حاجي مولا بخش سومرو
سنڌ ۾ سومرن جي بادشاهيءَ کانپوءِ کين تاريخ ۾ وري جيئرو ڪرڻ
واري شخص جو نالو هو خانبهادر الله بخش سومرو، مون
کي سندس زيارت نصيب ڪانه ٿي. اڃا ٻار هوس، جو
خانبهادر شهادت جو جام پي، رب کي پيارو ٿي چڪو هو.
ابوالڪلام آزاد، ”انڊيا ونس فريڊم“ ۾ لکيو آهي ته ”ٻيءَ
مهاڀاريءَ لڙائي وقت، انگريزي حڪومت جي نمائندي،
سر اسٽئفورڊ ڪرپس، هندستان جي دوري ۾، مسلم ليگي ۽
ڪانگريسي اڳواڻن، ڏيهي رياستن جي والين کان علاوه
خانبهادر الله بخش سومري، چيف منسٽر سنڌ سان پڻ
ملاقات جو پروگرام رٿيو هو. خانبهادر دهليءَ ۾ قوم
پرست مسلمانن جي ڪانفرنس جي صدارت ڪرڻ کانپوءِ
هندستان ۾ غير معمولي اهميت حاصل ڪري ورتي هئي. نه
فقط هندستان ليڪن انگلنڊ جي اخبارن انهيءَ ڪانفرنس
جي واکاڻ ڪئي هئي.“
خانبهادر الله بخش سومرو واقعي وڏو ماڻهو هو. سنڌ جي تاريخ نويس
کي ناموريءَ جي محلات ۾، سندس ڪرسي، شايد دودو
سومري، دولهه دريا خان، مخودم بلاول ۽ شاهه عنايت
شهيد سان گڏ وجهڻي پوندي.
بهرحال، قدرت مون کي اها سعادت نصيب ڪئي ته شهيد الله بخش جي
خاندان سان منهنجو قرب ۽ سڪ جو رستو قائم ٿيو.
مرحوم پير حسام الدين راشديءَ جي رحيم بخش سومري
سان گهري گهاٽي سنگت هئي، ان ڪري پير صاحب جي ڪري
منهنجي به ساڻس واقفيت ٿي، جنهن اڳتي هلي ڀائپيءَ
جو روپ ورتو.حاجي مولابخش سومرو، رحيم بخش خان جو
چاچو به ٿئي ۽ سهرو به . سو، رحيم بخش جي توسط سان
خود حاجي صاحب سان به منهنجو نياز منديءَ جو رستو
قائم ٿيو. مون پنهنجيءَ زندگيءَ ۾ جيڪي غير معمولي
ماڻهو ڏٺا آهن، تن ۾ حاجي صاحب وڏي حيثيت رکي ٿو.
رحيم بخش سراسر مکڻ ماکيءَ مان ٺهيل مٺو ماڻهو آهي، انڪري ڪنهن
سان به نهڪر ڪري ڪونه سگهندو آهي. هر ڪنهن کي دم
دلاسو، ڪنهن جو ڪم ٿئي ته پاڻ وڏو وس ڪندو. هو
سوڍل بي نياز آهي. هڪ دفعي مون کي چيائين ته ”اسان
الله سان واعدا پورا ڪونه ڪيا. جي ماڻهن سان نه
ڪياسين، ته مڙئي خير آهي.“ سندس انهيءَ قلندرانه
طبعيت ڪري، سندس ڳالهه تي ڪي ماڻهو پورو سارو
ڀروسو ڪندا آهن. پر حاجي صاحب جي طبيعت ان جي ابتڙ
آهي. پير صاحب چوندو هو ته حاجي صاحب هيڪر واعدو
ڪيو ته پوءِ ان تي پختو بيهندو. مٿانئس ڀلي ڪرٽ ڇو
نه وهي وڃن، پر پنهنجيءَ ڳالهه تان هٽندو ڪونه. سچ
ڳالهائڻ سندس ايمان جو جزو آهي.
موجوده دور ۾ ڊپلومسي ايتري ته وڌي ويئي آهي جو ڪوڙ کي ڪير به
برو ڪونه ٿو ڀانئين. بلڪه جي اهو ٻڌڻ ۾ اچي ته
فلاڻو ماڻهو سورنهن آنا سچ ڳالهائي ٿو، ته اها
ڳالهه ٻڌي البت عبرت وٺندي.
حاجي صاحب جي سچائيءَ جا مون ڪيئي ثبوت ڏٺا. هڪ دفعي پاڻ مارشل
لا حڪومت ۾ وفاقي وزير هجي ۽ مان
سنڌ يونيورسٽيءَ جو پرو وائيس چانسيلر هجان. خبر ناهي ته ڪنهن
جي ڀڙڪائڻ تي يا خود بخود وائيس چانسيلر کي جو اچي
دل ۾ اهو خيال ويٺو ته ڪا اٽڪل ڪري، پرو وائيس
چانسيلر جو عهدو ختم ڪرايان مون کي ان ڳالهه جي
کڻڪ پئجي ويئي، سو حاجي صاحب کي ٻڌايم ته هيئن
منهنجي وائيس چانسيلر جي نيت نيڪ نه آهي. حاجي
صاحب چيو ته ”مون کي نوٽ ٺاهي ڏي ته ملڪ جي صدر کي
ڏيان ته ڳالهه پڌري ٿي پوندي.“ مون حاجي صاحب کي
گهربل نوٽ ته ڏنو، پر دل ۾ چيم ته حاجي صاحب ڪيڏو
به سچو ۽ ڀلو ماڻهو ڇو نه هجي، پر آخر کيس ڪهڙو
لاچار پيو آهي، جو ملڪ جي صدر تائين مون جهڙي غريب
جي ڳالهه پهچائي. سو، ڳالهه کي وساري ڇڏيم، ٻه ٽي
مهينا گذريا ته ڪراچي مان فون آئي ته ”حاجي صاحب
سان اچي ملي وڃ.“ جڏهن ساڻس مليس ته پنهنجي
پرائيويٽ سيڪريٽريءَ کي چيائين ته ”ربانيءَ کي
فائيل پڙهاءِ.“ فائيل ۾ مون وارو نوٽ رکيو هو،
جنهن تي سنڌ جي مارشل لا ائڊمنسٽريٽر ۽ انجي مٿان
پاڪستان جي صدر جا سندن هٿ اکرن ۾ نوٽ لڳل هئا ته
”في الحال اسان کي پرو وائيس چانسيلر جي عهدي کي
خودبخود ختم ڪرڻ جو ته ڪو به ارادو ڪونهي.“
اهو ڏسي مون کي پير صاحب جا حاجي صاحب بابت چيل لفظ ياد آيا ۽
اعتبار آيم ته اڃا هن جڳ ۾ سچا انسان پيا آهن.
ان واقعي کان ٻه ٽي مهينا پوءِ، مان وائيس چانسيلر سان گڏ، سندس
بنگلي ۾ ويٺو هوس، ته موٽر ۾ ٻه ماڻهو ريسٽ هائوس
۾ اچي لٿا ۽ وائيس چانسيلر کي نياپو آيو ته اسلام
آباد مان ٻه عملدار ڪنهن اهم ڪم سان آيا آهن. هو
گهٻرائجي، تڪڙو تڪڙو، ساڻس ملڻ ويو ۽ موٽي اچي مون
کي چيائين ته ”مون توکي انهن عملدارن کي ڏسڻ شرط
چيو هو ته خير ڪونهي.“ ائين چئي هڪ ڪاغذ کڻي
منهنجي اڳيان رکيائين. مهراڻ اخبار جي ايڊيٽر
(مرحوم) سيد سردار علي شآهه، سنڌ جي اڻويهن ويهن،
ننڍين وڏين تنظيمن، جي عهديدارن جي صحيحن سان هڪ
درخواست پاڪستان جي صدر کي موڪلي هئي ته اوهان
يونيورسٽيءَ ۾ هڪ اهڙيءَ ماڻهوءَ کي وائيس چانسيلر
جهڙي عهدي تي رکيو ويٺا آهيو، جنهن جا خود سندس
لکيل ڪتابن ۾ دين ڌرم بابت نظريا اجهو هيءُ آهن...
وغيره وغيره.
مون وائيس چانسيلر کي آٿت ڏنو ته، ”اوهان گهٻرايو نه. اها
درخواست منهنجي حوالي ڪيو. مان پاڻيهي ان جو جواب
ٺاهي صبح سان اوهان کي ڏيندس.“ وائيس چانسيلر
درخواست منهنجي حوالي ڪري، پاڻ وڃي گهر آرامي ٿيو.
مون دل ۾ سوچيو ته سيد سردار علي شـاهه ڳـالـهه ته
سـچـي
حاجي مولابخش سومرو
شهيد ا بخش سومرو
ڪئي آهي، پر مون کي پنهنجي پراڻي ساٿيءَ جو بچاءُ ڪرڻو آهي. سو
مان به سويرو ستس ۽ سويرو اٿيس.
اڃا آسمان ۾ پرهه ڪانه ڦٽي هئي ته وائيس چانسيلر جي خلاف اسلام
آباد مان آيل درخواست کڻي ان کي اکر اکر ڪري، غور
سان پڙهيم ۽ پوءِ ان جو ستر صفحن ۾ جواب ويهي
لکيم. سج ڪني ڪڍي ته وائيس چانسيلر جي سڪريٽريءَ
کي ڪاغذ ڏيئي چيم ته ”جواب تيار آهي. ٽائيپ ڪري
رک. جيئن ئي وائيس چانسيلر صبح سان گهران تيار ٿي
نڪري ته کيس پيش ڪر.“
چوندا آهن ته چڱائي ڪرڻ چڱو ڪم آهي سو، وائيس چانسيلر سان، صبح
مرداني، اها ونگار وهي، مان پنهنجي گهر هليو ويس.
اتان تيار ٿي پنهنجيءَ آفيس ۾ پهتس ۽ وائيس
چانسيلرکي فون ڪيم. چيائين ته ”جواب بلڪل ٺيڪ آهي،
پر ان ۾ ڪي ٿوريون درستيون ڪري، آخرين شڪل ڏيئي،
توکي سڏيان ٿو.“ منجهند جو ٻي بجي مان جڏهن گهر
موٽيس، ته وائيس چانسيلر چيو ته ”بس جواب ته ڪجهه
لفظن جي مٽاسٽا کانپوءِ تيار ٿي ويو. پر اسلام
آباد مان آيل عملدار تمام تڪڙا هئا، سو جواب کڻي
فوراً روانا ٿيا.“ مون کي اهو ٻڌي، البت حيرت لڳي،
ته مون هيتري محنت ڪئي، صبح سان پنهنجي ننڊ ڦٽائي،
گهٽ ۾ گهٽ جواب جو آخرين مسودو مان به ته ڏسان
ها.___ خير، مون ڳالهه وساري ڇڏي.
مهيني کن کانپوءِ حاجي صاحب ڪراچيءَ مان حيدرآباد آيو. خانه
فرهنگ ايران ۾ کيس هڪ جلسي جي صدارت ڪرڻي هئي. مون
کي يونيورسٽيءَ مان گهران اچي ساڻ کنيائين ۽
چيائين ته ”توسان رستي تي پنهنجي منهن ڪجهه
ڳالهائڻو اٿم.“ جڏهن ڪار ۾ اڪيلا ٿياسين ته چيائين
ته مهينو کن اڳ ڪراچي مان اسلام آباد وڃي رهيو هوس
ته ٻه ماڻهو هڪ سنڌي ۽ ٻيو غير سنڌي هوائي جهاز ۾
مون سان اچي مليا. پڇيو مانِ ته ڪير آهيو؟ چيائون
ته اسلام آباد ۾ سرڪاري ملازمت ڪندا آهيون. سنڌ
يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر خلاف هڪ درخواست صدر
پاڪستان کي پهتي هئي، ان جي جاچ لاءِ حيدرآباد ويا
هئاسون. حاجي صاحب پڇين ته پوءِ جاچ ڪيو؟ چيائون
ته، ”بس اسان ته وائيس چانسيلر کان جواب طلبي ڪئي،
جنهن هڪ مفصل جواب لکت ۾ ڏنو آهي، جنهن ۾ پاڻ تي
لڳل تهمتن جو جواب ڏنو اٿس ۽ آخر ۾ سفارش ڪئي اٿس
ته يونيورسٽيءَ ۾ خرابي جو اصل ڪارڻ پرو _ وائيس
چانسيلر جو عهدو آهي، جنهن کي فوراً ختم ڪيو وڃي.“
اها ڳالهه ٻڌي مونکي حاجي صاحب جي سچائيءَ جو ٻيو ثبوت مليو ۽
ساڳئي وقت اهو به سمجهه ۾ آيو ته وائيس چانسيلر
مون کان درخواست جو جواب ڇو لڪايو هو.
مان وائيس چانسيلر جي اهڙن افعالن ڪري ڪڪ ٿي، استيعفيٰ ڏيئي،
سنڌي ادبي بورڊ ۾ موٽي هليو آيس. هڪ رات حاجي صاحب
اچي منهنجو مهمان ٿيو. پاڻ تڏهن وفاقي وزارت کان
آجو ٿي چڪو هو ۽ سندس پٽ الاهي بخش خان سومرو
وزير ٿيو هو. ان رات دل کولي ڪچهري ڪئي سون،.
فرمائش ڪيائين ته ڪريلن جي ڀاڄيءَ، چانورن ۽ کير
کانسواءِ ٻيو ڪجهه ڪونه کائيندس. پنهنجي کٽ پاڻ
کليل صحن ۾ وجهايائين ۽ آهلي پيو. مان ڪرسي کڻي
سندس ڀرسان ويٺس. ڏکڻ جي هوا پئي لڳي. زندگيءَ جا
عجيب عجيب قصا ٻڌايائين. مرحوم حڪيم بصر الدين
سويهاڻيءَ جو ذڪر نڪتو. چون ٿا ته اهو بزرگ علامه
آءِ آءِ قاضيءَ کان اڳ، ويهينءَ صديءَ جي آغاز ۾،
سنڌ جي وڏي ۾ وڏي شخصيت هو. حاجي صاحب سندس معتقد
هو. مون کي سندس پرهيزگاريءَ ۽ عظمت جا ڪيئي قصا
ٻڌايائين. هڪ اهو ته خيرپور جي وزير کي چٽيءَ جي
بيماري ٿي پيئي، جنهن جو هندستان جي ناليواري حڪيم
اجمل خان کان علاج ڪرايائين. بيماري ته ڇڏي ويس،
پر چهري تي نشان رهجي ويس، جي آخرڪار حڪيم بصر
الدين جي علاج سان لٿس. خوش ٿي، حڪيم بصر الدين کي
هڪ عمدو چٽساليءَ وارو ڪٻاٽ دوائن رکڻ لاءِ ڏنائين
۽ هزار ايڪڙ جاگير جو پروانو.
تن ڏينهن ۾ درياهه تي پليون ڪونه هونديون هيون، سو حڪيم صاحب
ٻيڙيءَ رستي درياهه پار ڪيو. جڏهن ٻيڙي وچ سير ۾
آئي ته ماڻهن کي حڪم ڪيائين ته ڪٻاٽ درياهه ۾
اڇليو. اهو ڪم پورو ڪري، جاگير جو پروانو ڦاڙي،
پاڻي ۾ لوڙهي ڇڏيائين. جڏهن سندس معتقدن پڇيو ته،
”هي ڇا ڪيو؟“ ته جواب ڏنائين ته ”بابا مون جهڙي
فقير کي اهڙن عمدن ڪٻاٽن جي ڪهڙي ضرورت؟ ۽ جي اها
جاگير ويهي سنڀاليان ته پوءِ الله جو نالو ڪيڏيءَ
مهل وٺندس. منهنجو ته سڄو وقت زمينداريءَ جي خفن ۾
گذري ويندو.“
حاجي صاحب، حڪيم بصر الدين سيوهاڻيءَ جو ٻيو قصو هي ٻڌايو ته
نور محمد مغل نالي سندس هڪ معتقد هوندو هو، جو
سيوهڻ جي ڪورٽ ۾ سرشتيدار هوندو هو. ڪورٽ مان
واندو ٿي، گهران ماني کائي، حڪيم صاحب جي حجري تي
ايندو هو، جو هڪ ڪچيءَ ڪوٺيءَ ۾ هو. هڪ دفعي سج
لٿي جي مهل هئي، جو حڪيم صاحب اندران هڪل ڪئي:
”نورا.“ نور محمد مغل، ”حاضر سائين“ چوندو، اندر
ويو حڪيم صاحب چيس ته فلاڻيءَ مسجد ۾ هڪ شخص ويٺو
آهي، جو ڪنهن مشڪل ۾ آهي. الله کي پيو ٻاڏائي. کيس
مون وٽ وٺي اچ. نور محمد وڃي، انهيءَ مسافر کي وٺي
آيو. مسافر حڪيم صاحب سان حالي احوالي ٿيو. نور
محمد اٿي حسب دستور ٻاهر دروازي تي ويٺو. ڪجهه دير
کانپوءِ ٻيهر حڪيم صاحب جي هڪل ٿي ”نورا.“ نور
محمد چيوته ”حاضر سائين“ حڪيم بصر الدين فرمايو ته
”اڌ رات جو هڪ شخص مون سان ملڻ ايندو. کيس ادب سان
اندر ڪوٺيءَ ۾ وٺي اچج.“ نور محمد حڪم ٻڌي، چائٺ
تي ويٺو رهيو. آڌي رات ٿي ته ڇا ڏسي ته ها ٻيلي،
اڇن ڪپڙن ۾ هڪ ڊگهو قدآور شخص آهي، سو پيو اچي. ان
زماني ۾ سيوهڻ ۾ بجلي ڪانه هوندي هئي، سو نور محمد
ان شخص کي اوندهه ۾ چٽو ڏسي ڪونه سگهيو. پر پاڻ
کيس ڪجهه چوي ئي چوي، ان کان اڳ ان شخص نه ساڄي
ڏٺو نه کاٻي، نه وري نور محمد کي ڪجهه چيائين. سڌو
ئي سڌو حڪيم بصر الدين جي ڪمري ۾ اندر هليو ويو.
ڪجهه دير کانپوءِ، اهو پرديسي مسافر به ٻاهر نڪتو
۽ پنهنجي منهن هليو ويو. جڏهن ٻئي هليا ويا ته
حڪيم بصرالدين نور محمد کي به گهر وڃڻ جي اجازت
ڏني.
ٻئي ڏينهن نور محمد حسب دستور منجهند جو وري اچي حڪيم صاحب جي
در تي ويٺو. حڪيم صاحب کيس ڏسي چيو ته، ”نورا، رات
جيڪو شخص آيو هو، ان کي سڃاتئي ته ڪير هو؟“ نور
محمد ادب سان چيو ته ”سائين، مون کي ڪهڙي خبر؟“ ان
تي حڪيم صاحب فرمايو ته ”پرديسي مسافر جو جيڪو ڪم
هو، سو منهنجي ڪرڻ کان زور هو. سو لاچار ٿي، قلندر
شهباز جي روح کي تڪليف ڏنم.“
آءُ حاجي صاحب جي واتان اهو قصو ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويس. رات لڙي
چڪي هئي. کانئس اجازت ورتم. حاجي صاحب به آرامي
ٿيو. پر مان بستر تي ليٽڻ کانپوءِ به ڳچ دير تائين
ان ڳالهه تي ويچار ڪندو رهيس.
ٻئي ڏينهن ساڻس ڪار ۾ گڏ ڪراچيءَ هليو ويس. رات جو پير حسام
الدين راشديءَ وٽ ماني کائيندي، ساڻس اهو احوال
ڪيم. ان جو خاص سبب اهو هو، ته پير صاحب عقيدي جي
خيال کان روشن خيال ماڻهو هو ۽ اهڙين ڳالهين کي
مڃڻ وارن ماڻهن مان ڪونه هو. مون سمجهيو ته ڳالهه
ٻڌي، ٻه ٽي ٽهڪ ڏيندو، پر منهنجي حيرت جي حد نه
رهي، جڏهن انتهائي سنجيدگيءَ سان مون کي چيائين
ته، ”اهو ممڪن آهي. روح هن دنيا ۾ اچن ٿا.“
حاجي صاحب ٻئي هڪ موقعي تي ٻڌايو ته هڪ دفعي سر شاهنواز ڀٽو
چونڊن ۾ بيٺو. اسان پاڻ ۾ گڏجي حڪيم بصرالدين صاحب
وٽ دعا لاءِ وياسين ته سر ڀٽو چونڊن ۾ کٽي. دعا
لاءِ هٿ کنيائين، پر اسان کي اتي ئي چيائين ته
”دعا موٽي آئي. سر ڀٽو چونڊن ۾ هارائيندو.“ اهو
ٻڌي اسان ڏاڍا ڏکوئجي وياسين. اهو ڏسي چيائين ته،
”چڱو وڃو. سر ڀٽو چونڊن ۾ ڪونه کٽندو، پر سندس
گهٽتائي به ڪانه ٿيندي.“ اها ڳالهه اسان کي سمجهه
۾ ڪانه آئي! بهرحال کانئس موڪلائي آياسين، چونڊون
ٿيون. قدرت جو رنگ چئجي، جو هڪ طرف سر ڀٽو چونڊن
۾ ڪريو ۽ ٻئي طرف کيس سرڪاري آرڊر اچي مليو ته
”توکي وائسراءِ جي جهونا ڳڙهه ڪائونسل جو ميمبر
مقرر ڪجي ٿو.“
حاجي صاحب ٻڌايو ته حڪيم بصرالدين عربي ۽ انگريزيءَ جو وڏو عالم
هو. اهو ٻڌي شوق ٿي پيم ته سندس ڪتاب پڙهان. سيوهڻ
۾ حڪيم بصر الدين صاحب جي اولاد مان حڪيم محمد
مراد سان وڃي مليس. پاڻ قرب ڪري، حڪيم بصرالدين جو
هڪ عربي ڪتاب مون کي ڏنائين. عربي مون کي ڪانه
اچي، سو مون اهو ڪتاب حيدرآباد ۾ عربي ۽ سنڌي
ڄاڻندڙ هڪ بوري بزرگ کي ترجمي لاءِ آڇيو، ته مهراڻ
رسالي ۾ ڇپائيندس. پر بوري بزرگ جيڪا رقم گهري، ان
جي ادا ڪرڻ جي مون ۾ طاقت ڪانه هئي، چنانچ، حڪيم
صاحب جي ڪتابن پڙهڻ جي حسرت دل ۾ ئي رهي. اوچتو
مون کي ياد آيو ته ادبي بورڊ جي لائبريريءَ ۾ خدا
جي وحدانيت تي انگريزيءَ ۾ ٽائيپ ٿيل هڪ مقالو ڏٺو
هئم. اهو مقالو مون لاءِ هميشه ڪشش ۽ مونجهاري جو
باعث رهيو هو، ڇو ته مٿس مصنف جو نالو لکيل ڪونه
هو. فقط پين سان انگريزيءَ ۾ ڪنڊ تي لکيل هو، حاجي
صاحب جي ڪاپي.“ مون کي اچي شڪ جاڳيو ته اها پڪ ئي
پڪ حڪيم بصرالدين جي تحرير هئي، ۽ حاجي صاحب مان
مراد حاجي مولا بخش سومرو هو. اڃا جو جاچ لڌم ته
منهنجي گمان جي سورنهن آنا تصديق ٿي. پر ان وچ ۾
مان سنڌي ادبي بورڊ ڇڏي آيو هوس. ائين ڀانيم ته
حڪيم صاحب جي تحرير پڙهڻ جي سعادت منهنجي قسمت ۾
ڪانه هئي.
مون حاجي صاحب تي هي مضمون لکي پورو ڪيو ته سندس علالت جو ٻڌم.
ڪراچيءَ ويس. ڪمزور ٿي ويو هو. کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو
هئائين. انهيءَ هوندي به ٺاهوڪي ڪچهري ڪيائين. سال
کن کانپوءِ سندس رحلت جي اوچتي خبر مليم. ڏاڍو ڏک
ٿيم. حاجي صاحب جهڙا سچا انسان هاڻي ڪٿي آهن!
پاڪستان سرڪار وٽ ادب، آرٽ، بهادري ۽ ٻين اهڙن
ڪارنامن لاءِ ستاره امتياز ۽ هلال پاڪستان جهڙا
اعليٰ اعزاز آهن سرڪار وٽ سچ ڳالهائڻ لاءِ به ڪو
اهڙو اعزاز هجي ها ته ملڪ ۾ ان جو پهريون مستحق
حاجي مولا بخش خان سومرو هجي ها. |