|
|
سيڪشن؛ شخصيات |
ڪتاب:
مقالات
خانائي |
باب- |
صفحو : 11 |
|
سنڌ جي مردم خيز زمين اُها برڪت ڀرئي ۽ سڀاڳي آهي،
جنهن هر دؤر ۾ وڏا جيد عالم، بزرگ ۽ صاحبِ ڪمال
انسان پيدا ڪيا آهن، جن جي فيض جي پالوٽَ نه صرف
سنڌ اندر محدود رهي، بلڪ سنڌ جون سرحدون لتاڙي،
برصغير جي ٻين علائقن کي پڻ فيض ۽ برڪت سان مالا
مال ڪيو. مخدوم قاضي محمد عاقل، سنڌ جي سرزمين جو
هڪ وڏو جليل القدر بزرگ، صاحبِ ڪمال ۽ بلند پايي
جو عالم ٿي گذريو آهي. قاضي صاحب پنهنجي مرشد جي
حياتيءَ ۾ ئي اعليٰ ۽ بـُـلند مقام تي پهچي چڪو
هو. پاڻ خواجه نور محمد مهارويءَ جو خليفو هو. پنجاب ۾
”چشتيه نظاميه“ سلسلي جي اشاعت ۾ سندس وڏو هٿ هو. سندس فيض ۽ برڪت جي ڪري
چاچڙان، ڪوٽ مٺڻ ۽ احمدپور ۾ ڪيتريون ئي خانقاهون
قائم ٿيون. کانئس ڪيترائي بزرگ ۽ مشائخ، طريقت جي
راهه ۾ فيضياب ٿا. سندس متعلق،
”مناقب المحبوبين“
جو صاحب لکي ٿو:
”هزارها مخلوق از دروازهء ايشان فيض ياب شدند و صدها صاحب خانقاها از
ايشان مبعوث شدند.“(1)
يعني: خدا جي هزارها مخلوق سندس دروازي تان فيض
حاصل ڪيو ۽ سوين خانقاهن جا صاحب وڏي روحاني مرتبي
کي پهتا.
قاضي محمد عاقل جو علمي تبحر، شرع جي پابندي، بزرگانه شفقت،
اخلاق ۽ مروت جي شـُـهرت پري پري تائين هئي. ماڻهو
سندس ڏاڍي عزت ۽ احترام ڪندا هئا ۽ هميشه عقيدت
منديءَ سان پيش ايندا هئا. قاضي صاحب هڪ معزز
”فاروقي“ خاندان هو.
”اردو
دائره معارف اسلاميه“
۾ قاضي محمد عاقل جي خانداني پس منظر جي متعلق اچي
ٿو:
”قاضي محمد عاقل، فاروقي النسب جو هو. سنڌ جي فتح کان پوءِ، جڏهن عرب سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا ته ناصر بن عبدالله بن حضرت عمر رضي الله
تعاليٰ عنه جو پڙ پوٽو، مالڪ بن يحيٰ اسلامي لشڪر سان گڏ سنڌ آيو ۽ سندس
اولاد، سنڌ ۾ مختلف عهدن تي فائز رهندو آيو. سنڌ ۾
رهندڙ عربن کيس پنهنجو سردار ڪري تسليم ڪيو. مالڪ
بن يحيٰ جي ستينءَ پيڙهيءَ مان عيسيٰ بن يوسف فقر
۽ تجريد اختيار ڪئي ۽ ان کان پوءِ سندس اولاد جي
اڪثريت جو رجحان انهيءَ طرف رهيو. عيسيٰ بن يوسف
جي اولاد مان شيخ حسين، ٺٽي ۾ وقت جي حڪومت جي
پاران ڪنهن اهم سرڪاري منصب تي فائز هو. ٺٽي ۾ ان
جا آثار اڃا به موجود آهن. ليڪن، شيخ حسين آخرين
عمر ۾ ان سرڪاري منصب کي ترڪ ڪري، سهروردي سلسلي ۾
بيعت ڪئي ۽ پاڻ
’مخدوم‘ جي لقب سان سڏجڻ لڳو.“(2)
قاضي محمد عاقل جا وڏا، مغلن جي دؤرِ حڪومت ۾ چڱي اثر رسوخ
وارا هئا. وقت جا امير ۽ وزير سندن عزت ڪندا هئا.
ان خاندان مان هڪ بزرگُ مخدوم نورمحمد هو. مـُـغل
بادشاهه شاهجهان جو وزير، ارادت خان سندس مريد هو.
شاهجهان جي هڪ فرمان مان ظاهر ٿئي ٿو ته مخدوم نور
محمد سان بادشاهه جي وڏي عقيدت مندي هئي ۽ کيس
ملتان جي علائقي ۾ واقع
”منگلوٽ“ ۾ پنج هزار ايڪڙ زمين ڏني هئي، جتي سندس
والد مخدوم محمد زڪريا، جهانگير جي دؤر ۾ اچي آباد
ٿيو هو. (3) مرزا محمد اختر پنهنجي ڪتاب
”مناقب
فريدي“ ۾ شهنشاهه اورنگزيب ۽ سندس پوين جا ڪيترائي
فرمان نقل ڪيا آهن، جن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ان
دؤر جي حاڪمن پڻ سندن جاگيرن کي ان ساڳئي نموني ۾
برقرار رکيو ۽ مخدوم نور محمد سان دلي عقيدت جو
اظهار ڪيو. (4)
مخدوم نورمحمد کي ٽي فرزند هئا هرهڪ سلطان مخدوم، مخدوم محمد
يعقوب ۽ حاجي محمد اسحاق. مخدوم يعقوب کي ٻه فرزند
ٿيا. هڪ مخدوم غلام حيدر ۽ ٻيو مخدوم محمد شريف.
مخدوم محمد شريف وڏو مرتاض بزرگ هو. زهد ۽ ورع،
قناعت ۽ توڪل ۾ يگانه روزگار هو. پاڻ عالم باعمل ۽
صاحبِ برڪت هو. مخدوم صاحب
”يارا واليءَ“ ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي سندس ڪيترائي مريد ۽ معتقد ٿيا. (5)
مخدوم قاضي محمد عاقل سنڌي سن 1151هه/1738ع ۾ مخدوم محمد شريف
جي گهر ۾ تولد ٿيو. (6) مخدوم صاحب جو حسب نسب
بيان ڪندي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب لکي ٿو:
”شيخ، عالم، صالح - محمد عاقل بن محمد شريف
بن محمد يعقوب بن نورمحمد زڪريا عمري سنڌي، چشتي
طريقت جو شيخ هو. سنڌي ڳوٺ
’ڪوٽ مٺڻ‘ ۾ ڄائو هو، جو سنڌ ۽ بهاولپور جي سرحد وٽ آهي. ان ڪري کين
’سنڌي‘ سڏيو ويو آهي.“ (7)
مخدوم محمد عاقل جو تعلق
”ڪؤريجا“
قوم سان آهي ۽ اها قوم اڄ به سنڌ ۾ ڪافي انداز ۾
آباد آهي. انهيءَ لحاظ کان مخدوم قاضي محمد عاقل
سرزمين سنڌ جو هڪ املهه گوهر هو.
مخدوم محمد عاقل ننڍڙيءَ ڄمار ۾ ئي قرآن پاڪ حفظ ڪيو ۽ ان سان
گڏ قرآت جي فن ۾ پڻ چڱو خاصو عبور حاصل ڪيو. درسي
ڪتاب پنهنجي والد وٽ پڙهي فراغت حاصل ڪيائين. سندس
والد، مخدوم محمد شريف پنهنجي دؤر جو يڪتاءِ بزرگ
۽ محدثِ دوران هو. (8) مخدوم صاحب پنهنجي والد کان
سواءِ،
شاهه فخرالدين دهلويءَ
۽ خواجه نور محمد مهارويءَ وٽ وڃي باقي علمن جي
تحصيل ڪئي هئي. شاهه فخرالدين دهلويءَ کيس
”شرح عبدالحق“ ۽
”سواءِ
السبيل“ جو درس پڻ ڏنو هو. خواجه نورمحمد مهارويءَ
کان حديث جي فن ۾ سـَـنـَـدَ ورتي هئائين. طالب
العلميءَ جي زماني ۾ مخدوم صاحب جو حافظو ڏاڍو
سـُـٺو هو ۽ هر ڪنهن مسئلي کي حوالن سوڌو برزبان
ياد ڪري ويندو هو.
”تڪمله سيرالاولياء“
وارو صاحب، سندس انهيءَ تبحر علميءَ جي باري لکي
ٿو ته ان زماني ۾ مشرق ۽ مغرب ۾ ظاهري علمن ۾
جهڙُس ٻيو ڪوبه ڪونه هو.(9)
مخدوم محمد عاقل علم جي تحصيل حاصل ڪرڻ کان پوءِ
”ڪوٽ مٺڻ“ ۾ هڪ وڏو ديني علمن جو مدرسو قائم ڪيو، جنهن ۾ پاڻ خود درس ۽
تدريس جو ڪم ڪندو هو.
برصغير هند و پاڪ جي ڪيترن وڏن جيد عالمن کي
گـُـهرائي، ان مدرسي ۾ مـُـدرس ڪري رکيو هئائين.
مدرسي جي خرچ پکي لاءِ هڪ وڏو لنگرخانو قائم ڪيو
هئائين.
”تڪمله سيرالاولياء“
جو صاحب لکي ٿو:
”ان کان پوءِ، پاڻ
’شداني‘ نالي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ وڃي رهيو ۽ اُتي به هڪ مدرسو ۽ لنگر
خانو قائم ڪيائين.“(10)
ان دوران قاضي محمد عاقل ۽ سندس وڏي
ڀاءُ، ميان نور محمد کي باطني علم ۽ تزڪيه نفس
لاءِ دل ۾ ڪنهن ڪامل مرشـد جي تلاش ۽ جستجو پيدا
ٿي. انهيءَ زماني ۾ خواجه نور محمد مهاروي هڪ وڏو
باڪمال بزرگ ۽ حال ۽ قال جو صاحب هو. سندس روحاني
فيض سموري برصغير ۾ جاري هو. مخدوم محمد عاقل جو
وڏو ڀاءُ، ميان نورمحمد اڳ ۾ ئي خواجه نورمحمد جو
مريد ٿي چڪو هو. پاڻ پنهنجي ڀاءُ سان گڏ اُچ شريف
وڃي، خواجه نورمحمد مهارويءَ جي هٿ تي بيعت
ڪيائين. (11) مخدوم صاحب روحاني فيض حاصل ڪرڻ کان
پوءِ سخت مجاهدا ۽ عبادت ڪئي. ذڪر جهر سندس محبوب
مشغلو هو.
خواجه محمدعاقل پنهنجي مرشد خواجه نورمحمد مهارويءَ سان گڏ،
ڪيترائي دفعا پنهنجي ڏاڏا مـُـرشد، خواجه شاهه
فخرالدين جي زيارت لاءِ دهليءَ ويو ۽ وٽانئس ظاهري
۽ باطني فيض حاصل ڪيو. خواجه صاحب پهريون سفر
پيادل ڪيو هو. سندس مرشد جڏهن ان جو سبب دريافت
ڪيو، تڏهن پاڻ جواب ۾ چيائين ته،
”مون خدا سان واعدو ڪيو هو ته شاهه فخرالدين
جي خدمت ۾ پيرين پنڌ ويندس.“(12)
چون ٿا ته خواجه صاحب ٻيو دفعو پڻ دهليءَ جو سفر
ڪيو هو ۽ ساڳيءَ عقيدت ۽ احترام سان شاهه فخرالدين جي خدمت ۾ حاضر ٿي، حاضري
ڀري هئائين.
”مناقب فريدي“ واري صاحب جو قول آهي ته خواجه محمد عاقل انهيءَ ملاقات ۾
شاهه فخرالدين کان روحاني راز، رمزون ۽ تصوف جي
دقيق مسئلن جي سمجهاڻي پـِـرائي هئي.(13) خواجه
صاحب، جڏهن شاهه فخر الدين کان موڪلائي واپس ورڻ
لڳو، تڏهن هـُـن کيس هيءُ چار ڪتاب عنايت ڪيا هئا،
مڪتوبات شيخ عبدالحق گنگوهي، ڪتاب مطول، سواءِ
السبيل ۽ هڪ مجموعو، جنهن ۾ لوائح جامي ۽ شرح
رباعيات جامي شامل هئا.(14)
خواجه محمد عاقل وڏو زاهد، عابد ۽ سير سلوڪ جو صاحب هو. هن
عبادت الاهيءَ ۾ وڏا مجاهدا ڪيا. سندس مجاهدن جي
باري ۾ حافظ محمد جمال جو قول آهي ته ،
”قاضي صاحب جهڙا مجاهدا ٻيو ڪو ورلي بزرگ ڪري
سگهندو.“(15)
خواجه صاحب پنهنجي سموري حياتي ان حالت ۾ پوري
ڪئي. زندگيءَ جي پوئين دؤر ۾، پـِـيريءَ ۽
ڪمزوريءَ جي باوجود ذڪرِ الاهي زور سان ڪندو رهندو
هو. سندس ذڪر جو آواز، پري پري ميلن تائين پهچندو
هو. حاجي نجم الدين پنهنجي ڪتاب
”مناقب المحبوبين“
۾
”اسماءُ الابرار“ جي حوالي سان لکي ٿو ته :
”قاضي صاحب جي ذڪر جو آواز
’مهار‘
کان
’فريد‘ ڳوٺ، جو ٽن ميلن جي مفاصلي تي هو، تائين پهچندو هو.“ (16)
هيءَ دنيا تڪليفن ۽ مصيبتن جو گـَـهرُ آهي. هن دنيا جو
ڪارخانو انسان لاءِ امتحان گاهه آهي، جنهن ۾ انسان
کي صبر ۽ تحمل سان هر ڪنهن مشڪل مسئلي کي حل ڪرڻو
آهي. خواجه محمد عاقل جي وڏي ڀاءُ، قاضي ميان نور
محمد ديري غازي خان ۾ هڪ ٺيڪو کنيو هو. هڪ ڀيري
قاضي صاحب ٺيڪي جي رقم وقت تي ادا ڪري نه سگهيو،
ته شهر جي ناظم اُن تي ڏمرجي خواجه صاحب کي قيد
ڪري ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته پاڻ پنهنجي ڀاءُ جي پاران ضامن
پيل هو. خواجه صاحب پورا نـَوَ مهينا قيد ۾
گذاريا. قيدخاني واري زماني ۾ سمورو وقت عبادت
الاهيءَ ۽ رياضت ۾ گذاريائين. پاڻ اڪثر ڪري هيءُ
شعر چوندو هو:
اگر آن نه
ماه مرا بدست نمي آمد،
شايد از نتيجهء
شغل بي نصيب مي رفتم.(17)
يعني: اگر اهي نـَـوَ مهينا، جي مون قيد ۾ گهاريا، نصيب نه ٿين
ها، ته پوءِ شايد انهيءَ عبادت جي اصل شغل کان
محروم ٿي وڃان ها!
سندس مرشد انهيءَ قيد خاني مان رهائيءَ لاءِ کيس ڪيترائي ماڻهو
موڪليا، ليڪن پاڻ ان سلسلي ۾ مرشد ڏانهن هيءُ
نياپو موڪليندو هو ته:
”برائي خلاص نفس خود عمل کردن حيا دامن گير
مي شــُـد“،(18)
يعني: مون کي پنهنجي شخصي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ
حياءُ ٿي آيو. آخرڪار، پاڻ قيد خاني مان آزاد ٿيو.
خواجه محمدعاقل کي پنهنجي مرشد، خواجه
نورمحمد مهارويءَ خلافت جو خرقو ڍڪايو. خلافت ملڻ
کان پوءِ، کيس سندس مرشد ان
ڳالهه جو تاڪيد ڪيو ته روحاني فيض کي عام ڪيو وڃي،
ته جيئن الله جي مخلوق سڌي رستي سان لڳي ۽ هدايت
جو رستو وٺي، ماڻهو روحانيت جا صاحب بڻجن.
خواجه محمد عاقل جو لنگر شروعاتي زماني
کان ئي جاري هو. طالب، مــُـريد ۽ فقير سڀئي لنگر
مان کائيندا هئا. ليڪن، هڪ دفعي اهڙو وقت به آيو،
جو لنگر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه به نه هو ۽ ڪافي وقت
فاقي ۾ گذريو. پر سندس طالبن، فقيرن ۽ مـُريدن ان
مصيبت کي برداشت ڪيو ۽ ڪڏهن به صبر جو دامن هٿان
نه ڇڏيو. خواجه گل محمد احمد پوري
، جو اُن تنگيءَ جي وقت ۾ سندس خانقاهه
۾ رهندو هو، ان جو قول آهي ته:
”جيڪڏهن ڪجهه ملندو هـُـئن ته لنگر ۾ ڏئي ڇڏيندا هئا ۽ اگر لنگر مان ڪجهه
بچندو هو ته پاڻ کائيندا هئا، نه ته بـُـک ۽ فاقي
۾ رهندا هئا. خواجه صاحب ايستائين ڪجهه به استعمال
نه ڪندا هئا، جيستائين سڀ فقير، طالب ۽ مـُـريد
کائي سير نه ٿيندا هئا.“(19)
خواجه محمد عاقل سنت نبويءَ جي سختيءَ سان پابندي ڪندڙ بزرگ
هو. سندس هميشه اها ئي ڪوشش هوندي هئي ته شرعي
حڪمن تي پوريءَ طرح سان عمل ڪيو وڃي ۽ سنت نبويءَ
جي سختيءَ سان پيروي ڪئي وڃي. پنهنجن فقيرن ۽
مريدن کي ان لاءِ ڏاڍو تاڪيد ڪندو هو. پاڻ فنا في
الرسول واريءَ منزل تي پهتل هو.
”مناقب المحبوبين“
وارو صاحب لکي ٿو ته:
”قاضي صاحب کي وفات کان ٿورو اڳ ۾ حضور سرورِ
ڪائنات نبي ڪريم صلي الله عليه
وسلم جن خواب ۾ فرمايو ته : تـُـو مارا بسيار خوش
کردي که همگين سنتهاي مارا زنده کردي.“(20) يعني: توهان مون کي تمام گهڻو خوش ڪيو
آهي، جو منهنجيءَ سـُـنت کي زنده ڪيو اٿو.
خواجه محمد عاقل وقت جو ڏاڍو پابند
هوندو هو. مغرب جي نماز کان پوءِ، ذڪر جي شغل ۾ مشغول رهندو هو. ان بعد، رات جي ماني کائي، سومهڻيءَ جي
نماز پڙهي، حلقو ڪڍي، مـُـريدن ۽ فقيرن کي وعظ ۽
نصيحت ڪندو هو. هر ڪا نماز اڪثر باجماعت ادا ڪندو
هو. آڌيءَ رات جو وري تهجد جي نماز ادا ڪري، قرآن
پاڪ جي تلاوت ۾ مشغول رهندو هو. طالبن کي ٻنپهرن
جي نماز کان پوءِ، وچينءَ نماز تائين
درس ڏيندو هو. (21) پاڻ نهايت ئي عمدو، نفيس ۽
لطيف قسم جو لباس زيب تن ڪندو هو. سندس قميص سيني
کان هر وقت چاڪ رهندي هئي. مٿي تي ڪـُـلاه قادري
پهريندو هو، پر جڏهن پاڻ ٻاهر ڪنهن سفر تي نڪرندو
هو ته دستار يا لونگي ٻڌندو هو.(22)
خواجه محمد عاقل وڏي بلند اخلاق جو صاحب هو. امير، غريب، پوڙها
۽ جوان سڀ سندس خدمت ۾ حاضر رهندا هئا ۽ پاڻ سڀني
سان هڪ جهڙو برتاءُ ڪندو هو. پاڻ سڀ ڪنهن کي نهايت
خنده پيشانيءَ ۽ محبت سان جواب ڏيندو هو. پنهنجن
مريدن ۽ فقيرن کي هميشه صحيح مذهبي جذبات، خدا تي
توڪل، ڀروسو ۽ هرمشڪل ۾ کانئس مدد وٺڻ جي ترغيب
ڏيندو هو. اڪبر شاهه ثانيءَ شهزادي جهان خسروءَ ۽
ڪائوس شڪوه کي خواجه صاحب جو مريد بڻايو هو. آخري
مغل بادشاهه، بهادر شاهه
”ظفر“
کي به خواجه صاحب سان ڏاڍي عقيدت هوندي هئي. بهادر
شاهه”ظفر“ جو هڪ شعرآهي:
دل فدا کرتي هين نام’فخر
دين‘ پر اي
”ظفر“،
هم هين
’عاقل‘، ربط’عاقل‘ سي دلي رکهتي هين هم.(23)
دنيا ۾ جو گهڙو گـَـهڙيو آهي، سو ضرور هڪ نه هڪ ڏينهن ڀـُـري
ٿو. دنيا فنا جو مقام آهي. ڪئين نبي، ولي، پير،
فقير ۽ شاهه هن دنيا مان لڏي وڃي خاڪ نشين ٿيا.
خبر نه آهي ته هن خاڪ ڪيترن کي کائي کپائي ڇڏيو
آهي. آخرڪار، خواجه محمد عاقل جي حياتيءَ جو ماڻ
ڀرجي آيو ۽ 8- رجب المرجب 1229هه/26- جون 1814ع تي
هن دنيا مان وصال ڪيائين. سندس جسد کي
”شدانيءَ“ مان کڻي
”ڪوٽ مٺڻ“
۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. خواجه گل محمد احمد پوريءَ
سندس وفات جي قطعه تاريخ هن طرح ڪڍي آهي:
دل ز داغِ درد پـُـر سوز و لهب،
جان بلب شد چــُـو سخن گويد بلب.
رفت از دارِ فنا سـُـوئي بـقـــا،
رهبرِ دينِ هديٰ عالي نسب.
مظهرِ نورِ محمد، فخرِ دين،
شه محمد عاقل، محبوب رب.
هادي خلقِ خدا، رفت از جهان،
حسرتا دردا دريغا صد عجب.
آه واويلا و صد افسوس و درد،
کز جهان نورِ جهان شد محتجب.
خم تهي گشت و نمانده صاف درد،
درد باقي بهر مست و مضطرب.
چونکه تاريخ و مهِ سال وصــال،
از دلِ پــُـر درد خود کردم طلب.
سرز جيبِ بيخودي برکرد و گفت،
روز هشتم بود از ماهِ رجب.(24)
1229هه
خواجه محمد عاقل
جي وفات کان پوءِ،
سندس لائق فرزند، خواجه احمد علي سجاده نشين ٿيو.
ميان احمد علي نهايت ئي بلند پايي جو عالم ۽ متقي
بزرگ هو. خواجه محمد سليمان تونسويءَ (المتوفي: 7-
صفرالمظفر 1267هه/ 12- ڊسمبر 1850ع) جهڙو بزرگ
سندس شاگرد هو. پاڻ پنهنجي والد جي نقشِ قدم تي
هلندڙ هو. طبيعت جو سادو، حليم ۽ فطرتاً
خليق هو. 9- شعبان المعظم 1231هه/5- جون 1816 ع تي
وفات ڪيائين. کيس ٻه فرزند ٿيا: هڪ خواجه خدابخش ۽
ٻيو خواجه تاج محمود.
خواجه احمد عليءَ جي وفات کان پوءِ، سندس فرزند خواجه خدابخش گاديءَ تي ويٺو. ٿورو وقت
”ڪوٽ مٺڻ“ ۾ رهيو ۽ پوءِ اُتان لڏي
”چاچڙان“
۾ وڃي سڪونت پذير ٿيو.
”تڪمله سيرالاولياء“ واري صاحب سندس ڪافي ساراهه ڪئي آهي. پاڻ شريعت جو پابند هو ۽
ٻين کي به سنت نبويءَ جي پيروي ڪرڻ جي تلقين ڪندو
رهندو هو. پاڻ اعليٰ درجي جو حڪيم پڻ هو. خواجه
خدا بخش 12- ذوالحج 1269 هه/ 16- سيپٽمبر 1853ع تي
هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. خواجه صاحب کي مولانا
غلام فخرالدين ۽ خواجه غلام فريد نالي ٻه فرزند
ٿيا.
خواجه خدابخش جي وفات کان پوءِ، سندس فرزند مولانا غلام فخرالدين مسند نشين ٿيو. پاڻ متشرع
عالم ۽ قوت حافظي جو صاحب هو. حديث جي فن ۾ کيس
ڪافي عبور حاصل هو. اعليٰ درجي جو شاعر هو. پاڻ
پنهنجي ڪلام ۾
”اوحدي“ تخلص استعمال ڪندو هو. سندس فارسي ڪلام جو
هڪ ديوان يادگار آهي. 5- جمادي الاول 1288هه/ 23-
جولاءِ 1871ع تي رحلت ڪيائين. سندس وفات کان پوءِ،
سندس ننڍو ڀاءُ خواجه غلام فريد (ولادت -26-
ذوالقعد 1261هه/ 26- نومبر 1845ع) سجاده نشين مقرر
ٿيو. پاڻ بلند مرتبي وارو روحانيت جو صاحب هو.
هميشه عشق الاهيءَ ۾ سرشار رهندو هو. سرائڪي زبان
جو قادر الڪلام شاعر ٿي گذريو آهي. هــُـن 6- ربيع
الثاني 1319هه/23- جولاءِ 1901ع تي هـِـن فاني
جهان مان رحلت ڪئي.
*
حوالا
(1) نجم الدين ، حاجي:
”مناقب المحبوبين“
(فارسي)، مطبع محمد حسن،رامپور، 1289هه/ 1872ع، ص
123
(2) سيد محمد امجد الطاف:”اردو دائره معارف اسلاميه“ - ج 19 (اردو)، دانش گاهه پنجاب، لاهور، 1986ع، ص 441
(3) مرزا احمد اختر:
”مناقب
فريدي“ (فارسي)، مطبع احمدي، دهلي، 1314هه/ 1896ع،
ص 46، 47
(4) ايضاً، ص 48
(5) نظامي خليق احمد:
”تاريخ
مشايخ چشت“(اردو)،
ندوهِ المصنفين، دهلي، 1953ع، ص 578
(6) مسعود حسن
”شهاب“:
”اولياءِ بهاول پور“، (اردو)، اردو اڪيڊمي، بهاول پور، ايڊيشن دوم 1984ع، ص 131
(7) قاسمي غلام مصطفيٰ، علامه : ٽماهي
”الرحيم“
حيدرآباد سنڌ، نمبر 3- 4، سال 1967ع،
”مشاهير
سنڌ نمبر“،
ص 74
(8) خواجه گل محمد احمد پوري:
”تکمله
سيرالاولياء“
(فارسي)، مطبع رضوي، دهلي، 1312هه/ 1894ع، ص 139
(9) ايضاً
(10) ايضاً، ص 140
(11) ڏسو حوالو نمبر (5)، ص 582
(12) ڏسو حوالو نمبر (8)، ص 147
(13) ڏسو حوالو نمبر (3)، ص 58
(14) ڏسو حوالو نمبر (1)، ص 121
(15) ڏسو حوالو نمبر (3)، ص 58
(16) ڏسو حوالو نمبر (1)، ص 119
(17) ڏسو حوالو نمبر (8)، ص 149
(18) ايضاً
(19) ڏسو حوالو نمبر(8)، ص 149
(20) ڏسو حوالو نمبر (1)، ص 123
(21) ڏسو حوالو نمبر (8)، ص 142
(22) ايضاً، ص 144
(23) ڏسو حوالو نمبر (5)، ص 591
(24) ڏسو حوالو نمبر (8)، ص 155
*
(ٽماهي
”مهراڻ“ حيدرآباد سنڌ، نمبر 1 سال 1975ع- ســُـڌاريل ۽ وڌايل)
|
نئون
صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
--گذريل صفحو
ٻيا صفحا
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
هوم پيج
-
-
لائبريري
ڪئٽلاگ |
|
|