”پريم جي ڀائٽيءَ جي شادي. پروگرام فلاڻي ۽ فلاڻي
تاريخ (ياد نه اَٿم) ڀيٽا سٺي. ٽڪيٽون ويسٽن جي
بامبي آفيس ڏيندي. رهڻ جو بندوبست مون وٽ. اَچڻ جو
اطلاع ڏجو.“
مون ڪڪيءَ کي چيو، ”بلئنڪ چيڪ ڇٽو.“
هوُءَ پروگرام جو ٻڌي خوش نه ٿي هئي. چيائين، ”پئسن بدران مون
کي ٻي ڳڻتي آهي. پروگرام وڇاڻين جو، رهائش
اَچنتاڻيءَ وٽ ۽ وچ ۾ ديدي، مان ته پيسجي وينديس.“
مون چيومانس، ”مان توکي بچائيندس.“
هن جي منهن تي ڪا سرهائي نه آئي. چيائين. ”اِها هڪ ڳالهه آهي
جنهن ۾ اوهان مون کي بچائي نه سگهندا....“
”اِنڪار مان نقصان خواهه مخواهه ڪلاڪارن کي پوندو.“
پوءِ بلڪل درڍتا سان چيائين. ”اوهان پروگرام کڻو، اوهان جي دعا
سان سڀني جي رهجي ايندي.“
مون دل ۾ هن کي شاباس ڏني، هوُءَ پاڻ سان گڏ، سڀني جي رهجي اچڻ
جي خواهشمند هئي.
ديدي سياڻي ثابت ٿي. پروگرام رکايو هن هو، اچنتاڻيءَ جو اسان جي
هن وٽ رهائش جو شرط به مڃيو هئائين. پوءِ به هن
اچنتاڻيءَ کي ڪجهه نه چيو، منهنجي خوشامد ڪرڻ
شروع ڪيائين. اچنتاڻيءَ مان اِهو معلوم ڪري ورتو
هئائين ته مون کي وسڪيءَ کان وڌيڪ بيئر وڻندو آهي.
پروگرام ٻه هئا. پهچڻ واري ڏينهن تي پريم سندر جي وڏي ڀاءُ
پرڪاش جي گهر لاڏن جو پروگرام هو. هن جي ڌيءُ
مڌوُءَ جي شادي هئي. هوُ ميونسپل ۾ آفيسر هو ۽ هن
کي لوڌي ڪالونيءَ ۾ ڪوارٽر مليل هو. ديديءَ هن جي
فرج ۾ ولائتي بيئر جا دٻا ڀرائي ڇڏيا هئا. لاڏن جي
پروگرام ۾ اڃا بتيون ٻريون مس ته منهنجي لاءِ بيئر
جو دؤر شروع ڪرائي ڇڏيائين. هڪ دٻي بعد ٻيو دٻو-
ائين سلسلو جاري رهندو آيو.
شاديءَ جي پروگرامن ۾ مان صرف انائونسمينٽ ڪندو هوس؛ پروگرام
رکائيندڙن ۽ هنن جي عزيزن مترن کي واڌايون ڏيندو
هوس، ۽ بس. پوءِ ڪڪي ڪلاڪارن جي سهڪار سان ڌوم
مچائيندي هئي. هن شاديءَ جي پروگرامن جو نرالو ۽
يگانو طريقو اپنائي ورتو هو. شروع ئي اهڙي ڀڄن سان
ڪندي هئي جو ڳائڻ شرط نچڻ چالو ٿي ويندو هو- پوءِ
لاڏي مٿان لاڏو ڏيئي نچائيندڙن کي ٿڪائي ساهي
پٽيندي هئي. وچ ۾ مُنجهندي ته منهن ورائي اکين جي
اِشاري سان يا ڌيمي آواز ۾ مون کان پڇندي. ”هن کان
پوءِ ڇا؟“ ائين ٻن ٽن قسطن ۾ ٻن اڍائي ڪلاڪن جو
پروگرام ڪامياب ڪري اُٿندي. وچ وچ ۾ سريندر کان
چٽڪلا ڏياريندي. ”ڪهڙا ڏيون؟“ اِهو آهستگيءَ سان
مون کان پڇندي. اُن ڏينهن جو مون مٿان بيئر جو
خمار چڙهندو ڏٺائين ته سموري جوابدار سنڀالي
ورتائين. ٻه ٽي دفعا آهستي مون کي چيائين. ”نشو
ظاهر ٿيڻ نه ڏجو، مهرباني ڪري.“ مون تي نشو نه
چڙهيو، خمار جاري رهيو. ڪڪيءَ جي ڀيڻ ديوڪا به هلي
هئي اسان سان. پروگرام بعد ماني کائڻ ويٺاسين ته
ديدي مون وٽ آئي. چيائين. ”دادا، جي رات ڪڪي ۽ هن
جي ڀيڻ مون وٽ هلن ته اوهان کي اعتراض آهي؟“ ڪڪي
اڪيلي هجي ها ته اعتراض وٺان ها، چيم، ”ڀينر تو
سان هلڻ چاهن ته مون کي ڪو اعتراض ڪونهي.“ ديديءَ
جي ٻائي ٻڌي، فلڪ سان اچنتاڻيءَ کي چيائين، ”دادا
مڃيو آهي، ڪڪي ۽ هن جي ڀيڻ مون سان منهنجي گهر
هلنديون.“ اچنتاڻيءَ به بيئر پيوت هو، مون کان
گهٽ. هن جي زبان مان نڪري ويو، ”اڳو پوءِ دادا کي
به پنهنجي گهر وٺي وڃو نه.“ مون موقعي جي نزاڪت
سمجهي چيو، ”نه. مان ڪلاڪارن سان اوهان جي گهر
هلندس.“ زبان تي اِهو به آيم، ”جي اوهان وٺي
هلندا.“ پر زبان مان لفظن کي ٻاهر نڪرڻ ئي نه ڏنم.
ڪڪي ۽ ديوڪا ٻيون ڏينهن سڄو به ديديءَ وٽ رهيون. ٻڪيءَ جو
پروگرام سندر جي بنگلي تي رکيل هو. اُتي به هوُ
ديديءَ سان سڌيون پهتيون. اچنتاڻيءَ گهر مان نڪرڻ
کان اڳ ئي مون کي چيو، ”دادا، مهرباني ڪري اَڄ رات
داديءَ ۽ ديوڪا لاءِ موهنيءَ جي چڪر ۾ نه اَچجو.
مون کي دک ٿيندو.“ ڪڪي به اَچنتاڻيءَ جي پريشانيءَ
جو لحاظ ڪري اُها رات ديديءَ کان نٽائي ويئي، رات
جو دير سان ئي، دوُر راجوڙي گارڊن هليا آياسين، سڀ
جو سڀ.
ڪڪيءَ مون کي اڪيلائيءَ ۾ چيو، ”مان ٻن جيون جي ايرکا جو ڪارڻ
بڻجڻ نٿي چاهيان.“ مون چيو، ”مان به پريسان آهيان.
هن بعد دهليءَ جو پروگرام نه کڻبو.“ اِها ڳالهه
ڪڪيءَ کي نه آئڙي ۽ ممڪن به نٿي لڳي. مون کي اُن
مهل هڪ رستو سجهيو. چيم، ”هينءَ ڪنداسين. جي سائوٿ
دهليءَ ۾ پروگرام هوندو ته ديديءَ وٽ رهنداسين،
نارٿ دهليءَ ۾ هوندو ته اچنتاڻيءَ وٽ داٻو
ڪنداسين. هڪ هڪ رات ٻيءَ ڌر وٽ ميزباني
قبولينداسين.“ ڪڪيءَ کان ٽهڪ نڪري ويو. پوءِ گنڀير
ٿي چيائين، ”اوهان پنهنجي ٺاهه گرو دماغ مان شارت
ڪٽ ڳولهيو آهي پر پوءِ به مان ٻن جي ڇن پٽ ۾
پريشان رهنديس ئي. اڳ ٻڌو هوم، هاڻ مڃان ٿي ته جنڊ
گڻ ته جنڊ ڳؤرو پڙ کڻ ته پڙ ڳؤرو.“ مون پنهنجي
سڀاءَ سان نباهيندي چيو. ”في الحال ته دهليءَ جو
پروگرام آهي ڪونه؛ جڏهن مليو تڏهن رستو ڳولهي
وٺبو.“
ٻئي ڏينهن پروگرام جي ڀيٽا وٺڻ وياسين ته سندر پنهنجي چيمبر ۾
ئي بيئر جو هڪ دٻو کولائي منهنجي اڳيان رکيو. پوءِ
555 جو پئڪيٽ ۽ رانسن لائيٽر منهنجي اڳيان رکي
چيائين، ”دادا، منهنجي طرفان نذرانو سمجهجو.“
۽ ٻول به اچنتاڻيءَ ۽ پريم وچ ۾ عجي بٿي هئي. ٻئين ٻڪي واري
پروگرام ۾ مٽڪي ۾ جيڪڏهن مقرر رقم کان پئسا گهٽ
آيا ته مقرر رقم ۽ مٽڪي وارن پئسن وچ ۾ فرق ويسٽن
وارا مجرا ڏيندا. پهريون پروگرام رونگه ۾ هو،
جيڪي پئسا آيا اُهي ٻول ۾ نه شماربا! ڀاڙو الڳ،
سيڪنڊ ڪلاس سليپر اوٽ موٽ ويسٽن وارا بوڪ ڪرائي
ڏيندا. رات مٽڪي ۾ آيل پئسا رواج موجب ڪلاڪارن ئي
ڳڻيا. اُن ڏينهن صبوه جو. مٽڪي جي منهن کي رومال
ٻڌي اُهو منهنجي ڪمري ۾ ئي رکيو هئائون. اسان مٽڪي
جي رقم پريم کي ٻڌائي. پريم جي حساب موجب اسان ٽي
سؤ روپيه گهٽ ٻڌايا هئا. هن حساب ڪري ٻڌايو.”مون
هيترا وڌا، سندر هيترا، گيان هيترا، مون پنهنجي
مائٽن کي هيترا ڏنا...“
۽ مون چيو،م ”اوهان جي مائٽن گهٽ وڌا هجن ته؟“
هن به ٺهه پهه وراڻيو، ”اوهان جي ڪلاڪارن تڳايا هجن ته.“
مان تڳايا لفظ تي باهوڙجي ويس: ”منهنجا ڪلاڪار ڀائيوار آهن، هنن
جا حصا آهن، هوُ بي ايماني ڪندا ئي ڪونه.....“
ويا صرف مان ۽ اچنتاڻي هئاسين. اچنتاڻيءَ کي وجهه مليو. چيائين،
”چڱو ٽي سؤ روپيا مان ٿو ڀريان.“
پريم ڦٽا ڦٽ پنج سؤ روپيا مون ڏانهن وڌايا ۽ چيو، ”پروگرام سڀني
کي بيحد پسند آيو.“
سندر موٽ جون ٽڪيتون اچنتاڻيءَ جي هٿ ۾ ٿمنايون. اٿڻ لڳاسين ته
پريم سنجيدگيءَ سان چيو. ”دادا، اوهان منهنجي جنم
ڏينهن تي پروگرام نه ڏنو؛ پهرين ته مان ناراض ٿيس.
پوءِ من ئي من ۾ اوهان کي مڃيم- اوهان واعدي کي
پئسن کان وڌيڪ ٿا سمجهو. منهنجي نظر م هيڪاري
مٿاهان ٿيا آهيو.،
مون چيو، ”مهرباني.“ اسان اُٿي کڙا ٿياسين.
پريم چيو، ”واعدو ياد ڪجو. ڪڏهن نه ڪڏهن مان اوهان کان جنم دن
جو پروگرام وٺندس- مفت ۾.“ هن پوين ٻن لفطن تي زور
ڏنو.
مان ڪجهه چوان ئي چوان تنهن کان اڳ اچنتاڻيءَ چيو، ”دادا واعدي
جو پڪو آهي.“
اُن ڏينهن شام جو اچنتاڻيءَ پنهنجي گهر ۾ پروگرام ڪرارايو.
ديدي نه آئي، جيتوڻيڪ ڪڪيءَ نينڊ به ڏنيس- اچنتاڻيءَ کان پڇڻ
بنا. هوُءَ ضد تي:”مان اينديس جي تون ۽ ديوڪا مون
سان گڏ منهنجي گهر اينديون.“ ڪڪيءَ لاءِ اهڙي
خاطري ڏيڻ، منهنجي سهڪار بنا ممڪن نه هئي. ۽ مان
هڪ کي راضي ڪرڻ لاءِ ٻئي کي ناراض ڪرڻ جي فائدي ۾
نه هوس- خاص ڪري جو اُهو شخص اچنتاڻي هو، هوُ
ٻاهران غم کائي وڃي ها، پر اندر ئي اندر پريشان
رهي ها.
ڪڪيءَ ڄڻ ديديءَ کي آٿت ڏيندي منهنجو فيصلو ٻڌايو ته جي سائوٿ
دهليءَ جو پروگرام مليو ته تو وٽ، جي نارٿ ۾ مليو
ته اچنتاڻيءَ وٽ.
ان پروگرام جي آخر ۾ پلئه جي دؤران ۾ اچنتاڻيءَ چيو، ”مون کي هڪ
ٻئي جي پٺيان ٽي ڌيئر آهن. دادي پلئه پاءِ ته هاڻ
منوُءَ کي جي ڪڪو ڄائو ته مان توهان کي هت
گهرائيندس ۽ ڪڪي کي لولي ڏياريندس.“ هن پنجين جو
نوٽ ڪڪيءَ جي ساڙهيءَ جي پلئه ۾ وڌو. ڪڪي مرڪي ۽
پلئه پاتو. اِها مرڪ شرارتي هئي.
مون اڪيلائيءَ ۾ اِن شرارتي مرڪ جو ڪڪيءَ کان ڪارڻ پڇيو.
چيائين، ”اچنتاڻيءَ جو مون سان بيحد موهه آهي پر
اِن ۾ مون کي ديديءَ جي ڀيٽ ۾ پاڻ سان ٻڌي رکڻ جي
زوردار تمنا پڻ آهي، هن ديديءَ سان منهنجو فون تي
ڳالهائڻ ٻڌو ٿو ڏسجي، تڏهن ته ڪنهن نه ڪنهن ڪارڻ
هو مون کي پنهنجي گهر سان ٻڌي ٿو رکڻ چاهي.“
پوءِ به منهنجي من ۾ اچنتاڻيءَ لاءِ همدرديءَ جو جذبو اُڀريو.
ڪڪيءَ ٽهڪ ڏنو ۽ چيو، ”ٻن ريساڙن جي وچ ۾ اوهان ۽ ڪلاڪار فائدي
۾ آهيو، گهاٽي ۾ هڪ مان ئي آهيان.“
ڦڪي مرڪ منهنجي چپن تي آئي. ڏيڍ مهيني اندر ديديءَ هڪ پروگرام
آڇيو. آڇيو نه، کنيو ۽ اسان کي اچڻ لاءِ لکيو.
لجپت نگر مارڪيٽ ڀرسان جهولي لال مندر ۾ چاليهي جو
پروگرام هو- مهينو وچ ۾ هو. هونءَ ان ميلي ۾ مڪاني
ڪلاڪار گهرايا ويندا هئا. هن ڀيري ديديءَ پنهنجي
ڀاءُ سندر کان اسان کي گهرائڻ جو خرچ مڃارايو هو!
مون ڪڪيءَ کي چيو، ”ديدي پرن کان وڌيڪ ٿي اڏامي. هن ضد ۽ موهه
جي گڏيل چڪر ۾ ڦاسي پنهنجي پاسي پروگرام ته کنيو
آهي پر اسان سڀني کي رهائيندي ڪٿي؟ گهر اٿس ٻن
ڪمرن وارو، پٺئين آڳنڌ کي سيمينٽ جي چادرن سان
ڍڪائي ڪمرو بڻائي ان ۾ ٽرنزسٽرس جي فئڪٽري وڌي
اٿائين.“ اوچتو مون کي ويچار آيو، ”هوُءَ ڪٿي صرف
توکي ته پنهنجي گهر رهائڻ واري نه آهي؟“
ڪڪيءَ کي ان وچ ۾ ديدي خط به لکندي هئي ۽ هفتي ۾ هڪ ٻه دفعو فون
تي به ڳالهائيندي هئي.
ڪڪيءَ چيو، ”ديديءَ کي مان سڃاڻان، جي هن کي مون سان موهه آهي
ته هن کي اوهان جو به خاص خيال رکڻو آهي، اِهو
هوُءَ ڄاڻي ٿي. اڪيلي هن وٽ مان به نه رهنديس، اهو
مان به ٿي ڄاڻان، هوُءَ به ٿي ڄاڻي. ها، ڪلاڪارڪن
کي شايد پاسي ۾ ڪٿي رهائي پر رکندي هنن کي به
سگهيو.“
اِها دعا مون کي به دل سان لڳي.
ديديءَ فئڪٽريءَ وارو ڪمرو خالي ۽ صفا ڪرائي اُن کي ٻن پلنگن
وارو بيڊ روم بڻائي ڇڏيو هو- منهنجي ۽ پنهنجي
پتيءَ لاءِ، پٽ بابيءَ جي سمهڻ لاءِ فولڊنگ پلنگ
جو انتظام ڪيو هئائين –رات جو ڊرائنگ روم ۾ وجهڻ
لاءِ. پنهنجي بيڊ روم ۾ ڊبل بيد پلنگ کان سواءِ
ڌيءُ سيما جي سمهڻ لاءِ سيٽي به وجهائي ڇڏي
هئائين. ڪلاڪارن لاءِ ڀر واري گهر جو هڪ ڪمرو وٺي
ان ۾ فولڊنگ ٽي پلنگ، سينٽرل ٽيبل ۽ فرج وجهائي
ڇڏيو هئائين. ۽ فرج ۾ وسڪي هئي، بيئر هو ۽ سوڍائون
هيون!
مون اِهي ٽيئي چيزون ڪلاڪارن جي فرج مان ڪڍائي ڇڏيون. ورهيه اڳ
ناگپور جي ڪؤڙي آزمودي کان پوءِ مون ڪلاڪارن کي
پروگرام کان اڳ ته ڇا، پروگرام واري ڏينهن تي به
وسڪيءَ کان وانجهي رکيو. هت ته پروگرام بعد مائي
ڪلاڪار ۽ ميزبان جا گهر وارا گڏ کائڻوارا هئا.
وسڪيءَ جو دؤر به گڏ هلي سگهيو ٿي. بيئر ته مون
پروگرامن جي دؤران ۾ ڪلاڪارن کي پيئڻ ئي نه ڏنو،
گلي خراب ٿيڻ جو انديشو رهندو هوم. ۽ جي وسڪي نه
هجڻ کپندي هئي ته فرج ۾ سوڍائون ڇا ڪرڻ واريون
هيون!
اچنتاڻي اسان کي اسٽيسن تي وٺن ۽ ڇڏڻ آيو. پروگرام ۾ به منهنجي
پاسي ۾ ويٺو. ٽينءَ رات پنهنجي گهر وٺي هليو. سٺي
مهمان نوازي ڪيائين. راجوڙي گارڊن ۽ لجپت نگر وچ ۾
ٽنگا ٽولي به ٿيو پر ٻاهران بيحد خوش رهيو. پر هن
ديديءَ وٽ کاڌو ۽ نه ديديءَ کي پنهنجي گهر گهرايو.
پوءِ به ڪڪيءَ ۽ مون شڪر ڪيو جو لٿي پٿي ٻنهي جي پاڻ ۾ ۽ ٻنهي
مان اسان جي سک جي رهجي آئي هئي!
ها، هڪ ڳالهه ٻيءَ جو به ذڪر ڪري ڇڏيان:
جتي اچنتاڻي مون کي ۽ ڪڪيءَ کي پروگرامن جي سلسلي ۾ هڪ ٻئي جو
پورائو سمجهندو هو تتي ديديءَ تي اثر ويٺل هو ته
آواز ڪڪيءَ جو هو ۽ مان ان آواز جي بدولت پنهنجو
رعب جتائيندو هوس؛ ڪڪيءَ جي ڪنهن وقت ماستر هجڻ جي
ناتي هن جي شرڌا جو فائدو وٺندو هوس. هن اسان جا
خانگي پروگرام ڏٺا ۽ ٻڌا هئا، جتي مون ظاهري ڪجهه
به نٿي ڪيو؛ صرف سميلن ۾ ٻن ٻن قسطن ۾ ٻه پروگرام
ڏٺا هئا. اُتي ته سڀني ٽولين جي پروگرام جي
انائونسمينٽ مون ڪئي هئي. هوُءَ ڪلاڪار منڊل ۾
منهنجي اهميت ڪٿڻ کان قاصر هئي.هن ڪڪيءَ کي به
چيو، ”دادا جو ايڏو رعب ڇو ٿي سهين؟“
ڪڪيءَ کلي چيس، ” جو مان حڪم جي بندي آهيان.“ پوءِ گنڀير ٿي
چيائينس، ”وقت ايندو جو تون پاڻ صحيح حالت
سمجهندينءَ.“ ڪڪيءَ مون کي اِهو ڪي ٻڌائيندي گويا
دلجاءِ ڏني هئي. ”جئن جئن ويجهائيءَ تان ڏسندي،
اوهان جي اهميت سمجهي ويندي.“
مون کي ديديءَ جي رائي جي گهڻي پرواهه نه رهي، ٿورو وقت اڳ
ڪڪيءَ جي زباني ئي مون کي ڪملا ڪيسواڻيءَ جو
سرٽيفڪيٽ مليو هو، هن ڪڪيءَ کي احمد آباد ۾، ريڊيو
سماروهه جي دؤران ۾ ڳالهين ڳالهين ۾ چيو هو، ”من،
تون پروگرام ڪندي ڇا آهين؟ پروگرام ٻوليندو دادا
مالهي آهي، آرگنائيزرن کي منهن دادا ڏيندو آهي،
ٻڌندڙن جي چاهه جي پرک هوُ ڪندو آهي، گيت هو
چونڊيندو آهي، انهن جي ڳائڻ جي مهل به هوُ ئي فيصل
ڪندو آهي....“
ڪڪيءَ چيس، ”گيت ڳولهيندو به مالهي آهي ۽ انهن جون ڌنون به
مالهي ٺهرائيندو آهي. مان صرف ڳائيندي آهيان....“
ڪنهن ٻئي جي سرٽيفڪيٽ کان وڌيڪ ڪڪي ۽ ڪلاڪارن کي منهنجي اهميت
جي خبر هئي – منهنجي لاءِ اِهو ئي ڪافي هو. مون کي
اِهو به سنتوش هو ته هڪ خاص مقصد لاءِ ڪلاڪار منڊل
هلائي رهيو آهيان.
لجپت نگر جي پروگرام جي سلسلي ۾ پنهنجي گهر ۾ ٻئي ڏينهن ريهرسل
۽ پروگرام ڏسي ديدي دنگ رهجي ويئي.
هن ڪڪيءَ کان منهنجي منهن تي ئي پڇيو، ”مٺي، دادا نه هجي ها ته
تون ڇا ڪرين هان.“
ڪڪيءَ مون ڏانهن نهاري مرڪيو، پوءِ اکين ۾ شرارت ڀري چيائين،
”مون اڳ به ان سوال جو جيڪو جواب مالهيءَ جي دوست
کي ڏنو هو، سو توکي به ٿي ڏيان، “رڌڻي ۾ ويهي لولا
پچائيندي رهان ها.“ هن دل سان ٽهڪ ڏنو.
سچ پچ ديديءَ جو رخ بدلجي ويو. هوُءَ گويا منهنجي احسان مند رهڻ
لڳي جو مون هن جي پيار جي پالر کي عرش تي پهچايو
هو. لهه وچڙه وڌندي هوُءَ مون کي سڳن ڀائرن کان به
وڌيڪ عزت ڏيڻ لڳي.
لجپت نگر جي پروگرام کان مهنو پوءِ اچنتاڻيءَ کي پوٽو ڄائو. هن
ڪيئن به بمبئيءَ ۾ سيڪنڊ ڪلاس سليپر رزرو ڪرائي
اسان کي گهرايو. رهايو اڳئين جيان ڪڪيءَ ۽ مون کي
پنهنجي گهر ۾. جئن ته هن جا سيڻ ۽ ٻيا ڪي عزيز به
آيا تئن ڪلاڪارن جي رهائش جو بندوبست پاسي ۾ هڪ
گئريج ۾ ڪيو. ديديءَ کي هن دعوت ڏني پر آئي ڪانه.
هن فون تي ڪڪيءَ سان ڳالهائڻ جي دؤران ۾ اچنتاڻيءَ
کي به پوٽي ڄائي جون واڌايون ڏنيون. پروگرام ٿي
رهڻ بعد ديديءَ مون کي فون ڪئي، ”ياد اٿوَ، ڪڪيءَ
جي ٻڌايل سٽاءَ موجب اوهان سڀاڻي جي رات مون وٽ
هجڻ کپو.“ پروگرام اسان منجهند جي مانيءَ کان اڳ
ڏيئي پورو ڪيو.
مون چيومانس، ”سو ته ٺيڪ پر اچنتاڻيءَ سڀاڻي جون واپسي ٽڪيتون
بوڪ ڪرائي ڇڏيون آهن. هن جو چوڻ آهي پرينهن اريهن
جون ٽڪيٽون مليس ڪونه.“
ديديءَ چيو، ”ٽڪيٽن جو ذمو منهنجو. ٻه راتيون مون وٽ رهو.“
مون چيو،”مان ڪڪيءَ سان صلاح ڪري ٿوريءَ دير ۾ فون ٿو ڪريانءِ.“
ڪڪي ڳالهه سمجهي ويئي ته ديديءَ واعدي جي وفائيءَ جي تقاضا ڪئي
آهي. چيائين، ”اوهان اِنصاف ڪندا آهيو، اِنصاف جي
تقاضا اِها آهي ته هڪ رات هن وٽ رهڻ کپي.“
”رهڻ کپي، موٽ جي رزرويشن بنا؟“ مون پڇيو.
اچنتاڻي فون اچڻ کان وٺي هال ۾ ويٺو هو. چيائين، ”جي هوُءَ
ٽڪيٽون رزرو ڪرائي سگهي ته ڀل رهو، مون کي اعتراض
نه ٿيندو. سچي ڳالهه اِها آهي، مون کي پرينهن جون
ٽڪيٽون نه مليون. اَثر سان گڏ ڏکڻا ڏيئي مون جئن
تئن سڀاڻ جون ٽڪيٽون ورتيون آهن.“
مون چيو، ”هوءَ ٻن راتين جي گهر ٿي ڪري ۽ ٽڪيٽون رزرو ڪرائڻ جي
جوابداري کڻي ٿي.“
اچنتاڻيءَ پنهنجي سچائي ثابت ڪرڻ لاءِ چيو، ”جي ڪري ته اوهان ڀل
هن وٽ هڪ ٻه ڏينهن رهڻ قبوليو. پر هوُءَ ٽڪيٽون
رزرو ڪرائي نه سگهندي.“
مون کي هڪ ڳالهه جي پڪ هئي، استري پرش کان موهه ۾ به وڌيڪ پختي
آهي ته اُن جي سرانجاميءَ ۾ به وڌيڪ پختي آهي.
هوُءَ ويهن ننهن جو زور ضرور لڳائيندي.
فون وري به ديديءَ ئي ڪيو. مون شرط وڌومانس،
”شام تائين رزرو ٽڪيٽون منهنجي هٿ ۾ ڏي. اسان ٻه راتيون تو وٽ
هونداسين – مان، ڪڪي ۽ ڪلاڪار. زور ڏيئي چيم،
”سڀ.“
هوُءَ شام کان اڳ ئي ٻه ٽئڪسيون وٺي اَچي سهڙي. هڪ ۾ پاڻ ۽ ڀيڻس
ڪملا، ٻيءَ ۾ ڪملا جو گهوٽ لڇمڻداس،هيٺان ئي سڏ
ڪري ٽڪيٽون مون کي ڏيکاريائين، چيائين،
”اچو.“
مون چيومانس، ”پهرين مٿي اچو.“
اچنتاڻي به بالڪنيءَ ۾ اچي چڪو هو. چيائين، ”ڀائرن جي هلندي
پڄندي هلائي هوندائين.“
پوءِ ديديءَ جي دل ۽ دور انديشيءَ جي خبر پيئي. هن اسان جي اچڻ
کان اڳ ئي اچنتاڻيءَ کان اسان جي واپسي ٽڪيٽن جو
پڇيو هو ۽ ويسٽن جوا ثر هلائي ٽڪيٽون رزرو ڪرائي
رکيون هيون!
مون دل ۾ چيو، ”ديديءَ جهڙي عورت! تنهنجو جواب ناهي.“
ٻئي ڏينهن ديدي ٽن ٽئڪسين ۾ پتيءَ، پٽ ڌيءُ، ڀيڻ ڀيڻوئي، ڀاڻيجي
ڀاڻيجيءَ، مون کي، ڪڪيءَ ڪلاڪارن پنهنجي ڀائٽئي،
پرڪاش جي پٽ راجن – هيڏي ساري ڪتڪ کي وٺي هلي
هريانا جي سورج ڪنڊ ۾ - پڪنڪ تي، پاڻ، ڪڪي، مان،
راجن ۽ ڀيڻويو لڇمڻداس هڪ ٽئڪسيءَ ۾ هئاسين.
لڇمڻداس، راجن ۽ منهنجي وچ ۾ گويا بيئر پيئڻ جي
شرط شروع ڪرائي ڇڏيائين. سورج ڪنڊ پهچ تي، ويجهو
ڪو پروگرام نه هجڻ ڪري ڪلاڪارن سريندر ۽ جهامن به
ڍَ تي پيتو. ميوي مٺائيءَ ۽ فرسان جا به ٽوڪرا
ڀرائي هلي. ڍنڍ ۾ ٻيڙيءَ جو سئر به ٿيو، گانو
بجانو ۽ ڊانس به ٿيو.
”ٻيڙيءَ وارا ادا ڙي مهاڻا.“ سڀني گڏجي ڳاتو – مون سميت.
ديديءَ اچنتاڻيءَ کي ٻه دفعا گڏ هلڻ لاءِ چيو، پهرئين دفعي هن
چيو، ”اَڃا ڪي مهمان رهيل آهن، هنن کي ڇڏي هلڻ ٺيڪ
نٿو سمجهان.“ ٻئي دفعي ساڳي ڳالهه دهرائي چيائين،
”هئوُ گڊ ٽائيم.“ |