پنهنجي پاران
سرمست جو ڇهون سلسلو حاضر آهي. هن وقت تائين سرمست سلسلي جي
پنجن ڪتابن ۾، اسان اٽڪل پنجهاهه تحقيقي مقالا
شايع ڪري چڪا آهيون. سچل نئشنل سيمنيار 82 جي
ڪاروائيءَ ۾ 25 تحقيقي مقالا ڇپيل آهن. سچل نئشنل
سيمينار 83 جا اٽڪل 75 مقالا، جنهن ۾ ملڪ جي سمورن
صوبن کان آيل عالمن توڙي ڪي پرڏيهي عالم شريڪ ٿيا،
اهي شايع نه ٿي سگهيا آهن، حالانڪ ان وقت جي
گورنر، توڻي تڏهوڪي تعليمي وزير ۽ هاڻوڪي وڏي وزير
انهن مقالن جي شايع ڪرڻ لاءِ لک رپين جي رقم ڏيڻ
جو واعدو به ڪيو هو. انهن کان سواءِ ”سچل لغات“ ۽
”سچل سرمست تي ببليوگرافي“ ڊاڪٽر سنديلي صاحب ۽
محمد علي حداد صاحب جي ڪاوشن سان ترتيب ڏيئي شايع
ڪيون ويون آهن.
اهو سڀ اشاعتي ڪم بنا ڪنهن باقاعدي گرانٽ جي ٿيو آهي. اسان
چاهيون ٿا ته سچل سرمست يادگار ڪميٽيءَ کي هڪ مڪمل
۽ خودمختيار ائڪيڊمي جي صورت ڏني وڃي، جيئن سنڌ جي
هن باڪمال شاعر تي باقاعدي تحقيقي ڪم شروع ٿئي.
اڃا سچل سرمست جو مستند رسالو ترتيب ڏيڻ باقي آهي.
سچل سرمست جي ڪلام جا پراڻا نسخا، جيڪي هاڻي ناياب
آهن، يا سچل سرمست تي ڇپيل پراڻا ڪتاب وري ڇپائڻ
جي ضرورت آهي. اهو ڪم ائڪيڊمي جي وجود ۾ اچڻ سان
ئي ٿي سگهندو.
خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو سچل ائڪيڊميءَ جو آڊيٽوريم مڪمل ٿيڻ
وارو آهي، پر خالي عمارتون اڏڻ سان ڪجهه نه ٿيندو،
جيستائين انهن عمارتن ۾ ڪم ڪرڻ وارا موجود نه
هوندا ۽ انهن عمارتن جي سار سنڀال لهڻ وارا نه
هوندا. ان ڪري لازمي آهي ته جلد از جلد سچل سرمست
ائڪيڊمي قائم ڪئي وڃي، ۽ ان کي مناسب مستقل گرانٽ
ڏني وڃي، جيئن سنڌڙيءَ جي سرمست سچل تي تحقيق جو
ڪم اڳتي وڌي سگهي.
سرمست سلسلي جي هن ڪتاب ۾، سنه 1985ع ۾ منعقد ٿيل ورسيءَ جي
موقعي تي پڙهيل مقالا ۽ شعر شامل آهن. اسان کي
افسوس آهي، جو سنڌيءَ ٻوليءَ جي لائق محقق ڊاڪٽر
غلام علي الانا صاحب (جنهن ادبي محفل جي صدارت
ڪئي) جو مقالو شامل نه آهي. اهو ان ڪري جو الانا
صاحب زباني ڳالهيون ۽ واعدو ڪيو ته پاڻ مقالو لکي
موڪلي ڏيندا پر پاڻ فرصت نه هجڻ سبب مقالو موڪلي
نه سگهيا.
هنن مقالن مان محترم ڪريم بخش خالد جي مقالي ”سچل سرمست ۽
مستشرقين“ کي گولڊ ميڊل مليو، ۽ محترم الطاف اثيم
جي مقالي ”درگاهه درازا جي مزارن جي ڪتبن جو
جائزو“ تي ڊاڪٽر الانا صاحب جن علامه اقبال
يونيورسٽي طرفان پنج سو روپين جي خاص انعام ڏيڻو
ڪيو هو. ڊاڪٽر صاحب جن اهو پنج سو روپين جو انعام
هر سال ڏيڻ جو به اعلان ڪيو هو، جنهن لاءِ اسان
سندس ٿورائتا آهيون.
هن ڪتاب ۾ دستور موجب محترم محمد علي حداد جو سچل سرمست جي
ببليوگرافيءَ تي واڌارو شامل آهي، جيڪو 1985ع ۾
ڇپيل مواد تي مشتمل آهي. اميد ته اهو سچل سائينءَ
تي تحقيق ڪندڙن لاءِ ڪارآمد ثابت ٿيندو.
تنوير عباسي
13 مئي 1986ع
سرمد جو گهر، خيرپور
شمشيرالحيدري
عاشق هليا اکين سان
عاشق هليا اکين سان، ٿي نينهن جا نمازي،
لوچي لڌئون لبن سان، دلبر جو در درازي.
چانئٺ جنين به چائي، سُرڪي ملين سوائي،
تيزيءَ ڪين توائي ملان رهيو نه قاضي.
اکپور ۾ الستي، اهڙي نه ڪائي سَستي،
مستيءَ جو مَٽ نه هستي، هاري ڇڏيئون مجازي.
جي پاڻ سان مخاطب، ٿيندا نه طُورَ طالب،
عبرت عجب عجائب، ديدام دم درازي.
جانب جي جاءِ جاتي، ٿي روح راءِ تاتي،
ڇرڪيا الائي ڇاتي، محبوب سڀ مجازي.
ملان مِٺي مٺائي، قاضيءَ جي ڪُٽ ڪمائي،
چوکي چکي ڪڙائي، ڪافر کڻي ويو بازي.
جن من ڪيو مٿيري، آيا اُهي اويري،
ويو وقت واڳ ڦيري، هيءَ ڳالهه آهي تازي.
”شمشير“ يار پنهنجو، ڏس ٿي ويو سو ڪنهن جو،
ڪونهي قصور تنهن جو، دردن ڪيو درازي.
تاج بلوچ
درد جو انگاس
سچل سرمست جي فلسفي جي حوالي سان
منهنجي دروزي جي ٻاهر
ڪير بيٺو آ ڏسو؟
جيڪڏهن ڪا آسماني اپسرا
آهي ته ان کي هي چئو:
دور سپنن جي دنيا کان دور ٿي،
پنهنجو رشتو آهه جوڙيو
مون ته ڌرتيءَ ڌوڙ سان
ڌوڙ سان، ها ڌوڙ سان
ڌوڙ، جيڪا زندگي جي آ قريب
جيڪا جيوت کي ٿي بخشي
سونهن ڀي، سرهاڻ ڀي ۽ روشني
..........
ڪير ٻيو ڪوڙن ۽ ڪاري رات جيئن
سپنن جي انڌي کوهه ۾
آس ۽ اميد جا ڪنڪر هڻي
ويٺو رهي ڪنهن آسماني اپسرا جي واسطي:
جنهنکي نه هٿ لائي سگهي
۽ تڪيندو ئي رهي.
بس رڳو احساس جي
بي نانءَ ڪنهن گرمي کي ماڻڻ واسطي:
شعر ٺاهيندو رهي،
شعر ڳائيندو رهي.
منهنجي دروازي جي ٻاهر دوستو!
جيڪڏهن ڪا آسماني اپسرا آهي چئوس:
موٽي وڃي
موٽي وڃي.
..........
منهنجي دروازي جي ٻاهر
ڪير بيٺو آ ڏسو؟
منهنجي ماضيءَ جي چري چاهت
اهائي نازنين آهي اگر
تنهن کي چئو:
تنهنجي خاطر
درد جي انگاس تي
آءٌ صدين کان وٺي لڙڪيل رهيس
تنهنجي راهن ۾ وڇائي نيڻ پنهنجا
واٽ جي هر خار کي.
روح پنهنجي ۾ چڀوئي
تنهنجي قربت واسطي
هجر جي زهر آب سان ڀرپور ساغر
روح ۾ اوتيندي ۽، رت روئندي
درد جو صحرا لتاڙي پار ڪيم
هاڻ ان پيڙا سان ايڏو
مان هري آهيان ويو
جو وڏي ڏاڍي وڏي ڪائي خوشي،
تنهنجي ڏنل ان درد جي ئي ڀيٽ ۾
ڪو به درجو
ڪوبه رتبو
ڪين ماڻي ٿي سگهي
منهن جي پاران دوستو!
کيس بس هي عرض ڪيو:
مهرباني لک لائق جيڪڏهن واپس وڃي،
۽ ڇڏي ڏي مونکي منهنجي حال تي
..........
منهنجي دروازي جي ٻاهر ڪير بيٺو آ ڏسو؟
دوستو ۽ مهربانو!
ڪير ڀي آهي اگر
تنهن کي چئو:
موٽي وڃي
موٽي وڃي
مان چڱو ڏاڍو چڱو هان
ذات جي قيد ۾.
جيستائين ڪوئي سپنو
سچ جي صورت وٺي
جيسين ڌرتيءَ ڌوڙ کي درجو ملي
جيستائين روح جي آرام جو سامان ٿئي
جيستائين آدمي آزاد ٿي انسان ٿي
مان چڱو هان ذات جي قيد ۾
..........
آدمي نڪتو نه آهي
جيسين پنهنجي ذات جي قيد مان
تيستائين تيستائين
منهنجو دروازو نه کڙڪائي ڪوئي.
منهنجو دروازو نه کڙڪائي ڪوئي.
هدايت بلوچ
فرياد
هڪڙي فرياد ٻڌ سچل سائين
ڪلهه جڏهن ڪوٽڙي وٽان لنگهيس
منهنجي نيڻن مان لڙڪ نڪري پيا
منهنجي سنڌو جو حال اهڙو هو
ڪنهن سهاڳڻ جي سينڌ جيئن اجڙي
منهنجي مهراڻ جي سهاڳ جا ڏينهن
منهنجي مهراڻ جا شباب جا ڏينهن
ڪو ٻڌائي نه نيٺ ڪاڏي ويا
هي عدو جي نئين ادا ڇا لئه
هت وري گل ڪڏهن ٽڙي سگهندا
هاڻ ڦولار کي ڪڏهن ڏسبو
مونکان ماني کسڻ جي ڪوشش ڇو
مونکان پاڻي کسڻ جي ڪوشش ڇو
ائين نه ٿئي جو پڙهون ڪتابن ۾
سنڌ سرسبز ۽ سکي ئي ڪڏهن
سنڌ ۾ هڪ درياه وهندو هو
جنهن تي سنڌين جي معيشت هئي ٻڌل
جنهن سان سنڌين جو روح هو رچيل
سو سڪي ٺوٺ ٿيو هو جڏهن
قوم سنڌي تباهه ٿي وئي هئي
ڏاڍي مهمان نواز قوم هئي
۽ عجائب گهرن ۾ ورلي ڪو
ڪنهن سنڌي جو مجسمو ملندو
ايڏي بي حس رهياسون جي يارو
منهجي فرياد سچ متان ٿي پوي
سنڌ جا هيسيل ڪنبايل سڀ اديب
سنڌ جا ماريل ڏڪايل سڀ اديب،
اي سچل توکي سلامي ٿا ڏين،
جيئري ئي سولي چڙهايل سڀ اديب.
جنهن ڪني جو تو سچل لاٿو ڍڪڻ،
سو اڃا تائين پيو کامي پچي،
سچ اڳ ڀي هو سدائين سرخرو،
سچ اڄ ڀي پيو ٿو سولي تي نچي.
سچ جي راهه ۾ جو جان ڏئي،
تنهنکي بيشڪ شهيد چئبو آ،
جيڪو ڪنهن جو ڪندو آ پاڻي بند،
تنهن کي يارو يزيد چئبو آ.
ملڪ نديم
غزل
سچل ۽ ڀٽائي جي ڀاڻن جي بستي
ڏجو ڪين لٽائڻ اباڻن جي بستي
عدل ۽ امن ات اڃان آڻڻو آ
صدين کان جيڪا آهه گهاڻن جي بستي
هي تاريخ لکڻ جي سازش ٿئي پئي
”ڪڏهن هت هئي هڪ نماڻن جي بستي“
آزادي ۽ سک ڏانهن وڙهندي وڌي ٿي
حويلين ۽ ڪوٽن ۽ ٿاڻن جي بستي
نه غاصب کي قبضو ڄمائڻ ڏجو هت
هي پورهيت پنهوارن مهاڻن جي بستي
گهٽيون گهر جرڪن ۽ منهڙا به ٻهڪن
مثل ڏين آ سهڻي فلاڻن جي بستي.
جمال الدين جوڳي
سلطاني سير
هي سچل سر صبحاني آ
جنهن سير ڪيو سلطاني آ
ڪنهن مستي ۾ آ مست ڏٺو
ڪنهن عاشق يار الست ڏٺو
ڪنهن سئودو دست بدست ڏٺو
هن راه ڏسي ته رنداني آ
ڪنهن محبت ۾ مخمور ڏٺو
ڪنهن سچل سارو سورو ڏٺو
ڪنهن ثاني آ منصور ڏٺو
هي هادي مرد حقاني آ
ڪنهن ڄائندي کان ئي ڄام ڏٺو
ڪنهن راهه ويندي آ رام ڏٺو
ڪنهن نوري نرمل نام ڏٺو
هي صوفن جو بس باني آ
هن جوڳي کي آ طلب گهڻي
ڪر سامي پنهنجو قرب کڻي
ڏي درتان مونکي مهر ڪڻي
دل دردن ڪئي ديواني آ.
مهيسر ”خادم“ رفيقي
سچل سائين جي حضور ۾
فڪر تنهنجو ٿو ڏئي اوجهڙ مان اڪرڻ جو سبق
فڪر تنهنجي ۾ محبت جا ٿا گل نکري پون
فڪر تنهنجي ۾ نصيحت جو سراسر درس آهي
فڪر تنهنجي ۾ صداقت جا سوين موتي ملن
فڪر تنهنجي ۾ عيان ٿي ديس جي الفت ٿئي
فڪر تنهنجي ۾ الاهي عشق جو اپٽار آهه
تو جدا ناهي ڪيو تاريخ ۽ تهذيب کي
فڪر تنهنجي ۾ تصوف جو ٿيل پرچار آهه
تنهنجي ڏس تي اي سچل ذهنن سندي تعمير ٿئي
فڪر تنهنجي قسمتن کي ٿو سنواري اي سچل
تو چيو سوري کي سمجهن سيج جہ سورهه سچا
فڪر تنهنجو ٿو مئل دليون جياري اي سچل
ديس جي ڌرتيءَ سان لنو لائڻ سندو تو ڏس ڏنو
فڪر تنهنجو جن پڙهيو جوڙيو انهي ڪردار آهه
جن ڪپايا ڪنڌ پنهنجا تن کي تو آ جس چيو
اي سچل تنهنجو رسالو عشق جو اسرار آهه
ڀرم واري ڀيد کان جنهن پاڻ کي آجو رکيو
سو سڄڻ دولهه درازي مهرباني آهي سچل
جنهن حجابن جا ڇڏيا پردا ڪري سڀ چاڪ چاڪ
جنهن خدا ماڻيو خودي مان سو جوان آهي سچل.
اميد خيرپوري
دادلو
ڪانُ ٿيڻ ڪنهن واسطي آسان پر.
ڪنهن اکڙين جو ڪجل بڻجڻ ڏکيو!
ڪوڙ تي سورهيه نه سڏجي ٿا سگهون
سچ ڳالهائي سچل بڻجڻ ڏکيو!
تو تي چرخو آ چوريو چاهه جو
راز توسان ٿو رهي الله جو
تو وتو رستو حقيقي راهه جو
خوف توکي آهه بي پرواهه جو
دل سان درشن ٿا ڪيون درگاهه جو
دادلو سڏبو رهين ٿو شاهه جو
تنهنجي پاڇي کان نه پرتي گهاربو
ساٿ رهندو جيستائين ساهه جو
ڳالهه سچل جي مڃي اُميد کي
لاهه ڪڍڻو ٿو پوي هر لاهه جو
مختار گهمرو
اهو ٻار آهي
ڪيو مون حقيقت جو اظهار آهي
سچل سنڌ جي سونهن سينگار آهي
”اسان جي ڪني جو ڍڪڻ جيڪو لاهي“
ڀٽائي چيو، ”هي اهو ٻار آهي“
سچل ۽ ڀٽائي جو منشور ساڳو
ڏسو ڪيڏو سوچن ۾ سهڪار آهي
نه زاهد اڃا آ سچل کي سڃاتو
سندس سمجهه تي سخت ويچار آهي
گهڻو ئي لکي ويو ملنن لالچين
سچائي جي منڪر سان تڪرار آهي
محبت رکي ٿو نه ڌرتي سان جيڪو
سچل جي نظر ۾ سو مُردار آهي
جنهن ڀي سچل کي آ دل سان ڳايو
امر ٿي ويو سو ته فنڪار آهي
ڪروڙين عقيدت سچل سان رکن ٿا
انهن مان ته هڪڙو هي ”مختار“ آهي.
مقصود گل
”گهوٽ سچل“
سو سڻائڻ آيس توکي سچ جا ساٿي گهوٽ سچل،
هر هڪ من آ ماندو سائين، هر دل ۾ سو سور ستل،
هر هڪ اک اڄ آلي آهي، هر ڪنهن جا ڏس نيڻ ڀنل،
سچ جا ساٿي گهوٽ سچل.
ڏيرن لوڌي ڌار ڪئي، هاڻ پڇي ٿي پار پنهل،
ڪنهن کي سور سڻائي سسئي جنهن سان ڪئي آجاڙ جبل،
سچ جا ساٿي گهوٽ سچل.
سير گهڙي پئي سهڻي آخر ڪين جهلي سا ڪنهن ڀي جهل،
سير سٽي ڪئي سوگهي سهڻي، ڪانڌي ٿيس ڪر ڳل،
سچ جا ساٿي گهوٽ سچل
ويس مٽائي سيج ستي هئي مومل سان سومل،
راڻو رات رسي ويس سائين ماندي ٿي مومل،
سچ جا ساٿي گهوٽ سچل.
هار بهاني ڪؤنئرو ڪيڏي عورت ڪئي اٽڪل،
هار ڏسي پئي ليلا هرکي، ڪانه پيس ڪا ڪل،
سچ جا ساٿي گهوٽ سچل.
مارئي پنهنجا سانگي ساري جام وهائي جل،
کيت بنا ٿيا عورت کي اڄ سيني ۾ سو سل،
سچ جا ساٿي گهوٽ سچل.
نوري نوڙت ساڻ کٽي وئي، ماڻيا منڌ محل،
ڄام تماچي پاڻ مڃي ٿو عورت جا ته انگل،
سچ جا ساٿي گهوٽ سچل.
سوريءَ تي منصور چڙهي ڪئي اناالحق هڪل،
ٻولي ٻڌي سڀ ملان مڇريا موڳا مت منجهيل،
سچ جا ساٿي گهوٽ سچل.
هرڪو وات سبيل آ سائين هر ڪا دانهن دٻيل،
سچ جون ڳالهيون ڪير ٻڌائي سچ لئه سانگ کتل،
سچ جا ساٿي گهوٽ سچل.
حق جا حامي دور هليا ويا ڪوڙن ڪر کنيل،
مالهي گل ٿو پاڻ لتاڙي ڪانهي کيس ڪهل،
سچ جا ساٿي گهوٽ سچل.
مير صوبدار ”سعيد“
نذرانه عقيدت
من مندر ۾ عشق امر سان ڳالهه عجب ڳالهائي يار،
سچل سارو سچ ٿي آيو سڪ جو ساز وڄائي يار.
دل جا دروازا سڀ کوليو الفت وارا ماڻهون ڳولهيو،
سچل آهي هي سچ ٻوليو سارا عيب ڀلائي يار.
سنڌ امڙ جي جهوليءَ ۾ ۽ سنڌوءَ جي هر ڇوليءَ ۾،
حق موجود چوندو آيو خام خيال وڃائي يار.
جوڳيئڙن جي جوءِ اچي جنهن صورت ۾ سبحان ڏٺو،
راز رکي رنداڻو ۽ روح ۾ رنگ رچائي يار.
هستيءَ جي پردي ۾ ڍڪجي بستيءَ جو معراج ڪري.
لالڻ ليئڙو پائيندو آ ناتو نيهه نڀائي يار.
دل ئي مسجد دل ئي مندر دل ئي سڀ ڪجهه آهه ”سعيد“
يار رسي ٿو هردم هتڙي پنهنجو پاڻ پسائي يار.
اختر درگاهي
سچل سائين جي سوچ
ڪوئي مونکي هندو چوي، ڪوئي مسلمان
سچ پڇو ٿا جيڪر مونکان، آهيان مان انسان
نفرت، ڪينو رهي نه جتڙي، اُتڙي منهنجو ماڳ
پيار، شانتي، آزادي، منهنجو آهي راڳ.
سچ سنيهو حق جو هوڪو منهنجا سُر سنگيت
ماڻهو جڳ جا سڀ مظلوم منهنجا مٺڙا ميت.
مان ئي پڙهان انجيل ۽ گيتا مان ئي پڙهان قرآن
منهنجو مذهب آهه ماڻهپو انسانيت ايمان.
سنڌو، راوي، گنگا، جمنا، نور اکين جو نيل
سڀ انسان اُتم هن جڳ جا شودر توڙي ڀيل
نظام زائر
قطعه (چوسٽو)
مليو معرفت جو نه موتي انهن کي
ڪيئي آيا طبري ۽ رازي ۽ قاضي
اشارن ۾ جيڪي ڀٽائي ٻڌايو
ڪيو راز ظاهر سو دولهه درازي
غزل
سچ جو واسطو سچارن سان
حق پرستن ۽ عشق وارن سان
سچ هر دور ۾ وڙهيو آهي
ظلم جي باه جي شرارن سان
وهڪرو تيز تر درياهن جو
واسطو ٿو رکي ڪنارن سان
خوش رهن ۽ وسن مٺا مارو
ڏاڍ ٿئي ڪين شل شنگهارن سان
هر طرف گل ۽ ساوڪون خوشبو
باغ ۾ رنگ آ بهارن سان
جو نباهي سگهيو نه هڪ سان ڀي
سو نباهيندو ڇا هزارن سان
اڄ به ”زائر“ ڀري پئي آهي
سچ وارن جي راه خارن سان
آغا سعيد
سلام سچل
تون سچ، تون سبحان،
تون عشق جو آهين امام.
سچل! توتي سوين سلام.
تون ئي مرشد، تون ئي مولا،
تون ئي اوم ۽ رام.
سچل! توتي سوين سلام.
عشق تنهنجي سرمستيءَ ۾،
ٿياسين مست مدام.
سچل! توتي سوين سلام.
محبت جي مقتل ۾ ٿيا هن،
صوفين جا قتلام.
سچل! توتي سوين سلام.
دل جي حرا ۾ نازل ٿيو،
عشق سندو الهام.
سچل! توتي سوين سلام.
حق موجود جي هڻندا رهندا،
طالب هردم هام.
سچل! توتي سوين سلام.
شمس ۽ شاه عنايت واري،
مولا! ڏي ڪا مام.
سچل! توتي سوين سلام.
”آغا سعيد“ ازل کان آهي،
تنهنجو يار غلام.
سچل! توتي سوين سلام.
الطاف ”اثيم“
سچل سونهن ۽ سچ سمورو
سچل نيهن ۽ ناز نسورو |
سچل پريم ۽ پيار آ پورو
سچل جو آ سڀ تي ٿورو |
سچل سائين حق موجود
سچل آهي سدا موجود
سچل صوفي صاف سراسر
سچل سڪ ۽ سچ جو مظهر |
سچل راه رندي جو رهبر
سچل سنڌ جو ڀاڳ برابر |
سچل سائين حق موجود
سچل آهي سدا موجود
سچل ذات ڪذات نه ڄاڻي
سچل حق تي حرف نه آڻي |
سچل صورت صحي سڃاڻي
سچل توڪل طرهو تاڻي |
سچل سائين حق موجود
سچل آهي سدا موجود
سچل جو پيغام الستي
ڏسي بلندي وڃائي پستي |
سچل جي هرست ۾ مستي
ڳائيندو وقت وستي وستي |
سچل سائين حق موجود
سچل آهي سدا موجود |