سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ادب ۽ اديب:

(عجب، هي رشتا ناتا!)

 

صفحو :7

الله آباد جو پروگرام کڻڻ ممڪن نه هو جو هن کان تاريخن پڇڻ تي ياد آيو ته اسان اڳ ئي اهي تاريخون ڪولهاپور ٻوليل هئاسين.

”ياد آيو“ ٿو چوان جو مون ان وقت تائين سڀ پروگرام يادگيريءَ مان هلايا هئا ۽ يادگيريءَ مون کي ڪڏهن دوکو نه ڏنو هو، ها، پروگرام وٺندڙن جي زور بار تي، ان کان پوءِ ٻه دفعا فون تي تاريخون ڊائريءَ ۾ نوٽ ڪيم، ٻه دفعا غلط ! پر ٻئي دفعا رهجي آئي. هڪ دفعو ڪلياڻ ۾ ڀائي همت سنگهه جي ورسيءَ جو پروگرام هڪ تاريخ اڳ لکي ويٺس، ان تاريخ جي اڳئين ڏينهن تي ڇتارام ڀڳت فيلشا هوٽل ۾ هليو آيو، ائين ئي. ڳالهه ڳالهه تي چيائين، ”اڳ ڪنهن پروگرام/ ورسيءَ جو ڀوڳ پنجواڻي صاحب سان پوندو هو، هاڻ  اوهان سان ٿو پوي. مثال طور اسان سڀاڻي ڪلياڻ ۾ پروگرام  ڏينداسين پر ورسي اوهان جي پروگرام سان پوري ٿيندي پرينهن...“ چون چيو، ”اسان جو پروگرام سڀاڻي آهي.“ هن ڊائري ڪڍي تاريخ ڏيکاري، رهجي آئي. نه ته ٻه دفعا وڃڻو پوي ها. ٻئي ڀيري جلگانءُ هڪ ڏينهن اڳ پهتاسين. مکيه آرگنائيزر جيوڻ لال چيو، ”ڀلي آيا. پروگرام اوهان جو سڀاڻي آهي. اَڄ ڏيڻ چاهيو ته مکياري آهيو، پوءِ ٽي راتيون اوهان جو پروگرام رهندو، ڀيٽا اسان ٽن راتين جي ڏينداسين...“ مون هڪ رات جلگانءُ  ۾ ئي آرام ڪرڻ پسند ڪيو. ان چوڪ جو اثر ڪوٽا جي پروگرام تي پيو. اتي هڪ رات پروگرام ڏنو، سو به سويل وارو جو ان ئي رات ڊيلڪس ۾ رات جو ٻارنهين بجي جون بمبئيءَ لاءِ ٽڪيٽون رزروڊ هيون. ڪوٽا وارن کي اڳتي هلي هڪ وڌيڪ پروگرام ڏيڻ  جو واعدو ڪيم ۽ اُهو پورو ڪيم. پر پوءِ هيڪاري ڊائري رکڻ شروع ڪيم، گويا يادگيريءَ جي شڪتيءَ بدران  لکيت کي آزمائڻ چاهيم، ڪا ڀل نه ٿي.

اچنتاڻيءَ دهليءَ ۾ چيو، ”ڏسجو ويٺا دادا، ڪام اکشا اوهان کي گؤهاٽيءَ آڻي ئي رهندي.“

گؤهاٽيءَ کان سڏ پنڌ ٻاهر پرهمپترا ندي وهندي آهي. گؤهاٽيءَ جي ارد گرد ان کي ڪام اکشا سڏيندا آهن. مشهور آهي ته جو ڪام اکشا پار ڪندو آهي، ۽ گؤهاٽي ايندو آهي تنهن کي ڪام اکشا ٻيهر ڪوٺيندي آهي.

ان حساب سان ڪام اکشا جي هڪ ڪوٺ مون ڏانهن باقي آهي، ٻين ڪڪي ته ان کان وڌيڪ شڪتيشالي ڪوٺ تي گهڻو گهڻو دور وڃي چڪي آهي. رهيو اچنتاڻي به ناهي... خير...

اَچنتاڻيءَ جي زور بار تي اسان چار دفعا  گؤهاٽيءَ وياسين – الله آباد وارو ٽڻ نه بيٺو، پوءِ به ڪن مهنن اندر اسان گؤهاٽيءَ وياسين ئي. ڪلڪتي ۾ هڪ ئي وقت سنڌو ڪلامندر جي وڏن ناٽڪن جو اوتسؤ هو، ڪلاڪار منڊل جو پروگرام به هو ۽ منهنجو سنمان به هو. يوٿ ائسوسيئيشن اها پرمپرا ٺاهي ڇڏي هئي ته هر ساهتيه اڪادمي انعام کٽندڙ کي گهرائي هن جو سنمان به ڪندا هئا ۽ هن کي روڪ رقم به ڏيندا هئا، ڳوٿريءَ ۾ يا لفافي ۾. ٻه سال اڳ ايڪانڪين جي چٽاڀيٽيءَ ڀيري هنن ڪرشن راهي ۽ گني سامتاڻيءَ جو سنمان ڪندي ئي پڌرائي ڪئي هئي ته ”مالهيءَ کي ساهتيه اڪادمي انعام ملي نه ملي، هن جو سنمان اڪادمي انعام کٽندڙن جهڙو ڪنداسين.“ مون کي انعام مليو، مون کان پوءِ لال پشپ کي مليو ۽ اسان ٻنهي جو سنمان  منگهارام ملڪاڻي، ملڪاڻي صاحب هٿان ڪرارايائون ۽ پنج پنج سؤ روڪ به ڏنائون، ان زماني پنج سئو جي قيمت اڄ کان گهڻو گهڻو وڌيڪ هئي. تڏهن جو اڪادمي اوارڊ پنج هزار به اڄ جي پنجويهن هزارن جي انعام کان وڌيڪ ملهائتو هو. مون لاءِ ته اهو چال ڇڏي، ننڍي هڪ روم واري فلئٽ وٺڻ ۾ واهرو ٿيو هو.

اچنتاڻي اسان جي ڪلڪتي پهچڻ کان اڳ ڪلڪتي اچي پهتو هو. اسان جو بندوبست ڪنهن سنڌيت جي شيدائيءَ اڳ ئي پنهنجي گهر ڪيو هو، اچنتاڻيءَ ڪنهن ٻئي متر وٽ هلي رهڻ لاءِ چيو؛ اسان هيڪاري اچنتاڻي کي پاڻ سان رهايو.  سڀ ڪلاڪار هن سان گوهاٽيءَ وياسين – پروگرام به ڏنوسين، کاڌو سين پيتوسين ۽ گهمياسين ڦرياسين. مون لاءِ ولائتي بيئر جا دٻا فرج ۾ پيا ئي هئا. گوهاٽيءَ ٻيهر اچنتاڻيءَ سان الله آباد جي پروگرام بعد وياسين، اڳ شاديءَ جو پروگرام نه کڻي سگهيا هئاسين، هاڻ ساڳيءَ پارٽي جو ايوان اندر مندر اسٿاپن ڪرڻ جي مهورت جو پروگرام هو – ٽيهر (صحيح معنى ۾ چوٿون ڀيرو)  بنارس ۽ لڪتي وچ ۾ پروگرام ۾ ڪن ڏينهن جي وٿيءَ ڪري ڪلاڪارن سميت گوهاٽيءَ وياسين. ديديءَ سان ريس پڄائيندي اچنتاڻيءَ مون کي ۽ ڪڪيءَ کي ٻين ڪلاڪارن کان هڪ ڏينهن پوءِ هوائي جهاز ۾ اماڻيو. ان ڏينهن بارش زور سان پيئي هئي. مون کي اونو هو ته هوائي جهاز نه رد ٿي وڃي. پروگرام تي نه پهچڻ جي آنڌ مانڌ مون کي بيحد ستايو.  پر ٻه ڪلاڪ ليٽ سهين، هوائي جهاز ڇٽو ۽ ڪلڪتي ۾ پت رهجي آئي. ڪلڪتي ۾ به رستا پاڻيءَ سان ڀريل هئا ۽ لکمي کلاڻيءَ ذري گهٽ گوڏي جيڏي پاڻيءَ مان ڪار هلائي پنهنجي گهر آندو هو. سي. ارجن نائيٽ ڀيري ته آرڪيسٽرا  فلمي دنيا جي هئي، صرف مان ۽ ڪڪي ويا هئاسين. رهڻ جو بندوبست اچنتاڻيءَ پنهنجي پر اسان جي به واقف سڄڻ وٽ ڪيو هو. اتان ئي گوهاٽيءَ وٺي هليو هو هوائي جهاز ۾ ۽ هوائي جهاز ۾ ئي هفتي بعد ڇڏڻ آيو هو. اتان اسان ڪلڪتي ميل ۾ واپس بمبئيءَ پهتا هئاسين. ۽ ان حساب سان هڪ ڀيرو واپس ڪام اکشا پار ڪرڻ رهجي ويو. ڪلڪتي پوءِ به هڪ ڀيرو اچنتاڻيءَ  جي جيئري وياسين، ڪلڪتي ۾ ڀڳونتي ناواڻي نائيٽ جي سچ پچ ملهائجڻ  جي سلسلي ۾، اچنتاڻي ڪلڪتي آيو ۽ اتان اسان سان گڏ بمبئيءَ هليو آيو. اچنتاڻي سڀيئي ڀيرا گوهاٽيءَ ۾ سڪ پيار، آدرستڪار مهماننوازيءَ  ۽ خاطرداريءَ ۾ ڪا ڪسر باقي نه ڇڏي، ڪن حالتن ۾ هو ديديءَ کان به ان ۾ گوءِ کڻي ويو.

اسان ڪلڪتي مان اچنتاڻيءَ سان گڏ گوهاٽيءَ نه وڃي هيڪاري هن کي ساڻ ڪري بمبئيءَ هليا آياسين جو بمبئيءَ ۾ سريمد ڀڳوت گيتا جي ڪئسيٽن جي رڪارڊنگ لاءِ اسٽوڊيو اڳ ئي بڪ ٿيل هو – اهو چوڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو ته ڪلڪتي وڃڻ ڪري اها رڪارڊنگ اسان اڌ ۾ ڇڏي هئي، ۽ جڏهن ڪئسيٽن جي رڪارڊنگ جو ذڪر نڪتو آهي، سهج سڀاءَ تي سڀاويڪ ڪئسيٽن جي جڳت ۾ ڪڪيءَ جي گهڙڻ ۽ مقبول ٿيڻ جي پيرائتي ڳالهه ٿو ڪريان.

هيءَ گيتا جي رڪارڊنگ جي ڳالهه 1985ع جي آهي، ڪڪيءَ ڪئسيٽ جڳت ۾ پرويش 1977ع ۾ ڪيو. ۽ اهو به محض اتفاق هو. جئن زندگيءَ جي ڪنهن به وجهه لاءِ مون پنهنجي لاءِ ڪنهن کي به نه چيو تئن ڪڪيءَ کي ڪٿي به وجهه ڏيڻ لاءِ به مون ڪنهن کي سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ ريت ڪڏهن به نه چيو، ڪڪي مون کان وڌيڪ رضا ٿي راضي رهندڙ هئي، ڪنهن به خواهش تنهن ۾ به ائمبيشن کان بنهه آجي هئي. هڪ گهڻگهرو پاڻ کان پاڻهي مووڪ ڪمپنيءَ جي رڪارڊنگ مئنيجر هڪ بنگاليءَ چوڌريءَ سان ڪڪيءَ جي آواز جي ساراهه ڪري آيو. ان زماني ۾ گرئموفون  ڪمپني جي هڪ هٽي واري تکيءَ، پابنديءَ ۽ بي رخيءَ واري روش کان گهڻا هنديءَ جا گيتڪار-  گائڪ – سنگيتڪار ناراض ٿي ڪئسيٽ جڳت، خاص طور مووڪ ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽر جين جي اردگرد چڪر ڪاٽڻ لڳا هئا ۽چؤڌري هنديءَ سان گڏ ڪن ريجنل ڀاشائن جي ڪئسيٽن جي حق ۾ به هو، هن مون کي به ڪانٽئڪٽ ڪيو ۽ گهر اچي بلڪل سولي سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ چيو، ”ٻڌو اٿم، اوهان سنڌي ڪلچر، خاص طور سنڌي سنگيت جي بچاءَ ۽ ڦهلاءَ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهيو، اوهان وٽ هڪ بيجوڙ آواز به آهي جو اوهان جي ڪاريه ۾ واهرو به ٿي رهيو آهي ته وڌيڪ ڪاريه لاءِ اتساه به ڏيئي رهيو آهي، ۽ اها نامور ڪلاڪار اوهان جي صحبت ۽ اثر هيٺ سنڌي ڪلچر جي بچاءَ لاءِ تڪليفن ۽ دقتن جي پرواه نه ڪري تتيءَ ٿڌيءَ اوهان جو ساٿ ڏيندي آهي، ڪو وقت اچي اوهان عمر وڌڻ تي گهڻو گهمي ڦري نه سگهو ۽ اها گائڪا پنهنجو آواز عمر ڀر سلامت نه به رکي سگهي – پوءِ ڇا، اهو آواز خاموش ٿيڻ ڏيندا؟ ماڊرن يگه ۾ ماڊرن ساڌنن سان اهو سنگيت جي بچاءَ ۽ ڦهلاءَ جو سلسلو هاڻيئي ڇو ڪين ٿا شروع ڪريو؟- ڪئسيٽ جڳت ۾ اچو في الحال ٻه ڪئيسٽون ڀرايو. منهنجي ڪمپني گرئموفون ڪمپنيءَ جيان راضي ٿي ته سمجهجو اوهان جي ڪاريه جي آئينده جو بار منهنجو ٿيو....“

۽ رتوڪ گهٽڪ، جنهن هندي ڪلچرل جڳت مان ڌڪي مون کي ڪڪيءَ، ايسو ۽ مدن کي سنڌي جڳت سان نباهڻ جو آديش ڏنو هو، سو تازو سرير ڇڏي چڪو هو ۽ چوڌري به هن جيان بنگالي هو. مون ائين محسوس ڪيو، زبان چؤڌريءَ جي آهي، ويچار رتوڪ گهٽڪ جا آهن. مون لنبو ڀاشڻ چپ چاپ ٻڌو ۽ چيو، ”ڀل رڪارڊنگ جون تاريخون طيءَ ڪريو. ٻن ڪئسيٽن لاءِ ٽي ڏينهن بڪ ڪريو. سنگيتڪار ۽ سازيندڙن جو بندوبست مان ڪندس، سنگيتڪار ۽ سازيندڙن کي لوازمو ڏيڻ سان گڏ ڀڳونتيءَ کي به واجبي اجورو ڏجو.“ هن چيو، ٿئنڪ يو، مالهي صاحب جي.“

مون شام جو ڪڪيءَ سان ڳالهه ڪئي، هن چيو، ”سو هاڻ اوهان مون کي مئي پڄاڻا به زنده رکڻ ٿا چاهيو.“

مون چيو،سوار ٿي آهيان. توسان گڏ مان به زنده رهڻ ٿو چاهيان.“

 ”اوهان پنهنجي رچنائن معرفت مئي پڄاڻا زنده رهندا ئي.“

مون کي شرارت سجهي. چيم، ”موتيلال بٽاڻيءَ جو رايو ڪونه پڙهيو اٿيئي، منهنجي وڏي ۾ وڏي ۽ جيئري جاڳندي رچنا تون آهين...“

هن جي اکين ۾ شرارتي چمڪ آڻي چيو، ”ان ۾ ڪو شڪ اٿوَ؟“

۽ مون ٻن ڪئسيٽن لاءِ بهترين مذاقي گيت، ساکيون ۽ لاڏو، ڀڄن ۽ ڪلام چونڊيا، سنڌي سنگيت جي ۽ وسعت ۽ گوان گونيت خيال ۾ رکي ۽ رام پنجواڻيءَ لاءِ جي ووڪل ڪلچر جي سلسلي ۾ اهميت واضع ڪرڻ لاءِ پهرين ڪئسيٽ جي شروعات پنجواڻيءَ جي ڀڄن ”آيس تنهنجي دئار داتا“ سان ۽ ٻئي ڪئسيٽ جي پڇاڙي پلئه کان اڳ پنجواڻي صاحب جي ڀڄن، ”جهولي جهولي جهولي لال“ سان ڪرڻ جي  رٿا ٿي. رڪارڊنگ به ٽن ڏينهن لاءِ هن نموني طيءِ ڪئي. پهرئين ڏينهن ساکيون، لاڏو ۽ مذاقي گيت، ٻئين ڏينهن ڪلام ۾ ٽئين ڏينهن ڀڄن. اتفاق اهو ٿيو جو رڪارڊنگ 1-2-3 فيبروريءَ تي رکجي ويئي. وچ واري گهڻ گهري چؤڌريءَ کي ٻڌايو ته 1 فيبروري ڪڪيءَ جو جنم دن آهي. چؤڌريءَ وري چندرا اسٽوڊيو جي مالڪ ابيچنداڻي کي ٻڌايو. رڪارڊنگ شروع ٿيڻ کان اڳ چؤڌري مووڪ ڪمپنيءَ طرفان شاهي گلدستو ڪڪيءَ کي ڀيٽ ڪيو ۽ ابيچنداڻيءَ اڳ گهرايل وڏو ڪيڪ ڪڪيءَ کان ڪٽارايو، بي اختيار سازيندڙن ڌن وڄائي ۽ سنگيتڪار نارائڻ شيام ۽ ڪلاڪارن ڳاتو:- ” هئپي برٿ ٽو يوُ.“ ڪڪيءَ کي پنجابي ڊريس پيل هئي، ڊپٽو مٿي تي رکي، هٿ جوڙي مون اڳيان نمي چيو، ”آسيس ڪريو“ مون به هن جي مٿي تي هٿ رکي چيو، ”شل تنهنجو اواز عمر ڀر توسان ساٿ ڏئي.“ابيچنداڻيءَ چيو، هن جو آواز ته هن جي مئي پڄاڻا به سلامت رهندو.“ هن جي آواز کي مئي پڄاڻا ڪئسيٽن ۾ سلامت رکڻ جي شروعات ان طرح ٿي، پهرئين ڏينهن جي رڪارڊنگ بيحد سٺي.

۽ ٻئي ڏينهن صبوح جو ڇهين بجي....

پنهنجي گهر ٽيليفون جي گهنٽي تي اٿي ”هلو“ ڪيم ته ڪڪيءَ جو گهگهو ۽ پريشان آواز آيو. ”منهنجو گلو خراب آهي، رڪارڊنگ ڪئنسل ڪريو نه.“

مان مونجهاري ۾ اچي ويس، سڄو ڏينهن سانده ڳائڻ تي هن جو گلو گهگهو ٿي ويو هو.

مون کي ڪو جواب نه ڏيندو چيائين، ” چڱو، هيئن ڪريو ديويءَ کان پڇي ٻڌايو ته گلي جي هڪدم ٺيڪ ٿيڻ لاءِ ڇا ڪريان؟“

سالها اڳ ناگپور ۾ ڪنور رام جي ورسيءَ ۾ آواز خراب ۽ ٺيڪ ٿيڻ جي ڏهن سالن بعد ڪنور رام جي ورسين جي دؤران ۾ ئي هن جو آوز وري خرب ٿيو هو، جيئن تيئن ڪري ڪورس گيتن ۽ دوگانن سان، بنيادي ريت هن جي پنهنجي همٿ سان چار پروگرام نباهيا هئا – احمد آباد ۽ بڙودي ۾. بمبئيءَ پهچي هن منهنجي پتني ديويءَ کي فون ڪئي هئي، هن کي اڳ ئي خبر پئجي چڪي هئي ته منهنجي ڏاڏيءَ کان ٻڌل ڏس ۽ نسخا هوءَ ڪڏهن ڪڏهن آزمائيندي هئي. هن چيس، ”املداس جو چاٽو آزماءِ، سنڌ ۾ املداس طبيب ڇاتيءَ ۾ بلغم جي ٻڌجي وڃن تي ڏيندو هو.“ ڪڪيءَ مون کان پڇيو، ”املداس جو چاٽو ڇا ٿيندو آهي؟“ مون چيو، ”ڪنهن ٻڌايئه؟“ چيائين، ”اها ڳالهه ڇڏيو، اوچيرام پساريءَ وٽ ضرور هوندو، هينئر جو هينئر وٺي اچو.“

مان اوچيرام پساريءَ وٽ ويس، هوميو پتي دوائن جو ڪو اثر هن جي گلي تي نه ٿيو هو، ان ڀيري، اوچيرام جو ڪروڙوڍ وارث ويٺو هو، سڃاڻندو هو مون کي، چيائين، ”چاٽو اُلهاسنگر ۾ ڪنهن حڪيم کان مليئي ته مليئي، بمبئيءَ ۾ خراب گلي ۽ ڇاتيءَ لاءِ هيءُ علاج هلندو آهي.“  هڪ ڏندڻ جيتري سنهي ڪاري لٺ ٿمائي چيائين، جنهن لاءِ کپيئي ٿوري ٿوري ذري چوسائينس. ياد رک گجراتي پساري هن کي چوندا آهن. ”جيري ڪا سيرا.“

”جيري جو سيرو“ ڪڪيءَ کي سالن جا سال چڱو ڀاءِ پيو. پاڻ ئي ٻڌايائين ته اهو ڏس هن کي ديويءَ ڏنو هو.

مون فون تي ياد ڏياريومانس، ”جيري جو سيرو.....“

هن اڌ ۾ ڪٽي ويچارن جهڙي آواز ۾ چيو، ”اهو اثر نٿو ڪري...“

ديوي معاملو سمجهي منهنجي ڀرسان اچي بيٺي هئي، مون فون جو چوغو هن جي هٿ ۾ ٿمائي چيو، ”ڪڪي آهي، گلو خراب اٿس، ڪو نئون نسخو ٻڌائينس. رڪارڊنگ ڪئنسل نه ٿئي ته سٺو، مووڪ وارن تي خراب اثر ويهندو.“ ديويءَ چيو، ”ٻڌ ڪڪي، مان حاذق حڪيمياڻي ته ڪانه آهيان، سو وڏيءَ کان ٻڌل نسخو ٿي ٻڌايانءِ، لاڏن ڳائيندي منهنجيءَ نڻان جو آواز خراب ٿيو هو هڪ ڀيري- منهنجي وڏيءَ سس چيس، ”لوڻ پاڻيءَ جون گرڙيون ڪر ۽ گرم کير ۾ هيڊ چپٽي وجهي پيءُ.“ هن جو گلو ٺيڪ ٿي ويو، تون به ائين ڪري ڏس. پير کان وڏو اٿيئي ويساه....“

مان عجيب رشتن ناتن جي عجيب ڳنڍ تي حيران هوس – دادن، ديوي، ڪڪي.

۽ پير کان ويسهه وڏو ئي نڪتو. ڪڪيءَ اسٽوڊيو ۾ پهچي چيو، ”گهڻو گهڻو فائدو آهي. ڪلامن بدران ڀڄن رڪارڊ ڪرايو اڄ. پهرين ڪو ڪورس وارو ڀڄن کڻو....“

مون اسٽوڊيو جي مالڪ – رڪارڊسٽ چندرا کي چيو، ”ڪڪيءَ جو آواز ٿڪل آهي، اڄ ڀڄن ٿا وٺون.“

هو ضد تي چيائين، ”ڀڳونتيءَ جي آواز کي مان سڃاڻي ويو آهيان، جيترو ڳائيندي اوترو هن جو گلو کلندو، پهرين ڀل ڪو سؤلو ڪلام چونڊ....“

ڪڪيءَ به توڪل جو ترهو ٻڌي، باٽل ۾ آندل هيڊ چپٽيءَ  وارو کير اڌ گلاس کن وري پيتو ۽ شروع ٿي ويئي. ڪنهن کي سمڪ نه پيئي ته هن جو صبوح سوير تائين گلو خراب هو! اڳ اسٽيج هن سان اؤکي ۾ رهائيندي آئي هئي، اڄ اسٽوڊيو ۾ به هن جي رهجي آئي.

گرئموفون ڪمپنيءَ جي اعتراض وٺن جي انديشي کان پهرين ڪئسيٽ سينگاپور مان رليز ٿي جتي ڪاپي رائيٽ ۽ مناپليءَ کي قانوني طور ڪا معنى ڪانهي.

پوءِ جين همٿ رکي ٻئي ڪئسيٽون بمبئيءَ مان رليز ڪيون. چڱي ڌوممتي ٻنهي ڪئسيٽن جي، هڪ ۾ مذاقي گيت هئا ۽ ڀڄن؛ ٻيءَ ۾ مکيه ريت ڪلام هئا، دمادم مست قلندر ۽ جهولي لال جو ترانو ۽ پلئه.

مون سترام روهڙا کي به انهن ڪئسيٽن ۾ ڳائڻ جي آڇ ڪئي هئي. هو منچ تي اتفاق سان ايندو هو، باقي گرئموفون رڪارڊن ۽ ريديو لاءِ ڳائيندو هو،  فلمي جڳت مان وقت ڪڍي. هو ڪئسيٽن ۾ ڳائڻ لاءِ راضي نه ٿيو – ” گرئموفون ڪمپني ناراض ٿيندي.“ جتي مون کي به انديشو هو ته گرئموفون ڪمپني ڪڪيءَ تي به ڪو قدم کڻندي ۽/ يا هن جو بائڪاٽ ڪندي تتي گرئموفون ڪمپني به ڪڪيءَ جو آواز رڪارڊن لاءِ ڪتب آڻيندي رهي. مرلي منوهر سروپ چيو، ”مالهي جي، جيستائين مان رڪارڊنگ مئنيجر آهيان تيستائين ڀڳونتي جي تي ڪمپني ڪو قدم نه کڻندي.“ اهو هو ڪڪيءَ جي لوڪ پريتا جو پرتاپ.

ان پرتاب جو اهو به اثر رهيو ته ان بعد گرئموفون ڪمپنيءَ جيڪي ٿورا ايل. پي. رڪارڊ ڪڍيا تن ۾ ڪڪيءَ جو آواز هوئي.

1978ع ۾ ٻه دفعا وديش ياترا ڪئي سين – جولاءِ آگسٽ ۾ جپان ۽ هناگ ڪانگ ۽ نومبر ۾ گرونانڪ جنم اُتسئو لاءِ دبئيءَ اڳ 1970ع ۾ به ويا هئاسين. 1981ع وري دور  پورب ۽ 1986ع ۾ يورپ ياترا ڪئي – انهن وديشي ياترائن جو سربستو احوال زندگي رهي ته الڳ ڪندس. هت اهو چوڻ ڪافي آهي ته سنڌ – هند کان ٻاهر سنڌيت ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ چاهه گهڻو گهڻو وڌيڪ آهي. وديش ۾ اهي سنڌين جي نجي ۽ نرالي سڃاڻپ جا نشان آهن ۽ وديش ۾ سنڌين وچ ۾ ڀائيچارو به وڌيل آهي، سندن گڏيل سوشل لائيف به آهي ته هڪ ٻئي کي اوکي سوکيءَ ڪتب به ايندا آهن – البت ڌنڌي ۾ چٽا ڀيٽي ۽ چڙهت دخل انداز ضرور آهي پر حسد ۽ ساڙ پچ گهڻو گهڻو گهٽ ۽ صرف ڌنڌي تائين محدود آهي.

ڪئسيٽ جڳت ۾ انڊيا بوڪ هائوس وارا وڏي پئماني تي گهڙيا، هنن ڪئسيٽن ڪڍڻ لاءِ الڳ ڊپارٽمينٽ کوليو، چئجي ٽريد نيم ميدان ۾ آندو- امر ناد. ان جو انچارج هرگوبند ميرچنداڻي شاستريه سنگيت کي سلامت رکڻ جي حق ۾ هو ۽ هن سنڌيءَ ۾ به جيڪي ڪئسيٽون ڪڍيون تن ۾ لوڪ سنگيت نه هو، مگر ڪمپنيءَ جي آرٿڪ نوازن لاءِ لوڪپريه گائڪن گائڪائڻ طرف نهارڻ پيو، سڀاويڪ هو ته هو ڪڪيءَ ۽ هن جي ڪري مون ڏانهن متوج ٿئي. مون سنگيتڪار طرو سي. لکميچند کنيو. سنڌي سنگيت جڳت ۾ هيءَ ٽه مورتي به ياد رهندي – گائڪا، سنگيتڪار ۽ پيش ڪندڙ. مون امرناد طرفان سنڌي سنگيت جي وئرائٽيءَ  جا هڪ ٻئي پٺيان چار ڪئسيت ڪڍيا. ان بعد مون کي سکمني سنگيت ۾ رڪارد ڪرڻ جو ويچار آيو، شايد ديديءَ سان امرتسر ڏسي اچڻ جو من ئي من ۾ زنده اثر هو اهو. سي. لکميچند جي محنت، ڪڪيءَ جي آواز ۽ ضيا صاحب جي سليس سنگيت ميٽر واري انواد واقعي سنڌي جڳت کي امر سوغات ڏني، سکمني ڪئسيٽن جي روپ ۾، نؤجوان رميش ٽنئوراڻي جي پتا جي جئه هند اليڪٽرانڪس معرفت گهڻي ۾ گهڻا رڪارڊ وڪامندا هئا. رميش جو ڌيان ڪئسيٽن طرف کڄيو ۽ هن به سنڌيءَ ۾ ڪئسيٽن جي شروعات ڪڪيءَ سان ڪئي. مان امرناد سان گڏ ٻيءَ ڪمپنيءَ سان جڙڻ جي حق ۾ ڏاڍو دير سان مڙيس – سو به ڪڪيءَ جي وقت به وقت جوان جي سانده چاهنا ۽ ڀيرن ڀرڻ تي، جئه هند اليڪٽرانڪس سان ناتو جوڙيو ۽ نباهيو. هن ڀيري مون پهرين چار ڪئسيٽ طيءِ ڪيا. ڀڄنن جو، لاڏن جو، ڪلامن جو ۽ ڊسڪو گيتن جو. ڪڪيءَ ۽ منهنجي اَٽوٽ سهڪار جي دائري ۾ لکميچند به هم شريڪ بڻيو رهيو. ميرچنداڻيءَ جيان رميش به گيتن جي چونڊ ۽ ڪئسيٽن جي ترتيب لاءِ مون کي هر طرح خودمختيار ڇڏيو.

 ۽ گيتا، سکمنيءَ جهڙي ۽ جيتري ڪامياب نه رهي، مون کي هڪ ڪارڻ سجهيو؛ سنڌين ۾ گرواڻي گيتا کان وڌيڪ لوڪپريه آهي، گرن ۾ سنڌين جو صدق سلامت رهندو آيو آهي. لکميچند کي ٻيو ڪارڻ سمجهيو، ضياء دلگير کان وڌيڪ سليس به آهي ۽ سنگيت ميٽر سان نباهيندڙ آهي.

سکمني سک سان پوري ٿي، گيتا جي رڪارڊنگ شروع ٿي ته ڪڪي جس لوڪ ۾ داخل ٿي.....

ڪڪيءَ جي جس لوڪ داخل ٿيڻ کان اڳ، درحقيقت امر ناد وٽان پهرين ڪئسيٽ لاءِ تاريخن طيءِ ٿيڻ جي دؤران ۾  منهنجي پتني، ديوي راهه رباني وٺي رمندي رهي. عجيب رشتن ناتن جي عجيب زنجير جي پهرين ڪڙي ٽٽي پيئي، تنهن بعد ٽٽڻ جو گويا سلسلو شروع ٿي ويو.

ويجهڙائيءَ ۾ هڪ وديشي مدبر جو انڀؤ انگريزيءَ ۾ پڙهيم.

Building of Nationalsim gets erected on Domestic ruins.

”گهرو جيون جي کنڊرن تي قومي/ جاتي جيون جي شاهي عمارت اڏبي آهي.“ هر ديش جي ڪيترن وڏن اڳواڻن جي گهرو جيون قوميت جي ويديءَ تي سواهه ٿي ويندي آهي. ان ۾ ڪو شڪنه آهي ته مان شاديءَ کان اڳ ئي، درحقيقت ننڍپڻ کان گهر کان ٻاهر مشغول رهيو آهيان. ڀارت ۾ اچڻ بعد جئن پوءِ تئين مون گهر ۾ ۽ گهر وارن سان ٿورا، اڃا ٿورا پل ڪاٽيا آهن، تن مان به گهڻا آرام ۽ لکڻ پرهڻ بلي ڏنا آهن. پوءِ به منهنجو گهر کنڊهر نه، آدرشي ۽ گهڻو تڻو رشڪ لائق رهيو آهي – ان گهرو جيون کي سنڀالڻ سنوارڻ ۽ ۽ لهرن لوڏن کان بچائڻ ممڪن مکيه ريت گهر ڌياڻيءَ ڪري ئي ٿيو.

ديوي قومي لهر ۽ آدرشي جيون واري ماحول ۾ پرورش پاتي- هن  تي گهڻو تڻو پنهنجي وڏي ڀاءُ پروفيسر ٽهلرام بلواڻيءَ جو اثر رهيو جو قومي ڀاونا، رضا تي راضي رهڻ، ڪنهن کي نه ڏکوئڻ، جنهن تنهن سان ڀلائي ڪرڻ ۽ گسي- پيسي هلڻ جي بزرگن، هم عمر وارن ۽ ننڍن کي هدايت ڪندو رهيو آهي. ديويءَ ۾ اهي گڻ ڪن حالتن ۾ مربي ڀاءَ کان به وڌيڪ ڀرجي ويا جو بنيادي ريت آدرشي ڀارتي ناري بڻجي پيئي.  هن پرماتما جي پوڄا به ڪئي مگر مان سمجهان ٿو مان هن لاءِ پرڀوُءَ کان وڌيڪ پيارو هوس.

9 جون 1941ع تي مان هن سان وواهه جي ٻنڌن ۾ ٻڌس ۽ ان مهيني جي پڇاڙيءَ ۾ مان سوڀي گيانچنداڻيءَ جي صحبت ۾ آيس. صوفيزم جو اثر اڳ ئي هو- هڪجهڙائي ۽ برادري ڀاوَ جو حامي اڳ هوس، ڌيري ڌيري مارڪسواد جو رنگ پڻ چڙهڻ لڳو. سوڀي مارگ درشن ڪيو ۽ ديويءَ ان  مارگ تي وڃڻ لاءِ ڇوٽ ئي نه ڇڏيو، گهرو جيون جي فرضن کان مڪت ڪري ڇڏيو، ۽ گهرو جيون جا حق سلامت رکيا، هر طرح ۽ هر وقت.

هن تي مون لاءِ هڪ ٻي سفارش به يا عمر حاوي رهي- منهنجي ڀيڻ دادن جي شادي ڪري وڃڻ تائين هوءَ منهنجي پشت و پناه رهي هئي. منهنجي آواره گرڊيءَ کي هن وس ورندي منهنجي پيءُ، ماٽيلي ماءُ ۽ ڀاءُ ڀاڄائيءَ کان لڪائي رکيو، منهنجا ڏوهه پاڻ بلي ۽ ثواب منهنجي حوالي ڪندي هئي، ۽ ديويءَ جي پنهنجي اعتراف موجب شاديءَ واريءَ رات ئي ڏترن مئڻ ۽ مون وٽ ڇڏي وڃڻ واري وقت اندر ئي دادن، ان وقت منهنجي ڀاڄائي هن کي امان وڏي سڏيندي هئي، ديويءَ کي پاسيرو وٺي چيو، ”منهنجو ڀاءُ پيار جو بکيو آهي، منهنجي ماءُ جي امانت آهي. تون هن کي ماءُ خواه ڀيڻ جي امانت سمجهج. تون هن کي پيار ڏج، ميار ڏيڻي هجيئي ته مون کي ڏج.“ دادن کي به دنيا ڇڏڻ جا پرون پيا. چئجي کڻي هن جو پتيءَ جي بسي رخي ۽ غلط فهميءَ  ڪري جيئڻ مان موه نڪري ويو ته به حيدرآباد وڃڻ کان اڳ ٺارو شاه اچي ديويءَ کي چئي ويئي، ”منهنجي اڙٻنگه مگر لاڏلي ڀاءُ جي پارت اٿيئي.....“

ديويءَ منهنجون ڪميون پيشيون نظر انداز ئي ته ڪيون، انهن بابت شڪايت به نه ڪئي. ها، ڪڏهن ڪڏهن کلي چوندي هئي ته ”مرڻ واري ته هلي ويئي، ميار ڪنهن کي ڏيان؟“

گهر کنڊر نه ٿيو، ڪوٽ بڻيو رهيو، ٿڪ لاءِ آرام گاهه، نراس جي آس، دنيا جي زخمن جو ملم ۽ اتساهه جو سرشار چشمو- اهي غير معمولي ۽ جڏهن ڪڏهن درڪار نعمتون مون کي گهر ۾ ئي مليون. مان پنهنجي ڌيئرن کي جڏهن ڪڏهن چوندو آهيان -  ننڍپڻ ۾ منهنجي پيءَ کاريو، جوانيءَ ڏانهن قدم رکندي دادن کاريو ۽ جوانيءَ کان وٺي ديويءَ کاريو. هاڻ ٻڍاپي ۾ ڇا سڌرڻ وارو آهيان؟

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org