منهنجي بکه مري
ويئي.
دونو هٿ ۾ جهلي بيٺو رهيس جو منهنجي پڦاٽ هريءَ
اچي منهنجو هٿ پڪڙيو، چيائين، ”ننڍا ماما، ڀلي
آئين. هل، گهر هلون.“
ظاهر هو، بلواڻيءَ دڪي تان موٽندي بولٽن مارڪيٽ ۾
پڦاٽن جي پيڍيءَ تان بمبئيءَ واري پيڍيءَ تي فون
ڪرا رائي هئي. بمبئيءَ جي ائڊريس مون وٽ هئي، هري
نه اچي ها ته به مان وڃان اديءَ وٽ ئي ها. هن ماءُ
مري وڃڻ تي پاليو هو. هت ڀارت ۾ به پهرين شرن هن
جي ئي وٺان ها.
اديءَ هونءَ کان به وڌيڪ آدر ڀاءُ ڪيو. ڇڪي
ڇاتيءَ سان لاتائين. چيائين، ” ماريا، اڃا تائين
اوچتا فيصلا پيو ڪرين. ٽيو ڏينهن تائين ڀائو هت
هو. تنهنجي اچڻ جي سڌ گڏهن پوهي ها ته ٽڪائي
ڇڏيائنس ها.“ پوءِ اچي رئن ۾ ڇٽڪي: اسان وري
پنهنجو ڳوٺ ڏسي ڪين سگهنداسين؟ هوءَ سنڌ ڪڏهن جو
ڇڏي آئي هئي، پوءِ به آسرو هوس سنڌ وڃڻ جو. هاڻ
اِهو ويندو رهيو هو!
اکين مان جهر جهر نير منهنجو به وهيو.
ڪراچيءَ ۽ بمبئيءَ وچ۾ پهريون فرق مون هيءُ
پروڙيو: جتي ڪراچيءَ ۾ هيڏي ساري ٽه ماڙ بلڊنگ
صرف هڪ فرم ڪيولرام ٽوپڻداس جي حوالي هئي تتي
بمبئيءَ ۾ ڪلبا ديويءَ ٽي هڪ ماڙي جي هڪ وڏي ڪمري
۾ چار پيڍيون هيون. هت پيڍي گديلي، طول وهاڻي ۽
خاني واري ننڍڙي ڊيسڪ ۽ وڌ ۾ وڌ ڀت سان گڏ لڳل
ٽجوڙيءَ کي ٿي سڏيائون. اِها غنيمت هئي جو اِنهن
چئن پيڍين ۾ منهنجي پڦاٽن جي پيڍي وڏي ۾ وڏي، چئن
گديلن واري ۽ جتي ٽي ٻيون پيڍيون ڪمري جي هڪ ڀت
لاڳيتو هڪ ٻئي سان ڳتيل هيون تتي هيءَ نويڪلي
سامهون واري ڀت سان لڳل هئي. سنڌي شرنار ٿي چئني
پيڍين جي مالڪن وٽ هئا ۽ ضروري حاجتن لاءِ ذري گهٽ
منجهند تائين لائين لڳل رهندي هئي. اِتي پهريون
دفعو ڪاڪوس کي سنڊاس سڏبو ٻڌم.پهريندي اِهو به
پروڙيم ته نويڪلا سنڊاس ڪلبا ديوي ته ڇا،
بمبئيءَ جي واپاري لتي ۾ ته جهڙا هئا. اِهو به
ڀاپي ورتم ته ڊسمبر جي آخر ۾ به بمبئيءَ ۾ بجليءَ
جي پنکن ۽ بلبن جي ضرورت هئي.
وڏو فرق جو مونکي کٽڪيو سو اِهو ته هت ڪڻڪ عيوض
مڪائي ميسر هئي ۽ ڦلڪا مڪائيءَ جا ئي ملندا هئا.
سرنديءَ وارن جي گهرن ۾ به.
اتفاق هو يا بهاري ڇا ٻريه مونکي بمبئيءَ جو فون
نمبر ڏنو هو، جنهن تي فون ڪئي مانس. هوُ ۽ مان
ميٽرو سئنيما ڀرسان ميٽرو ريسٽارنٽ ۾ گڏياسين. هن
پهريندي چيو، ”تنهنجي لڏي اچڻ جو گهڻي ۾ گهڻو دک
شيخ اياز کي ٿيو. هن چيو، ’ مالهيءَ جي هلئيءَ وڃڻ
سان سنڌ جي تهذيبي سڪيولرزم کي ڌڪ رسندو.“ اَياز
جو ملول منهن منهنجي اڳيان ڦري مس آيو جو بهاريءَ
واري چيو، ”هت سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه بچائڻ ناممڪن
ٿو لڳي. مون پاڻ کي بهاري لال سڏائڻ جو فيصلو ڪيو
آهي ۽ اِن نالي جي رٻڙ سٽئمپ به ٺهرائي آهي. تون
به مالهيءَ بدران مالي اپناءِ. لکڻ جو شوق هت
هنديءَ يا انگريزيءَ ۾ لکڻ سان پورو ڪرڻو پوندو.“
اِها دعا مون کي دل سان نه لڳي. پوءِ به مون هنکي
جي. مالي ربڙ سٽئمپ ٺهرائي ڏيڻ لاءِ چيو ئي. ۽ اُن
شام جو ئي ڪرمسد لاءِ روانو ٿيس. هاڻ اُتي ٽيون
ڪٽنب اچي وسيو هو- کٽوُ ڪيولراماڻيءَ جو، هن ڪمل
سڏائڻ شروع ڪيو هو ۽ مون جيان تخلص اُن پٺيان
جوڙيو هئائين. ڪمل پياسي.
منهنجي من ۾ مونجهارو نئين سر پيدا ٿيو هو- جي
سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه بچائڻ ممڪن ڪونهي، پوءِ ته
سنڌ ڇڏڻ اڃا به ڀاري غلطي ٿيندي ۽ جي هنديءَ ۾ لکڻ
شروع ڪرڻو آهي ته پوءِ ڇو ڪين اُترپرديش ۾ دائمي
ديرو ڄمائجي؟
عجيب ٽواٽي وٽ بيٺو هوس- سنڌ واپس وڃڻ ممڪن نه هو
۽ هت ٿائينڪي ٿيڻ تي ارواح نٿي ٿيو. مٿان ٻوليءَ
مٿان خاتمي جي تلوار لٽڪيل هئي.
منهنجو مونجهارو گهر جي ٻين ڀاتين کان لڪل رهيو
پر ديوءَ کان نه. هن ٻه ٽي ڀيرا چيو، ”سوچي ويچاري
هڪ فيصلو ڪريو. مان اوهان کي اِن فيصلي تي بيهڻ
۾ مدد ڪندس. منهنجو اوهان سان هر حالت ۾ ساٿ
رهندو.“
مون
ڀيري ڀيري سان هن کي نه، دل ئي دل ۾ چيم، ”تون ته
مون سان ساٿ ڏيندينءَ ئي. مونکي پنهنجو ساٿ به ملي
نه جڏهن.“
بهاريءَ جي انديشي، جو هنجي من ۾ پڪ بڻجي چڪو هو،
مونکي منجهايو هو. ٻولي ئي خطري ۾ آهي! منهنجي هڪ
من چيو، ” جي هنديءَ ۾ ئي لکڻو آهي ته ناڻو ٺڪاڻو
اُتر پرديش ۾ ڪرڻ کپي“. اوچتو منهنجو من اُتر
پرديش جي چڪر هڻڻ تي کڄي بيٺو- جهانسي ۽ آگري ڏسڻ
جو چاه جاڳيو.
مون
بابا کي چيو، ” هت ويهي مکيون مارڻ کان ڇو ڪين
يو.پيءَ جو چڪر هڻي اچان؟“ هن چيو، ” ڀلي هڻي اچ.
ڀڙودي سٽيشن تان شرتارئي ڪارڊ وٺي ڇڏج. مفت ۾ پيو
سفر ڪندين.“
ٻئي
ڪي ٽئين ڏينهن مان بڙودي ويس. شرناٿي ڪارڊ وٺڻ
لاءِ دل نه مڃيم. الهه توهار ڪري جهانسيءَ جي ٽڪيٽ
ورتم ۽ گاڏيءَ ۾ چڙهي پيس. انهن ڏينهن ۾ معمولي
ڀيڙ هئي. اُها به گهڻو تڻو شرنارٿين جي هئي، سنڌي
شرنارٿين جي . اُهي ڪنهن نه ڪنهن هنڌ ٿائينڪي ٿيڻ
بعد يا بهتر ٺڪاڻي جي تلاش ۾ هئا يا مٽن مائٽن جي
ڳولها ۾. ڪي ڪنهن ڌنڌي واپار جي ڳولها ۾ هئا. ڪن
ڌنڌو شروع ڪري ڇڏيو هو ۽ بمبئيءَ کان مال وٺي ٿي
ماڳه موٽيا. ٽي.ٽي. يا ٽڪيٽ ڪليڪٽر کي شرنارٿي هجڻ
جو سرٽيفڪيٽ کڻي ٿي ڏيکارئون. سنڌي شرناٿين جو
دنگه مڌيه پرديش ۾ بينا تائين رهيو. تنهن بعد ٿورا
پنجابي هندو ۽ سکه شرنارٿي نظر ٿي آيا جي به
شرنارٿي سرٽيفڪيٽ تي سفر ڪري رهيا هئا...
جهانسيءَ ۾ ايڪڙ بيڪڙ شرنارٿي لٿا. شهر جي ڌرمشالا
۾ يو. پيءَ وارن جي ئي چڱي ڀيڙ هئي. مونکي ڪمرو نه
مليو. سامان رکڻ لاءِ ڪٻٽ مليو ۽مان هال، ورانڊي
يا ايوان ۾ بسترو پٽ يا کٽ (ٻئي مسواڙ تي وٺي)
وجهي سمهي ٿي سگهيس. پهريندي ئي پروڙيم ته هتان جي
هندي ڪتابي هنديءَ کان ٻيءَ طرح جي هئي، جئن ڪرمسد
آڻند جي گجرائي ڪراچيءَ جي نانڪواڙا جي گجراتين جي
گجرائيءَ کان الڳه ٿلڳه رهي هئي.
هڪ
ڏينهن جي رهائش ۾ ئي ڀانپي ورتم ته جهانسي منهنجي
دائمي ريت وسڻ لاءِ موخون شهر ٿي نٿو سگهيو. اوچتو
منهنجي من ڀڙڪو کاڌو. سنڌ ڇڏڻ بعد سنڌي ٻولي بچائڻ
ئي وڏي ۾ وڏو مقصد بڻجڻ کپي. چوويهن ڪلاڪن جي
اڪيلائيءَ ۾ پاڻ سان ڳالهائيندي طيءِ ڪري ورتمته
هند ۾ سنڌي بچائڻ جو يتن ڪندس نهته سنڌ موٽندس. ڀل
اُتي دقتون ۽مانسڪ خواه جسماني پيڙائون ڏسڻيون ۽
سهڻيون پون.گويا فيصلو ڪري ورتم ته يا هت سنڌ وارو
وايو منڊل پيدا ڪندس يا سنڌ واپس ورندس.
مون
اِهو به ڀانپي ورتو ته سنڌ وارو وايو منڊل قائم
ڪرڻ بمبئيءَ ۾ يا گجرات ۾ يا راجسٿان جي ڪنهن وڏي
شهر ۾ ٿانئيڪو ٿيڻو پوندو. اُن وقت تائين سنڌي
انهن ٽن هنڌن تي ئي نرواس ۾ آس ڳولهي رهيا هئا.
هڪوار فيصلو ڪرڻ بعد مون من کي ڀٽڪڻ کان بچائڻ
لاءِ جوڌپور ڏانهن رخ رکيو. اُتي ديويءَ جي پڪي
ساهيڙي پنهنجي ڀاءُ ڀيڻوئي سان اچي ٿانئيڪي ٿي
هئي. هوءَ بلواڻيءَ جي گهر مٿان رهندي هئي ۽ ورهين
کان، شادي ٿيڻ کان به گهڻو اڳه هوءَ ديويءَ سان
اٽوٽ گهرائپ جوڙي چڪي هئي. هوءَ مونکي به، سنڌ ۾
ئي، ڀيڻويو قرار ڪندي هئي. هن جو ديويءَ وٽ منهنجي
ڪرمسد ڇڏڻ کان هڪ ڏينهن اڳه خط آيو هو ۽ ديويءَ
مونکي چيو هو ته ” جي ٿي سگهيو ته ور ڪر جوڌپور
مان هڪ ڏينهن ئي سهين ٿي اچجو.“ اُن ساهيڙيءَ جو
نالو به ديوي هو پر ننڍي هوندي مٿي تي بچڻ ڪريهن
کي عمري(عمر واري) ٿي سڏيائون ۽ سنڌي جي پوري علم
نه هجڻ ڪري هوُءَ لکندي هئي- اُمري.
ٽائيم ٽيبل اڳه ئي ورتو هوم. جاچي ورتم ته اِتان
جوڌپور وڃڻ صرف آگري مان ئي ممڪن هو. ”تاج محل“
ڏسڻ جو چاه وڃڻ صرف آگري ويندڙ پهرين گاڏيءَ جي
ٽڪيٽ ورتم.
مان
سٽيشن تي گاڏيءَ جو اِنتظار ڪري رهيو هوس جو هڪ
ڊگهو شخص، پيرن تائين سفيد چوغي سان ڍڪيل ۽ مٿي تي
صافو ٻڌل،منهنجي ڀرسان اچي بيٺو. انگريزيءَ ۾
چيائي، جينٽلمئن مان توسان گڏ سفر ڪري سگهانٿو؟“
مون پيرن کان مٿي تائين هن ڏانهن نهاريو.مان ڪجهه
چوان ئي چوان تنهن کان اڳه چيائين، ” هڪ کان ٻه
ڀلا. سفر ۾ ته ساٿيءَ جي ضرورت پوندي آهي.“ مون
پڇيو، ” ٽڪيٽ اٿيئي؟ ڪيستائين وڃڻو اٿيئي؟“ هن
چيو، ” ٽڪيٽ جي ڳڻتي اوهان کي ڪرڻي نه پوندي، في
الحال آگري تائين گڏ آهيون.“ هن منهنجي ننڍي بئگه
پٽ تان کڻي هٿ ۾ جهلي. مون پڇيو، ” تنهنجو سامان؟“
چيائين، هن وڳي مان ڪم هلائيندس. خاطري رکو غريب
آهيان، بکاري نه آهيان“ هن کي ڪڇ ۾ ننڍي هڙ هئي.
مون پڇيومانس، ” نالو ڇا اٿئي؟“ چيائين، ”جيڪب“ ۽
گاڏي اچي سهڙي.
آگري ۾ پهچي هوُ مون کان الڳه نه ٿيو. آگري ۾ ننڍي
مگر سنهنج واري هوٽل هن ڳولهي. چانڊوڪيءَ ۾
تاجمحل جو ديدار به گڏ ڪيوسين. هن منهنجو رئيسپڻو
سلامت رکيو ۽ مون هن جي کاڌي جو خرچ هموار ڪيو.
ڳالهين ڳالهين ۾ چيائين، ” مان اوهان وٽ وڃجو ۽
مان پنهنجن وٽ ويندس.“ ڳالهايوسين سڄو وقت
انگريزيءَ ۾. تن ڏينهين ڀرت پور ۾ دنگا ٿيا هئا.
گاڏيءَ مان به مسلمانن کي ڳولهي ڳولهي ماريو
هئائون. تنهن ڪري ماروڙا احمداباد ويندڙ گاڏيءَ جو
وقت ڇهه ڪلاڪ اڳه ڪيو هئائون، جئَن ڀرت پور ڏينهن
ڏٺي جو اچي ۽ ڪا اڻ وڻندڙ گهٽيا نه ٿئي. گاڏيءَ ۾
پوليس جو اَٽالو هو. هر هڪ گاڏي ۾ به ٻه پوليس
وارا به چڙهيا. ڀرت پور سٽيشن تي پنڌرهن منٽ گاڏي
بيٺي ، مڪاني پوليس وارا گاڏيءَ کي جنسي گهيري
ويا. گاڏن مان ڪنهن کي نه لهڻ ڏنائون، نه اُنهن ۾
چڙهڻ ڏنائون. شيءِ شڪل، خود پاڻي به درين مان وٺڻو
ئي پيو. ڪن پوليس وارن مسافرن کي اِن ۾ مدد پئي
ڪئي. اسان واري گاڏي ۾، منهنجي سمجهه موجب سڀ هندو
هئا. پوءِ به ڪو هراس طاري هو! ڀرت پور مان گاڏي
ڇٽي ته گويا وايومنڊل به سامت جو ساه کنيو. ۽ مون
پروڙيو ته سفر ۾ ساٿي هجڻ سان ٻي ڪا سهوليت ملي نه
ملي، مانسڪ تقويت ملي ٿي. گاڏي بانديڪئيءَ منجهند
جو پهتي. اعلان ٿيو، ” گاڏي ڇهه ڪلاڪ بيٺي رهندي،
هن کانپوءِ ٽائيم ٽيبل جي شيڊول سان هلندي.“ مون
پهريون دفعو، اِن وچ۾ ڀانپيو هو ته جيڪب پنهنجي
دستوري رنگين مزاجي وڃائي چڪو هو. مون پڇيو، ” ڪا
خاص ڳالهه آهي؟“ هن ٽهڪ ڏنو ۽ چيو، ” ٻن جي گڏ هجڻ
سان ڀلا ڇا ٿيڻو آهي؟ بکه لڳي هوندوُ.“ مون اُن
وقت ڪو نه سمجهيو ته هوُ ڳالهه بدلائي رهيوهو.
واقعي بکه لڳي هئي. مون هنکي پنجين جو نوٽ ڪڍي
ڏنو. ٽي جوان نينگر اوڏي مهل گاڏيءَ ۾، اسان واري
دٻي ۾ سامان سميت اچي ويٺا. اوچتو پوليس وارا گاڏي
۾ چڙهيا. هڪل ڪيائون، ” جي ڪو مسلمان آهي ته هيٺ
لهي هتان کان مسلمانن جو خاص الڳه گاڏو لڳايو پيو
وڃي.“ پهريوندفعو مون ڏٺو مسافر هڪ ٻئي کي شڪي
نگاهن سان ڏسي رهيا آهن. احمدآباد ويندڙ مسافر مون
کان پڇيو،” اوهان هندو آهيو؟“ اوڏيمهل مون سمجهي
ورتو ته منهنجي شيرواڻيءَ هن ۾ منهنجي مسلمان هجڻ
جو گمان جاڳايو هو. مون دل ئي دل ۾ شڪر ڪيو جو
جناح ڪئَپ جهانسيءَ کان اڳه ئي شرنارٿين جي شڪي
نگاهن ڪري لاهي بئَگه ۾ وجهي ڇڏي هيم. مون ٺهه پهه
وراڻيو، ” ها، مان هندو آهيان“. هان ٿو ياد ڪريان
ته ’هندو‘ لفظ تي ضرورت کان وڌيڪ زور ڏنو هوم.
ساٿي مسافر چپ ٿي ويو. پوليس وارا به لهي ويا.
گاڏي جي ڪن همسفرن جي نگاهن ۾ شڪ لاءِ گنجائش
ڀانپيم. ايتري ۾ جيڪب آيو. هن سان گڏ ٻه پوليس
وارا هئا. جيڪب پورين پڪوڙن جو دونو مون ڏانهن
وڌائي رئڻهارڪي آواز ۾ اردوءَ ۾ چيو، ”صاحب، مان
هيترو وقت اوهان سان دوکو ڪندو رهيو آهيان. مان
ڪرسچن نه مسلمان آهيان. پوليس وارا چون ٿا، مون کي
مسلمانن لاءِ خاص گاڏيءَ ۾ وهڻو پوندو.“ احمداباد
ڏانهن ويندڙ مسافر پوليس وارن کان پڇيو، ”ڪيئن خبر
پيو ته هيءَ مسلمان آهي.“ پوليس واري مڇ ئي وَٽ
ڏيئي چيو، ”اسان پوليس وارن کي دويه درشٽي آهي.“
اسان جي آفيسر کي شڪ پيو، پڇيائينس، ”هندو هو يا
مسلمان.“ هن چيو، ”خدا ڪا بندا هون.“ شڪ لاءِ ڪا
گنجائش ئي نه رهي. جيڪب ويندي ويندي منهنجو هٿ
ٻنهي هٿن ۾ جهلي چيو، ”صاحب، مو کي معاف ڪجو.“ بي
اختيار منهنجي زبان مان نڪتو، ”جتي هجين، خوش
هجين.“ هن مون سان ڪوڙ ڳالهايو هو، ڪو دوکو نه ڪيو
هو. هن ٿورو گهڻو سفر سنهنجو ڪيو هو. معافي وٺڻ جي
ڪا ڳالهه نه هئي. معافي طلبڻ، هن جي شرافت ٿي
جتائي. مون اِهو به ڀانپيو ته مسلمانن لاءِ محفوظ
گاڏي ۾ وڃي وهڻ تي هن کي تسڪين ملي هئي ۽ مان اِهو
به سمجهي ويس ته هن آگري ڀرتپور پار ڪرڻ لاءِ
منهنجو ساٿ پڪڙيو هو. ائين به ٿيو هجي ته منهنجي
شيرواڻي هن کي دوکو ڏنو هجي ۽ هن مون کي دين ڀائي
سمجهيو هجي، لهه وچڙ ۾ اچڻ کان اڳ. خير، ڪئن به هن
ٻه ٽي ڏينهن جو ساٿ نباهيو، سو وسرڻ جو نه آهي.
جيڪب جيڪو به اصلوڪو نالو هوس، اهو لهي ويو مان
اَڙجي ويس. هڪ همسفر ڍيڪ ڇڏيو، ”هن جي همراهه کي
به مسلمانن جي دٻي ۾ سفر ڪرڻ کپي. اتي سلامت
رهندو.“ منهنجي ويجهو وڌي آيا. هڪ کان وڌ پڙاڏو
ٿيو، الاهي همسفر منهنجي ويجهو وڌي آيا. هڪ کان
وڌيڪ آواز ٿيا، ”مسلمانن کي جنرل گاڏي ۾ سفر ڪرڻ
جو حق ڪونهي.“ بانديڪئي مان چڙهيل هڪ جوان چيو،
”هيءُ هندو آهي. ٻنهي هٿن جي پٺين تي اوم اُڪريل
اٿس.“ منهنجي من چيو، ”منهنجي ساڄيءَ ڪرائيءَ تي
ڪرشن مرليءَ سوڌو اڪريل آهي.“ اِن وچ ۾ ڪنهن چيو،
”مون پاڻ لڪائڻ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو.“ ۽ مڙي
آيلن مان هڪ مڪ اولاري چيو، ”نهين ٿو يا......“
بانديڪيءَ مان چڙهيل ٽنهي جوانن هن جي مڪ پڪڙي
پٺيان ڌڪيو ۽ چيو، ”هيءَ بانديڪئي آهي، ڀرت پور
ناهي.“ هڪ ٻئي پڇيو، ”جي هندو آهين ته ڪهڙي پرانت
جو آهين؟“ مون چيو، ”مان سنڌي آهيان.“ هڪ کان وڌيڪ
زبانن مان نڪتو، ”سنڌي!“ سڀ سانپ سراپجي ويا. هڪ
جوان پڇيو، ڪٿي ٿائينڪو ٿيو آهين؟“ چيم، ”ڪرمسد،
گجرات ۾ آڻند ڀرسان.“ ٽئين پڇيو، ”آڻند- ڪرمسد
ڀرسان ڪو مکيه هنڌ ٻڌاءِ.“ مون چيو، ”ولڀ وديا
نگري.“ ٽنهي جوانن ڄڻ هڪ ئي وقت مڙيلن کي چيو، هٽي
پري ٿيو. پنهنجي پنهنجي جڳهه تي وڃو. هيءُ هندو
آهي. اسين ولڀ مهاودياليه ڏسڻ ٿا وڃون. جوُن ۾
داخلا ملندي يا نه، اِهو جاچڻ ٿا وڃون.“ پوءِ ته
اِهي ٽي جوان ۽ مان ڳالهين ۾ لڳي وياسين. هنن رات
جو پاڻ سان آندل کاڌو به کارايو. مارواڙ تي هوُ
مون کي جوڌپور ويندڙ گاڏيءَ ۾ ٿائينڪو به ڪري آيا.
مو دل ئي دل ۾ چيو، هڪ هندو، ٻيو مسلمان، ٽيون وچ
وڌائون وير. روحل گويا اڳڪٿي ڪئي هئي پر اِن وير
وچ ۾ ٿورا خدا جا بندا اڃا سلامت آهن. جوڌپور ۾
جڏهن اُمريءَ کي اِها واردات، شايد جذباتي ڍنگه ۾
ڪري ٻڌايم تڏهن چيائين، ”مان جناح ڪئپ هن بعد توکي
پائڻ نه ڏينديس.“ ڀارت ۾ هن وقت شيرواڻي به جيءَ
جو جنجال آهي. پر اُها تون لاهڻ ڇڏيندين. ڪو نه.
گانڌي ٽوپي پائڻ شروع ڪر. جواهر لال نهرو به ته
شيرواڻيءَ مٿان گانڌي ٽوپي پائيندو آهي.“ هوءَ
زوريءَ مون کي کاڌي ڀنڊار تي وٺي هلي. ۽ مٿي جي
ماپ جون ٻه گانڌي ٽوپيون وٺي ڏنائين. چيائين،
”جناح ڪئپ وڌيڪ ٺهندي اٿيئي. هيءَ به خراب نٿي
لڳي. هونءَ به جهڙو ديس تهڙو ويس ڪرڻ کپي.“
جوڌپور راجائي شهر هو ۽ سرن بدران هر اڏاوت ۾ پٿر،
گلابي اڇو يا ڪارو ڪم آندل هو. هر شيءِ جي، تور ۾
سير جو سوا سير ٿي مليو. گجرات ۾ وري ڪچي سير جو
رواج هو. سنڌ جو اَڌ سير، گجرات جو ڪچو سير هو.
ديس سان ويس ته ڦريل هو، ٻولي به ڦريل هئي، تور ۽
ماپ جا ماڻ به ڦريل هئا! ڪي اُمريءَ جي هڪ سنيهه،
ڪي هن جي ڀيڻ ڀيڻوئي جي مهمانوازيءَ خاطرداري ڪري
۽ ڪي منجهيل من ڪري جوڌپور ٽڪي پيس. ها، بانديڪئي
من کي وڪوڙيو هو. اُمري جن جا ڏات ڀائي، اولڊ
ٽائون جا سهتا، ڇاپرو، وانوان، برهم کتري ۽ ٻيا
گهڻو تڻو بمبئيءَ ۽ ڀاونگرن ۾ ٿائينڪا ٿيا هئا.
اُمريءَ جي ڀيڻوئي کي پرديس ۾ منهنجو ملي وڃڻ ڪافي
راس آيو. ڪراچيءَ ۾ هوُ ڪپڙي جو واپاري رهيو هو،
هن کي ڪپڙي جي دڪان ۾ لاڀ نٿي نظر آيو. جو بمبئيءَ
تي کڃيل هو، چيائين.” جڏهن تو بمبئيءَ ٿائينڪو ٿيڻ
جو سوچيو آهي تڏهن مان هت ڌنڌو نه ڪندس. بمبئيءَ
ايندس. هڪ ٻئي جي پاسي ۾ گهر ڪنداسين. ديوي ۽
اُمريءَ کي ئي سهوليت ته ٿيندي، ٻنهي گهرن کي
آساني ٿيندي. جيستائين پرديس کي ديس سمجهون، هڪ
ٻئي جو سهارو ته گهرجي ئي گهرجي.“ اُمريءَ کي مان
سالي سالي ڪري چيڙائڻ لڳس ته چيائين، ”تنهنجون
ساليون آهن بلواڻيءَ جون ڌيئر. مان تنهنجي ڀيڻ
آهيان.“
ڀيڻ! منهنجو ڌيان بي اختيار پٺاڻيءَ طرف کڄي ويو.
ڪٿي هوندي؟ بلواڻيءَ ٻڌايو هوم ته هوءَ منهنجي
پرپٺ آئي هئي، چئي ويئي هئي، ”مان ۽ ٻار هنن
(پتيءَ) جي مائٽن سان هندستان وڃون ٿا. هيءُ دوڪان
وڪڻڻ بعد ايندا.“ مون بلواڻيءَ کان پڇيو هو،
”ڪيڏانهن ٿي ويئي؟“ بلواڻيءَ چيو هو، ”چيائين، ڪٿي
وينديس خبر نه آهي پر گوبند کي مان ڳولهي ئي
لهنديس.“ بلواڻيءَ کي اِئين به چيو هو، ”اِها دادن
سان برابري ڪندڙ نينگر ڀارت ۾ ئي نه، دنيا جي ڪنهن
به ڪنڊ ۾ توکي ڳولهي لهڻ واري آهي.“ تڏهن مون ڪجهه
نه چيو هو، جوڌپور ۾ من ئي من ۾ پڇيم، ”ڪڏهن؟“ |