نه رهندو.
انهيءَ حالت ۾ آءٌ، تون، هي ۾ ڪو فرق نظر نه
ايندو، پر هيڪڙائي نظر ايندي:
تون هي، سان تون لڀين، مان لڀان تون سان
تون هي آءٌ سڀ هين، ڪا ۾ موجودات ٿي
صوفي بزرگن جي نظر ۾ ڪائنات ذات مطلق جو مظهر آهي. هنن جي نظر ۾
هن جهان پيدا ڪرڻ مان الله تعاليٰ جو مقصد هي آهي،
ته هو پنهنجو پاڻ کي سڃاڻارائي. انهيءَ مقصد لاءِ
هڪ سڃاڻيندڙ ضروري آهي الله تعاليٰ جي علم ۾
انهيءَ سڃاڻندڙ جو جيڪو نقشو آهي، اهو انسان آهي.
اهو سبب آهي. جو انسان کي الله تعاليٰ پنهنجي لاءِ
پيدا ڪيو، ته جيئن هو کيس سڃاڻي، ۽ سندس صفتن ۽
اسمن کي ڄاڻي، نه فقط ڄاڻي، پر معرفت حاصل ڪري.
سچل فرمائي ٿو:
پنهنجي پاڻ پسڻ جي ڪارڻ، ٺاهه لکين ٿو ٺاهي
پاڻ ڳجهو ڪيائين پڌرائيءَ ۾، هيءُ تنهن هنر هلايو
سچيڏني جي صورت ۾ تنهن، اهڙيءَ رمز رلايو.
سير ساروئي صورتين، پاڻ قريبن ڪيو.
جيئن ته الله تعاليٰ پنهنجي ذات کي انسان جي مظهر ۾ سڃاڻارايو.
انهيءَ ڪري هن ڪائنات کي انسان لاءِ پيدا ڪيو،
انسان کي ان جو مالڪ بنايو، سمورا آسماني ڪتاب
شاهدي ڏين ٿا، ته جڏهن حضرت آدم کي الله تعاليٰ
پيدا ڪيو، ته سمورن ملائڪن، ابليس کان سواءِ الله
تعاليٰ جي امر مطابق ان کي سجدو ڪيو. ڄڻ ته ملائڪن
انسان جي اڳيان پنهنجون خدمتون پيش ڪيون، ۽ سندس
خدمت لاءِ مقرر ٿي ويا. انسان جي انهيءَ فضيلت کي
سچل سائينءَ نهايت چٽي نموني ۽ مختلف طريقن سان
بيان آهي. چوي ٿو:
ملڪن ٿي سجدا ڪيا، واهه مٽي تنهنجو مل،
سچو چوي ٿي آئين، ڪونهي تنهنجو تل.
سچل سائينءَ جي نظر ۾ زندگي فقط هيءَ ئي نه آهي، جنهن کي موت
ختم ڪري ٿو، پر موت کان پوءِ هڪ ٻي زندگي شروع ٿئي
ٿي. سندس نظر ۾ جيڪي جيئري ئي پنهنجو پاڻ فنا ڪري،
موت جي منزل ماڻين ٿا. اهي دراصل مرن ڪونه ٿا، پر
انهن کي هڪ اهڙي زندگي ملي ٿي، جيڪا فنا ٿيڻ واري
نه آهي سچل سائين فرمائي ٿو.
جيڪي آهي هت، هت به اهوئي ٿئي،
ڀڃ اهائي ڀت، تان تون اهوئي رهين،
جهڙو آهين تهڙو هوندين فاني ٿيندين ڇا؟
سڌ پنهنجي سر جي ڪامل پيڙءِ ڪا
ڳالهه نه سمجهيءَ سا، آوازي اناالحق جي.
صوفي بزرگن جي نظر ۾ فنا جو مطلب هي آهي، ته سالڪ پنهنجي نسبت
بالڪل سلب ڪري ڇڏي، ۽ فقط حق تعاليٰ جو وجود
پنهنجي ظهور ۾ ثابت ڪري نه فقط ايترو، پر هو
پنهنجو ظهورئي ذات مطلق جو ظهورو سمجهي. سچل سرمست
انهيءَ ڪيفيت جو ذڪر نهايت بي باڪانه انداز ۾ ڪيو
آهي. هو چٽيءَ طرح چوي ٿو، ته مان آهيان ئي ڪونه،
فقط اهوئي آهي. فرمائي ٿو:
پان پنهون آهيان، اڙي ڀينر ڀلي ناهيان
آهيان آءٌ اسرار، ڀينر مون کي ڪير ٿيون ڀانيون
نوري نماري ناهيان آهيان، رب جبار
ٻيو ڪوئي ڄاڻڻ محض گناهه، هر ڪنهن صورت آپ الله
صورت منجهه سچل جي، ٻولي پاڻ ئي بي پرواهه
پاڻ پنهنجو پاڻهين، صورت منجهه سڃاڻ،
توئي ٻڌندڙ، تون ئي ڏسندڙ، ٿئين ڪيئن آ ڄاڻ،
الله الله ڇوڪري، پاڻ ئي الله ڄاڻ.
اهڙي طرح سچل سائين هم اوست جو نظريو نهايت صاف ۽ چٽو ڪري ٻڌائي
ٿو. هو اها ڳالهه ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي، ته مان به
آهيان، ۽ هو به آهي. هو انهيءَ کي دوئي سمجهي ٿو،
۽ دوئيءَ کي دور ڪرڻ جي تلفين ڪري ٿو. چوي ٿو.
”ڀڃ دوئي تان ڪل پوئي، دور ڪر درجات کي“
هو سمجهائي ٿو، ته جيڪڏهن تون انهيءَ نظر سان پنهنجو پاڻ ۾
جهاتي پائيندين، ته توکي پنهنجو پاڻ ۾ ذات مطلق جو
جلوو جاري ۽ ساري نظر ايندو. فرمائي ٿو.
بنگلي ۾ آدم جي، ساجن پاڻ سمجهايو
ماڻهوءَ جي مظهر ۾، آڻي سو نينهن اڙايو
سچل جي صفت ۾ الله سائين الايو
هندو ويدانتي، ٻڌڀڪشو ۽ عيسائي راهب انهيءَ ڳالهه جا قائل هئا،
ته جسم کي تڪليفون ۽ اذيتون ڏيڻ سان ئي روحاني
ترقي حاصل ٿئي ٿي سچل سائين انهيءَ ڳالهه کي قبول
نه ٿو ڪري، هو چوي ٿو. ته انهيءَ جسم جئين ته
محبوب جو محلات آهي، انهيءَ ڪري ان کي تڪليفون ڏيڻ
۽ پريشان ڪرڻ نامناسب آهي.
سچل روئين ڇو ايترو، بس ڪر هن برسات کي
تصديع تون ڇو ٿو ڏيئن، محبوب جي محلات کي
مطلب ته سچل سائين هڪ اوست جو قائل آهي، ۽ وجودي فڪر جو بي باڪ
ترجمان آهي. هن جي نظر ۾ ڪائنات ۾ ڪنهن شيءِ کي
حقيقي وجود ڪونهي. هر ڪنهن شيءِ ۾ انهيءَ ذات مطلق
جو جلوو جاري ۽ ساري آهي. يعني جز ۾ ڪل ۽ قطري ۾
بحر موجزن آهي:
قطرو پاڻ نه ڀائنج عاشق، ساروئي تون بحر سڏاءِ،
ٻئي جهان هڪو ڪر ڄاڻين، جلوو تنهنجو جاءِ بجا.
اهڙيءَ طرح سچل سائينءَ جي نظر ۾ وجودي فڪر جو خلاصو هي آهي، ته
وجود حقيقي فقط هڪ آهي، ۽ اهو حق تعاليٰ جو وجود
آهي. ان حقيقت کي لاموجود الاالله چئي واضع ڪيو
ويندو آهي، وحدت الوجود جي فڪر مطابق سچل سائين جن
حقائق جي وضاحت ڪئي آهي، اهي هي آهن.
1. وجود حقيقي هڪ آهي، يعني فقط خدائي موجود آهي، ۽ ٻيو ڪجهه به
نه آهي. هر شيءِ انهيءَ مان آهي، ۽ انهيءَ ۾ آهي
جيئن سمنڊ ۾ لهرون ۽ موجون، جن جو وجود حقيقي
ناهي، پر اضافي آهي. حقيقت ۾ انهن جو فقط نمود
آهي، جيڪو يقين جي ڪري آهي. يقين جو مٽجڻ، موجن جو
فنا آهي.
2. وجود حقيقي ئي ذات آهي، ڇا ڪاڻ جو جيڪڏهن اهي ٻئي جدا جدا
حقيقتون هجن، ته توحيد انهيءَ مرحلي تي ئي ختم ٿي
وڃي.
3. وجود حقيقي هميشه کان آهي، ۽ هميشه رهندو.
4. هو واجب الوجود آهي، يعني پنهنجي هئڻ ۾ ڪنهن جو محتاج نه
آهي، هو پنهنجي ذات ۾ پاڻ قائم آهي، ۽ اهڙي طرح
هميشه رهندو.
5. هو واحد ۽ لامحدود آهي. جيڪڏهن هن وانگر ٻيو وجود تسليم ڪيو
ويندو، ته وجود حقيقي نه واحد رهندو، نه لامحدود.
6. ان جون ٻه شاخون خاص آهن. تنزيهه ۽ تشبيهه. يعني اهو ئي عالم
تنزيهه ۾ موجود آهي، ۽ اهوئي عالم تشبيهه ۾ به
جلوه گر آهي.
7. هو حلول اتحاد کان پاڪ آهي، ڇاڪاڻ جو ان لاءِ به ٻن وجودن جو
تسليم ڪرڻ ضروري ٿيندو.
8. هو بي مثل آهي، ڇاڪاڻ جو مثل بنجڻ لاءِ به ٻئي وجود کي مڃڻو
پوندو.
9. ان جو ضد ڪونهي، ڇاڪاڻ جو ضد لاءِ به ٻئي وجود جو اقرار ڪرڻو
پوندو
10. هو بي جهت آهي. ڇاڪاڻ جو جهت ۽ پاسي مان به ٻه وجود پيدا
ٿين ٿا.
11. عالم جي ڪثرت ان جي احديت يا وحدت جي منافي نه آهي، بلڪ
ڪثرت وحدت مان ئي وجود ورتو آهي. انهيءَ ڪثرت ۽
وحدت ۾ ويڇو ڪبو ته ٻن وجودن کي تسليم ڪرڻو پوندو.
انهيءَ ڪري وحدت ۽ ڪثرت هڪ ڪري ڄاڻجي.
حضرت سچل سرمست اهو فڪر هنڌين ماڳين نهايت وضاحت سان ۽ سهڻي
انداز ۾ سمجهايو آهي.
الطاف اثيم
درگاهه درازا جي مزارن جي
ڪتبن جو جائزو
قومن جي علمي انتظامي، مذهبي، تهذيبي ۽ ثقافتي ڄاڻ پهچائڻ ۾
ڪتبن هميشه قيمتي ڪردار ادا ڪيو آهي. ڪتبه نويسي
به انساني تاريخ جي تحرير جو هڪ طريقو آهي جيڪو
ڪنهن سخت يا پائيدار مادي تي لکڻ لاءِ استعمال ۾
اچي ٿو. ڪتبا پاڻ سان لاڳاپيل اسمن يا جسمن بابت
ابتدائي، مختصر، مگر تڪڙي معلومات پهچائڻ جو اهم
ذريعو آهن. وڌيڪ اهو به چئي سگهجي ٿو ته ڪتبا
پنهنجي دور جي تاريخ، ثقافت، علم و ادب ۽ فنون
لطيفه جا خاموش مظهر ۽ سچا شاهد آهن. انساني زندگي
جي ڪارنامن ۽ ماڻهن جي موت بعد سندس شخصيت ۽ حيثيت
متعلق معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ اڄ کان هزارين سال
اڳ ڪتبن جو وجود مصر ۽ عراق جي تهذيبن ۾ ملي ٿو.
اها ريت رسم پنهنجي ارتقائي مرحلن طئي ڪرڻ بعد
ننڍي کنڊ ۾ به پهتي ۽ ان گڏ سنڌ واسين به انهيءَ
اثر کي خوشيءَ سان قبول ڪيو. ڪتبه نويسي جا سنڌ
اندر ڳاڻيٽي کان ٻاهر مختلف ۽ شاندار مثال موجود
آهن جيڪي چوکنڊي، مڪلي ستين جي آستان (يعني
ميرابوالقاسم نمڪين جي قبرستان) معصوم شاه جي
مينار ۽ ٻين ڪيترن ئي تاريخي جاين تي ڏسڻ ۾ اچن
ٿا.
عام طرح ڪتبا ٻن قسمن جا ٿيندا آهن هڪڙا عمارتن جي تعمير متعلق
ٻيا شخصيتن بابت هن مقالي ذريعي آءٌ درگاهه، درازا
اندر نصب ٿيل ٻنهي قسمن جي ڪتبن جو جائزو پيش ڪرڻ
جي حقير ڪوشش ڪريان ٿو.
سچل سائين وارو زمانو توڙي رياست خيرپور اندر علم ادب جي ترقي ۽
اوج جو زمانو هو. وقت جي رواج ۽ عالمن شاعرن جي
موجودگيءَ ڪري درگاهه درازا اندر ٿيندڙ تعميراتي
ڪم توڙي درگاه عشق بارگاه سان وابسته ڪنهن بزرگ جي
رحلت بعد وقتاً فوقتاً تاريخ وفات جا ڪتبا نصب
ٿيندا رهيا آهن مگر افسوس جو منڍ ۾ بيان ڪيل پس
منظر جي پيش منظر سچل سائين جي سوانح نگارن ۽
شارحن ان پاسي تحقيقي خاطر، خواه رڪارڊ رکڻ لاءِ
ڪوبه توجه ڪونه ڏنو آهي.
وري به آجرَ جو مستحق آهي مولانا محمد صادق راڻيپوري مرحوم جنهن
پنهنجي مرتب ڪيل ڪتاب”سچل سرمست جو سرائڪي ڪلام“ ۾
بطور يادگار فقط (8) اٺ ڪتبا درج ڪيا آهن. حقير:
راقم کي ذات مشاهدي بعد انهن ڪتبن ۾ جيڪي مذڪوره
ڪتاب ۾ اچي چڪا آهن تن اندر ڪجهه گهٽ واڌايون
معلوم ٿيون آهن تن جو ذڪر ڪندس ۽ جيڪي ڪتبا مون
پاڻ رڪارڊ ڪيا آهن تن جو ذڪر پڻ هتي ايندو.
درگاه درازا آويزان ڪتبن کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. (1)
تعميرات متعلق (2) اوائلي دور جي مزارن متعلق (3)
ورهاڱي کان پوءِ وارن مزارن متعلق.
هاڻي ترتيبوار سڀني جو الڳ ذڪر ڪجي ٿو.
1. تعميرات متعلق ڪتبا:
سچل سائين جي درگاه عرش بارگاه ۾ داخل ٿيڻ واري مکيه دروازي جي
مٿان نظر ڪبي ته دروازي مٿان ٽڪنڊي هلڪي پيالي پٿر
ٿي اڪريل ڪتبو جيڪو منظوم فارسيءَ ۾ آهي
ڪاشيڪاريءَ وچ۾ پيوست ٿيل نظر ايندو. خيرپور رياست
جي اڳوڻي واليءَ مير رستم خان جنهن جو درگاه درازا
سان نهايت ئي نيازمنديءَ جو رستو هو جڏهن درگاه جو
قبو جوڙايو هو تنهن وقت جي مناسبت سان ڪنهن شاعر
اهو قطعو موزون ڪيو ۽ ان مان روضي مقدس جي تعمير
جو سال 1225هه ظاهر ٿئي ٿو. قطعو هي آهي.
والمي مملک مير رستم خان، ابن سهراب خان عالي شان
در برش خلعت مريدي شه، بر سرش قائم ست تاج شهان
او لبنا کرد گنبذي اخضره هست آن روضه بهشت نشان
سال تاريخ جستم از هاتف، گقت روضه مقدس برهان 1225هه
هست درگاه حضرت قادر، بارگاه رفيع مثل جنان
مولانا محمد صادق راڻي پوري مرحوم پنهنجي مرتب ڪيل رسالي جي
سوانح وارن صقحن تي انهيءَ قطعي جو متن ڏنو آهي
مگر ان ۾ چار بند وڌيڪ آهن ۽ لکي ٿو ته اهو قطعه
تاريخ تعمير ”درگاه جي قبي ۾ اندراوڀر طرف کان
لکيل آهي“. واضع ٿيو ته اهو قطعو ديوار تي ۽ پٿر
تي جدا جدا لکيل هو، ديوار واري تحرير ختم ٿي چڪي
آهي، مگر پٿر تي اڃا موجود آهي. مگر ان ۾ چار مصرع
گهٽ آهن. شايد اهو پٿر جي نصب ٿيندڙ جاءِ ۽ خود
پٿر اندر وڌيڪ گنجائش نه هئڻ ڪري ڪيو ويو هجي!
(2) تعميرات سان واسطو رکندڙ هڪ ٻيو ڪتبو پڻ درگاه جي مکيه
دروازي ۽ انهيءَ پٿر واري ڪتبي جي ٿورو مٿان نيري
ڪاشيءَ جي سرن تي اڇي رنگ ۾ نثر ۾ لکيل آهي، هي
ڪتبو درگاه درازا جي تڏهوڪي سجاده نشين ميان سخي
قبول محمد سائين ثاني جي زماني ۾ روضي تي ڪاشيڪاري
جي ڪم ٿيڻ بعد پيوست ڪرايو ويو هو. ان جي عبارت هن
ريت آهي.
”حق موجود“
هن روضي مبارڪ تي ڪاسيءَ ۽ منارن جو ڪم، جناب قدوت السالڪين
زبدت العارفين، سرتاج المشتاقين، سلطان العاشقين
حضرت سخي قبول محمد قدس سرم العزيز پاڻ نئي سر
ڪرايو. هٿان خليفو رسول بخش بمع طالبان تاريخ 21
ربي الاول 1354 هجري، درگاه اندر تعميرات بابت ٻيو
ڪوبه ڪتبو نظر ڪونه ٿو اچي.
هاڻي پيش خدمت آهي مزارن جي ڪتبن جو جائزو پر ان ۾ پهريان درگاه
جي صحن واريون يا قبي کان ٻاهر واريون مزارون.
درگاه جي مکيه دروازي جي ساڄي پاسي به مزارون آهن جن ۾ قبي جي
ديوار سان لڳ پهرين مزار سچل سائين جي والد
بزرگوار سائين ميان صلاح الدين فاروقيءَ جي آهي.
هن مزاري ڪاشيءَ جو ڪم ٿيل آهي ۽ اڇي سر تي نيري
رنگ سان هي عبارت لکيل آهي.
”هو حق موجود“
مرشد صلاح الدين
حقيقت يار وارث فقرائي
نبي مختيار وصالش 1200هه
اهو ڪتبو ميان صلاح الدين جي ڪنهن مريد تحرير ڪيو آهي، جيئن
پهرين سٽ مرشد صلاح الدين مان ظاهر ٿئي ٿو. مگر هڪ
ڳالهه توجهه ۽ تحقيق طلب آهي ته سائين صلاح الدين
جي وفات جو سن 1200 هجري ڄاڻايو ويو آهي جڏهن ته
انهيءَ ڳالهه سان سچل سائين جا سڀئي سوانح نگار
متفق آهن ته سچل سائين پنهنجن والد جي وفات وقت
ڇهن سالن جو صغير هو ۽ سندس پيدائش جو سال 1152هه
آهي ان ۾ ۾ ڇهه سال جوڙ ڏيڻ سان 1158هه بيهندو ته
پوءِ 1200هه ڪيئن ٿيو، جڏهن ته عبارت بلڪل صاف ۽
چٽي پڙهڻ ۾ اچي ٿي ته پوءِ هيل تائين تاريخ جي
انهي درستگي طرف توجهه ڇو نه ڏنو ويو آهي سا خبر
خدا کي بهرحال اسان کي ان جي درستگي لاءِ اپاء
ڳولڻا پوندا يا سوانح نگاريءَ جو سمورو تسلسل ۽ پس
منظر تبديل ڪرڻو پوندو.
صحن ۾ ٻي مزار جنهن تي قطعه تاريخ وفات جو ڪتبو لڳل آهي سا مکيه
دروازي جي سامهون ڪاشيءَ جي سرن سان جڙيل سچل
سائين جي استاد عالي مقام آخوند حافظ عبدالله جي
مزار آهي. اهو قطعو تاريخ سندس ذي فهم شاگرد رشيد
حضرت سچل سرمست فارسيءَ ۾ موزون ڪري مزار تي
هڻايو. ڪتبي مان اهل مماتي جي شخصيت ۽ حيثيت جو
آسانيءَ سان پتو پوي ٿو.
لکيل آهي:
خادم صاحبان اهل الله محرم راز، عارف بالله
عرف اهل قريش صديق واصل بحر ذات الالله
جستم از عقل سان تاريخش گفت از اسم حافظ عبدالله 1232هه هاڻي پي
ش ڪجي ٿو درگاهه سرمست اندر مزارن مٿان لڳل ڪتبن
جو جائزو.
مکيه دروازي سان لڳ پهرين تربت سچل سائين جي مرشد هادي خواجه
عبدالحق سائين جي آهي. ان تي ڪاشيءِ جي ڀوري ناسي
رنگ واري سر تي قطعه تاريخ وفات لڳل آهي. اهو قطعو
سندس مرادوند مريد ۽ ڀائٽي سائين سچل سرمست موزون
ڪري نصب ڪرايو هو. متن هن ريت اٿس.
مرشد کامل حقيقت يار وارث دين محمد مختيار
گوهر بحرانه واحد ليس في الدار غيره ديار
سال تاريخ اوست مظهرحق ميم ما ومن از ميان بردار 1214هه
خواجه عبدالحق کان پوءِ مزار پر انوار آهي سچل سائين جي ڏاڏي
حضرت خواجه محمد حافظ جي تعمير سنه 1225هه ۾ مير
رستم خان جڏهن روضي جي تڪميل مڪمل ڪرائي تڏهن سچل
سائين پنهنجي ڏاڏي جي قطعه تاريخ وفات موزون ڪري
ڪاشيءِ جي سر تي لکرائي مزار تي هڻائي. هلڪي پيلي
۽ ناسي رنگ واري ڪاشيءِ جي سر تي هي قطعو درج آهي.
گل فردوس رحمت باغ فاروق ز اسرار خدا واقف کماهي
ولايت او بود مشهور آفاق زفوق عرش اعظم تا بماهي
محمد حافظ و هادي تولد سنش کامل نقل مظهر الاهي 1192ء
خواجه صاحبڏني سائين جي ڀر ۾ مزار آهي پير خواجه عبدالحق جي
فرزند ميان زين العابدين جي. مولانا محمد صادق
صاحب مرحوم، هن بزرگ جي مزار جي ڪتبي کي درج ڪيو
آهي، مگر پاڻ انهي مزار جي وقوع جي نشاندهي تخت
گاهه جي ڀرسان واري ننڍي قبي طورسينا ۾ ڪئي اٿئين
جا ڳالهه صحيح نه آهي ۽ ان تاريخي رڪارڊ جي درستگي
جي ضرورت آهي. طورسينا درگاه جي سامهون صحن ۾ ننڍي
قبي کي سچل سائين ڪوٺيندو هو ۽ عروج جي حالت ۾ ان
تي وڃي چڙهي وهندو هو. انهي قبي اندر مولانا صاحب
مرحوم ٽي مزارون ٻڌايون آهن يعني ميان زين
العابدين ميان غوث محمد ۽ ميان نظر محمد جون.
حقيقت ۾ اتي فقط ٻه مزارون آهن جيڪي پونين ٻن
بزرگن يعني ميان نظر محمد ۽ ميان غوث محمد جون آهن
باقي ميان زين العابدين ولد ميان عبدالحق جي مزار
سچل سائين واري درگاه ۾ آهي. ڪاشيءِ جي سر تي
هيٺون قطع تاريخ وفات تحرير ٿيل لڳل آهي ۽ هڪ
اندازي مطابق اهو قطعو سائين سچل سرمست جو موزون
ڪيل آهي.
بود گل از گلشن رحمت عادلين
زينت اصحاب معني قدوه سلک حامدين
نخل بستان صفا سرو گلستان وفا
نونهال کامراني از حديقه جاودين
خازن فردوس رحمت گفت با صد مرحبا
اي ولي زيب طاعت، انت زين العابدين 1242هه
(مولانا صاحب جي نسخي ۾ عادلين بدران لفظ اميرالمونين لکيل آهي
۽ سر تي عادلين آهي.)
انهي مزار جي ڀرسان مزار آهي منصور ثاني حافظ درازي سچل سائين
جي، روهڙي جي رند فقير قادربخش بيدل جيڪو سچي
سائين جو معتقد هو تنهن سندس وفات حسرت آيات جي
موقعي تي سنڌي ۾ فارسي ۾ جدا جدا وفات قطعا چيا
هيا، سنڌي قطعه تاريخ گهڻي مشهور آهي. يعني:
عشق جو يارو درازن ۾ عجب اسرار هو
مست سالڪ شهه سچو عاشق اتي اظهار هو
سن ٻارهن سو ٻائيتاليهه ۾ تيار هو
چوڏهين رمضان جي هادي اهو هسوار هو
قرب وارن جي ڪٽڪ ۾ مرد منصب دار هو
در تنهين داتا جي بيدل پرت جو پينار هو
بيدل فقير جي موزون ڪيل سچل سائين جي فارسي قطعه تاريخ وفات
ڪاشيءِ جي سر تي لکيل سندس مزار پر انوار تي
آويزان آهي.
متن هي اٿس:
در بيضائي ازل ترکيد شد مخروج عشق
کف زدرياي محبت کرد بيرون موج عشق
از خدا بودي صديق و پيش احمد شد سچو
از علي صادق يقين و پيشوا ممزوج عشق
سال او رامنشيءَ بر لوح تقدير اين نوشت
بود مربرج هديٰ او آفتاب اوج عشق
سچل سائين جي سڄي پاسي مزار آهي سندس مرشد زادي سائين خواجه
قبول محمد اول جي. سچل سائين جي وفات کائنس ٽي سال
اڳ ٿي تنهن ڪري سندس مزار تي درج ٿيل ڪتبي واري
قطعه تاريخ ڪنهن ٻئي جي چيل آهي. ڪاشيءَ جي سر تي
هيٺيون فارسي قطعه تاريخ وفات نقش ٿيل آهي.
ماهتاپي مير شمع نکو عاشقي جائي رحمت ايمان
عابد بود فائض دارين رحمت الله آيت سبحان
مظهر يمن اهل ذات حق کاشف صد عارف رحمان 1245هه
درگاه اندر مزار جي ٻي قطار ۾ جن مزارن تي ڪتبا لڳل آهن سي آهن
پنهنجي وقتن جي سجاده نشين خواجه نجم الدين درازي
۽ سائين سخي قبول محمد ثاني جون. خواجه نجم الدين
جي مزار تي هيٺيون فارسي قطع تاريخ ڪتبي جي صورت ۾
موجود آهي.
بدر سيماي سراپا نور نجم الدين منير
که فروغ روشني معدوم ظلمات فلق
صاحب سجاده عالي مرتبت درحسن خلق
داشتي طبع کريم او بدلجوئي سبق
مرهم دلبارد درويش او محرم سرسجود
هادي ومقل موحد شهر در دور افق
چون خرميده ازين سفر سوي بيگانه شق
بهر واضع بودن تاريخ وصلش آرن جبين
جان ز روئي کشف کفته جلوه خور شيد حق
درگاه ۾ سچل سائين جي پيراندي کان سنگ مرمر واري مزار آهي خواجه
سائين سخي قبول محمد ثانيءَ جي، هي ڀلارو بزرگ
حافظ قرآن حال ۽ قال جو صاحب وڏو سخي مرد ٿي گذريو
آهي. پنهنجي وقت ۾ سچل سائين جون سڪون لاهيندو هو.
سندس مزار مقدس تي سندس هڪ طالب مولڻ فقير جلباڻي
هي قطعو تحرير ڪرايو.
عاشق قبول محمد معشوق شد الاهي
اين شمس عشق آمد با تاج شهنشاهي
از فيض شوق مولا روشن جهان گردن 1243هه
رفت بيست ذي قعد خورشيد درسياهي
طورسينا واري قبي ۾ پير خواجه عبدالحق جي پوٽي ميان نظر محمد ۽
پڙ پوٽي ميان غوث محمد جون مزارون آهن. ميان نظر
محمد جي مزار واري ڪتبي تي هيٺيون قطع تاريخ تحرير
آهي. شاعر جي خبر پئجي ڪونه سگهي آهي.
مہ برج ولايت اوج سرمد که محکم بود بر شرع محمد
پس از سال وصالش گفت هاتف چراغ اوليا نظر محمد 1252هه
(رسالي ۾ مولانا صاحب ”پئي سال وصالش“ ڏنو آهي)
هتي ميان غوث محمد واري مزار تي هيٺيون قطع تاريخ ڪتبي تي درج
ٿيل آهي.
چون محمد غوث صاحب از تنه کرد انتقال |
(رسالي ۾ مولانا راڻيپوري جهان ڪم آندو آهي تنه جي جاءِ تي) |
”ارجعي“ بشيند از حق يافت تشريف وصال
مست صهبائي انالحق محرم سرارست
سينه بي کينه اش آئينئه نور جمال
نوجوان شيرين سر نهان وحدت نشان
غرق درياي بقا غواص بحربي نشان
بهر تاريخ وصالش عالم ارواح گفت |
(رسالي ولقظ وحدت نشان ڪونه ڄاڻايو ويو آهي)
|
باد محو انور بيچون سالک سالم خيال 1272هه |
(رسالي ۾ سن ڄاڻايل ڪونه آهي) |
درگاه جي صحن توڙي ٻين ڍڪيل جاين اندر ورهاڱي کان پوءِ واري
زماني جا، جيڪي مزارن مٿان ڪتبا نصب آهن سي، سمورا
سئين سادي نثر ۾ لکيا ويا آهن. مثال طور درگاه سچل
جي ڏاکڻي دروازي کان ملحقه پڃري واري مزار ۽ ان جي
ڀر واري سنگ مرمر جي مزار، ٻئي پنهنجي وقت جي
سجاده نشين سائين جان محمد ۽ خواجه عبدالحق پونيئن
جون مزارون آهن. انهن تي سنگ مرر جا ڪتبا لڳل آهن
۽ هي لفظ لکيل اٿن. ”حضرت سخي مقبول محمد عرف ميان
سائين جان محمد بن ميان سائين صاحبڏنو سجاده نشين
ولادت 1912ع وفات 1952ع“ ۽ ٻيو، ”خواجه عبدالحق
ولد صاحبڏنو، سجاده نشين درگاه سچل سرمست ولادت
1932ع وفات 1978ع“
وهاگي کان پوءِ وارين مزارن ۾ سچل سائين جي هندو طالبن جون
مزارون جن اندر مٽي دفن ڪئي وئي آهي ٻين لفظن ۾
ارٿي چئي سگهجي ٿو، تن جو ذڪر به دلچسپي کان خالي
نه آهي سچل سائين جي درگاه جي ڏاکڻي در کان داخل
ٿيڻ وقت کٻي هٿ تي سنگ مرمر جي جڙيل مزار آهي. سچي
سائين جي هڪ سچي طابه ۽ سندس رسالي جي مرتبه رڪي
ٻائي يعني ”نماڻي فقير“ جي هن مزار تي الحمد شريف،
قل هو الله ۽ سچل سائين جي هڪ مشهور ڪلام ”تون
صاحب صورت جو هي آ غلام تنهنجو“ جون هي ٽي مصرعون
به نقش ٿيل آهن.
دلگير تون مٿان ٿين ڪر دور درد کي ميان
اول آخر اسان وٽ هوند مقام تنهنجو
رد ڪر فنا فڪر کي اميدوار ٿي رهه
هت هت يقين جاڻج آهيان امام تنهنجو
تون آهين اصل اسانجو آهيون اسين سي تنهنجا
آهي قبول ڪلئي سچل ڪلام تنهنجو
خواجه صاحبڏني جي کٻڙ يعني تخت گاه جي اتر ۾ سچل سائين جي ٻن
هندو طالبن جون ارٿيون يا مزارون پڻ آهن جيڪي ٻئي
زال مڙس هئا يعني سڪند لال لالا ۽ سندس پتني گوران
ٻائي، انهن مٿان سندس نالا ۽ وفات جون تاريخون
لکيل آهن. |