رشــــيــــد ڀـــٽـــي
ديــــــن ڪـــــيا در ســـن
ڀلا سائين، ڀيڄ ڀنيءَ برسن
رشيد ڀٽيءَ سان ياراڻي کي ٽيهن ورهين کان مٿي عرصو ٿيو. غالباً
اسان جي پهرين ملاقات 1954ع ڌاران ٿي هئي. اهڙي
پياري يار جي جدائي ايڏو ته ڏکوئيندڙ واقعو آهي جو
ان تي اظهار خيال ڪرڻ ته ڇا، رڳو سوچڻ به سولو نه
آهي. انڪري خالد ۽ طارق جي فرمائش جي باجود مان
سندس چاليهي لاءِ رٿيل ڪتابڙي لاءِ ٻه ٽي اکر لکي
موڪلڻ ۾ به ڪيترا ڏينهن قاصر رهيس. سچي ڳالهه اها
آهي ته زخم اڃا تازو آهي ۽ دل قلم جو ساٿ ڏيڻ کان
گهبرائي ٿي.
جڏهن ڪنڌ ورائي، ٽيهه ورهيه پوئتي نهاريان ٿو ته تنوير تي نظر
پويم ٿي. تن ڏينهن ۾ سندس تخلص ”مغموم“ هوندو هو.
ٻيو چهرو جيڪو سامهون اچي ٿو، سو ڀٽيءَ جو آهي.
ڪنهن مهل گنجيءَ ۽ گوڏ ۾ سنڌ مدرسي واريءَ هاسٽل ۾
ستو پيو آهي، ڪنهن مهل ٻئي ڄڻا صدر (ڪراچي) ۾
سمبوسا کائڻ ۽ افسانا لکڻ لاءِ گڏ وڃي رهيا آهيون،
ڪنهن مهل ادبي سنگت جي ميٽنگ ۾ ويٺا آهيون. ستت،
يارن جو حلقو وسيع ٿيندو وڃي ٿو: رشيد آخوند، ڪريم
بخش خالد، شيخ حفيظ، دادا موتيرام، نبي بخش دائود
پوٽو، خواجه سليم، اياز قادري، نورالدين سرڪي،
عبدالغفور انصاري، مقبول سومرو، پوهو ۽ اسان جو
سائين جويو صاحب.
انهن مان ڪي جيئري جدا ٿي ويا، مثلن نورالدين سرڪي، مقبول سومرو
۽ مقبول صديقي ته ڪن کي موت اسان کان جد اڪيو،
جيئن شيخ حفيظ، عبدالغفور انصاري، نبي بخش دائود
پوٽو ۽ شمس سومرو.
پر اسان ٽي ڄڻا تنوير، ڀٽي ۽ مان سدائين گڏيا رهياسين. دل جي
تار ڪنهن نه ڪنهن ريت ڳنڍي رهي. هونئن به وقت وڏي
ڳالهه آهي. وقت گذرڻ سان، تنوير، ڀٽي ۽ منهنجي
ياري عمر جي اهڙي حصي ۾ پهچي چڪي هئي، جو هاڻي
هڪٻئي سان ڇنڻ جي اسان مان ڪنهن کي به طاقت ڪانه
هئي.
ڀٽي ٻين لاءِ سنڌ جو نامور اديب هو، ڪهاڻيڪار هو، مزاحيه نگار
هو، سنڌ جو محب وطن هو، سچ جو سپاهي هو، مظلوم جو
حمايتي هو، پر مون تان سندس هڪ ئي نسبت هئي، ڀٽي
منهنجو يار هو. ورهيه ٿيا جو ”هم لوگ“ فلم ۾ هڪ
جملو ٻڌو هئم، دل تي نقش ٿي ويو: ”اپن کو يار کي
ياري سي مطلب هي.“
جڏهن ڀٽي مون وٽ مهمان ٿي ايندو هو ته عيد ٿي ويندي هئي. مون
کان وڌيڪ خوشي منهنجي ننڍي ڀاءُ شير کي ٿيندي هئي،
ڇو ته مون وانگر ڀٽي سندس به وڏو ڀاءُ هو.
ساڳيءَ ريت جڏهن مان ڀٽيءَ وٽ سکر مهمان ٿي ويندو هوس ته سندس
والد بزرگوار مولوي صاحب جي منهن تي سرهائي اچي
ويندي هئي.
ڀٽيءَ جون هڪ نه هزارين ڳالهيون ياد اٿم، سوال آهي ته ڪنهن ڪنهن
جو ذڪر ڪريان؟ ڇڙو هوندو هو، ته ڪيئن رهندو هو؟
ڪراچيءَ ۾ سندس رهائش ڪيئن هئي؟ سندس ادبي زندگيءَ
جو آغاز ڪيئن ٿيو؟ سنڌي ادبي سنگت سان وابسته
ڪڏهن ٿيو؟ جيئي سنڌ تحريڪ سان ڪڏهن ڳنڍيو، سائين
جي ايم سيد کان ڇو مايوس ٿي، پليجي سان پيچ
پاتائين، ڪراچي ڇڏي، سکر ڇو موٽيو؟ شادي ڪهڙين
حالتن هيٺ ٿيس؟ سکر جي فتح الله عثمانيءَ کان وٺي
لاهور جي ملڪ صاحب تائين، ڪنهن ڪنهن سان ڪيترو
تعلق هوس، کاڌي ۾ ڇا وڻندو هوس. مون کي ڪهڙيون
ڪهڙيون فرمائشون ڪندو هو، شيام ڪمار کي گڏجي ڪيئن
چيڙائيندا هئاسون، مون کي سکر ڪيڏيءَ سڪ سان
گهمايائين، اروڙ سان ڪيڏي دل هئس. اهي سڀ ڳالهيون
منهنجي دل تي نقش آهن، ڇو ته ڀٽي منهنجي لاءِ کليل
ڪتاب هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ٻئي ڄڻا گڏجي ڪنهن ٻئي
شهر ڏانهن گهمڻ ويندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن وري ٽولو
ٺاهي سنڌ جا تاريخي هنڌ ۽ ماڳ گهمڻ ويندا هئاسين.
انهن سفرن جا انتظام اڪثر ڪري جمال ابڙي جي بلي
هوندا هئا. اهي سفرناما لکجن ته هڪ بيمثال ڪتاب
تيار ٿي پوي.
انهن سفرن دوران جڏهن ڪچهري زور وٺندي هئي، مثلاً راڳ رنگ جي
محفل اوج تي ايندي هئي ته مان لڪي لڪي، ڀٽيءَ کي
پٺيءَ تي زور سان مڪ هئي، ڀڄي اچي پنهنجي جاءِ تي
آرام سان ويهي رهندو هوس. ڀٽي ٽيڏيءَ اک سان مون
ڏي ڏسندو رهندو هو. رات جو ماني ٽڪي کائي بسترن ۾
ليٽندا هئاسون ته ڀٽي شينهن وانگر ٽپو ڏيئي اچي
مٿان پوندو هو، ۽ دسي مڪن جو وسڪارو لائي ڏيندو
هو. جويو صاحب اهو لقاءُ ڏسي چوندو هو ”گابا هوندا
آهن نه ڳابا، اهي به ائين پيا هڪٻئي کي ٿوڻا هڻندا
آهن“ اهو ٻڌي، جمال ابڙو اچي ٽهڪن ۾ پوندو هو. ڀٽي
۽ مان ان ڳالهه تي جويي صاحب کي ”گابن وارو ماڻهو“
ڪوٺيندا هئاسين.
ڀٽي ۽ مان اڪثر ڪري کلندا رهندا هئاسين پر هن نيري آسمان کي
ڪنهن جو گهڻو کلڻ ڪونه وڻندو آهي. مون کي اهي
ڏينهن به ياد آهن، جڏهن اسان هڪٻئي جي ڪلهن ۾
ٻانهون وجهي رنو هو. انهن ڳالهين کي ورهيه ٿيا.
پوءِ اسان ٻئي ڄڻا زماني جا ڏنگ سهي سهي، پڪا پختا
ٿي وياسين. مان ڪڏهن ڪڏهن دوستن جي بيوفائين جي
ڪري کانئن مايوس ٿي ويندو هوس. پر ڀٽيءَ سنگت ساٿ
مان ڪڏهن به اميد نه لاٿي. هن کي شينهن جيڏي دل
هئي.
هڪ دفعي ڪراچيءَ آيو. مولوي صاحب جي ڪنهن ڪيس جي هاءِ ڪورٽ ۾
اپيل داخل ڪرڻي هئي. اسان کي وڪيل سان ملڻو هو. ان
نيڪ بخت جو گهر پڇائي پڇائي رات ٿي ويئي. سنڌ مسلم
سوسائٽيءَ مان رلندا رلندا وڃي، نرسريءَ وٽ
پهتاسين. اتي اوندهه به ٿي ويئي ۽ ٿڪجي به پياسين.
اونداهيءَ ۾ دروازن جا بورڊ پڙهندا پڙهندا اڳتي
هلندا رهياسين، تان جو هڪ گهر تي شڪ پيو ته غالبا
اهو ئي وڪيل صاحب جو گهر آهي. ٻاهران بورڊ
پڙهيوسين. لکيل هئس:
Beware of dogs
ڪتن جو خيال ڪريو.“ اسان اڃا
سوچي رهيا هئاسين ته ايتري ۾ هڪ خوفناڪ ڪتو، جيڪو
رڇ کان ننڍو ڪونه هو، ڀونڪندو، اسان تي الر ڪري
آيو. اسان وڏيءَ مشڪل سان جان بچائي آياسين.
رشيد ڀٽي
تنوير عباسي
سنڌ جي تحريڪ سان وابسته ٿيڻ کان پوءِ، اسان کي سمورو وقت اهڙن
ڪتن سان منهن ڏيڻو پيو. ڀٽيءَ انهن ڪتن کي مڙس ٿي
منهن ڏنو. جڏهن مڇون رکيائين تڏهن انهن کي مروڙي
مٿي رکيائين. ڪنهن به ڪتي کان هيسجي، ڪنڌ هيٺ ڪري
ڪونه نهاريائين. سندس هڪ خاص سهڻي صفت اها هئي، ته
هو سورهيه هو.
مون جڏهن سندس وفات جي خبر ٻڌي، تڏهن هڪ پراڻو واقعو ياد آيم.
ڪنڊياري کان ڳوٺ بگيءَ ۾ وڃي رهيو هوس. بگيءَ واري
ڳالهيون ڪندي هڪ سنڌي پهاڪو ٻڌايو ته، ”سائين،
ڀائر ڪوٽ جون ٻانهيون هوندا آهن.“ مون ائين محسوس
ڪيو ته منهنجي گهر جي ڪوٽ جي ٻانهين ٽٽي پيئي آهي.
جڏهن سکر پهتس، ته سڀ يار فتاح ملڪ وٽ اچي گڏ ٿيا اتي فتاح ملڪ
۽ حميد سنڌيءَ جي دل جي ڪيفيت به مون پاڻ وانگر
ساڳي ڏٺي.
قدرت جي انسان تي اها وڏي نعمت آهي، ته جيڪي زندگيءَ ۾ سندس يار
هجن، سي موت کان پوءِ به ساڻس پاڻ نڀائين، ڀٽي ان
معنى ۾ قدرت جو نوازيل روح هو.
پوين ڏينهن ۾ مون کي فرمائش ڪيائين، ته مولوي صاحب تي مضمون لکي
ڏي. مون سندس حڪم جي تعميل ڪئي. مون کانئس راهه ته
ڪانه ورتي، پر تنوير ۽ حسين شاهه کي مضمون وڻيو.
هاڻي سوچان ٿو ته پوين ڏينهن ۾ سندس ڪيتريون ئي
ڳالهيون اهڙيون سجهن ٿيون، جيڪي بامعني لڳن ٿيون.
ڄڻ ته هو ڪنهن سفر جو سانباهو ڪري رهيو هو.
دوستي درياهه جي موج وانگر آهي. ڪڏهن چوٽ تي، ڪڏهن موٽ تي. ٻه
ٽي سال اڳ، اسان زماني جي ڪنهن سبب سان هڪٻئي
ڏانهن ٿڌا ٿي وياسين. کانئس اها ڳالهه برداشت ٿي
نه سگهي. ستت پنهنجو هڪ ڇپيل ڪتاب موڪليائين ۽ ان
تي لکيائين: ”پنهنجي پياري ربانيءَ لاءِ، جو بي
سبب رسي ويو آهي.“ سندس طعنو پڙهي، کلي ويٺس. جڏهن
سکر پهتس ته سندس گهر، ڀاڄائيءَ سڪينه کي فون ڪيم
ته ”ٻوڙ ڪهڙو چاڙهيو اٿو؟ لالي کي ٽفن باڪس ۾ ماني
وجهي، درياهه واريءَ هوٽل تي جلدي موڪليو، بک لڳي
آهي.“
شام ٿي ته ڀٽي کلندو هوٽل جي ڪمري ۾ داخل ٿيو. ورهين جا ڏک لحظي
۾ لهي ويا.
ٻيهر ساڻس ڪچهريءَ جو موقعو گذريل اهل قلم ڪانفرنس جي موقعي تي
مليو. فتاح کي وٺي اچي پهتو. سڪ جو سڏ ڀري، منهنجو
مان رکيائين.
ڪانفرنس مان واندو ٿيو، ته فتاح کي ڪوهه مريءَ، ايبٽ آباد، ۽
پشاور هلڻ لاءِ زور ڀريائين. مون ان کي سراسر
چريائپ سمجهيو ۽ فتاح کي به ڳالهه ائين لڳي. پر
سندس اندر ۾ ڪو ٻيو ٻولي رهيو هو. ڄڻ ته کيس خبر
هئي ته هن دنيا جا هي سرسبز جبل، واديون ۽ چشما
پويون ڀيرو ڏسي رهيو آهيان.
ان کان اڳ کيس ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ ڏسڻ ويو هئس. اهو ته ٻڌو هئم
ته سخت بيمار ٿي پيو آهي. پر جڏهن کيس ڏٺم ته بت
مان سيسراٽ نڪري ويا. اهو ڀٽي ئي ڪونه رهيو هو.
پر ڇا چئجي سندس دل جي طاقت، بيماريءَ کي کنگهيائين به ڪونه.
ائين ئي مليو، جيئن سدائين ملندو هو. گهڻي دير
ڪونه ويٺاسين. اسپتال جو ماحول اسان جهڙن يارن جي
ڪچهريءَ لاءِ موزون ڪونه هو. جڏهن سندس ڪمري مان
ٻاهر نڪتس ته ڳڻتي ٿي پيم. حسين شاهه گڏ هو، ٻئي
ڄڻا ڊاڪٽر وٽ وياسين. ان صاف ٻڌايو ته حياتي ان جي
وس آهي، جيڪو حياتي ڏئي ٿو.
ساڻس ٻي ملاقات به حسين شاهه سان گڏ ٿي. اسان ٻئي ڄڻا زماني جي
سارنگ سان سکر ۾ درياهه واريءَ هوٽل ۾ ٽڪيل
هئاسين. حسين شاهه کي انگريزي ماني وڻندي آهي، پر
مون ڄاڻي واڻي ڀٽيءَ کي فون ڪئي ته ماني تو وٽ
کائينداسون. مڇيءَ جو ٻوڙ ضرور هجي.
مون کي ڊپ آهي ته شايد ان ڏينهن سڪ سان، مارڪيٽ مان ٻوڙ وٺڻ به
پاڻ ئي ويو. منجهند جو ميز تي، مڇيءَ ۽ ڪڪڙ جا
ٻوڙ، بيهه تريل، پلاءُ ۽ سلاد غرض ته سڀ ڪجهه
موجود هو.
ڀٽيءَ ۽ مون ورهين جا ورهيه گڏجي ماني کاڌي هئي، پر ان مانيءَ
جو سواد ئي عجيب هو، ڄڻ ته اها
Last Supper
هئي.
پوين ڏينهن ۾ اسان اڪثر ڪري، اسلام آباد مان فون تي ڳالهائيندا
رهندا هئاسين. فرمائش ڪيائين ته ”ڪو ڪتاب موڪل ته
ويهي گهر ۾ ترجمو ڪري ان ويٺي کان وندر ڀلي.“
مون کيس ارنيسٽ هيمنگوي جو ڪتاب
Snows of Kilminjaro
ڏياري موڪليو. ان ڪتاب جي آخرين باب تائين پهتو
هو، جو سندس زندگيءَ جو آخرين ڏينهن اچي پهتو.
اڳئين ڏينهن تي جڏهن فون تي ڳالهايائين ته لهڪاريل هو. آواز غير
معمولي طور مٺو، ڄڻ ته اڏامندڙ پکيءَ جي پوئين لات
ٻڌي رهيو هوس. ٻئي ڏينهن حميد سنڌيءَ فون ڪئي ته،
”ادا، ڇورا ڇنا ٿي وياسين.“
ڀٽي روح ۽ جسم جي رڳ رڳ ۾ وسيل آهي. سندس يادگيريون منهنجي ئي
زندگيءَ جو اهم باب آهن. پر لکڻ جي طاقت ڪنهن ۾
آهي! قلم کڻ ته اکيون ڀرجي اچن ٿيون. سندس قبر تي
گلاب جا گل بيشڪ سڪي ويا هجن، پر منهنجي دل جو زخم
اڃا تازا آهن. |