شفيق الرحمان
سنه 1984ع ۾ حڪومت پاڪستان مون کي سنڌي ادبي
بورڊ حيدرآباد مان بدلي ڪري، ايڪيڊمي آف ليٽرس
اسلام آباد ۾، ڊئريڪٽر ايڊمنسٽريشن مقرر ڪيو.
ايڪيڊميءَ جو چيئرمن هو ملڪ جو مشهور مزاحيه نگار
ڊاڪٽر شفيق الرحمان. مون پهريون دفعو سندس نالو
ٽيهه پنجٽيهه ورهيه اڳ ٻڌو هو. تڏهن ڪراچيءَ ۾
نوڪري ڪندو هوس. هفتي ٻن کان پوءِ تنوير مون سان
ملڻ لاءِ، ڪراچيءَ ايندو هو يا وري مان وٽس
حيدرآباد هليو ويندو هوس. اتي ٻه بروهي ڀائر سندس
دوست هوندا: هڪ حليم بروهي ۽ ٻيو جمعو. ٻئي ڄڻا
شفيق الرحمان جا مداح هوندا هئا، اٿيءَ ويٺيءَ
سندس ڪتابن جا نالو کڻندا هئا ۽ ڪن ڪردارن جا
پنهنجن دوستن تي پڻ نالا رکيا هئائون. اڳتي هلي
مون به کانئن متاثر ٿي شفيق الرحمان جو هڪ اڌ ڪتاب
وٺي پڙهيو ۽ وڻيو. پر، اردو مزاحيه ادب ۾ مون کي
يا پطرس بخاري وڻيو يا وري ڪرنل محمد خان. ادب ۾
به، خوشبو، رنگ ۽ سنگيت وانگر، هر ڪنهن کي پنهنجو
پنهنجون ذوق ۽ شوق ٿئي ٿو.
اسلام آباد ۾ جڏهن منهنجي شفيق الرحمان سان
ملاقات ٿي ته سندس اندر ۾ مون کي هڪ نهايت محجوب
ماڻهو نظر آيو. ايڏو حجاب ته ڪنهن ڪنواريءَ
ڇوڪريءَ ۾ هوندو! جڏهن ايڪيڊمي جو ڪو ننڍو وڏو
جلسو ٿيندو هو، ته ڪوشش ڪري پاڻ گوشائتو ٿي ويندو
هو، مون کي کڻي اڳيان ڪندو هو.
هڪ دفعي اسان چيني سفارتخاني جي ڪلچرل
ڪائونسلر جي مان ۾ الوداعي دعوت ڪئي. مون دعوت ۾
سڏايل اديبن جو تعارف ڪرايو ۽ چيني مهمان جي اعزاز
۾ تعريف جا ٻه چار جملا چيا. پر شفيق الرحمان سڄو
وقت خاموش رهيو. جڏهن کيس به ڳالهائڻ لاءِ چيو ويو
ته مرڪي، لنوائي ڇڏيائين. هڪ اکر به ڪونه ڪڇيائين.
ٻئي دفعي پنڊي انٽر ڪانٽينينٽل هوٽل ۾ اعلى
پايي جي دعوت هئي. وڏا وڏا سول ۽ فوجي عملدار،
اديب، دانشور ۽ صحافي سڏيل هئا. شفيق الرحمان ۽
مان دعوت ۾ گڏجي وياسون. شفيق الرحمان ڇا ڪيو، جو
مهمانن سان ته هٿ ملايائين، پر بيرا ميزن تي ماني
رکن ئي رکن، ان کان اڳ، هيڏي هوڏي ڏسي، ٻاهر کسڪي
ويو. ڊرائيور کي ڪو اڳيئي هوشيار ڪري ڇڏيو هئائين،
ته فلاڻي هنڌ تي، موٽر جهلي بيهجانءِ. پر،
ڊرائيور نماز پڙهڻ ويو هو. سو، شفيق الرحمان سندس
انتظار ڪونه ڪيو. پنڌ شروع ڪيائين. سندس ڪو دوست
موٽر ۾ پئي ويو. کيس ڏسي، موٽر جهلي، ساڻ کنيائينس
۽ گهر ڇڏي آيس. ويچارو ڊرائيور مقرر هنڌ تي بيهي
بيهي، آخر ڪڪ ٿيو. لاچار خالي موٽر ڪاهي شفيق
الرحمان جي گهر پهتو، ته رات جو هڪ وڄي رهيو هو.
مون کي ان ڳالهه تي ڏاڍي حيرت ٿيندي هئي ته
هي شخص ايڏو محجوب ڇو آهي؟ سڄي عمر نيويءَ ۾ گذاري
اٿس. ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ ۾ اتر آفريڪا ۽ برما ۾،
قتل ۽
شفيق الرحمان
غارت گريءَ جا خوفناڪ نظارا اکين سان ڏٺا
اٿس. مشرق ۽ مغرب جا بيشمار ملڪ گهميا اٿس. درجن
کان وڌيڪ مزاحيه ڪتاب لکيا اٿس. نهايت رنگين جواني
گذاري اٿس. هڪ دفعي مون کي پنهنجي گهر ۾ تصويرن جو
ذاتي البم ڏيکاريائين. ان ۾ يورپي، آمريڪي ۽
هندستاني حسينائن جون ڪيئي تصويرون هيون، جن کي
مير علي شير قانع ”پري رويان بلاي دين و ايمان“
ڪوٺيو آهي. ڪي جوانيءَ ۾ سندس دوست رهي چڪيون هيون
ته ڪن کيس شاديءَ جي آڇ ڪئي هئي. پر، ان جي باوجود
شفيق الرحمان ۾ ڪو حجاب هو. مون ته اهڙو ماڻهو
سڄيءَ عمر ۾ ڪونه ڏٺو.
ڊاڪٽريءَ ۾ سند وٺڻ بعد، 1942ع ۾ انڊين
ميڊيڪل سروس ۾ داخل ٿيو ۽ ليفٽيننٽ مقرر ٿيو. اهو
ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ جو زمانو هو. رفتي، رفتي
ترقي ڪندو، ريئر سرجن ايڊمرل جي عهدي تائين وڃي
پهتو ۽ اتان رٽاير ڪيائين. جڏهن ڪچهريءَ ۾ ڪن وڏن
جرنيلن جو ذڪر ڪندو هو ته کين ”ڪالهوڪا ڇوڪرا“
ڪوٺيندو هو.
ايڪيڊميءَ جو تخيل ۽ تصور به شايد فيض احمد
فيض ڏنو، پر ڪا به سرڪاري اسڪيم عمل ۾ اچي، ان ۾
ورهيه لڳي ٿا وڃن. هن معاملي ۾ به ائين ئي ٿيو.
غالباً 1979ع ڌاران، مس مس وڃي، ايڪيڊمي پنهنجن
پيرن تي بيهڻ جي لائق ٿي. ان وقت تائين سڄو ڪم
ڊئريڪٽر جنرل هلائيندو هو. اڳتي هلي نئينءَ حڪومت
محسوس ڪيو ته اڪيڊميءَ جو سربراهه چيئرمين هئڻ
گهرجي، جيڪو وفاقي سيڪريٽريءَ جي برابر هجي. قرعه
فال شفيق الرحمان جي نالي نڪتو. ان وقت پاڻ نيويءَ
مان رٽاير ڪري آيو هو. پر، ايڪيڊميءَ جو چيئرمن
مقرر ٿيڻ کان پوءِ به ان جي ڪم ڪار ۾ گهڻي مداخلت
ڪونه ڪندو هو. سڄو اختيار وري به ڊئريڪٽر جنرل جي
حوالي هوندو هو.
شايد زندگيءَ ۾ ايترو ته گهڻو ڪجهه ڏسي چڪو
هو، جو هاڻي کيس ڪابه سَڌِ ڪانه رهي هئي. مون کي
سندس اندر ۾ هڪ انتهائي سنجيدو ۽ بردبار شخص نظر
آيو. وضعدار ۽ بي انتها ايماندار. جيڪڏهن مون کان
پڇيو وڃي ته ”تو سڄيءَ زندگيءَ ۾ ڪيئي ننڍا وڏا
عملدار ڏٺا. انهن ۾ ڪو سورهن آنا ايماندار شخص به
ڏٺئي؟“ ته مان بي ڌڙڪ شفيق الرحمان جو نالو وٺان ۽
سندس شخصيت هنن لفظن ۾ بيان ڪريان ته:
“He was a perfect gentleman”
ايڪيڊميءَ جو آفيس مان ڪو به ذاتي فائدو
ڪونه وٺندو هو. مون کي ڪونه سجهي ته آفيس مان ڪڏهن
ڪا پينسل گهر کڻي ويو هجي. جڏهن سرڪاري ميٽنگ
ٿيندي هئي ته سڀني ميمبرن لاءِ سرڪاري مانيءَ جو
انتظام ٿيندو هو. ميٽنگ جي صدارت شفيق الرحمان
ڪندو هو، پر سرڪاري مانيءَ کي هٿ ڪونه لائيندو هو.
پنهنجي گهران آندل ماني کائيندو هو. رزق حلال جو
محاورو ته هر ڪو استعمال ڪندو آهي. پر پنهنجيءَ
زندگيءَ ۾ ان اصول تي عمل ڪندڙ شخص مون فقط شفيق
الرحمان ڏٺو. ان ڳالهه ۾ سندس اها مصلحت به شامل
هئي ته پاڻ ڪوشش ڪري، گيهه، مرچ ۽ مسالي واريءَ
غذا کان پري رهندو هو، يعني پنهنجي روح وانگر جسم
تي به چرٻيءَ جا تهه چاڙهڻ کان پاڻ بچائيندو رهندو
هو سندس گهرواري، امرتسر جي خوش باش ۽ اعلى تعليم
يافته خاتون آهي. نماز، روزي، جي پابند، ليڪن سٺي
لباس ۽ سٺي کاڌي خوراڪ جي به شوقين. شفيق الرحمان
ان ڳالهه تي سدائين کيس ٽوڪيندو رهندو هو.
”ڇا ڪيم؟ مٺاڻ جو هڪ گرهه کنيم نه؟“ جڏهن
جان ڇڏائڻ لاءِ ويچاري ائين چوندي هئي ته شفيق
الرحمان مٿان ڦهڪائي ڏيندو هوس: ”شروعات سدائين هڪ
وک کڻڻ سان ٿيندي آهي.“ (ڪيڏي نه اونهي ڳالهه
آهي.)
ڪڏهن ڪڏهن سندس گهرواري، ڪنهن ڪم سان،
سرڪاري گاڏي گهرندي هئس، ته آفيس مان موٽندي،
ڊرائيور کي چوندو هو ته ”مون کي گهر کان ٿورو
پرڀرو لاهجانءِ.“ اتان پاڻ پيرين پيادو گهر ويندو
هو ۽ گهرواريءَ کي ٻڌائيندو هو ته ”گاڏي سرڪاري ڪم
سان ويل آهي.“ سندس جوان پٽن کي ايتري همت ڪانه
ٿيندي هئي، جو کيس آفيس مان ڪو ڪاغذ ٽائيپ ڪرائڻ
لاءِ ڏيئي سگهن.
جڏهن سندس رٽائرمينٽ جي تاريخ ويجهي آئي،
تڏهن ڪنهن کي به نوڪريءَ جي ميعاد ۾ توسيع ڪرڻ
لاءِ هڪ اکر چوڻ واسطي تيار ڪونه هو. چارج ڇڏي،
گهر هليو ويو. جڏهن اسٽاف کيس عرض ڪيو ته ”اسان جي
الوداعي دعوت کائو،“ ته کلي چيائين: ”الوداعي دعوت
زندگيءَ ۾ هڪ دفعي نيويءَ ۾ کائي ڇڏي هئم. روز روز
الوداعي دعوتون ٿوروئي کائبيون آهن.“
مون کي ڏاڍو مان ڏنائين. ڪو به فيصلو
منهنجيءَ مرضيءَ کانسواءِ ڪو نه ڪيائين. مون سندس
ئي حمايت سان، ايڪيڊميءَ جي بورڊ آف گورنرس تي،
سنڌي ۽ بلوچي اديبن کي نمائندگي وٺي ڏني. ان کان
اڳ، ڀٽائي، سچل سرمست، ڄام درڪ ۽ مست توڪليءَ جي
زبان ۾ ادب جي نمائندگي به غير سنڌي ۽ غير بلوچي
اديب ڪندا هئا. شفيق الرحمان جي ئي مدد سان ئي مون
هر صوبائي زبان ۽ ادب تي سيمينار ڪرائڻ لاءِ
ايڪيڊميءَ جي ساليانيءَ بجيٽ ۾ ٻن لکن رپين جي رقم
منظور ڪرائي، ان کان علاوه سنڌي ادبي بورڊ، بلوچي
ايڪيڊميءَ، پنجابي ادبي بورڊ ۽ پشتو ايڪيڊميءَ
لاءِ لک لک رپيا سالياني گرانٽ منظور ڪرائي، بين
الصوبائي ۽ بين الاقوامي دورن ۾ صوبائي زبانن جي
اديبن کي نمائندگي وٺي ڏني. سنڌي ادبي بورڊ ۽
سنڌالاجيءَ جي سربراهه علامه قاسمي صاحب ۽ ڀيڻ
مهتاب راشديءَ کي چين جو دورو ڪرايم. چيني اديبن
جي وفدن پشاور، لاهور، ڪوئيٽا، سکر، حيدرآباد ۽
ڪراچيءَ ۾ سنڌي، پنجابي، بلوچ ۽ پٺاڻ اديبن سان
ملاقاتون شروع ڪيون. اڳي اهي ملاقاتون فقط اسلام
آباد، لاهور ۽ ڪراچيءَ تائين محدود هونديون هيون.
ڪيترن سنڌي اديبن ۽ سندن بيواهن لاءِ، سندن نالا
ظاهر ڪرڻ کانسواءِ، ماهوار مالي مدد منظور ڪرايم،
جا اڃان جاري آهي. شاهه ڀٽائي، وارث شاهه، ڄام درڪ
۽ خوشحال خان خٽڪ جي ڪلام کي پاڪستان جي سمورين
صوبائي ٻولين ۾ نثري ترجمو ڪرڻ لاءِ رٿ منظور
ڪرايم، مخدوم صاحب، مولانا قاسميءَ ۽ ڪن ٻين سنڌي
اديبن کي ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ تمغا وٺي ڏنم.
مطلب ته مان حق ۽ انصاف جي جيڪا به ڳالهه ڪندو
هوس، شفيق الرحمان ان جي ڀرپور تائيد ڪندو هو.
شروع شروع ۾ مان ايڪيڊميءَ ۾ ڊئريڪٽر
ايڊمنسٽريشن مقرر ٿيو هئس. هڪ دفعي اسان جي غير
سنڌي تعليمي وزير، شفيق الرحمان کي چيو ته ”آگري
کي ترقي ڏيئي، کڻي ڊئريڪٽر جنرل ڪريون.“ شفيق
الرحمان ايترو به ڪو نه پڇيس ته ”مون کي هڪ ڏينهن
سوچڻ لاءِ ڏيو“ اوڏيءَ مهل ئي نوٽ ٺاهي وزير کي
ڏنائين ۽ کانئس آرڊر صحيح ڪرائي، آڻي منهنجي هٿ تي
رکيائين. منهنجي جيڪا سالياني خفيه رپورٽ
A.C.R لکيائين ان ۾ مون کي اي. ون. گريڊ ڏنائين ۽ اهڙا ته
شاندار رمارڪ لکيائين، جو پڙهي اکين ۾ ڳوڙها اچي
ويم ۽ اهي گاسليٽي ڪامريڊ ياد آيم، جن سان سنڌ ۾
مون سڄي عمر گڏ گذاري هئي، ۽ کين پوريءَ ريت خبر
هئي ته سڄي جواني سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌي ادبي بورڊ
جي پلئٽ فارم تان دل و جان سان سونهاريءَ سنڌ،
سنڌي زبان ۽ ادب جي خدمت ڪندي گذاري هئم، تاهم حسد
۽ ساڙ سببان ڪڏهن سڌيءَ طرح ڪڏهن اڻ سڌيءَ طرح
منهنجي گلا غيبت ڪرڻ ۾ ڪسر ڪانه ڇڏيندا هئا. اسلام
آباد ۾ هڪ دفعي جمعي نماز پڙهي ٻاهر نڪتس ته ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ به ٻاهر نڪتو. چيائين ته ”رباني،
تازو حيدرآباد ويو هئس. مون کي ته پنهنجن ماڻهن تي
حيراني آهي!“
مون چيو ”سائين خير؟“
چيائين ته، ”چون ٿا ته اسلام آباد ۾ جيڪي به
سنڌي نوڪري ڪن ٿا، سي سڄو وقت ويٺا سنڌ جي خلاف
سازشون سٽين.“
مون ڊاڪٽر صاحب کي عرض ڪيو ته ”سائين، حيرت
۽ ڏک جي ڳالهه ڪابه ڪانهي. دعا ڪيو ته ڌڻي اسان
سنڌين کي پنهنجي واهرو ۽ ويريءَ ۾ فرق ڪرڻ جي شناس
ڏئي.“
مون ڳالهه ٿي ڪئي پنهنجن ۽ پراون جي روش ۽
شفيق الرحمان جي قرب ۽ اخلاص جي. شفيق الرحمان
اخلاق جي ايڏي اعلى پايي تي شايد انڪري پهتو هو،
جو هن زندگيءَ ۾ ڏک سک جو ڀرپور مشاهدو ماڻيو هو.
جڏهن پاڻ رٽاير ڪري ويو، تڏهن مان مهيني ماسي وٽس
ڀيرو ڀريندو هئس. شربت جا ٻه گلاس ٺاهي اڳيان
رکندو هو ۽ پوءِ پنهنجي زندگيءَ جا تجربا ويهي
ٻڌائيندو هو.
چيائين ته ٻيءَ مهاڀاريءَ لڙائيءَ جي زماني
۾، هڪ دفعي جنگ جي محاذ تان ڇانوڻيءَ ڏانهن موٽي
رهيو هئس. سج لٿي جي مهل هئي. هڪ هنڌ ٻه سپاهي قبر
کوٽي رهيا هئا، ڀرسان سندن ٽئين ساٿيءَ جو لاش
رکيو هو، چوٿون سپاهي نماز پڙهي رهيو هو ۽ پنجون
ڪاٺڙين جي باهه تي چاءِ جي ڪٽلي چاڙهي رهيو هو. دل
۾ چيم ته زندگيءَ جو ڪاروبار ائين ئي هلي سگهي ٿو.
ٻئي دفعي ٻڌايائين ته جنگ جي محاذ تي
هئاسين، هڪ ٻئي پٺيان زخمي سپاهي آڻيندا رهيا.
اسان سندن ملم پٽي ڪندا رهياسين. ايتري ۾ هڪ سپاهي
آندائون، جنهن کي گوليون هڻي اصل ڇني ڇڏيو هئائون.
الائي ڪيئن جيئرو بچيو هو. امن جي وقت ۾ مون سان
اڪثر ملندو رهندو هو. ڏاڍو پيارو ماڻهو هو. جڏهن
اسٽريچر تي کيس منهنجي اڳيان کڻي آيا، تڏهن سندس
حال ڏسي دل دهلجي ويم. ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ فقط مان
ئي اندازو لڳائي سگهان ٿو ۽ ان مهل کيس ڪيڏو عذاب
هوندو، پر جيئن ئي مون تي نظر پيس ته کيڪارڻ جي
ڪوشش ڪيائين. بي انتها عذاب ڪري وات مان اکر ته
نڪري ڪونه سگهيس، پر مون ڏي ڏسي چپن تي مرڪ
آندائين. اهو ڏسي منهنجين اکين مان ڳوڙها وهي آيا.
ٻئي دفعي ٻڌايائين ته ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ
۾ اسان برما ۾ هوندا هئاسين. اوچتو جپانين جي حملي
جو اطلاع مليو. اسان برمي ماڻهن جي حفاظت لاءِ اتي
مقرر ٿيل هئاسين، سو جپانين جي مقابلي لاءِ فوراً
تيار ٿياسين ۽ فوجي گاڏين ۾ چڙهي، درياهه ٽپڻ لاءِ
پل تي چڙهياسين. پل ايڏي تي سوڙهي هئي جو ان تان
گاڏين لنگهڻ جي جاءِ مس هئي. برمي ماڻهن کي جو
جپانين جي حملي جي خبر پيئي ته اهي ڊپ ۾ سامهون پل
تي چڙهي آيا. اسان جي لاءِ انهيءَ ڳاهٽ ۾ پل ٽپڻ
ناممڪن ٿي لڳو. برمي ماڻهو اسان جا پنهنجا ماڻهو
هئا. پر مجبوراً کين هٽائڻ ۽ گاڏين لاءِ رستو پيدا
ڪرڻ واسطي، اسان جي سپاهين کي مٿن ئي گوليون
هلائڻيون پيون. شفيق الرحمان ڏک سبب اها ڳالهه
پوري ڪري نه سگهيو. سندس آواز ويهي ويو ۽ اکين ۾
ڳوڙها تري آيا.
هڪڙي دفعي ٻڌايائين ته منهنجو چاچو توڪلي
مڙس هوندو هو. وٽس هڪ باغ هوندو هو، جو سال بسال
ٺيڪي تي ڏيندو هو. هڪ سال ٺيڪيدار سان سودو
ڪيائين. هو مقرر ڏينهن تي پئسا کڻي آيو. ٺيڪي جو
ڪاغذ به کنيون آيو، جنهن تي ٻنهي ڌرين صحيحون
وڌيون. ٺيڪيدار پئسن جي هڙ ڪڍي چاچي جي اڳيان رکي.
پر چاچي پئسا ڳڻڻ بدران کيس چيو ته ”اول مانيءَ جو
گرهه وجهون.“ ڪمدار ماني کڻي آيو. چاچو ۽ ٺيڪيدار
اڃا ماني کئي رهيا هئا ۽ ڳالهيون ٻوليون ڪري رهيا
هئا، جو اوڀر پاسي کان آسمان ۾ ڪا ڪڪري ظاهر ٿي.
ڏسندي ڏسندي سڄو آسمان ڪڪرن سان ڍڪجي ويو. ڪمدار
کي اچي ڳڻتي لڳي ته باغ ميوي جي وڻن سان ڀريو بيٺو
آهي. جي ٿو مينهن وسي ته سڃ ٿي ويندي. ٺيڪيدار
گوٿنا ٿي ڪندو ۽ ٺيڪي تان ڦري ويندو. سو، چاچي کي
اشارو ڏيڻ لڳو ته ”پئسا ڳڻي وٺي ڇڏيو.“ پر چاچي
کيس ڪو گوش ئي ڪونه ڏنو. مانيءَ کان پوءِ کيس حقي
ڇڪڻ جي عادت هوندي هئي، سو رڳو ايترو چيائينس ته
”ابا، حقو ٺاهي کڻي اچ.“ ڪمدار حقو ٺاهي آيو، ته
اچي ڳڙو لٿو. ڳڙو به ڳڙن جهڙو. ڪمدار کي ڪا آنڌ
مانڌ لڳي. سو، ڪنهن مهل ڊوڙندو چاچي وٽ اوطاق ۾
اچي ته ”وارو ڪريو ٺيڪيدار کان پئسا ڳڻي وٺو.“ پر،
چاچو آرام سان حقو ڇڪيندو رهيو.
ڳڙو وسندو رهيو. ڪمدار سمورو وقت اوطاق ۽
باغ جي وچ ۾ ڊوڙندو رهيو. جڏهن صفا سڃ ٿي ويئي ۽
ميوي جا پٽ تي ڍير لڳي ويا، تڏهن چاچي ماٺڙي ڪري،
پئسن جي هڙ کڻي ٺيڪيدار کي ڏني. ٺيڪي جو ڪاغذ
ڦاڙي، پنهنجي ڪمدار کي آسمان ڏي اشارو ڪري چيائين
ته ”ابا، جي روڪڻو اٿئي، ته انهيءَ کي روڪ.“
شفيق الرحمان کي قدرت ٽي پٽڙا ڏنا. سندس
ننڍي پٽ جي مون سان محبت هئي، هاڻي ڪنهن بئنڪ ۾
آهي. وڏو پٽس به ڪنهن آمريڪي بئنڪ ۾ آهي، قدرت کيس
سونهن جي نعمت سان بي حساب نوازيو آهي. شفيق
الرحمان جي وچين پٽ ڦوهه جوانيءَ ۾ وفات ڪئي. پيءُ
۽ پٽ روز شام جو گڏجي پسار ڪرڻ ويندا هئا. شفيق
الرحمان جو چوڻ آهي ته سڄو وقت خاموش هوندا
هئاسون. هاڻي ويچار ڪندو آهيان ته اها خاموشي عجيب
معنى خيز معلوم ٿيندي اٿم ۽ انجيل جا اکر ياد
ايندا اٿم: ”حضرت ابراهيم جڏهن پنهنجي پٽ حضرت
اسماعيل کي ساڻ وٺي گهر کان ٻاهر نڪتو هو ته ٻئي
پيءُ پٽ ”باخبر“ ”هئا ۽ خاموشيءَ سان پنڌ ڪندا ٿي
ويا. انجيل جي مفسرن ان ”خاموشيءَ“ تي تبصرو ڪندي
لکيو آهي ته:
“It was the most poignant silence
in the world.”
شفيق الرحمان پٽ جو صدمو ته پي ويو. پر،
سندس اندر ۾ اڳوڻو کل ڀوڳ وارو ماڻهو ويو. هڪ دفعي
مرحوم پٽ کي سڪ سان ياد ڪري، مون کي ڳوڙهن ڀريل
اکين سان وارث شاهه جو هڪ شعر ٻڌايائين ته ”جي
وڇڙيا منهنجي اڱڻ موٽي اچن، ته مان گيهه جا ڏيئا
ٻاريان.“
شفيق الرحمان ۽ مان هاڻي به گاهي ماهي ملندا
رهندا آهيون. سندس رهڻي ڪهڻي انگريزن واري آهي.
الله سائينءَ کيس سڀڪجهه ڏنو آهي. چار پنج هزار
پينشن کيس ملي ۽ چار پنج هزار سندس گهرواريءَ کي.
سندس وڏي پٽ جي پگهار شايد ويهه پنجويهه هزاررپيا
مهينو آهي ۽ ننڍي جي ڏهه پندرهن هزار. هڪ بنگلو
اسلام آباد ۾ ڪرايي تي ڏنل اٿس ۽ ٻئي بنگلي ۾
پنڊيءَ ۾ پاڻ رهندو آهي. پاڻ سڄو وقت مٿينءَ ماڙي
تي لکڻ پڙهڻ ۾ مشغول ته سندس گهرواري هيٺ پنهنجي
بيڊ روم ۾ - دنيا ۾ رهندي دنيا کان بي نياز –
مانيءَ مهل ٻئي ڄڻا گڏبا آهن. جڏهن مان ساڻن ملڻ
ويندو آهيان ته ڏاڍا خوش ٿيندا آهن.
شفيق الرحمان ڪڏهن ڪڏهن سکن جا لطيفا ٻڌائي
کلائيندو آهي. پوئين دفعي هڪ لطيفو ٻڌايائين ته
”هڪ سک گهوڙي تي چڙهيو پئي آيو. رستي تان سامهون
ٻيو سک پنڌ پئي آيو. ان کي چيائين ته ”سردار صاحب،
اهو ته ٻڌاءِ ته مان ڇا تي چڙهيل آهيان؟“ اهو ٻڌي،
ٻئي سک چيس ته ”سردار صاحب، توهان ته گهوڙي تي
سوار آهيو. ڇو؟“
گهوڙي تي چڙهيل سک چيس ته ”اها ته پاڻ کي به
خبر هئي، پر چوندا آهن ته وري به پڇڻ ڳاڇڻ چڱو
آهي.“
شفيق الرحمان کان موڪلائي، جڏهن مان گهر
موٽيس ته رستي تي ڊرائيور چيو ”سائين، شفيق
الرحمان صاحب ڏاڍو ڪو عجيب انسان آهي. ايڏو سارو
بنگلو ان ۾ پاڻ اڪيلوئي اڪيلو مٿي ۽ هيٺ گهرواري؟“
مون ڊرائيورکي چيو ته ”ابا، شفيق الرحمان کي
زندهه رهڻ جو وڏو سليقو آهي.“
”اهو ڪهڙو؟“ ڊرائيور حيرت مان پڇيو.
مون چيو: ”اکين ۾ ڳوڙها ۽ چپن تي مرڪ.
زندگيءَ جو ڪاروبار ائين ئي هلي سگهي ٿو.“ |