هنجو ويچار هو، رڌ پچاءَ گڏ ڪنداسين. خرچ به بچندو
۽ پرديس ۾ پنهنجائي به وڌنڌي. هوُ جوڌپور ويو
پنهنجي ڪٽنب کي وٺڻ لاءِ ۽ مان ديويءَ کي وٺڻ
لاءِ ڪرمسد ويس. ديوي به ڄڻ مون لاءِ اکيون پائي
ويٺي هئي. چيائين، ” اوهان جي نه اچڻ ڪري ڀائو
بابو ٻڏتر ۾ هئا. سڄو گهر ڀاونگر وٺي وڃون يا سنڌ
وانگر به گهر ڪريون.“ وري چيائين، ” مونکي خبر آهي
اوهان جو پيسي سان موهه ڪونهي ۽ اوهانکي وري اِها
سڌ آهي ته مان زيورن جي ڪوڏي ڪانه آهيان. هتان ٻه
هنڌ ۽ منهنجي سرير تي پيل زيور کڻي ٿا هلون.“ هن
پنهنجي سهج سڀاءَ واري ڍنگ سان مونکي منهنجو
سنڌارو اِرادو ياد ڏياريو ته گڏيل ملڪيت مان ڪو
حصو نه وٺندس. مون ڪراچيءَ ۾ پنهنجي پيسن مان ٻن
هنڌن کان مٿي ۽ هنجي سرير تي پيل زيورن کان وڌيڪ
جوڙيو هو. هنڌ هڪ وڌيڪ کنيوسين جو بابا سنڌ جيان
هڪ ڀائٽيو ( ساڳيو،ڪنيو) به اسانجي حوالي ڪيو- ڪم
ڪار ۽ ديويءَ جي اڪيلائپ جو خيال ڪري. اسان،
جوڌپور وارن کان ٻه ڏينهن اڳه ڪانديوليءَ ۾
پهتاسين. کٽون ۽ برتڻ ڪانديوليءَ ۾ ٽن ڄڻن جي لحاظ
کان خريد ڪياسين. جوڌپور وارا ته ڪراچيءَ مان ئي
گهرو سامان چڱيءَ انداز ۾ کڻي آيا هئا. ڪانديوليءَ
۾ رڌ پچاءِ گڏ ڪئيسين ۽ ٻن رومن اڳيان ورانڊو به
ڪامن رکيوسين. بابا ٿورو وقت اڳه منهنجي وڏي ۾ وڏي
ڀائيٽئَي جئرام کي وٺي بمبئَيءَ آيو هو ۽ هنکي
پڦاٽن جي پيڍيءَ تي ڪم سکڻ ۽ آجيو ڪا ڪمائڻ لائق
بنائڻ لاءِ ڇڏي ويو هو. اسان ڪانديوليءَ ۾ ٺهي ٺڪي
ويٺاسين تڏهن به جئَرام پڦاٽن جي پيڍيءَ تي
رهندو، کائيندو ۽ ڪم ڪندو هو. آتوار ڏينهن اڌ
ڏينهن ۽ هڪ رات لاءِ هو اسان وٽ ڪانديوليءَ ايندو
هو.
سرڪار شرنارٿين کي وري وسجڻ جي سلسلي ۾ ڌنڌن لاءِ
قرض ڏيڻ لاءِ خاص ريهئَبليٽيشن فنانس ڪارپوريشن
جاري ڪئي. اُن جي برانچ بمبئيءَ به ۾ کلي. بهاري
ڇاٻريه هڪ ڏينهن مونکي ساڻ ڪري نيو مرين لائينس تي
هڪ بئَرڪ ۾ وٺي هليو. پنهنجي لاءِ قرض جي درخواست
ڪرڻ لاءِ. لڏپلاڻ بعد وڏي ۾ وڏو سرپرائيز ( حيرت
ڀريو) پٺاڻيءَ سان گڏ آگري سٽيشن تي گڏجڻ وقت مليو
هو؛ ذري گهٽ اهڙو اِن سرڪاري بئَرڪ ۾ مليو. برانچ
جو اِنچارج هو گل آسناڻي. ننڍي هوندي گورڌن نالو
هوس. ٺارو شاهه هاءِ سڪول ۾ مون کان هڪ درجو مٿي
پڙهندو هو. گورڌن هاسٽل ۾ رهندو هو. فل سوٽ ۽ ٽاءِ
سان ٽپ ٽاپ ٿي سڪول ۾ ايندو هو. منهنجو ۽ هنجو خاص
قسم جو لاڳاپو رهيو هو. سڪول جي دبيٽنگه سوسائٽي
جي ميڙن ۾ ٻئي تقريرون ڪندا هئاسين. هنجو مواد ۽
منهنجو تقرير ڪرڻ جو انداز- ٻئي مشهور هئا. هر
چٽاڀيٽيءَ ۾ هنجي مواد مٿان منهنجي تقرير ڪرڻ جو
انداز غالب پئجي ويندو هو، مواد لاءِ مان به گهرو
لائبرريءَ جي ڪتابن ۽ مخزنن ۾ ڦولهه وجهندو
هوس.مان پهريون نمبر ايندو هوس ۽ هوُ ٻيون نمبر.
مگر اسانجي گهرائپ ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳي هئي.
سڪولي جيوت بعد وري جو گڏياسين ته ورهين پڄاڻان
بمبئيءَ ۾ ريهبليٽيشن فنانس ڪارپوريشن جي برانچ
آفيس ۾! اُهو به مونکي ڏسي بيحد گد گد ٿيو.
بهاريءَ کي ته مدد ڪرڻ جو انجام ڪيائين، مون کان
به ڇهه هزارن جي قرض جي درخواست لکائي ورتائين.
ڇهه هزار گهٽ ۾ گهٽ قرض هو ۽ اِن لاءِ ڪنهن ضمانت
جي ضرورت نه هئي. پوءِ اسان ٻنهي کي وٺي هليو
ڪئَنٽن ۾. چانهه تي ڳالهيون ڪرڻ جي دؤران ۾ ئي هن
ماٽونگا روڊ تي امرت هوٽيل ۾ پنهنجو رهائش جو ڪمرو
اسانکي هفتيوار ادبي ڪلاس کولڻ لاءِ آڇيو، سنڌ ۾
اَدبي سنگت جي شروعاتي ميڙ لاءِ ٽن مترن شيخ
اَياز، بهاري ۽ مون دعوت ناما ڪڍيا هئا. هند ۾ به
ادبي ڪلاس لاءِ پهرين دعوت ٽن صحين سان نڪتي-
اَياز جي جڳهه تي گل صحي ڪئي. پهرينءَ ميٽنگه ۾ اٺ
ڄڻا شريڪ ٿيا- اسان ٽن کانسواءِ جڳت آڏواڻي،
گوبند پنجابي، سڳن آهوجا، آسانند مامتورا ۽ اٺون
هو ننڍڙو نينگر موتي پرڪاش. ٻينءَ ميٽنگه ۾ انداز
وڌيو، مگهارام ملڪاڻي به آيو ته ڪلياڻ ڪئمپ مان
چوهڙمل هندو جا ۽ نارائڻ ڀارتي به آيا. اِن طرح
هفتيوار ادبي ڪلاس جو باقاعدي سلسلو جاري ٿيو.
سچ
پچ ته سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ساهتيه جا پير زور هئا.
جتي اڳواڻ عهدن ماڻڻ، شرنارٿين کي وسائڻ يا ۽ اِهو
پرٻوڌ ڏيڻ ۾ مشغول هئا ته جتي وَسو ٿا تتي مڪاني
ماڻهن ۾ جذب ٿي وڃو تتي اسان نؤجوان ۽ ڪن ڳاڻ ڳڻين
بزرگ ساهتڪارن تي قدرتن ڇٽ ڌريو هو ٻوليءَ کي
بچائڻ ۽ ساهت کي وڌائڻ جو. مخزن، بڪ اسٽال ۽ ساهت
جي سرج لاءِ اتساه ڏيارڻ لاءِ ادبي ڪلاس، اِهي ٽي
ذريعا هڪ ٻئي پٺيان پيدا ٿيندا ويا. منهنجي سنڌ
ڇڏڻ، ڊسمبر 1974ع کان سال جي اندر اِهي وجود ۾
آيا. آرٿڪ ۽ ساهتيڪ وري وسجڻ جو ڪاريه گڏو گڏ ٿيڻ
لڳو.
اِن
وچ۾ سنڌين جي تعليم جو به انتظار ٿيڻ لڳو. پهريون
سڪول کولڻ جو شرف ڌرمداس کشتريا جو رهيو- پوءِ ته
سڪولن جو تاڃي پيٽيو ٺهي ويو. گرانٽ روڊ سٽيشن جي
هڪ پاسي ماڊل هاءِ سڪول ته ٻئي پاسي پريمير هاءِ
سڪول. دادر سٽيشن سامهون هڪ ٻئي ڀرسان
ڪي.جي.کلناڻي سڪول بوري بندر تي به کليو. چرني روڊ
سٽيشن ڀرسان ڪي. جي. هندو جا به هاءِ سڪول بڻجڻ
طرف وکه وڌائيندو رهيو.اِهو سلسلو جئن پوءِ تئن
وڌنڌو رهيو.
آرٿڪ وڪاس ته پهرين ضرورت رهيو، گڏوگڏ سنڌي ڀارت ۾
چؤڏسي وري وسجڻ جي ڪاريه کي به اوج ڏيندا رهيا.
4-
سنڌي ٻوليءَ جو بچاءُ
جتي
ساهتڪار ۽ تعليم دان ٻوليءَ کي بچائڻ ۽ ڦهلائڻ
لاءِ سوٽوڙ ڪوششون ڪري رهيا هئاسون تتي ڪانگريسي
اڳوان ۽ ڪي بزرگه ساهتڪار ٻوليءَ جي اصلوڪي لپي
ڦيرائي، اُن کي ديوناگري روپ ڏيڻ تي ڪمرڪشي بيٺا.
هنن نه آرتڪ وڪاس مٿان به بدلائڻ کي وڌيڪ ترجيح
ڏني. اُن وقت راجنيتي اڳوانن جي اِها جلد بازي
سمجهه ۾ نه آئي، گهڻو پوءِ آئي، پر اِن جو ذڪر
اڳتي هلي ڪندس، هت اِهو چوڻ ٿي ڪافي آهي ته جلد
بازي به جلد بازين جهڙي ٿي.
بهاري ڇاٻريه کي الائي ڪيئن سڻس پئجي ويئي ته کار
جي ٻارنهين نمبر روڊ تي دادا ڀوڄراج جي گهر لڪ
لڪاءَ واري ميٽنگ ڪن خاص سياست دانن ۽ بزرگه
ساهتڪارن جي سڏائي ويئي آهي، بهاريءَ مون کان
پڇيو، ”ڇا ڪجي؟“ مون چيو، ”ميٽنگه ۾ هلنداسين،
ٻولي ڪن جزوي ۽ چونڊ ماڻهن جي هڪ هٽي ته نه آهي.“
اسان به مقرر وقت تي ميٽنگه واري ڪمري ۾ پٺيان
پٺيان ويهي وياسين. مون حاضرين ڳڻيا. اسان ٻن سميت
ڪل تيرهن ڄڻا هئا، پهريندي ئي وقت جي سڀاپتيءَ
لالچند جڳتياڻيءَ اعتراض ورتو، ”هنن پٺيان ويٺلن
ٻن شرارتي نوجوانن کي ڪنهن ڪنهن ڪوٺ ڪئي آهي؟“ مون
چيو، ”ڪنهن به نه.“ لالچند جڳتياڻي کي ڏڪر سڏيو
ويندو هو. چيائين، ”ڇو آيا آهيو؟ نڪري وڃو.“ مون
چيو، ” تيرهن اڃان به يارنهن ڄڻن کي تيرنهن لکن جي
ٻوليءَ جي بدلائڻ جو ڪهڙو حق آهي؟“ بهاريءَ به لڪ
ڇپ ۾ تڪڙي ۽ دٻڙدونس واري فيصلي جي مخالفت ڪئي،
بزرگه اديب ياد نه اَٿم، شايد منگهارام ملڪاڻي هو،
پڇيائين، ”ڇا ڪجي؟“ مون چيو،”ٿورو وقت لپيءَ جو
سوال مهمل ڪيو وڃي.“ لالچند جڳتياڻي بگڙي چيو،
”اسين فيصلو جلد از جلد ڪرڻ يا ڪرائڻ ٿا چاهيون.“
مون چيو، ”گهٽ ۾ گهٽ فيصلي لاءِ ڪا عيوضي ڪانفرنس
ته ڪوٺارو.“ حاضرينن ۾ سس پس ٿيڻ لڳي، ٿوري دير
کانپوءِ مان ڀانيانٿو موهن پنجابيءَ چيو، ”اِها
عيوضي ڪانفرنس ڪير ڪوٺائيندو؟“ ڪا سنسٿا، اچو ته
سنسٿا جوڙيون. سنڌي ساهت سڀا، حاضرينن مان لالچند
جڳتياڻي جي پرڌانپڻي هيٺ سڀا ته جڙي، ستن ڄڻن جي
مئنيجنگه ڪاميٽي به ٺهي. ان تي مون کي به کنيو
ويو! مون چيو، ”مان ته عربي لپيءَ جو حامي آهيان،
مون کي ڪيئن ٿا کڻو؟“ مامتورا چيو، ”اسان لو
ڪهاڻيءَ ۾ وشواس رکندڙ آهيون.“ مون چيو، ”تنهنجي
معنيٰ مون کي سڀا اندر ۽ ٻاهر ديوناگري لپيءَ جي
مخالفت ڪرڻ جو حق رهندو؟“ ياد نه اٿم ڪنهن چيو،
”اسان تنهنجو مخالفت ڪرڻ جو حق قبوليون ٿا.“
مان
ٿورن ڏينهن اندر ئي سمجهي ويس ته هن جي پٺيان وڌيڪ
طاقتور آواز هو جو هن سوال تي دير وجهڻ جي حق ۾ نه
هو ۽ هنن صرف ڪانفرنس سڏائڻ جو ليڪو ڪٽڻ تي چاهيو.
مون پنهنجي چاه گهٽائي ڇڏيو. هنن اعلان ڪيو، ڊسمبر
1948ع ۾ يونيورسٽي ڪنوويڪيشن هال ۾ دهلي يونيورسٽي
جي اين. وي ٿڌاڻيءَ جي پرڌانپڻي هيٺ ڪانفرنس
ٿيندي، جنهن ۾ ”لپي بدلائڻ جو ٺهراءُ بحال ڪيو
ويندو.“ ڌرمداس کشتريا مونکي ۽ بهاريءَ کي ڪانفرنس
۾ شريڪ ٿيڻ جي صلاح ڏني، مون چيو، ” ڪانفرنس ۾
بهرو ئي نه وٺڻ کپي نه ته ارٿ جو انرٿ ٿيڻ جو
امڪان آهي.“ اِن ڪانفرنس ۾ بهاري ۽ مان نه وياسين
ڌرمداس، گوبندرام ڪيسواڻي ۽ هڪ ٻئي شرڪت ڪري لپي
بدلائڻ واري ٺهراءَ جي زوردار مخالفت ڪئي. ٺهراءُ
بحال ٿيو. ڪل حاضرين ستٽيهه؛ چوٽيهه ٺهراءَ جي
فائدي ۾ ۽ ٽي برخلاف اِن ٺهراءَ جي آڌارتي مرڪزي
سرڪار جي تعليم کاتي کان جي. آر ڪڍايو ويو ته سنڌي
ٻوليءَ جي لپي ديو ناگري ڪئي ٿي وڃي. سڪولن ۾
اِها تبديلي ٻاراڻي کان شروع ٿيندي ۽سال به سال
وڌيڪ هڪ درجي سان لاڳو ٿيندي.
مان
سمجهانٿو، جنوري 1949 ۾ اسان ادبي ڪلاس جي همراهن
ان کي جماعتي روپ ڏنو. سنسٿا جو نالو طيءِ ڪيو ويو
نئون ساهت منڊل، اڳتي هلي اِهو سنڌي ساهت منڊل
ٿيو، منگهارام ملڪاڻي کي پريزيڊنٽ، مونکي جنرل
سيڪريٽري چونڊيو ويو، اَسان لپيءَ جو مسئلو منڊل
کان ٻاهر رکيو. ڄاڻي ٻجهي، جيئن ساهتڪارن ۾ قوت ۽
ساهت سرج ۾، رڪاوٽ نه پوي، ساهت منڊل ۾ ٿورو وقت
پوءِ آسن اُتمچنداڻي( اي. جي اُتم) به چست بهرو
وٺڻ لڳو. ڪيرت باباڻي به مئي 1949 ڌاري پاڪستاني
جيل مان آزاد ٿي بمبئيءَ هليو آيو. هو به ساهت
منڊل ڪيرت سان ايئ ڪي هنگل ۽ عيشي وديارٿي به آيو،
مونکي پڪ ٿي ته سنڌ ڇڏي غلطي نه ڪئي هيم سان جڙي
ويو، اَسانجي ٽه مورتيءَ کي مانيتا گهڻو پوءِ ملي،
منڊل خواه اَدبي ڪلاس ۾ ترقي پسند ليکڪن جي اڪثريت
رهي. نوان ترقي پسند.
لپيءَ جي سوال تي عربي لپيءَ جا حامي منڊل کان
ٻاهر بڻيا ڪافي چست رهيا. گهڻي ۾ گهڻي ڦڙتي ڀوڄراج
ناگراڻي ڏيکاري هن سان ڌرمداس چست رهيو؛ اَسان ٽن،
ٻين ترقي پسندن ۽ گهڻن نوجوان ليکڪن جي حمايت عربي
لپي تحريڪ کي ملي. ناگراڻيءَ ته پنجاهه هزارن کان
مٿي بمبئيءَ ۽ڪلياڻ ڪئمپ مان صحيحون گڏ ڪيون صحيون
ٻين هنڌن تي به گڏ ٿيون. مرڪزي سرڪار پنهنجو فيصلو
بدلايو. نئون جي . آر نڪتو ته جي ڪنهن به سڪول ۾
چاليهه وديارٿي ۽ ڪنهن ڪلاس ۾ ڏه وديارٿي خاص
لپيءَ ۾ تعليم وٺڻ ٿا چاهن ته هنن لاءِ اِن لپيءَ
۾ پاڙهڻ جو انتظام ڪيو ويندو. سرڪار گويا عربيءَ
لپيءَ جي قائم رهڻ ۽ ڦلڻ ڦولڻ لاءِ دئار کليل
رکيو. عربيءَ لپيءَ جي حمايت جي اِها پهرين وڏي
ڪاميابي هئي.
منهنجي سنڌ مان لڏي اچڻ. نئي دنيا پرٽنگه پريس کي
نيڪال ڪرڻ جو سوال اُٿيو هو تنهنجا ٽي ڪارڻ هئا.
هڪ ته هندو ڪامريڊ جي تعليم يافته ۽ اديب هئا سي
هندستان پهچي ويا هئا، ٻيون ڪارڻ هو جو پاڪستان
سرڪار ڪميونسٽن ڏانهن سخت رخ اختيار ڪيو هو، ٽيون
سبب ٻين ٻن ڪارڻن کان وڌيڪ لازمي ۽ تڪڙو هو. جئن
ته پريس منهنجي لاءِ خريد ڪيل هئي، ڊڪليئريشن به
منهنجي نالي ۾ هو تئن اِن جي لڏي ويل جي ملڪيت
قرار ٿيڻ جو انديشو هو ڪيرت صحي پڇائي پڇائي ڪري
في الحال وٺندڙ کي دستاويز صحي ڪري ڏنو، هن کي
خاطري ڏني ويئي ته هڪ ڪامريڊ ڀارت اَچي منهنجي صحي
هنکي آڻي ڏ يندو، حيدرآباد مان لڏي ويل ڪامريڊ حسن
ناصر هوائي جهاز رستي آيو، مونکان ڪاغذ صحي ڪرائي
وري هوائي جهاز ۾ واپس ويو. اُهو ڪامريڊ ڪجهه وقت
بعد شهيد ٿي ويو. پاڪستاني حڪمرانن جيل ۾ ئي هنکي
ماري دفن ڪيو.
ادبي ڪلاس هاڻ آپيرا هائوس سامهون آر.ڪي هاسٽل ۾
ٿيڻ لڳو هو جو گل ٽيڪچنداڻيءَ جي بدلي ٿي ويئي
هئي. اَدبي ڪلاس اَمرت هوٽيل ۾ ئي ٿيندو هو جو
مامتورا، موهن پنجابيءَ، سنمکه ايسراڻيءَ جي سهڪار
سان ڌوٻي تلاءَ تي ايلفنسٽن هاءِ سڪول ۾ مارننگه
شفٽ ۾ هاءِ سڪول فار سنڌيز ڪڍڻ جو بندوبست ڪيو هو،
بهاريءَ مامتورا کي چيو هو ته اِن سڪول ۾ مونکي به
ماستري ملي پوندي ته منهنجي آجيوڪا لاءِ ڪو پڪو
پختو انتظام ٿي پوندو.مامتورا پاڻ مونکي درخواست
ڪرڻ لاءِ چيو، جڳت آڏواڻيءَ به درخواست ڪئي، سڪول
اپريل 1949ع بدران ميءَ ۾ شروع ٿيو، اِن ڪري
ودياريٿين جي انداز ۽ ميار تي اثر پيو. ۽ اِهو اثر
سال بسال هلندو آيو. لالچند جڳتياڻي به اُن سڪول ۾
ماستري ڪرڻ لڳو. هڪ ماسترياڻي نارائڻي آڏواڻي به
ساهتيڪ رچيءَ واري هئي. چئجي کڻي، سڪول اديبن جو
آکيڙو بڻجي پيو. اَشوڪ ڪشوراڻي مئٽرڪ ڪلاس ۾ ڀرتي
ٿيو.
منهنجي وڏي ڀائٽيي جئرام کي پڦاٽن ڌنڌي ۾ ٿورو
گهڻو هوشيار ته ڪيو پر هو هن کي ڀائيواري يا نوڪري
ڏيڻ لاءِ رضامند نه ٿيا. ٻن ڀائرن ۾ اِن ڳالهه ۾
متڀيد ٿي پيا. بابا بمبئيءَ آيو ۽ ماٺ ميٺ ۾ جئرام
کي وٺي آڻي اسان جي مئَٽراو ريسٽارنٽ ٻاهران بڪ
اِسٽال تي وهاريائين. ماستري ملڻ بعد ماهيم جو
دوڪان سميٽيو هئوسين، ۽ هڪ ننڍي دوڪان تي ٻن ڀائرن
جي گنجائش نه هئي، بابا جئرام کي ڪرت ڪار سان
لڳائڻ جو بهانو ڪري اڍائي هزار ڏنا. ڌوٻي تلاءَ تي
ئي، ڪالبا ديويءَ جي ڪنڊ تي ننڍو اِسٽال ملي ويو،
اشوڪ ۽ مون ڀائيواري ڇڏائي، بڪ لورس ڪارنر نائو
مون کنيو، جئرام ڪلاس ۾ پڙهڻ لڳو. رهڻ ته هن اڳه
ئي مون سان گڏ ڪاند ٻوليءَ ۾ لڳو هو.
مان
اِسڪول مان پوڻين يارنهين بجي فارغ ٿي ويندو هوس،
پوءِ سڄو ڏينهن ميٽرو ريسٽارنٽ ۾ ويٺو هوندو هوس-
جئرام کي خريداريءَ لاءِ يا کاڌي کائڻ لاءِ وڃڻو
هوندو هو ته بڪ لورس ڪارنر اِسٽال تي ويهندو هوس.
اشوڪ به ڪيڏانهن ويندو هو ته مان هن جو ميٽرو
اِسٽال سنڀاليندو هوس، ميٽرو ريسٽارنٽ جا ايراني
مالڪ مون سان ٺهي ويا، سامهون ڪنڊ واري ٽيبل تي هو
صبوح جو يارنهين کان رات جو نوين بجي تائين ڪنهن
ٻئي کي وهڻ نه ڏيندا هئا، هر ڪنهن کي چوندا هئا.
اِها منشيءَ جي ٽيبل آهي، نالو منهنجو نه وٺندا
هئا. منشي، منشي ڪري سڏيندا هئا، ۽ سڄو ڏينهن اِن
ٽيبل تي هڪ قسم جي ڀيڙ هوندي هئي، پهرين ته چانهه
جو سداورت مان ڪندو هوس، پوءِ ٺاهي ڇڏيو هرڪو
چانهه جا پئسا وڃڻ کان اڳه مون کي ڏيئي وڃي.
ريسٽارنٽ وارا مون سان حساب نه ڪندا هئا. ڏينهن ۾
آخرين ڀيرو اٿڻ وقت مان پاڻ حساب ڪري پئسا ڏيندو
هوسان. سالن جا سال اِها ٽيبل سنڌي اهتيڪ هلچل جو
هيڊ ڪوارٽر بڻي رهي.
مون
۽ منهنجي همراهن ديوناگري لپيءَ کي منهن ڏيڻ جو
اثردار طريقو اِهو ئي سمجهيو ته جيترو ساهتيه عربي
لپيءَ ۾ نڪرندو رهندو، اوترو ئي ديونا گريءَ
لپيءَ جي حامين جي لپي بدلائڻ جي ڪوشش تي عملي روڪ
پوندي، بهاري ڇاٻريا نئين دنيا کانسواءِ پبلشنگه
هائوس به برپا ڪيو، سنگم ساهتيه جي نالي سان هن
”بينا“ مخزن به ڪڍي، جڳت آڏواڻيءَ ڪهاڻيءَ کي
جياريو. پوني مان نرگس هفتيوار نڪتي ته نرگس
ساهتيه به نڪرڻ لڳو، موتي پرڪاش جي چست سهڪار سان
”نئين زندگي“ ماهوار وجود ۾ آئي، ”نئي واه“ ۽
”اڳتي قسم“ مخزنون به جاري ٿيون. ٿوري وقت ۾
ڄيٺانند لالواڻيءَ اجمير ۽ الهاسنگر مان ڦرندو اچي
بمبئيءَ جي مسلم ايراضيءَ ۾ مقيم ٿيو هو. هن ڀارت
جيون اِخبار ۽ ڀارت جيون رسالو جاري ڪيو. هوندراج
داس هفتيوار ”سنسار سماچار“ شروع ڪئي جا هن
ٺاڪرداس اگناڻي طرفان دادو مان روزاني سنسار
سماچار جاري ڪرڻ تي بند ڪئي ۽ روزانيءَ جو اسسٽنٽ
ايڊيٽر بڻيو. پهرين سنڌي روزاني ”هندو“ هئي جا
منهنجي رهائش جي جڳهه ڪانديوليءَ جي سنڌي ڪالونيءَ
جي ڀائيوارن ڊنڪن روڊ تان ڇڏي ويل ملڪيت هڪ پريس
(جنهن کي سنڌو پرنٽنگه پريس جو نالو ڏنو هئائون)
مان شروع ڪئي، اها اوستائين هلي جيستائين سنسار
سماچار نه نڪتي. ۽ ان ”هندو“ اخبار جي ذڪر ڪڍندي
مون کي پنهنجي سنڌي ڪالونيءَ جون ڪي يادگيريون ذڪر
قابل لڳيون آهن.
سنڌي، سنڌي شرنار ٿين جي مجبوريءَ جو ڪيئن فائدو
ڪيئن وٺڻ لڳا هئا تنهنجو هڪ مثال هو اِهو، بئرڪ
ٽائيپ چال سسٽم ڪوٺيون-ست بلاڪ، اٺيتاليهه گهر ۽
ڪاڪوس صرف چار. گهرن اندر نلڪن جو اِنتظام ئي
ڪونه. هڪ کوه ۽ وُرنڊي اڳيان بلڪل ڪچا ٿلها جي
چؤماسي ۾ ذلت بڻيا رهندا هئا. بجلي صرف شام جو
ستين کان صبوح جو ڇهين تائين. مون به اعتراض وٺي
سنسار سماچار ۾ ليک لکيو، ”گهوڙن جون سنڌي
ڪڙهيون.“ يڪايڪ سڄي ڪالونيءَ ۾ هل هلاچو پئجي ويو-
”گوبند مالهي هن ڪالونيءَ ۾ رهندو آهي!“ مان
ساٿي-مسواڙين جي چاهه- اتساه جو مرڪز بڻجي پيس،
مسواڙين جي سنسٿا جڙي ويئي. ”ٽيننشن ائسوسئشن“
تاراچند گاجرا به ڪو ان ڪالونيءَ ۾ رهندو هو. هني
کي بڻايائون پريزيڊنٽ ۽ مون کي سيڪريٽري، پوءِ سڌ
پيئي ته ٻلديو گاجرا ۽ شڪارپور جا ڪي هن جا همراه
۽ چڱا ساهتيه پريمي به اِن ڪالونيءَ ۾ رهڻ لڳا
هئا. يڪوجودگيءَ رنگه لاٽو،بجلي چوويهه ڪلاڪ آئي،
هر ڪنهن گهر کي الڳه ميٽر مليو، گهرن اندر پاڻيءَ
جا نلڪا آيا، ٿلها بلڪل پڪا فرش سان جڙي ويا ۽
ڪاڪوس چئن جي جڳهه تي سورنهن ٺهي ويا.
پوءِ ڌيان ويو، مسواڙ گهٽائڻ تي، ڀائيوارن پهريان
ٺهيل چئن بلاڪن لاءِ پڳڙيون ورتيون هيون، ڪن کان
چيڪن ۾. اهي پڳڙيون واپس مليون، اسان جي بلاڪ جي
پڳڙي نه هئي، مسواڙ هر هڪ ڪوٺيءَ جي چاليهه روپيه
هئي، جا گهٽجي ٽيهه ٿي. ڪاميابيءَ پٺيان ڪاميابيءَ
مسواڙين جي همٿ کي ايترو وڌايو جو ڪورٽ ۾ ڪيس داخل
ڪياسين ته اسٽنڊرڊ رينٽ مقرر ٿئي. سڄيءَ ڪالونيءَ
طرفان ڪيسن ۾ عيوضي مان رهيس، منهنجي بلاڪ جي
مسواڙين جي زوربار تي زوريءَ ڪوڙ ڪٽيم ۽ ان جي سزا
مون ته ڀوڳي منهنجي بلاڪ وارن کي به ڀوڳڻي پيئي.
مون پهريندي گهڻو ئي چيو ته مان ڪوڙ ڳالهائيندس
ڪونه، پر جي ڳالهايم ته منهنجي منهن جو پنو ئي لهي
ويندو. منهنجا مسواڙي ساٿي هوڏ تي، مسواڙي سڄڻن جي
چوڻ تي ڪورٽ ۾ عريضيءَ ۾ لکيم ته اي بلاڪ جي
مسواڙ به منڍ کان ٽيهه روپيه آهي. ڪورٽ ۾ جڏهن جج
سڌو سنئون سوال ڪيو، ”سچ ٿو چوين ته مسواڙ منڍ
کان ٽيهه روپيه هئي؟“ ۽ مان ٻڏتر ۾ پئجي ويس. جج
ٻيهر سوال دهرايو. مان بي اختيار سچ سٺي ويٺس،
”پهريون چاليهه هئي ۽ پوءِ ٽيهه ٿي.“ جج فيصلو
ڏنو- اسان جي بلاڪ جي مسواڙ ساڍا ستاويهه روپيه ۽
ٻين بلاڪن جي ساڍا ٻاويهه روپيه! منهنجي بلاڪ جا
مسواڙي مون سان ناراض ٿيا، هنن جو خيال هو ته جي
مان عريضيءَ تي محڪم رهان ها ته پنج روپيه چٽيءَ
کان بچي وڃن ها!
1950ع ۾ ڀارتي وڌان مڪمل ٿيو، اُن جي اَٺين شيڊول
۾ چوڏنهن ٻوليون درج ٿيل هيون، سنڌي عدم موجود
هئي، پهرين ته ائين پئي جتايو ويو ته اٺين شيڊول ۾
ٻوليون صرف هنديءَ کي اوج ڏيڻ لاءِ درج ڪيون ويون
آهن پر جئن پوءِ تئن واضح ٿيڻ لڳو ته هر ڪنهن قسم
جي سرڪاري سهائتا لاءِ اهي ٻوليون ئي تسليم ٿي
ٿيون جيڪي اٺين شيڊول ۾ هيون، ان ڪري بنا پرديش
واريءَ سنڌي جاتيءَ لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي اٺين
شيڊول ۾ درج ڪرائڻ ئي وڏي ۾ وڏو مسئلو بڻجي پيو، ۽
ان مسئلي جي حل جي سلسلي ۾ گهڻي ۾ گهڻو يوگدان
سنڌي ساهتڪارن جو رهيو-منڍ کان وٺي.
1950ع ۾، مان سمجهانٿو، مئي جون ڌاري سنڌ مان جي
ايم سيد بمبئي آيو. هو ڀائي پرتاب جو مهمان ٿيو.
اوول مسئلن ڀرسان ڀائي پرتاب جي گهر مون کي ۽ ڪيرت
کي پاڻ وٽ گهرايائين. گڏيل هندستان جو نقشو کڻي
ويٺو اسان کي سمجهائڻ، چيائين، ”اوهان هندو دماغي
شخص سنڌ ۾ هڪ خال ڇڏي ويا آهيو، صوفيزم کي ته
ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي پر سنڌ سنڌ وارن لاءِ سلامت رکڻ
به ناممڪن ٿي پيو آهي، مان اوهان کي ڪڇ مان فلاڻي
هنڌ سنڌ ۾ گهرارائيندس، اوهان ڀل سنڌ ۾ لڪل رهجو
پر سونهپ ڪندا اَچجو.“ مون کي رٿ تي غير عملي لڳي،
چيو، ”شاهه سائين، سوڀو هڪ ئي جو سنڌ ۾ آهي، سو
اسان جي ڪسر پوري ڪري سگهي ٿو.“ جي ايم سيد پنهنجي
خيالات تي محڪم. هوائي قلعا اڏڻ لڳو. نيٺ مون چيو،
”سائين،اوهان سنڌ کي هندستان جي سنڌين لاءِ محفوظ
رکو، اسان اوهان کي خاطري ٿا ڏيون ته اَسان هند ۽
دنيا ڀرجي سنڌين کي جذباتي سطح تي سنڌ سان جڙيل
رکڻ جو يتن ڪنداسين.“
۽
اِها حقيقت آهي ته دنيا ڀرجي سنڌين سنڌ نه وساري
آهي ۽ جذباتي سطح تي ئي نه، هر طرح هوُ سنڌ جي
بهتر آئينده جا دعاگو ۽ سنڌ جي سنڌين سان سندن
جائز ۽ حقي طلبن ۾ همراءِ ۽ حامي رهيا آهن- ۽ اِن
لاءِ به گهڻي ۾ گهڻي جس جا ڀاڳي سنڌي ساهتڪار ۽
ڪلاڪار رهيا آهن.
سنڌي ساهت منڊل جا سال سال هڪ ٻئي پٺيان چار مڪاني
سميلن ٿيا جن ۾ مکيه ريت هڪ ئي ٺهراءُ بحال ڪيو
ويو ته ڀارتي وڌان جي اٺين شيڊول ۾ سنڌيءَ کي به
جوڳي جاءِ ڏني وڃي. |