1187ههسيد قلندر علي شاهه کي سيد جمن شاهه (اول) نالي هڪ فرزند ٿيو. سيد جمن شاهه 8 - محرم الحرام 1191هه /16- فيبروري 1777ع تي لاولد فوت ٿيو.(32)سيد جان الله شاهه ”عاشق“:سيد جان الله شاهه (ثاني)، مير جان شاهه رضويءَ جي فرزند، سيد منور علي شاهه(المتوفي: 20- رجب المرجب 1199هه/29- مئي 1785ع) جو ٽيون نمبر فرزند هو. سيد منور علي شاهه جي وفات کان پوءِ، سندس وڏو فرزند، سيد فتح علي شاهه سجاده نشين ٿيو. سيد فتح علي شاهه فقيريءَ جي رستي کان غير واقف ۽ زماني جي ڏانءَ جو ماڻهو هو. روايت آهي ته جڏهن سيد عبدالوهاب شاهه ڀاڳناڙيءَ وارو، مرشد جي وصيت موجب روهڙيءَ ۾ مرشد جي روحاني امانت پهچائڻ لاءِ آيو، ته سيد فتح علي شاهه امانت وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ شاهه صاحب واپس وريو. اها خبر جڏهن سيد فتح علي شاهه جي ننڍي ڀاءُ، سيد جان الله شاهه(ثاني) کي پيئي، ته هن اچي شاهه صاحب جي محافي کي ڪلهو ڏنو. سيد عبدالوهاب شاهه به هڪدم پنهنجن مريدن کي حڪم ڪيو، ته بيهو، جو مرشد زادي محافي کي ڪلهو ڏنو آهي. شاهه صاحب پوءِ لهي پيو ۽ ڇهه مهينا وٽس رهيو.(33)سيد عبدالوهاب شاهه پنهنجي مرشد جي روحاني امانت سيد جان الله شاهه کي ڏني ۽ پنهنجي نيڪ سيرت نياڻيءَ جو عقـد سندس فرزند، سيد جمن شاهه(ثاني) سان ڪرايائين. اختر درگاهيءَ اهڙو اشارو ”انيس المساڪين عرف راحته السالڪين“(قلمي) ۽ ديوان گدومل هرجاڻيءَ جي ڪتاب ”ديوان بيدل عرف بيدل جي سوانح عمري“(مطبوعه 1940ع) جي حوالي سان ڏنو آهي.(1) سيد جان الله شاهه پنهنجي رهڻ واري حويليءَ جي چوگرد هڪ ڪوٽ ڏياريو هو، جو روهڙي شهر جي ڏکڻ - اولهه طرف ٽڪريءَ تي آهي ۽ اڄ به ”ننڍي ڪوٽ“ جي نالي سان سڏبو آهي. ڪوٽ جي ٻاهران ”راحت العاشقين“ نالي هڪ باغ پڻ لڳايو هئائين.سيد جان الله شاهه وڏو صوفي درويش ۽ حال ۽ قال جو صاحب هو. سندس روحاني مرتبا اعليٰ ۽ افضل هئا. پاڻ شعر ۽ شاعري به ڪندو هو. شعر ۾ ”عاشق“ تخلص ڪتب آڻيندو هو. 6- ربيع الاول 1255هه/20- مئي 1839ع تي رحلت ڪيائين. سندس وصال جي قطعه تاريخ ، ”بيدل“ سائينءَ هيٺينءَ ريت لکي آهي:
1255ههسيد جان الله شاهه جي اولاد مان سيد علي مراد شاهه، انگريزن جي گهڻي مدد ڪئي. انهيءَ ڪري 24 - اپريل 1868ع تي انگريزن کيس جاگير ڏني هئي. هـُن ”ننڍي ڪوٽ“ تي هڪ ٻيو ڪوٽ پڻ اڏايو هو، جو پوءِ ”ڪوٽ مير علي مراد“ جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ اڄ تائين انهيءَ نالي سان سڏبو اچي ٿو.(35)*حوالا(1) سيد علي اڪبر شاهه ”فائق“ رضوي: ”شجره خاندان سادات رضوي“ (قلمي فارسي)(2) مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي: ”تحفته الڪرام“، مترجم: مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1957ع، ص 314(3) وفائي دين محمد مولانا، ”تذڪره مشاهير سنڌ“ - جلد ٽيون، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1986ع، ص 325(4) ”طالب“ محمد علي بکري، مولوي: ”ظهور نامه موئي مبارڪ“ (قلمي فارسي)، 1274هه/ 1858ع، ص 27 کان 29(5) ايضاً، ص 35(6) ڏسو حوالو نمبر(3)، ص 328(7) ڏسو حوالو نمبر(1)(8) سيد عبدالحسين موسوي، انجنيئر: ”روهڙيءَ جي رضوي سادات جو تواريخي پس منظر“(قلمي مقالو)(9) سيد عبدالحسين موسوي:”ديوان بيدل“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1961ع، ص 276(10) ايضاً، ص 275(11) ڏسو حوالو نمبر(1)(12) ايضاً(13) ڏسو حوالو نمبر(2)، ص 321(14) ڏسو حوالو نمبر(3)، ص 242(15) ڏسو حوالو نمبر(1)(16) ڏسو حوالو نمبر(2)، ص 322(17) ڏسو حوالو نمبر(8)(18) ايضاً(19) ڏسو حوالو نمبر(12)، ص 322(20) ايضاً، ص 23 - 322(21) ڏسو حوالو نمبر(1)(22) سيد حسام الدين راشدي: ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، انجمن تاريخ سنڌ، ڪراچي سنڌ، 1981ع، ص 339(23) ڏسو حوالو نمبر(8)(24) ”بيدل“ قادر بخش فقير: ”تواريخ رحلت هاي رجال الله“، بحواله ”بياض فقير علي بخش ڪمتر“ (قلمي فارسي)(25) ڏسو حوالو نمبر(8)(26) مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي: ”مقالات الشعراء“ (فارسي)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1957ع، ص 786، بحواله سيد حسام الدين راشدي: ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، ص 324(27) بدوي لطف الله: ”تذڪره لطفي“- جلد ٻيو، آر.ايڇ.احمد ائنڊ برادرس، حيدرآباد سنڌ، 68 - 1967ع، ص 57-58(28) ايضاً، ص 59، 60.(29) ڏسو حوالو نمبر(2)، ص 323(30) ڏسو حوالو نمبر(22)، ص 339(31) ڏسو حوالو نمبر(24)(32) ڏسو حوالو نمبر(8)(33) ڏسو حوالو نمبر(9)، ص 1 ۽ 2(34) ڏسو حوالو نمبر (24)(35) ڏسو حوالو نمبر(8)*(ٽماهي ”مهراڻ“ ڄام شورو سنڌ، نمبر4، سال 1990ع- سنواريل ۽ وڌايل)(1) سنڌ جي تواريخ ۽ تذڪرن جي اڀياس مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ ساڳئي نالي سان ڪيتريون ئي جدا جدا شخصيتون ٿي گذريون آهن. انهيءَ ڪري مؤرخن ۽ تذڪره نگارن انهن الڳ الڳ شخصيتن کي ساڳئي نالي هئڻ ڪري هڪ شخصيت ڪري بيان ڪيو آهي. ان طرح، سيد محمد مڪي (نيرون ڪوٽي) حيدرآباد جي ڪچي قلعي ۾ مدفون آهي، ۽ ٻيو سيد محمد مڪي (بکري) سکر جي ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي ڀرسان ابدي ننڊ ۾ آرامي آهي. سنڌ جي عالمن ۽ مؤرخن انهن ٻنهي الڳ الڳ بزرگن جي باري ۾ ڪافي مونجهارو پيدا ڪري وڌو آهي. هتي انهيءَ مسئلي کي تواريخ جي روشنيءَ ۾ بيان ڪجي ٿو: سيد محمد مڪي(نيرون ڪوٽ) هن بزرگ لاءِ محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”18 - ڪــُـل سنڌ ادبي ڪانفرنس، حيدرآباد سنڌ“ (31- مئي ۽ 1- جون 1958) ۾ پنهنجي استقباليـه خطبي ۾ لکي ٿو: ”تقريباً 12 صدي عيسويءَ جي پوئين اڌ ڌاري هڪ درويش مڪي شريف مان آيو، جنهن هن بستيءَ (نيرون ڪوٽ) کي هميشه لاءِ اچي پنهنجو آرام گاه بنايو. اهو درويش هو شيخ سيد محمد مڪي، جنهن جي درگاه ’شاهه مڪائي‘يا ’جئي شاه‘ جي نالي سان مشهور ۽ معروف آهي.“(ص 6) ڊاڪٽر بلوچ صاحب انهيءَ بزرگ جي نسب جو سلسلو، هن ريت بيان ڪري ٿو: ”سيد محمد مڪي بن محمد شجاع بن ابراهيم بن ابي القاسم بن ابي المڪارم محمد بن جعفر الاصغر بن سيد ابي المعالي حمزه الملک الامير المشهور بـه هارون بن عقيل بن ابي عقيل بن ابي الغنائم ناصر بن اسماعيل بن جعفر الصادق“ (ص 6) ڊاڪٽر صاحب اڳتي هلي، انهيءَ بزرگ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو: ”سيد محمد مڪي ڇنڇر رات 22- محرم 510هه(6- جون 1116ع) تي مڪي شريف ۾ ڄائو. حضرت نبي ڪريم صلي الله عليـه وسلم جن جي بشارت موجب سندس ڄائي ڄم جو نالو حمزه رکيو ويو، پر محمد توڙي محمود پڻ کيس سڏيندا هئا. بالاخر هــُـو محمد مڪي جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ سنڌ طرف هجرت ڪيائين.قرين قياس آهي ته چاليهن ورهين جي ڄمار ۾ هجرت ڪئي هجيس ۽ انهيءَ لحاظ سان 560هه (1165ع) يا ان بعد سنڌ ۾ سندس اچڻ ٿيو هوندو!... آخرڪار نيرون ڪوٽ واري بستيءَ کي پنهنج ماڳ مڪان بنايائين. جتي وڏيءَ عمر ۾ 8- ذوالحج 658هه(14- نومبر 1260ع) تي وفات ڪيائين.“ (ص 6) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب اهو سمورو احوالُ ”بحر الانساب“ نالي هڪ قلمي فارسي ڪتاب جي بنياد تي لکيو آهي. ڊاڪٽر صاحب اڳتي هلي، سيد محمد مڪيءَ جي پــُـٽ ۽ پوٽاڻ جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. دراصل، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو اهو مٿيون سمورو بيان ڪيل احوالُ، سيد محمد مڪي بکر واري جو آهي. نالي جي هڪ جهڙائيءَ سبب، ڊاڪٽر صاحب کان اها سهو ٿيل ڏسجي ٿي. ازان سواءِ، ڊاڪٽر بلوچ صاحب انهيءَ احوال لاءِ جنهن ماخذ جو نالو ”بحرالانساب“ ڄاڻايو آهي، ان لاءِ راقم جو خيال آهي ته ان ڪتاب جو اصل نالو”منبع الانساب“ آهي، جو سيد محمد مڪيءَ جي خاندان جي هڪ بزرگ ، معين بن شهاب جهانسويءَ جو تاليف ڪيل آهي.(ڏسو، علامه سيد عبدالحي: ”نزهـته الخواطر“- جلد اول، مترجم: ابويحيٰ امام خان نوشهروي، مقبول اڪيڊمي لاهور، ڇاپو ٻيو 1985، ص 258) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو اهو ساڳيو مضمون ”حيدرآباد شهر“ جي عنوان سان ٽماهي”مهراڻ“ حيدرآباد سنڌ ۾ سال 1962ع جي پهرئين پرچي ۾ پڻ شايع ٿيو. تازو، ڊاڪٽر انور فگار هـَـڪڙي به پنهنجي مرتب ڪيل ڪتاب”سنڌ جي تاريخي شهرن جي تواريخ“ (مطبوعه: 2005ع) ۾ انهيءَ مضمون کي درج ڪيو آهي. سيد محمد مڪيءَ جي باري ۾، سنڌ جي مشهور تذڪره نگار، مير علي شير ”قانع“ ٺٽويءَ پنهنجي ڪتاب ”تحفته الڪرام“ (ص 445) ۾ صحيح احوال ڏنو آهي. مير ”قانع“ ٺٽوي لکي ٿو: ”شيخ مڪائي(شاهه مڪئي) هڪ وڏي ۾ وڏو ولي ۽ پهريون اسلامي حاڪم آهي، جو سنڌ جي فتح کان پوءِ هتي حڪومت ڪرڻ ويٺو. سندس درگاهه الله جي ولين ۽ خدا جي معرفت وارن جي زيارت گاهه ۽ مرجع آهي.“ مير ”قانع“ ٺٽويءَ کان پوءِ، مرزا قليچ بيگ پڻ پنهنجي ڪتاب“قديم سنڌ، ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“ ص 81) ۾ ساڳيو ”تحفته الڪرام“ مان ڪيو آهي. اسان جي خيال موجب، سيد محمد مڪي نيرون ڪوٽ واري جو تذڪرو مير علي شير ”قانع“ ٺٽويءَ کان پوءِ، ٻئي ڪنهن به مؤرخ يا تذڪره نگار بيان نه ڪيو آهي ۽ انهيءَ بزرگ جي باري ۾ في الحال اهوئي احوال صحيح سمجهڻ گهرجي! سيد محمد مڪي (بکر) سيد محمد مڪي، سلطان العارفين سيد محمد شجاع جو فرزند هو. سندس نسب جو سلسلو هن طرح آهي: ”امير سيد محمد مڪي بن سيد محمد شجاع بن سيد ابراهيم(اول) بن سيد قاسم بن سيد زيد بن جعفر اصغر بن حمزه بن امام هارون بن عقيل بن اسماعيل بن امام جعفر (ثاني) بن امام علي نقي بن امام محمد تقي بن امام علي رضا بن امام موسيٰ ڪاظم بن امام جعفر صادق رضه.“ سيد محمد شجاع اصل ۾ مشهد شريف جو ويٺل هو، جتان حج جي ارادي سان نڪتو. مسافريءَ دوران شيخ شهاب الدين سهرورديءَ (المتوفي: 632هه/ 1234ع) جي خدمت ۾ حاضر ٿي سندس مريد ٿيو. شيخ پنهنجيءَ نيڪ دامن نياڻيءَ سان سندس عقد ڪرايو ۽ کيس حج جي اجازت ڏني. پاڻ پنهنجي اهليه سميت مڪي پاڪ ۾ اچي مقيم ٿيو. ”نزهـته الخواطر“ (جلد اول، ص 258) جو صاحب ”منبع الانساب“ جي حوالي سان لکي ٿو ته سيد محمد 540هه/1145ع ۾ مڪي پاڪ ۾ تولد ٿيو. پاڻ مڪي پاڪ ۾ ڄمڻ ڪري ”مڪي“ سڏجڻ ۾ آيو. سيد محمد مڪي سن 658هه/1260ع ۾ سنڌ جي قديم شهر ”بکر“ پهتو. چون ٿا ته ”بکر“ جو اصل نالو”فرشته“ هو. پاڻ جڏهن انهيءَ هنڌ پهتو ته فرمايائين: ”جعل الله بکرتي في البقعـه المبارکـه“، يعني: الله تعاليٰ منهنجو صبح برڪت واري هنڌ ڪيو. ان کان پوءِ ”فرشته“، ”بکر“ جي نالي سان سڏجڻ لڳو. سيد محمد مڪيءَ جي وفات جي تاريخ ”نزهـته الخواطر“ واري سن 646هه/1248ع لکي آهي، ليڪن، ”شجره خاندان سادات رضوي“ ۾ سندس وفات جو سن 691هه/ 1292ع ڄاڻايل آهي. سيد صاحب، بکر جي نزديڪ ”علي واهڻ“ نالي ڳوٺ ۾ وفات ڪئي، جتان سندس لاش کڻائي اچي سکر ۾ دفن ڪيائون. سندس مقبرو ڊپٽي ڪمشنر آفيس، سکر جي ڀرسان واقع آهي. سيد محمد مڪي کي هڪ فرزند سيد صدر الدين محمد خطيب (ولادت 10- رجب المرجب 609هه/6- نومبر 1212ع) ٿيو. سيد صدر الدين محمد خطيب 12- محرم الحرام 669هه/9- سيپٽمبر 1270ع تي وفات ڪئي. سندس درگاه بکر جي ويجهو پبلڪ اسڪول سکر وٽ آهي.(”نزهـته الخواطر“ جلد اول، ص 268) سيد محمد مڪي کي بدرالدين محمد نالي ٻيو فرزند 25- شعبان المعظم 630هه/6- مئي 1233ع تي ڄائو ۽ سن 680هه/1281ع ۾ وفات ڪيائين. سيد بدر الدين محمد جو فرزند، علي پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ، بکر مان لڏي وڃي”جهانسيءَ“ ۾ رهيو.(”نزهـته الخواطر“ - جلد اول، ص 264 ۽ 265) سيد محمد مڪيءَ کي زهره ۽ فاطما نالي ٻه نياڻيون هيون، جي هڪ ٻئي پٺيان سيد جلال الدين حسين بن علي الحسيني البخاريءَ جي عقـد ۾ آيون.(”نزهـتهِ الخواطر“- جلد اول، ص 265) (1) سيد عبدالله رضويءَ جو اولاد اڄ به روهڙيءَ ۾ موجود آهي. روهڙيءَ جي گانگوٽي گرائونڊ وٽ سندن محلو آباد آهي. هي سيد سڳورا پاڻ کي ”عبدالله پوٽا“ سڏائيندا آهن. (2) سيد ابوالغيث رضويءَ بکر ۾ خانقاهه قائم ڪئي هئي. ان دؤر ۾ سنڌ تي ڄام فتح خان ولد سڪندر سمي جو راڄ هو. امير تيمور جي پوٽي، مرزا پير محمد ملتان ۽ اُچ جي قلعن تي قبضو ڪري ورتو هو. مرزا پير محمد، بکر جي ماڻهن کي چوائي موڪليو ته هو وٽس اچي پيش پون. بکر جا ماڻهو ڊپ وچان سنڌ ڇڏي، جيسلمير ڏانهن هليا ويا. انهيءَ واقعي کان پوءِ، سيد ابوالغيث ملتان وڃي، مرزا پير محمد سان ملاقات ڪئي. چون ٿا ته رات جو مرزا کي خواب ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو، ته سيد ابوالغيث اوهان وٽ اچي ٿو ۽ سندس پارت اٿئي. ان کان پوءِ مرزا پير محمد سنڌ تي حملي ڪرڻ جو خيال لاهي ڇڏيو. مولائي شيدائي: ”سنڌ جي بزرگن جو سياست ۾ حصو“ (مقالو)، ڏسو ٽماهي”مهراڻ“ حيدرآباد سنڌ، نمبر 3-4، سال 1958ع، ص 115. (1) سيد صدر الدين بن محمد خطيب پهريائين سيوهڻ پرڳڻي ۾ ڳوٺ ٻڌي ويٺو، پر پوءِ پيءُ جي حڪم تي ”علي واهڻ“ ۾ اچي رهيو. هن ٻه شاديون ڪيون هيون. کيس سيد علي لڪعلوي جي نياڻيءَ مان چار پٽ ٿيا: سيد تاج الدين، سيد قطب الدين، سيد ڪمال الدين ۽ سيد جمال الدين. کيس ٻي گهرواريءَ يعني سيد احمد بن محمد شجاع جي نياڻيءَ جي بطن مان ڇهه فرزند ٿيا: سيد بدرالدين سيد علاؤ الدين، سيد علي، سيد امام الدين، سيد نظام الدين ۽ سيد نصرالله. سيد صدرالدين محمد خطيب 21- محرم الحرام سن 727 هه/17- ڊسمبر 1326ع تي وفات ڪئي ۽ بکر جي قلعي ۾ مدفون ٿيو. شروع ۾ سندس سمورو اولاد بکر جي قلعي ۾ رهندو هو. پر پوءِ سن 980 هه/1572ع ۾ ارغونن جي دؤر ۾ بکر کي ڇڏي، روهڙيءَ ۾ وڃي رهيا. بکر کان روهڙيءَ ۾ اچي رهڻ لاءِ ”شجره خاندان سادات رضوي“ ۾ تحرير ٿيل آهي: ”نقل است که ساداتان بسبب قلعه بندي مذڪور هلاکت و مشقت بسيار ديده ناپسند کرده در سن مذکور از قلعه بيرون آمده. سيد سعد الدين بمعه تمامي برادران اولاد قدوې السالکين سلطان العارفين امير السادات سيد محمد مکي طرف جنوب رويه قلع بکر بر بلائي کوه لهري جائي مسکن خود ساختند و در آن وقت هفت صد خانواده سادات عظام در آن شهر سکونت داشتند.“ (1) سيد اُڀن شاهه، روهڙيءَ جي رضوي سيدن مان هڪ وڏو بزرگ ٿي گذريوآهي. کيس ٻه فرزند هئا: هڪ سيد علي نقي ۽ ٻيو سيد محمد تقي. سيد علي نقي پنهنجي وقت جو وڏو درويش ۽ نيڪ صفتن جو مالڪ هو. سندس معتقد ۽ مريد کيس ”نور مولا شاهه“ جي نالي سان سڏيندا آهن. پاڻ يارهين صدي هجريءَ جي آخر ڌاري لاولد فوت ٿيو. سندس مقبرو، مسجد عراق جي اُوڀرندي طرف ٽڪريءَ تي آهي. سندس ڀاءُ، سيد محمد تقيءَ جو اولاد ٽئين پيڙهيءَ کان پوءِ ختم ٿي ويو. (بروايت انجنيئر سيد عبدالحسين موسوي، ساڪن روهڙي سنڌ.) (2) سيد حيدر شاهه حقانيءَ جي شجري لاءِ لاءِ ڏسو، ضميمو(1) (1) مير سيد يعقوب علي خان بن سيد ميران رضوي، سيد محمد مڪي رحه جي اولاد مان هڪ وڏو عالم، فاضل ۽ اهلِ قلم ٿي گذريو آهي. پاڻ پنهنجي وقت جو وڏو سياسي مدبر ۽ بهترين منتظم هو. سيوهڻ ۽ بکر جو گورنر ٿي رهيو. ذوالقعد 1083هه/1673ع ۾ سيوهڻ ۾ هڪ مسجد شريف ٺهرائڻ شروع ڪيائين، جا 28- ربيع الاول 1084هه/13- جولاءِ 1673ع تي جــُـڙي راس ٿي. سن 1084 هه/1673ع ۾ روهڙيءَ ۾ اچي رهيو ۽ هڪ قلعي ۽ حاويليءَ جو بنياد رکيائين. اها حاويلي پندرهن ايڪڙن تي پکڙيل هئي. اهو قلعو سن 1088هه/1677ع ۾ تڪميل کي پهتو ۽ ان جي قطعه تاريخ ”عمارت زهي دلکشا“ مان نڪري ٿي. مير سيد يعقوب علي خان رضوي 65 ورهين جي ڄمار ۾ سن 1091هه/1680ع ۾ وفات ڪئي. (مولانا دين محمد وفائي: ”تذڪره مشاهير سنڌ“ - جلد ٽيون، ص 242 کان 244) مير سيد يعقوب علي خان رضويءَ جي تفصيلي احوال لاءِ ڏسو راقم جو ڪتاب ”تذڪره ڪوٽائي سادات روهڙي“ مطبوعه ساهتي ادبي اڪيڊمي، نواب شاهه سنڌ، 1998ع، ص 11 کان 73) (1) ”ديوان مير“، تازو پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسحاق ابڙي جي انگريزي مقدمي سان گڏ، سکر هسٽاريڪل سوسائٽي، سکر سنڌ طرفان سن 2001ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي. (1) راقم پنهنجي شايع ٿيل هن مقالي (ڏسو، ٽماهي ”مهراڻ“ ، نمبر 4 ، سال 1990ع) ۾ اڳ اهو ڄاڻايو هو ته سيد عبدالوهاب شاهه پنهنجي مرشد جي روحاني امانت سيد جان الله شاهه کي ڏني ۽ پنهنجي نيڪ سيرت نياڻيءَ جو پڻ ساڻس عقد ڪرايائين. دراصل، راقم کان اها سهو ٿي ويئي آهي، جنهن غلطيءَ جو ازالو مٿي مضمون جي متن ۾ اختر درگاهيءَ جي تحقيق جي حوالي سان ڪيو ويو آهي. (ڏسو، درگاهي اختر: ”تذڪره جانشاهي“، سکر هسٽاريڪل سوسائٽي، سکر سنڌ، 2001ع، ص 63 ۽ 64)
|
نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
|
|
© Copy Right 2007
|