علامه غلام
مصطفيٰ قاسمي
سنڌ جي سر زمين، هر دؤر ۽ هر زماني ۾ اهڙين تواريخ ساز شخصيتن ۽ بزرگن، وطن
دوست ۽ انسان ذات جو دل ۾ درد رکندڙن کي جنم پئي
ڏنو آهي، جن جي علمي، ادبي، ديني ۽ پرخلوص سياسي
ڪارنامن سبب ڀاڳن ڀريءَ سنڌ جو هميشه ڳاٽ اوچو
رهيو آهي. خاص طرح، گذريل ويهين عيسوي صديءَ اهڙين
مخصوص شخصيتن ۽ هستين کي پيدا ڪيو، جن پنهنجي
پرخلوص جدوجهد ۽ ڪوششن سان نه صرف سنڌ جي تهذيب ۽
تمدن کي قائم ۽ سلامت رکڻ ۾ پنهنجي حياتيءَ جي هڪ
گهڙي به اجائي نه گنوائي، پر سنڌ جي تهذيب ۽ ارتقا
کي دنيا جي ٻين سڌريل، مـُـهذب ۽ متمدن ملڪن جي
درجي تائين رسائڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا ڪوتاهي نه
ڪئي ۽ سنڌ کي سموريءَ دنيا سان گڏ برصغير ۾ پڻ وڏي
عزت ۽ وقعت جي نگاهه سان ڏسڻ جي لائق بڻايو.
ويهين صدي عيسوي نه صرف سنڌ لاءِ، بلڪ پوري دنيا ۾ پنهنجي انفرادي ۽ انوکي
حيثيت جي حامل رهي. هن صديءَ ۾ پراڻيون رسمون ۽
رواج، قدر، ماڻ ۽ ماپا تبديل ٿيا. هڪ نئين راهه
طرف وک وڌائڻ جي شروعات ٿي، جنهن کي جديد ترقيءَ
وارو دؤر تصور ڪيو ويو. هن صديءَ ۾ دنيا ۾ ڪيترائي
وڏا وڏا انقلاب ۽ حادثا رونما ٿيا. دنيا جي تخت تي
ڪيتريون ئي نيون نيون حڪومتون وجود ۾ آيون ۽ ٻين
قومن انهيءَ ڏس ۾ جدوجهد جي شروعات ڪئي. اها ويهين
صدي عيسوي هئي، جنهن ۾ دنيا اندر ٻه وڏيون عظيم ۽
تباهه ڪـُـن جنگيون لڳيون، جن انسانذات کي تباهه ۽
برباد ڪري ڇڏيو ۽ ڪيترن سـُـندر ۽ وسندڙ شهرن ۽
بستين جي نشانن کي مٽائڻ ۾ ڪابه ڪسر باقي نه ڇڏي.
هن صديءَ ۾ تباهه ڪارين ۽ انسانذات جي بي دريغ خون
۽ خرابيءَ سان گڏ، علم ادب جي دنيا ۾ پڻ نظرياتي ۽
فڪريءَ طرح وڏا انقلاب، اصول، قاعدا ۽ قانون وضع
ٿيا ۽ ان ۾ ڪافي انقلابي ۽ فڪري تبديليون رونما
ٿيون. سائنس جي علم پنهنجي ترقيءَ جو معراج حاصل
ڪيو. نوان هنر ۽ ڪيتريون عجيب وَ غريب قسم جون
ايجادون ۽ تجربا عمل ۾ آيا، جن انسانذات جي
زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي وڏو اثر وڌو ۽ انساني
زندگي ان کان تمام گهڻو متاثر ٿي. هن کان اڳ ۾،
ادب ۾ ”ادب برائي ادب“ جو نظريو رائج هو، پر پوءِ
”ادب برائي زندگيءَ“ وارو نظريو عمل ۾ آيو.
تواريخ ۽ سياسي لحاظ کان اهو ويهين صديءَ وارو زمانو، انگريز سامراج جي
غلاميءَ وارو زمانو هو ۽ اهي برصغير تي پوريءَ
طاقت سان قابض هئا. مٿي بيان ڪيل انهن حالتن، جديد
نظرين، لاڙن، فڪرن ۽ اصولن جو برصغير جي ٻين
علائقن وانگر سنڌ تي به نمايان اثر غالب رهيو. سنڌ
اندر، خاص طرح عالمن، اديبن، شاعرن، سياستدانن،
قانوندانن ۽ مذهبي شخصيتن ان ڏس ۾ پاڻ گهڻو موکيو
۽ ان جا اڻ مٽجندڙ نشان اڄ به سنڌ جي تواريخ ۾ ملن
ٿا. اهي سنڌ ۾ عالمگير ۽ همه گير تحريڪن جا باني
مباني هئا ۽ سندن فڪر انگيز ۽ انقلابي تحريرن ۽
انقلابي اصولن جو سنڌ تي وڏو اثر پيو ۽ سنڌ کي
انهن مڙني حالتن مان گذرڻو پيو.
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب انهيءَ ئي ويهين صدي عيسويءَ جي نهايت ئي بلند
مرتبي وارن جيد عالمن، اديبن ۽ دانشورن مان هڪ
آهي، جنهن تي سنڌ جي سرزمين جو ايندڙ نسل بجا طور
فخر ڪندو. علامه صاحب جو وجود سنڌ لاءِ هن قحط
الرجال واري دؤر ۾ وڏي غنيمت آهي. علامه قاسمي
صاحب بلند مرتبي وارو عالم، تفسير ۽ حديث، فقه ۽
ادب، صرف ۽ نحو، معاني ۽ منطق، اصول ۽ فروغ،
تواريخ ۽ لغت جي ميدان ۾ پنهنجي دؤر جي وڏن عالمن
۽ فاضلن ۾ بي مثل ۽ بي نظير آهي. پاڻ سنڌيءَ سان
گڏ عربي، فارسي، اردو ۽ انگريزي زبانن تي ڪافي
عبور رکندڙ آهي. بهرحال، پاڻ هر لحاظ کان جامع
علوم آهي. پاڻ ڪيترين ئي عربي، فارسي ۽ سنڌي بيش
بها ۽ بلند پايه تصنيفن ۽ تاليفن جو صاحب آهي. پاڻ
علم ادب جي هر شعبي ۾ وڏي مهارت رکي ٿو. انهيءَ
چوڻ ۾ڪوبه وڌاءُ نه آهي ته پاڻ ظاهري علم ادب ۽
سنڌ جي تواريخ سان گڏ، اسلامي علمن ۽ فنن جي زنده
جاويد انسائيڪلو پيڊيا آهي.
علامه قاسمي صاحب نهايت ئي شگفته مزاج، خليق، شفيق، مرنجان مرنج، عابد، زاهد
۽ صاف گو شخصيت جو مالڪ آهي. علوم شريعت ۽ طريقت،
تفسير ۽ حديث، تاريخ ۽ ادب جو ڪوبه منجهيل مسئلو
هجي ته پاڻ ان جي هر موضوع تي بي تڪلف ۽ آسانيءَ
سان عالمانه انداز ۾ گفتگو ڪندو آهي، جيڪا ٻڌندڙ
جي ذهن نشين ٿي ويندي آهي. ڪنهن به دقيق مسئلي جي
اسرار ۽ رموز جي سڀني جزن کي اهڙي انداز ۾ بيان
ڪندو آهي، جو ٻڌندڙ کي سجهڻ ۾ بلڪل آساني ٿيندي
آهي.
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جو تعلق، اتر سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي پوئتي
پيل تعلقي ميرو خان سان آهي. سندس جنم پنهنجي
اباڻي ڳوٺ ”رئيس ڀنڀو خان“ ۾ سن 1335هه/ 1916ع ۾
ٿيو. سندس والد بزرگوار جو نالو حافظ محمود خان
هو. پاڻ سنڌ جي قديم ۽ مشهور قبيلي ”چانڊيي“ سان
تعلق رکي ٿو. علامه قاسمي صاحب مروج ابتدائي سنڌي
۽ فارسي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي. ان
کان پوءِ، سنڌ جي وڏن جيد ۽ مشهور عالمن جي مدرسن
۾ ديني علمن ۾ تحصيل ڪيائين ۽ پاڻ مڪمل طرح هڪ
عالم ۽ فاضل بڻيو. سنڌ ۾، علمي فراغت حاصل ڪرڻ کان
پوءِ، برصغير جي مشهور دارالعلوم ديوبند ويو، جتان
ٽن سالن جي عرصي ۾ سڀني ديني خواه دنيوي علمن ۾
جامع فارغ التحصيل ٿيو. ان زماني ۾ ديوبند جو
مدرسو نه صرف ديني علمن جو مرڪز هو، پر سياسي فڪر
۽ آزاديءَ جي جدوجهد جو پڻ هڪ مکيه مرڪز هو.
اهڙيءَ طرح، علامه موصوف فاضل ديوبند، مولوي فاضل
۽ فاضل طب وغيره ۾ به علمي لياقت جو مالڪ بڻيو.
علامه قاسمي صاحب جي والد بزرگوار، حافظ محمود (المتوفي: 1338هه/ 1919ع)
مولانا غلام صديق شهدادڪوٽيءَ، جو پنهنجي زماني جو
وڏو وَلي ڪامل، حال ۽ قال جو صاحب هو ۽ طريقت ۾
”قادري“ طريقي جو مشائخ هو، جي هٿ تي ”قادري“
طريقي ۾ بيعت ڪئي ۽ خلافت جو خرقو حاصل ڪيائين.
جيئن ته قاسمي صاحب جو خانداني طرح طريقت جو سلسلو
”قادري“ هو، ان ڪري پاڻ ديوبند ۾ شاگرديءَ جي
زماني دوران مولانا حسين احمد مدنيءَ کان ”قادري“
طريقت ۾ بيعت ڪري، ظاهري خواه باطني فيض ڪيائين.
علامه قاسمي صاحب دارالعلوم ديوبند ۾، ڪيترن ئي وڏن ناميارن عالمن کان فيض
حاصل ڪيو، جهڙوڪ: حضرت مولانا محمد ابراهيم
بلياوي، شيخ الاسلام مولانا حسين احمد مدني،
مولانا اصغر حسين ۽ مولانا اعزاز علي. اهي سڀئي
عالم پنهنجي وقت جا بلند پايه عالم ۽ درويش صفت
انسان هئا. انهن مڙني بزرگن جو علامه قاسمي صاحب
تي نهايت ئي گهڻو اثر غالب پيو.
علامه قاسمي صاحب ديوبند ۾ تعليم پرائڻ واري عرصي دوران دهليءَ جي مشهور
اوريئنٽل ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ ان ئي وقت علم طب ۾
تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ دهليءَ ۾مولانا حڪيم جميل
الدين نگينويءَ جي مشهور طبي مدرسي ”مدرسه طبيه“ ۾
داخل ٿي وڏيءَ امتيازي حيثيت ۾ مهارت حاصل ڪري،
علم طب ۾ ”حڪيم الحڪماءُ“ جي سند حاصل ڪئي.
اهڙيءَ طرح، علامه قاسمي صاحب هندستان ۾ ٽن ورهين
جي عرصي ۾ مختلف علمن ۾ تعليم پرائڻ کان پوءِ،
پنهنجي وطن سنڌ ۾ موٽي آيو. سنڌ واپس اچڻ کان
پوءِ، ڪجهه عرصو پير جهنڊي ۾ مولانا عبيدالله
سنڌيءَ وٽ قرآن مجيد ۽ فلسفي جو درس ورتائين. پاڻ
شاهه ولي الله جي فلسفي جو تمام وڏو ڄاڻو ۽ ماهر
آهي.
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب سنڌ ۾ درس ۽ تدريس جو سلسلو اختيار ڪيو. پاڻ
سنڌ ۾، ان دؤر جي وڏن ۽ مشهور ديني مدرسن، جهڙوڪ:
”مدرسه درالسعادت“، ”بيت الحڪمت ، پيربخش ڀٽو،
”مدرسه قاسم العلوم، گهوٽڪي“ ۽ ”مدرسه مظهر العلوم
کڏه، ڪراچي“ وغيره ۾ مدرس ۽ شيخ الحديث جي حيثيت ۾
درس ڏيندو رهيو. پاڻ جنهن به مدرسي ۾ رهيو، اتي
سندس حلقه درس ۾ هميشه طالبن جي تمام وڏي جماعت
حاضر رهندي هئي. اهڙيءَ طرح، علامه صاحب پنهنجي
علمي فيض ۽ برڪت سان عالمن ۽ فاضلن جي هڪ وڏي،
جماعت کي علم ۽ فيض جي آخري حد تائين پهچائي،
صاحبِ ڪمال بڻايو. پاڻ اٽڪل سٺ ورهين تائين پنهنجن
شاگردن کي علم جي زيور سان سينگاريندو رهيو آهي.
پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه هڪ وڏو مردم شناس ۽ علم جو پارکو انسان هو. هن
علامه صاحب جي علميت ۽ ذهانت کان متاثر ٿي، 1953ع
۾ کيس سنڌ مسلم ڪاليج، ڪراچيءَ ۾ اسلامي ديني علمن
جو ليڪچرار مقرر ڪرايو، جتي پڻ علامه صاحب پنهنجي
علميت جا ڪافي جوهر ڏيکاريا. سيد غلام مصطفيٰ شاهه
صاحب جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر ٿي
آيو ته علامه صاحب کي سندس علمي، ادبي ۽ ديني
خدمتن جي عيوض اعزازي پروفيسر جو منصب عطا ڪيائين
۽ کيس مختلف شعبن ۾ پي ايڇ. ڊيءَ جو رهبر ۽ رهنما
پڻ مقرر ڪيو ويو. علامه صاحب پاڻ مڪمل طرح هڪ وڏي
اداري جي حيثيت رکي ٿو. سندس رهبريءَ ۽ رهنمائيءَ
هيٺ مختلف شعبن ۾ الڳ الڳ موضوعن تي ڪيترائي شاگرد
پي ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪري چڪا آهن. سنڌ مسلم
ڪاليج، ڪراچيءَ ۾ شاهه ولي الله جي فلسفي تي پاڻ
نهايت مدلل انداز ۾ تقرير ڪندو هو. انهيءَ ئي عرصي
۾ سندس تصحيح ڪيل ڪتاب ”المتانته“ شايع ٿيو هو.
علامه صاحب، فلسفي اسلام شاهه ولي الله جي ڪتاب
”حجته الله البالغته“ کان ڏاڍو متاثر رهيو آهي ۽
ان جي شرح مولانا عبيدالله سنڌيءَ کان حاصل ڪئي
هيائين. علم حديث ۾ ’موطا امام مالڪ‘ کي وڏي ترجيح
ڏيندو آهي ۽ پاڻ ان کان تمام گهڻو متاثر آهي.
علامه قاسمي صاحب 1963ع ۾ شاهه ولي الله اڪيڊمي، حيدرآباد ۾ ڊائريڪٽر مقرر
ٿيو. انهيءَ اڪيڊميءَ جو پاڻ پهريون ڊائريڪٽر ۽
باني آهي. هن اڪيڊميءَ ۾ قاسمي صاحب چاليهارو
ورهيه کن شاهه ولي الله محدث دهلويءَ جي فلسفي کي
عام ڪرڻ ۾ پورا ڪيا ۽ ولي اللهي فلسفي کي سنڌ خواه
پاڪستان ۾ ڦهلائڻ ۾ وڏي جدوجهد ڪئ ي. ازان سواءِ،
هن شاهه ولي الله محدث دهلويءَ جي ڪيترن ئي قيمتي
ڪتابن کي اڪيڊميءَ طرفان ڇپايو ۽ ڪيترن جا سنڌيءَ
۾ ترجما ڪرايا ۽ ڪيا. تازو، سنڌ جي اوقاف کاتي
پاران علامه صاحب جي علمي ۽ ديني خدمتن جي عيوض
کين تاحيات پينشن ڏني وئي آهي. اڪيڊميءَ جي
گوناگون مصروفيتن باوجود، علامه صاحب اتي به
پنهنجن شاگردن کي ديني علمن جو درس ڏيندا رهيا.
علامه قاسمي صاحب شاهه ولي الله اڪيڊميءَ سان گڏ
سنڌ جي قومي اداري، ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو ٻارهن
سالن تائين اعزازي چيئرمن ٿي رهيو. دراصل، اهو دؤر
سنڌ لاءِ تمام ڪٺن دؤر هو. سرڪاري طور سنڌي ادبي
بورڊ کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون جاري هيون، پر علامه
صاحب جي همت، جرئت ۽ بيباڪيءَ سبب سنڌي ادبي بورڊ
سرڪاري عتاب کان بچي ويو ۽ سندس قيادت ۾ سنڌي ادبي
بورڊ پنهنجي ڪتابن جو اشاعتي پروگرام برابر قائم
رکيو.
علامه صاحب جيئن ته سنڌ جي مشهور ۽ قديم ”چانڊيي“ قبيلي مان آهي ۽ خانداني
لحاظ کان سندس ٻولي بلوچڪي/ ٻروچڪي آهي، پر سنڌ ۾
گهڻي زماني کان رهڻ ڪري، سندس سڄو قبيلو بلوچڪي/
ٻروچڪي سان توڙي سرائڪيءَ کان پري رهيو آهي. پاڻ
هن دنيا ۾ ڄمڻ سان ئي پنهنجي مٺڙي امڙ جيجل جي گود
۾ سنڌي ٻوليءَ جي لولي ٻڌائون ۽ ان ئي مٺڙي زبان
کي پنهنجي سعادت سمجهيائون. ان لحاظ کان علامه
صاحب کي سنڌي زبان سان جنون جي حد تائين پيار ۽
انس آهي. سنڌي زبان جي باري ۾، گهڻو وقت اڳ ملتان
جي هڪ علمي مجلس ۾، پنهنجي صدارتي تقرير ۾ هيءُ
رايو پيش ڪيو هئائين ته:
”درياء سنڌ سان گڏ جيترا به علائقا آهن، انهن ۾ ڳالهائي ويندڙ قديم زبان
سنڌي آهي. جيڪو خطو اڄ پاڪستان سڏيو وڃي ٿو، اهو
قديم دؤر ۾ سمورو سنڌ جي نالي سان سڏيو ويندو هو.
مطلب ته انهن مان گهڻين زبانن ۾ محض لهجي جو
اختلاف آهي. ڪن علائقن تي هنديءَ جو ته وري ڪٿي
عربيءَ جو اثر پئجي ويو آهي. جيڪڏهن اڄ به ڪوشش
ڪئي وڃي ته پنجابي، سنڌي، سرائڪي، پوٺوهاري ۽
هندڪو سڀ زبانون هڪ ٿي سگهن ٿيون. بلوچي، دراوڙي
يا پشتو وغيره زبانن جي اهميت به پنهنجيءَ جاءِ تي
آهي. ڪنهن به علائقي جي زبان سان بي انصافي ٿيڻ نه
گهرجي.“
علامه صاحب جي مٿئين تقريري اقتباس مان اهو تاثر ملي ٿو ته کيس سنڌي زبان
سان ڪيتري قدر پيار ۽ انس آهي، ۽ ساڳئي وقت سنڌي
زبان جي قدامت ۽ حيثيت تي به پاڻ واضح نموني ۾ ڄاڻ
ڏني اٿائين. سنڌي زبان سان بي انتها محبت جي
باوجود، پاڪستان جي ٻين زبانن لاءِ به کيس وڏي عزت
۽ عقيدت آهي.
علامه صاحب، پاڪستان ۾ رائج اردو زبان متعلق، انهيءَ ساڳئي موقعي تي پنهنجن
خيالن جو اظهار ڪندي فرمائي ٿو ته:
”اردو جو مقام پنهنجي جاءِ تي مسلم آهي. اها وڏي زبان آهي. سڀ ئي ان جي
حيثيت کي مڃين ٿا ۽ اسان جو گهڻو ديني سرمايو پڻ
اردوءَ ۾ آهي. اردوءَ جا مخالف تمام گهٽ آهن، پر
اردوءَ جي نالي سان ناجائز فائدو وٺڻ مناسب نه
آهي. انهيءَ سان افتراق پيدا ٿئي ٿو، جهڙيءَ طرح
مشرقي پاڪستان ۾ ٿيو.“
ان کان پوءِ، انهيءَ ساڳئي تقرير ۾، علامه صاحب سنڌي زبان جي باري ۾ هڪ اهم
نقطو پيش ڪندي، حديث جي حوالي سان چوي ٿو ته:
”جيتري قدر سنڌي زبان جو تعلق آهي ته منهنجي خيال ۾ گهڻيون زبانون، جهڙوڪ:
پنجابي، هندڪو وغيره کي ان ۾ شامل سمجهي سگهجي ٿو.
مسند احمد بن حنبل رضه ۾ هڪ روايت اچي ٿي ته حضور
صلي الله عليه وسلم جن جي ڪنن مبارڪن تائين به
سنڌي زبان پهتي هئي، جا ان جي قدامت جو هڪ اهم
واضح دليل آهي.“
علامه قاسمي صاحب سنڌي زبان ۽ ادب جي باري ۾، پنهنجي دؤر متعلق ويچار
ونڊيندي چوي ٿو ته:
”منهنجي ابتدائي زندگيءَ جي دؤر ۾، سنڌ اندر اردوءَ جو ايترو وهنوار ڪونه هو
۽ سنڌي ادب ان زماني ۾ وڏي عروج تي هو، جنهن ۾
اڪثر هندو وڌيڪ اڳرا هئا.“
علامه صاحب ان زماني ۾ لاڙڪاڻي ۾ وطن جي آزاديءَ واري تحريڪ جو صدر هو. ان
وقت وٽس جيڪي سنڌي اخبارون اينديون رهنديون هيون،
تن جي مطالعي مان سنڌي ادب جو چڱيءَ ريت اڀياس
ڪيائين. علامه صاحب جو رايو آهي ته:
”ان زماني جو سنڌي ادب، صوفي تحريڪ جو هڪ بهترين مثال چئي سگهجي ٿو. ان کان
پوءِ، وقت گذرندي سنڌي ادب ۾ قوميت ۽ وطن جي
آزاديءَ جي تحريڪ ۽ محبت جو عنصر سڀ کان وڌيڪ
غالب رهيو ۽ ادب تي وقت جي حالتن مطابق ڪجهه
اشتراڪيت جو به اثر رهيو آهي. هن وقت سنڌي ادب
مڙني پاڪستاني زبانن جي ادب کان وڌيڪ عروج تي
آهي.“
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب ادب، ديني ۽ مذهبي، درس ۽ تدريس جي خدمتن سان
گڏ، ملڪي سياست ۾ به ڪافي سرگرم رهيو آهي. پاڻ
”دارالفيض“ ڪــُـور سليمان جي مدرسي ۾ پڙهڻ دوران
عملي طرح سياست ۾ قدم رکيائين. ان کان اڳ جڏهن اڃا
ننڍيءَ عمر جو هو، ته ميروخان جي مشهور مدرسي ۾ ئي
سياست کان واقف ٿيو. هيءُ اِهو زمانو هو، جڏهن
ترڪيءَ جي مسلمان خلافت کي شڪست آئي هئي. انهيءَ
ڪري، برصغير جي مسلمانن ۾ انگريز سامراج خلاف نفرت
پيدا ٿي ۽ سنڌ ۾ ترڪ خلافت کي قائم رکڻ لاءِ
”خلافت تحريڪ“ شروع ٿي. هر طرف کان انگريزن جي
خلاف هڪ وڏو طوفان برپا ٿي ويو. سنڌ جي مسلمانن
پنهنجن سياسي خيالن، جذبن ۽ امنگن کي انگريز سرڪار
جي ڪنن تائين پهچائڻ لاءِ ترڪيءَ جي مسلمان خليفي،
سلطان وحيد الدين جي نالي سنڌي زبان ۾ ”الوحيد“
اخبار جاري ڪئي. دراصل ، ”الوحيد“ سنڌ جي مسلمانن
جو آواز هئي، جنهن نه صرف خلافت تحريڪ کي ڪامياب
بنائڻ لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪيو، پر سنڌ جي
بمبئيءَ کان جدائيءَ واري تحريڪ ۾ به هن اخبار جو
وڏو هٿ هو. انهيءَ دؤر جي انهن سياسي حالتن جو
علامه قاسمي صاحب تي وڏو اثر پيو. پاڻ شاگرديءَ
واري زماني ۾ ئي عملي طرح ملڪي ۽ قومي سياست ۾ حصو
ورتائين ۽ اڄ ڏينهن تائين قوميت جو جذبو دل ۾
رکندو اچي ٿو. پاڻ خلافت تحريڪ جي سرگرم رڪن، پير
تراب علي شاهه کان به گهڻو متاثر ٿيو. پير تراب
علي شاهه پنهنجي وقت جو وڏو عالم، اديب ۽ وڏي
سياسي بصيرت جو مالڪ هو. هن جي صحبت ۽ سياسي
افڪار جو قاسمي صاحب تي وڏو اثر پيو. سنڌ ۾ مسلم
ليگ جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ ۾، جڏهن مولانا صاحب 18-
19 ورهيه جي عمر جو نوجوان هو، ته ان وقت وطن جي
آزاديءَ واري تحريڪ جي جذبي هيٺ ڪانگريس ۾ شموليت
اختيار ڪيائين ۽ تعلقي قمبر جو پريزيڊنٽ چونڊيو
ويو. ان وقت لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪانگريس جو پريزيڊنٽ
، مشهور سماجي ڪارڪن ڪاڪو ڪوڏومل هو. لاڙڪاڻي جو
مشهور شاعر، هوندراج ”دکايل“ پنهنجا آزاديءَ جا
قومي گيت ٺاهي، سياسي جلسن ۾ سـُـريلي آواز سان
پڙهندو هو ۽ اهڙيءَ طرح سان هو قومي آزاديءَ جي
تحريڪ ۾ روح ڦوڪيندو هو. اڳتي هلي، علامه صاحب
لاڙڪاڻي ضلعي ڪانگريس پارٽيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ
منتخب ٿيو.
مولانا قاسمي صاحب وٽ ڪانگريس سان لاڳاپي ۽ پارٽيءَ جي معزز عهدي تي هئڻ
ڪري، سنڌ جون اڪثر مشهور اخبارون اينديون هيون.
هفتيوار اخبار ”طوفان ميل“ ۽ ”الوحيد“ اخبار ۾
سندس مضمون ۽ ليک غلام مصطفيٰ بلوچ جي نالي سان
پوندا هئا. اهڙيءَ طرح، پاڻ جوانيءَ ۾ آزاديءَ جي
ويڙهه ۾ ڀرپور حصو ورتائين. علامه صاحب ڪانگريس
کان سواءِ، ”جميعت العلماء هند“ جي سنڌ واريءَ شاخ
جو سرگرم رڪن هو. ان وقت ”جميعت العلماء هند“ جا
اڪثر مسلمان عالم ڪانگريس سان لاڳاپيل هئا.
جڏهن سنڌ جي ماڻهن بمبئيءَ کان علحدگيءَ جي تحريڪ هلائي، ته ان ۾ به علامه
صاحب پنهنجو نمايان ڪردار ادا ڪيو. انهيءَ سلسلي ۾
اڳتي هلي جڏهن ”سنڌ آزاد“ پارٽي جو وجود عمل ۾
آيو، ته پاڻ سنڌ جي الڳ ٿيڻ تائين ان ۾ برابر حصو
وٺندو رهيو. انهيءَ عرصي ۾ جڏهن فلسطين ۾ عربن جي
مٿان مصيبتون آيون، ته سنڌ جي مسلمانن سخت رد عمل
ظاهر ڪيو ۽ عربن جي مالي خواه اخلاقي مدد لاءِ سنڌ
۾ ”فلسطين امداد ڪاميٽي“ وجود ۾ آئي. هن ڪاميٽيءَ
۾ مولانا صاحب حصو ورتو ۽ ”قنبر“ شهر جو انهيءَ
ڪاميٽيءَ لاءِ ناظم مقرر ٿيو. 1939ع ۾ مولانا
عبيدالله سنڌي جڏهن پنهنجي جلاوطنيءَ جو عرصو پورو
ڪري سنڌ پهتو ۽ هـُـن ان وقت ”جمنا نربدا - سنڌ
ساگر پارٽي“ ٺاهي ته مولانا قاسمي صاحب به ان ۾
شرڪت ڪئي ۽ وطن جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ۾ ڪافي
سرگرم رهيو.
علامه قاسمي صاحب درس ۽ تدريس جي مشغلي سان گڏ، ڪيترن ادارن جي انتظامي
مصروفيتن جي باوجود، تصنيف ۽ تاليف جو وڏو ڪم ڪيو
آهي. پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جو مرتب، مؤلف، مصنف ۽
ناشر رهيو آهي. علامه صاحب پنهنجي سموريءَ حياتيءَ
۾ جيڪي به ڪتاب تصنيف ۽ تاليف ڪيا آهن، اهي پنهنجي
فن جي لحاظ کان بلند مقام رکن ٿا. پاڻ هميشه اجائي
مذهبي بحث مباحثي کان پري رهيو آهي ۽ پنهنجي اعليٰ
دماغ ۽ قلم کي صرف علم ادب، تفسير، تواريخ، سوانح
نگاري ۽ علم لغت تائين محدود رکيو آهي.
پاڻ ڪيترن ڪتابن جو مؤلف ۽ مصنف آهي، جن جو وچور سندس سوانح نگارن وقت به
وقت پنهنجن مضمونن ۾ پئي ڏنو آهي. اهي ڪتاب پنهنجي
جاءِ تي وڏا قيمتي ۽ علم جا ڀنڊار آهن، جن تي وڏي
تحقيق ۽ ڪم جي ضرورت آهي.
ان کان سواءِ، علامه قاسمي صاحب صحافت ۾ به وڏو مقام رکي ٿو. شاهه ولي الله
اڪيڊمي، حيدرآباد جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيڻ بعد،
اڪيڊميءَ طرفان ٽماهي سنڌي رسالو ”الرحيم“ ۽ اردو
رسالو ”الولي“ جاري ڪيائين. بعد ۾ اهي ٻئي رسالا
ماهوار ٿي نڪرندا رهيا. انهن رسالن ذريعي مولانا
صاحب سنڌ جي ديني ادب ۽ سنڌي قوم جي وڏي خدمت
سرانجام ڏني آهي. اهو سندس تبحر علميءَ جو لازوال
مثال آهي. علامه صاحب انهن رسالن جي ذريعي شاهه
ولي الله جي فڪر ۽ نظريي کي سنڌ ۾ عام ڪرڻ ۽ ان کي
سمجهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ۽ ساڳئي وقت ديني
ادب، تواريخ، تهذيبي، تمدني ۽ سياسي مسئلن کي عام
ڪرڻ ۾ اڻ ٿڪ ڪوشش ورتي .پاڻ هڪ سڌارڪ ۽ مصلح جي
حيثيت ۾ سنڌ جي عوام لاءِ وسان ڪين گهٽايو آهي. ان
مان سندس سنڌي زبان سان محبت ۽ حب الوطنيءَ جو بي
مثال ثبوت ملي ٿو. خاص طرح، ”الرحيم“ (سنڌي) رسالي
جا ايڊيٽوريل نوٽ، جيڪي پاڻ ”عرض حال“ جي عنوان
سان لکيا اٿائين، پڙهڻ ۽ دل سان هنڊائڻ لائق آهن.
علامه صاحب، انهن ڪالمن ۾ وقت جي سياسي حالتن،
جابر حاڪمن ۽ سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين تان پردو
کنيو آهي. ان مان اهو بخوبي واضح ٿئي ٿو ته علامه
صاحب صحافت جي فن ۾ به ڪافي دسترس رکندڙ آهي.
علامه قاسمي صاحب کي سنڌ جي صوفين جي سرتاج، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام
سان به وڏي رغبت رهي آهي. پاڻ علمي ۽ ادبي محفلن ۾
شاهه صاحب جي ڪيترن مڻيادار بيتن کي موقعي ۽ مهل
مطابق پيش ڪندو رهندو آهي. شاهه صاحب تي ڪيترائي
قيمتي مقالا ۽ مضمون لکيا اٿائين. ”شاهه جي رسالي“
کي مرتب ڪرڻ ۽ لفظن جي معنيٰ ۽ شرح لکڻ جو به کين
شرف حاصل آهي. اهڙيءَ طرح علامه قاسمي صاحب جي
شخصيت هڪ ”همه گير علميت“ جو درجو رکي ٿي. سندس
شخصيت ۽ وجود مسعود هن دؤر ۾ وڏي نعمت آهي ۽ پاڻ
ويهين صديءَ جي پوري تواريخ جو اهم عالم آهي.(1)
*
|