ڪتاب بابت...
تازو ٻه ڪتاب پڙهيا اٿم ۽ اهي ٻئي آتم- ڪهاڻيون آهن. هڪ آهي
راج ٺاپر جي لکيل ”اهي سڀ ڏينهن“
All These days
۽ ٻيو پاڪستان جي تحمينا دورانيءَ جو ”منهنجو
جاگيردار پتي“
My Feudal Lord.
ٻئي آتم – ڪهاڻيون استري ليکڪائن جون لکيل آهن. هن
کان اڳ ۾ به ڪي آتم – ڪهاڻيون پڙهيون اٿم، جيئن
بينظير ڀٽو جي
Daughter of East
وغير.
۽ سنڌيءَ ۾ به آتم – ڪهاڻيون / جيون ڪهاڻيون پڙهيون اٿم. پر
الائي ڇو مون کي سنڌيءَ ۾ لکيل آتم – ڪهاڻيون
ايترو ڪشش نه ڪنديون آهن. لڳندو آهي ته اهي
اختياريءَ واريون نه آهن جيتريون ٿيڻ کپن. دل سان
لکيل نه آهن، پر دماغ تي زور ڏيئي لکيون ويون آهن.
اهي جيون ڪهاڻيءَ جي بدران اخباري رپورٽ لڳنديون
آهن. مون اها پنهنجي دل جي ڳالهه هن آتم – ڪهاڻيءَ
جي ليکڪ گوبند مالهيءَ سان ڪئي گوبند مالهيءَ بابت
دوستن ۾ اثر آهي، ته خاص ڪري پنهنجي دوستن باري ۾
جيڪڏهن ڪنهن سوال جو پورو جواب نه هوندو اٿس ته هو
ان سوال جي ارد گرد هڪ وڏو تاڃي پيٽو ٺاهي ويندو
آهي. پر تز جواب نه ڏيندو آهي ان کي سنڌيءَ ۾ ”ڌڌڙ
۾ پير هڻڻ“ سڏبو آهي. هن پنجين ڀاڱي پڙهڻ بعد مان
ان راءِ سان شامل آهيان.
مان هاڻ هن ڪتاب تي ايندس.”عجيب، هي رشتا ناتا!“ گوبند مالهيءَ
جي آتم ڪهاڻيءَ کان وڌيڪ ڀڳونتي ناواڻيءَ جي سنگيت
ياتر جي ڪهاڻي آهي. پر سوال گوبند مالهيءَ جي آتم
ڪهاڻيءَ جو آهي. جو هن ۾ موجود ڪانه آهي. هن ائين
ڇو ڪيو؟ ڇا لاءِ جو سندس جيون ڪهاڻيءَ جا پهريان
ٽي ڀاڱا سنڌ جي حالتن ۽زندگيءَ وارا آهن، ان بعد
جي اَڄ واري زندگيءَ جو ذڪر ٿو اچي ۽ ان ۾ ايل
ڪيترا پاتر جيئرا جاڳندا آهن انهن کي ناراض ڪرڻ
ادبي تحريڪ ۾ آيل دوستن جي صحيح تصوير ڏيڻ کان
مالهي ڪنارو ڪري ويو آهي ۽ ٻيو ڀڳونتي ناواڻيءَ کي
ڪتابي روپ ۾ آڻڻ چاهيو اٿائين.
ڪيئن به ڪتاب پڙهڻ جهڙو آهي. دلچسپ آهي. پوءِ گوبند مالهيءَ جي
آتم – ڪهاڻي نه ته ڀڳونتي ناواڻيءَ جي سنگيت ياترا
ئي سهين، پوءِ به سنڌي ساهتيه ۾ هڪ سٺي دين آهي.
سنڌي ٽائيمس آفيس
ناراين ڀارتي
پهرين آڪٽوبر 1991ع
مکيه سمپادڪ
سنڌي ٽائيمس
پبليڪيشن
ارپيم
پنهنجي پتنيءَ ديويءَ کي
جا پنهنجي نالي سان نباهيندي رهي
عمر ڀر.
- مالهي
ليکڪ طرفان
سنڌي ٽائيمس پبليڪيشن جي مکيه سمپادڪ ناراين ڀارتيءَ مون کي آتم
ڪٿا لکڻ لاءِ همٿايو. هن جو اِهو رايو هو ته جيئن
ته مان پنجاه سال سنڌي ادب ۽ ادبي تحريڪ سانجڙيو
رهيو آهيان، تيئن منهنجي سوانح عمري سنڌي ادب ۽
ادبي تحريڪ جي اَهم پنجاهه سالن جي مڪمل تواريخ،
نه ته به ان جي جڙڻ ۾ سهائڪ ٿي سگهي ٿي، اِن ڪري
ئي شايد هن ان جو عنوان تجويز ڪيو. ”ادب ۽ اديب.“
آتم ڪٿا اِتهاس نه آهي پر اِتهاس جي الاهي ذريعن مان هڪ ضرور ٿي
سگهي ٿو جي آتم ڪٿا ڪار جو نظريو شخصي نه، جماعتي
آهي ۽ هن جو مقصد پنهنجي ثنا خواني نه پر پنهنجي
وقت جي ترجماني ڪرڻ آهي، وڌيڪ ضروري آهي ته هوُ
اديب طور نه، اِنسان طور پنهنجي هم سفر ننڍن وڏن
انسانن جي ماحول، منزلن ۽ موڙن جي پس منظر ۾
اُپٽار ڪري، سا به همدرديءَ سان. سڀ کان لازمي آهي
آتم ڪٿا لکندڙ جو پنهنجي پاڻ سان، پنهنجي سنسڪارن،
سڀاءَ، جذبن ۽ سڌانتن سان نباهڻ.
منهنجي آتم ڪٿا جو پهريون ڀاڱو پنهنجي پر ۾ پورو منهنجي ٻالپڻ،
ان جي سنسڪارن، انڇرن ۽ جسماني ۽ مانسڪ واڌ جو
مڪمل دستاويز رهيو. اُهو منهنجي وقت جي منهنجي ڳوٺ
جو اِتهاس رهيو. ڪرشن کٽواڻيءَ اھن کي سنڌيءَ جي
ٻين آتم ڪٿائن کان بهتر جتائيندي لکيو. ”سنڌ جي
ڪنهن ڳوٺ جو اهرو سجيو چتر اڃا ڪنهن نه چٽيو آهي.“
باقي ڀاڱن ۾ مون ڀارتيءَ جي اميد جي برثوابي پنهنجي طرفان لازمي
قرار ڪيل چئن نقطن کي ڌيان ۾ رکندي ڪئي آهي.
مون پنهنجو پاڻ سان وڌيڪ نباهيو آهي.
پوءِ به مون سنڌي تحريڪ جي تواريخ سان ٻئين، ٽئين ۽ چوٿين ڀاڱي
۾ نباهيو آهي، شخصن ۽ هنن جي ڪمين پيشين کي نظر
انداز ڪندي ادبي تحريڪ جي ڪاميابين ناڪاميابين تي
نظرثاني ڪئي وئي آهي، ۽ منهنجي سچ چوڻ جي صلاحيت
جو سلسلو اهو رهيو جو موهن ڪلپنا پاڻ کان پاڻهي
مون کي چيو. ”چوٿين ڀاڱي ۾ تون بولڊ(همت) وارو
رهيو آهين.“
منهنجي زندگي ساهتيه سرجڻ ۽ ادبي تحريڪ سان جڙيل هجڻ سان گڏوگڏ
ڪلچرل کيتر سان به وابسته رهي آهي، 1953ع کان
وٺي، پهرين انڊين پيپلس ٿئيٽر ائسوسئيشن سان ۽
پوءِ ڪلاڪار منڊل سان، 1961ع کان وٺي مسلسل ووڪل
ڪلچر کي سلامت رکڻ جو عملي يتن ڪندو رهيو آهيان،
مکيه ريت سنگيت معرفت، ڪلچرل کيتر ادبي تحريڪ سان
جڙيل هوندي به ان کان الڳ پنهنجو يگانو وجود رکي
ٿو. ان جو پنهنجو ماحول آهي، پنهنجون تقاضائون
آهن، پنهنجا تجربا آهن، پنهنجا مسئلا آهن ۽ پنهنجا
تاثير آهن. ساري ڀارت ۾ دور دور تائين پکڙيل
جانيءَ کي پنهنجي سنسڪرتيءَ جي اهميت ۽ وسعت بابت
وشواس ڏيارڻ ساهتيه سرجڻ کان وڌيڪ اؤکو ڪم آهي،
جسماني خواهه مانسڪ سطحن تي. چوٿين ڀاڱي ۾ ان جي
اپٽار ڪئي آهي.
انهن پنجويهن سالن جي مسلسل تحريڪ ۾ ڀڳونتي ناواڻيءَ جو مون سان
اٽوٽ ۽ اٿاهه ساٿ رهيو. هن جي اٿڪ لگن ۽ لامحدود
اعتقاد آوازي ڪلچر جي اوڄ ۾ يادگار يوگدان ڏنو. هن
جي پنهنجي اعتراف موجب ”هوُءَ اهي پل ئي جيوت رهي
جي هن ڳائيندي وتيت ڪيا.“ ۽ سنسڪرتڪ ٻوليءَ ۾
هوُءَ ميلو متل ڇڏي ويئي. مون هن کي آتم ڪٿا جي
پنجين ڀاڱي جي نائڪا بڻايو آهي ۽ ”عجيب، هي رشتا
ناتا!“ اظهاريا آهن. ناتڪ کيتر ۾ پردي پٺيان
رهندي، هت سوتر ڌار جو ڀاڳ به ادا ڪيو اٿم، ۽ آتم
ڪٿا ڪار ۽ سوتر ڌار وچ ۾ ميزان رکڻ جو تجربو به
ڪيو اٿم.
منهنجو عقيدو آهي، بهتر اديب بهتر انسان هجڻ کپي، مون بهتر
انسان ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
هيءَ آتم ڪٿا، يا جيڪي ڪي اِها آهي – اِها منهنجي اِتفاقن ڀري
زندگيءَ جي تضادن جي ڪهاڻي آهي ۽ بس.
7، راج ڪرڻ، -گوبند مالهي
مهاتما گانڌي روڊ،
ڪانديولي،
بمبئي – 0400067
عجيب رشتا ناتا!!
منهنجي ڏاڏي هر صبوح جو اڍائي گهرن جو خير گهرندي هئي، ڀڳوان کي
آراڌنا ڪندي هئي، ” حقون به رکج، ناحقون به رکج.“
وڌيڪ پرارٿنا ڪندي هئي، ”سهنديءَ بار نه ڏج.“ ٿورو
وڏو ٿيندي ئي اڍائي گهرن جي خير گهرڻ جو مطلب
سمجهي ٿي ويس، پنهنجي خير کان اڳ ٻين جي خير گهرڻ
جي سنڌي- ڀارتي سنسڪرتيءَ جي پرمپرا به منهنجني دل
دماغ تائين پهتي. عمر ۽ عقل ۾ اَڃا به وڏو ٿيندي
”حقون به رکج ناحقون به رکج“ جو رهسيه به ڄاتم ۽
شاهه لطيف جي اِها بندگي به راس آئي ته ” عدل ڇٽان
آن نه، ڪو ڦيرو ڪج فضل جو.“ باقي ڏاڏيءَ جي ٽين
تمنا، ”سهنديءَ بار نه ڏج.“ منهنجي عقل کي نه پيئي
آئڙي: سهنديءَ بار نه ملي ته اَڻ سهڻ جهڙو بار
ڪيئن کڻي سگهبو؟ جوانيءَ ۾ پير پائيندي اَمان کان
اِن عجيب آرزوءَ جو مطلب پڇيو ٿي، اَمان چيو،
”ماڻهو اهڙو نَد آهي جو ڪهڙو به ڀاري بار ڪنجهندي
ڪرڪندي، روئندي رڙندي به سهي ئي ويندو. ماءُ پٽ
سهسائي ويندي؛ زال ڏهاڳ جو ڏک سهي چڙهندي، پيءُ
ڌيءُ جو پرائي گهر يا ڀڳوان وٽ وڃڻ جو وڇوڙو وساري
ويهندو.....“
مون کي اهڙا به يگانا ٻه نؤدپڻا سجهن. اڳ پنهنجيءَ ڀيڻ دادن جي
ديهانت جو، هوءَ پنهنجيءَ ۽ منهنجي جوانيءَ ۾
هميشه هميشه لاءِ هلي ويئي. منهنجيءَ اک ڳوڙهو نه
ڳاڙيو، سور پيڙيندو آهي، ڪي ڏينهن، ڪي سال پر
ناسور اندر جهوريندو آهي، عمر ڀر. ۽ اهو اندر جو
جهڄڻ جهرڻ منهنجو پنهنجو نجو.
ٻيون نؤدپڻو ته ڪلهه ڪلهوڻي ڳالهه آهي.......
ڀڳونتي (ڪڪي) به وقت کان اڳ ويندي رهي!
ظاهري نه رنم، نه رڙيس؛نه ڪنجهيس، نه ڪرڪيس؛ سنڌوُءَ جي نياڻي
سهسائي ويٺس، ڳوڙها پي ويس، پيئندو رهيو آهيان.
دادن منهنجي زندگيءَ جو دڳ جوڙيو هو، ڪڪيءَ زندگيءَ جو دڳ
سنواريو هو.
دادن منهنجي زندگيءَ کي وشواس ڏنو هو، ڪڪيءَ ان وشواس تي وشواس
رکيو هو.
ڪڪيءَ دادن جي وڇوڙي جي درد کي دل اندر دٻائي رکڻ ۾ واهر ڪئي
هئي، هن جي هلئي وڃڻ جي خال کي گهڻي حد تائين ڀريو
به هو. پاڻ ويئي ته خال اُٿليو، گهرو به ٿيو ۽
وڪرو به، ۽ بس چوڻ کان قاصر آهيان، پوءِ به ان جي
وڌيڪ اُپٽار نه ڪندس. اهو ساهه ۾ سمايو رهندو.
ڪن سالن کان ڪڪيءَ کي پرون پئجي ويا ۽ ان ڪري هن چئجي کڻي، جيئڻ
جو موهه ئي تجي ڇڏيو هو. اِها لکا هن مون کان
سواءِ ٻئي ڪنهن کي پوڻ نه ڏني هئي.
۽ اِهي پرون ڪن ڪن کي ئي ڇو پوندا اهن، سو به گهڻو تڻو زالن کي،
مان اَڃا تائين سمجهي نه سگهيو آهيان، اِهي پرون
منهنجي پتنيءَ ديويءَ کي به پيا هئا، پر اُن جو
ذڪر اڳتي هلي موزون جڳهه تي ڪندس. اِهي پرون
ديديءَ کي به پيا هئا. هوُءَ ڪڪيءَ جي ديهانت کان
پنج سال اڳ جس لوڪ اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جي خبر ٻڌندي
ئي هوائي جهاز ۾ دهليءَ مان بمبئيءَ هيل آئي هئي؛
شايد اِهو ڊپ هوس ته ريل گاڏيءَ، راڄڌاني ايڪسپريس
۾ ايندي به هووُءَ ڪٿي ڪڪيءَ کي زنده ڏسڻ کان
محروم نه رهجي وڃي، ديديءَ هن کي ڳراٽڙي پائي چيو
هو. ”مٺڙي، ڏسجانءِ، ويٺي؛ مان توکان اڳ مرنديس.“
ڪڪي جيئري ئي هئي جو ديدي ٽن سالن اندر رمندي رهي!
ڪڪيءَ جي جس لوڪ مان کٽي ڇٽي نڪرڻ کان ستت پوءِ اَسان ڪڪيءَ جي
آرام سانگي ڪجهه ڏينهن دهليءَ ۾ رهياسين، پوءِ به
انهن ٽن سالن اندر پنج ڇهه دفعا دهليءَ وياسين.
ديدي جڏهن ڪڏهن ڪڪيءَ کان اڳ ساسين سکالي ٿيڻ جي
ڳالهه دهرائيندي هئي!
ديديءَ جو ڪڪيءَ سان عورت جو رشتو نه هو، پوءِ به ديدي- ڪڪيءَ
جهڙو دلين جو ڳانڍاپو ڪن رشتيدارن وچ ۾ به مشڪل
رهيو هوندو.
عجيب زندگيءَ جا عجيب رشتا ناتا!
درحقيقت اُن زماني ۾ عجيب رشتن ناتن جو عجيب ٽڪنڊو، چؤڪنڊو چوڻ
بيجاءِ نه ٿيندو، ٺهي ويو هو، ديدي، ڪڪي، مان ۽
واسديو اَچنتاڻي، ”آشا“ بهتر آهي، مان منڍ کان وٺي
بيان ڪريان:
1974 جي فيبروريءَ جي ڳالهه آهي.......
مون کي نيٺ ساهتيه اَڪادمي اِنعام مليو ئي – ” پيار جي پياس“
ناول تي، مون کي اِنعام وٺڻ لاءِ دهليءَ اچڻو هو.
اِنعام وٺڻ جي تاريخ هئي 28 فيبروري ۽ هڪ ڏينهن وچ
وجهي 2-3 مارچ تي دهليءَ ۾ اکل ڀارت سنڌي ساهت سڀا
جو اکل ڀارت ساته سميلن ٿيڻو هو. اِن سميلن جي
صدارت ڪرڻ وارو هو ڪيرت، ڪيرت ٻاٻاڻي.
اِنعام جي پڌرائي ۽ سميلن جي تاريخن جي ظاهرات لڳ ڀڳ ساڳئي وقت
ٿي هئي، ڊسمبر 1973 ۾.
ڪيرت مون کي سميلن جي ڪلچرل پروگرام ۾ ڪلاڪار منڊل جي ڀڳا وٺڻ
لاءِ چيو، سميلن تال ڪٽورا گارڊن ۾ ٿيڻ وارو هو،
ٻڌم، ڊيليگيٽ ۽ ڪلاڪار تنبن ۾ رهايا ويندا.
هيتري سارن اَڻانگن سفرن ۽ اوجاڳن وارن پروگرامن جي دؤران ۾
ڪڪيءَ جي تمنا چئجي کڻي ته طلب هڪ ئي هوندي؛ رهائش
جي جڳهه گوڙ گهمسان کان پري هجي ۽ اُها ڌرمسالا نه
هجڻ کپي ۽ دير سان پروگرام ڏيڻ ڪري هن جي ننڊ م
رخنو پوڻ جو امڪان هجڻ نه کپي. هوُءَ جهوپڙيءَ
جهڙي گهر خواهه محلات جهڙي بنگلي جي نويڪلي ڪمري ۾
هڪجهڙي خوش رهندي هئي. هوُءَ رهائيندڙن کان غير
رواجي سهوليتون ته نه وٺندي هئي هيڪاري گهر جي
زالن کي ڪم ڪار ۾ هٿ وٺائيندي هئي، هن جي سٻاجهي
سڀاءَ ڪري به هن کي ڪو به پاڻ وٽ رهائڻ ۾ خوشي ۽
فخر پئي محسوس ڪندو هو. ۽ ريگيولر پروگرامن واري
ڳوٺ/ شهر ۾ اَسانجو دائمي ميزبان ميسر ٿي ئي ويو
هو. دهليءَ ۾ اَسان رهندا سدائين منهنجي پڦاٽ
گوبندرام ڀنڀي مل جي بنگلي تي هئاسين ڪملا نگر ۾.
هوُ پروگرام واري هنڌ تي ڇڏي اَچڻ ۽ اُتان آڻارائڻ
جو بندوبست ڪري ڇڏيندو هو! مون پوءِ به ڪيرت کان
پڇيو. ” اَسان کي رهائيندا ڪٿي؟“
چيائين، ”تون پنهنجي ۽ ڪلاڪارن جي رهائش جي ڳڻتي نه ڪر.“ هن
کليو ۽ چيو، ”تنهنجو ۽ ڪلاڪار منڊل جي ٻين ڪلاڪارن
جو هڪ شرڌانو جاڳيو آهي، اوهان مان ڪنهن کي ڏسڻ
کان اڳ ئي. اوهان لڪتي ۾ ڊراما فيسٽيول (اِن ڊراما
فيسٽيول ۾ ڪڪيءَ ”آٿيلو“ ۾ اداڪاريءَ لاءِ بهترين
اداڪاره جو اِنعام کٽيو هو) کان پوءِ لکمي کلاڻيءَ
سان گؤهاٽيءَ ويا هئا. اُتي چڱي ڌوم مچائي هئيوُ،
هن سڄڻ کي اھتي ڊراءِ ڪليننگه جا دڪان آهن. هوُ
اُن وقت اُتي نه هو پر ڀڳونتيءَ جي آواز جي ساک
ٻڌي هوُ اَڻ ڏٺي ڀڳونتيءَ جو شرڌانو بڻجي پيو
آهي.“
مون ڪڪيءَ کي اِها ڳالهه ٻڌائي، هوُءَ به حيران. چيائين، ”ضرور
هوندو پئسي وارو ۽ گهر به ضرور وڏو هوندس. پنجن
ڇهن جي رهائش جو بار ٿو کڻي...“
ڪيرت به اَسان سان گڏ دهليءَ هليو. 27 فيبروري ڊيلڪس ايڪسپريس ۾
بمبئيءَ مان نڪتاسين، 28 صبوح جو ساڍي نوين ڏهين
بجي دهلي اِسٽيشن تي پهتاسين.
ڪيرت جو سنڍو ٽولو ويرواڻي ۽ اَسان جو ميزبان اسان کي وٺڻ آيا
هئا.
بدن جو پورو پنو، وار کسڻ تي، عينڪ سان، سليٽي سوٽ ڪوٽ ۾ ملبوس
شخص هو، اَسان جو ميزبان. نالو ڪيرت به پهريون
دفعو ٻڌو- واسديو اَچنتاڻي ” آشا“. تخلص ٻڌي مون
پهريندي هٿ ملائيندي هن کان پڇيو، ”اديب آهيو
اوهان!“ مرڪي چيائين، ”ننڍي هوندي تڪبندي ڪندو
هوس، هاڻ راڳ سان رچي اٿم.“ بنا دير چيائين.
”ڳائيندو نه آهيان، ٻڌڻ جو شوق اَٿم“ ڪڪيءَ کي هٿ
جوڙي نمستي ڪيائين، فيئٽ ڪار آندي هئائين، ٽئڪسي
به ڪيائين، ٽئڪسيءَ ۾ ڪلاڪار چڙهيا. ڪيرت، تولو،
ڪڪي ۽ مان ڪار ۾ ويٺاسين. ڪار اَچنتاڻيءَ پاڻ
ڊرائيو ڪئي، رميش نگر ۾ ڪيرت ۽ تولي کي لاهي، اسين
اَچي راجوڙي گارڊن جي
J بلاڪ ۾ پهرئين ماڙي تي پهتاسين، هڪ شاهي هال هو ۽ چار ڪمرا،
اُن مٿان ٽيريس تڪي به هڪ ڪمرو هو. ڪلاڪار اُن ۾
رهيا ۽ اسين ڪٽنب جا ڀاتي سمجهيا وياسين. اَچنتاڻي
ڪار شروع ڪندي ئي اَسان جي گؤهاٽيءَ ۾ ڏنل پروگرام
جي ٽيپ هلائڻ شروع ڪئي هئي. ڪار بند ڪرڻ کان اڳ
اُها ٽيپ ڪڍي ڪوٽ جي کيسي ۾ وڌائين. ظاهر هو، ٽيپ
کي قيمتي وستو سمجهي پاڻان پري ڪرڻ نٿي چاهيائين.
ڪيرت رميش نگر ۾ لهندي چيو، ”مان ڪٿان به شام جو اڪادمي واري
اِنعامي اُتسؤ ۾ پهچندس، تون، ڀڳونتي ۽ اَچنتاڻي
مون سان هلجو- رات جو ڊنر به آهي ته پريس ڪانفرنس
به آهي. سميلن جي آجيان سڀا جي چيئرمن پريم
وڇاڻيءَ جي بنگلي تي دعوت آهي، ٻيا ڪلاڪار ڀل موٽي
اَچنتاڻيءَ جي گهر اچن.“
منجهند جي مانيءَ کان اڳ ئي اَچنتاڻي مون سان ۽ ڪڪيءَ سان اهڙو
گهائل مائل ٿي ويو جو ڄڻ ورهين کان واقف ئي نه،
گهرو متر هو اسان جو. هن جي گهر جا ڀاتي به اسان
سڀني سان حد کان وڌيڪ پنهنجائيءَ سان پيش آيا.
ساهتيه اڪادميءَ جي اِنعامي اُتسؤ ۾ ڪيرت، نارائڻ شيام، لڇمڻ
ڪومل، هرو مل سدارنگاڻي ۽ ٻيا ڪيترا سنڌي اديب
شامل ٿيا. ڪيرت ۽ ٻيا اديب اُتسؤ بعد هليا ويا.
لڇمڻداس پمناڻي پاسي ۾ ”چيلسفورڊ ڪلب“ ۾ چانهه
پيارڻ وٺي هليو. هن سان گواليار لاءِ، سميلن
پڄاڻا، هوليءَ جو پروگرام به مڃيم.
پريم وڇاڻي، ويسٽن اليڪٽرانڪس جو چيئرمن به هو، ڊفينس ڪالونيءَ
۾ هن جو ننڍو بنگلو هو، جنهن کي دهليءَ جي ڀاشا ۾
ڪوٺي ٿي سڏيائون. پريس وارن، آجيان سڀا جي
ڪاروباري ڪاميٽي ميمبرن ۽ چونڊ اديبن ڪلاڪارن کي
ماڙيءَ تي وهاريائون- ڪڪي هيٺ زالن ۾ وڃي ويٺي،
مون کي دل ئي دل ۾ اِهو فڪر رهيو ته مرداني ڪڪي،
شاهوڪار گهرن جي زالن ۾ پاڻ کي اُڌارو اُڌارو
محسوس ڪندي، مٿي شراب جو دؤرو شروع ٿيو ۽ اُن سان
چهر چالو ٿي، پريس ڪانفرنس صرف بهانو هئي. ڪيرت
جي پريس پڌرائي پريس وارن ۾ ورهائي ويئي ۽ پريم
هنن کي اُها ڇپڻ جي ڀلامڻ ڪئي. جتي پريم رعبدار
شخصيت جو مالڪ ٿي ڏٺو، تتي کانئس ننڍو ڀاءُ سندر
ڪافي ملنسار لڳو. اچنتاڻيءَ ٻڌايو، ”ويسٽن کي هن
ڪڙيءَ تي پهچائڻ ۾ سندر جي وڌيڪ محنت رهي هئي،
لجپت نگر ۾ هڪ ڪمري ۾ ننڍا ٽرنزسٽر ٺاهيندي، هن
پنهنجي لگن ۽ ملنسار سڀاءَ سان ويسٽن ٽي. وي.
تائين پهچندي اوکلا انڊسٽريل اسٽيٽ ۾ شاهي بلڊنگ
جوڙي ورتي هئي، پريم جو دماغ ۽ فئڪٽري هلائڻ جو
ڏانءُ ۽ سندر جي وڪري وڌائڻ جي هنر وڇاڻين کي
غريبيءَ کان اميريءَ تائين پهچايو هو.“ مون کي رکي
رکي ڪڪيءَ جو خيال پئي ٿيو ته هوُءَ ڪهڙي حال ۾
هوندي.
محفل پوري ٿيڻ بعد اَچنتاڻيءَ جي ڪار ۾ چڙهندي ئي ڪڪيءَ چيو.
”گهڻين زالن ۾ شاهوڪاريءَ جو اجايو اڊمبر ڪونه هو.
سڀني منهنجو خاص خيال پئي رکيو. هڪ ته منهنجي مٿان
جنسي گهول گهول پئي ويئي. ويسٽن جي مالڪن وڇاڻي
ڀائرن جي ڀيڻ هئي. سڀني ديدي ديدي پئي ڪوٺيس. رعب
به چڱو هوس، محفل جي مورڻي به اُها هئي. جهڙو بدن
موٽو هوس، دل اُن کان به وڌيڪ ويڪري هيس.....“
جتي مون کي آٿت مليو تتي اَچنتاڻيءَ کي ديديءَ جي هيڏي ساري
ساراه نه آئڙي شايد، اهڙي ڪا ڏيکاري نه ڏيندي به
چيائين، ”موهنيءَ جي ڳالهه ٿي ڪرين نه، شراب به
چڱو پيتو هوندائين، سگريٽ به جام ڇڪيا هوندائين.“
ڪڪيءَ چيو. ”اها، ٽي چار پيگه پيتائين، ٻه ٽي
سگريٽ به ڇڪيائين.“ ۽ پوءِ گويا اَچنتاڻيءَ کي
ڳالهه وڌائڻ کان روڪڻ لاءِ چيائين.”سڀاءَ ڪري مون
کي حد وڻي.“ |