ڪتاب بابت…
هي
ڪتاب، سنڌيءَ جي برک اديب شري گوبند مالهيءَ جي
آتم ڪٿا جو ٽيون ڀاڱو آهي ” نرواس ۾ آس“ ” ادب ۽
اديب: گوبند مالهي“ آتم ڪٿا جا پهريان ٻه ڀاڱا چڱو
اثر کڻي آيا آهن. پهريون ڀاڱو ته سنڌ ۾ وري ڇپيو
آهي. اميد ته هي ڀاڱو به اڳين ٻن ڀاڱن کان گوه
کڻندو.
اسان جو اهو وشواس آهي ته ڪنهن به اديب، عالم،
سياستدان جي آتم ڪٿا ان وقت جي تاريخ آهي.۽ ايندڙ
ٽهيءَ لاءِ، پنهنجي ديش، پنهنجي تحرڪ جي تاريخ
ڄاڻڻ تمام ضروري آهي. سيٺ نائون مل پنهنجي ڪتاب”
يادگيريون“ ۾ جيڪي ڳالهيون ڏنيون آهن، تن مان
معلوم ٿو ٿئي ته تنهن وقت جي حڪمرانن جو رخ ڪهڙو
هو ۽ ڪهڙن حالتن هيٺ سيٺ نائون مل انگريزن کي سنڌ
فتح ڪرڻ ۾ ساٿ سهڪار ڏنو.
گوبند مالهيءَ جي آتم ڪٿا جي هن ڀاڱي ۾ ورهاڱي بعد
سنڌين جي جيون ۽ ادبي تحرڪ جي هڪ تصوير ٿي ملي ته
ڪيئن سنڌي ٻوليءَ کي اٺين شيڊول ۾ آڻائڻ واري ڪوشش
۾ سنڌي اديبن جي سڀني طبقن، بزرگن ۽ نوجوانن، عربي
لپيءَ جي حمايتين ۽ ديوناگري لپيءَ جي سمرڪٿن گڏجي
ڪوشش ڪئي. جنهن جي نتيجي طور ڪاميابي ملي. اها
وارتا ته ايندڙ ٽهي يا موجوده ٽهيءَ کي به اتساهت
ڪندي ته جي اسان گڏجي هڪ محاذ تي اچي ڪنهن سوال کي
حل ڪرڻ يا ڪرائڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته ڪاميابي اوس
ملندي.
اڄ
اسان اڳيان پنهنجي زمين ۽ پنهنجا حق حاصل ڪرڻ جو
سوال آهي. اهي سوال اسان حل ڪرائي سگهون ٿا،
بشرطيڪ هڪ ٻئي ۾ وشواس رکي گڏجي ڪم ڪنداسين ته.
شري گوبند مالهي، سنڌي ادبي تحريڪ ۾ تکو ۽ ڪجهه
سياسي ويچار رکندي اٽڪل اڌ صدي ( سال 1940 کان
1989) بحرو ورتو آهي ۽ اڃا ان تحريڪ ۾ چست آهي. هن
پنهنجي وقت جي تحريڪ جي اڳواڻي به ڪئي آهي ته
بزرگن ۽ نوجوان اديبن وچ۾ هڪ ڳنڍ- پل ٿي به ڪم ڪيو
آهي. هن جو ڀارت سنڌي ادبي تحريڪ ۾ ڪافي اهميت
وارو پئي رهيو آهي.
ان
سواءِ سنڌي ڪلچرل کيتر ۾ به هن جو قدم اڳتي پئي
وڌيو آهي. پروفيسر رام پنجواڻيءَ بعد گوبند
مالهيءَ ۽ سندس ساٿين، ڀارت جي پري پري وارين
ايراضين، سنڌي بستين ۾ وڃي سنڌين کي جيئڻ ۽ سنڌي
ٿي جيئڻ، رهڻ جو سنديش ڏنو آهي.
جيئن شاه لطيف سچل لاءِ چيو هو ته:
”
جو ديڳڙو مون چاڙهيو آهي، ان جو ڍڪڻ هي ( سچل)
لاهيندو…“
تيئن جي ائين چئجي ته ” جو ڪاريه پروفيسر رام
پنجواڻي شروع ڪيوهو( سنڌين جو سنيهو ڏيڻ) ان کي
گوبند مالهي اڳتي وڌائيندو“ ۽ اهو برابر به ٿيو
آهي.
گوبند مالهي هڪ ٻهوڳڻي شخصيت آهي. سندس جيون ڪٿا
روشن مدار ثابت ٿيندي جا ڪيترن جي زندگي جي راه ۾
سونهپ ڪندي، رستو ڏيکاريندي، اهڙي پڪ اٿئون.
سنڌي ٽائيمس آفيس
لڪشمي مارڪيٽ،الهاسنگر-3
15 جولاءِ 1989 |
نارايڻ ڀارتي
مکيه سمپادڪ
سنڌي ٽائيمس پبليڪيشن |
ارپيان ٿو
سڪ
۽ شرڌا سان
بنگالي ناٽڪ ڪار ۽ فلم ڪار
رِتِوِڪِ گهَٽَڪَ کي
ڀارت ۾ هن جا مون سان گهڻي ۾ گهڻا وڙ رهيا.
گوبند مالهي
ليکڪ جي قلم مان
زندگيءَ طرف رد عمل جا ٻه رخ آهن. ” هيءَ به ڪا
زندگي آهي؟“ ۽ ”هيءَ به زندگي آهي“. هڪ نفي ۽ ٻيو
شفي. نراسائي مونکي به ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي گرفت ۾
آڻڻ ۾ ڪامياب ويندي آهي، مگر بنيادي ريت آشاوادي
هجڻ ڪري اڪثر مان شفي روپ جو قائل ٿي، چوندو
آهيان. ” ها، هيءَ به زندگي آهي“.
منهنجي هيءَ آتم ڪٿا گهڻي ڀاڱي عڪاسي اِن ئي نظريه
جي ٿي ڪري ته هيءَ به زندگي آهي. وسعت ۽ گونا
گونيت سميٽي . بعضي بعضي سڀاويڪ آهي ته شخصي ۽
جماعتي نراسائيءَ جو عڪس به نمودار ٿئي. هيءَ به
ڪا زندگي آهي؟
منهنجي زندگي جي جن پنڌرنهن سالن (1946-1960) جو
ذڪر هن ڀاڱي ۾ اچي ٿو، اُهي سنڌ ۽ سنڌين لاءِ اُٿل
پٿل ۽ آنڌ مانڌ جا ورهيه رهيا آهن. جماعتي زندگي
ڪاٽيندي، شخصي سطح تي اِهو سمو منهنجي لاءِ به
مونجهاري، پريشاني ۽ ذهني ڪشمڪش وارو رهيو آهي ۽
مون پاڻ سان نباهيندي اِن تي چشم پوشي نه ڪئي آهي.
ڪوڙ ۽ وڌاءِ کان ڪناري ڪشي ڪئي اٿم، تنهن ڪري ئي
پنهنجي اندر جي آئيني ۾ شرمندگي کان بچي ويو
آهيان.
شڪر
آهي، سنڌي ان جدوجهد ۾ سوڀارا ٿيا ۽ مونکي فخر آهي
ته مان ۽ منهنجا همراه ان جدوجهد ۾ جاتيءَ سان
بيٺاسين. سڀاويڪ هن ڀاڱي ۾جدوجهد جو احوال به آهي
ته منهنجي ۽ منهنجي همراهن جي ڪوششن جو ذڪر به
آهي. هڪ ڳالهه مون صاف ڪئي آهي ته اسان جاتيءَ
طرف، اُن جي ڏکين ڏينهن ۾ فرض نباهيو- اِها اسانجي
خوشقسمتي هئي. نه ته تواريخ ڪن ٻين نصيب دارن سان
اِهو وڙ ڪري ها.
جماعتي ناتا ۽ باهمي شخصي رشتا جڙندا آهن، نبهندا
آهن، ٽٽندا آهن، بگڙندا آهن- ها، اِها به زندگي
آهي. مون ڪن اهڙن ناتن رشتن جو ذڪر به لازمي
سمجهيو- شخصيتن کي سمجهڻ لاءِ، ناتن رشتن جو ذڪر
به لازمي سمجهيو- شخصيتنکي سمجهڻ لاءِ، سندن
سڀاؤن، نظرين۽ عملن کي واضع ڪرڻ لاءِ مون اُن ۾ به
ڪوشش ڪئي آهي، اڳين ڀاڱن جيان، هنن جي لوڻاين کي
نرمائيءَ ۽ سندن چڱاين کي ڏنڪي جي چوٽ سان چٽڻ جي
پوءِ به صاف ڪريان ته ڪنهن به راه رباني وٺي ويل
بزرگ جي روح ۽ زنده رهندڙ همراه جي دل کي ڪا رنجش
پهچي ته مان معافي طلب آهيان.
سچ
تلخ ٿيندو آهي، آلوچنا اڻوڻندڙ ٿيندي آهي، اِها
ڪسوٽي مون ٻين لاءِ اتفاق سان ۽ پنهنجي لاءِ لازمي
رکي آهي.
جيڪي پهرئين ۽ ٻئين ڀاڱي جي مهاڳه ۾ لکيو اٿم،
اُهو هن ڀاڱي بابت هت به دهرايل سمجهڻ کپي.
ڪن
سڄڻن جي صلاح تي هن ڀاڱي کي بابن ۾ ورهايو اٿم
زندگيءَ جي ڪايه انوسار پوءِ به واٽر ٽائيٽ
ڪمپارٽمينٽ جڙي نه سگهيا آهن.
في
الحال ايترو ڪي ڪافي آهي ۽ بس.
7،
راج ڪرڻ، گوبند
مالهي
ايم
جي. روڊ، ڪانديوني
بمبئي-400067. |