جيڪب آباد
شڪارپور تائين پهتا آهيون ته وڌيڪ پنجاهه ميلن جو سفر ڪري، جيڪب آباد تي به
هڪ نظر ڪندا هلون ته بهتر ٿيندو.
جيڪب آباد؟ ”ييڪمباد“، يا ”جيڪماباد“، جيئن به سڏيوس، لکاپتي وڏيرن جو مرڪز،
خانن ۽ سردارن جو ڳڙهه، ٻروچن جي تهذيب جو ميوزم،
اڻويهين صدي واريءَ سنڌ جي مٽجندڙ آخري تصوير، ۽
سرڪاري ڪامورن لاءِ ”سڻڀو ٽڪر“!
زماني جي انقلابن کان الله بچائيس، ڪيترين ئي خصوصيتن جو حامل شهر آهي، ۽
گهڻين ئي ڳالهين ۾ پنهنجو مثال پاڻ.
جنهن به ڪاموري جي بدلي جيڪب آباد ضلعي ڏانهن ٿيندي هئي، ته ائين سمجهيو
ويندو هو ته ڄڻ ڪنوار کي ونواهه کائڻ جو وجهه
مليو. پير پير تي پئسو - ننڍو موقعو هجي يا وڏو،
پر مهماني ضرور ملندي، سردار يا وڏيري کي اوستائين
آرام نه ايندو، جيستائين نئين آيل ڪاموري وٽانئس
مهمانيون وٺڻ شروع نه ڪيون آهن. وڏيون زمينداريون،
اٿاهه آباديون، اڪيچار آمدنيون، پوءِ وڏيرا پئسو
کپائين ته ڇا تي؟ نه علم، نه نئين روشني، نه
ٻاهرينءَ دنيا جي گهڻي پروڙ، ۽ نه دولت جي صحيح
مصرف متعلق ڪا پروڙ - پوءِ دولت صرف ٿئي ته ڇا تي؟
يا جهيڙن فسادن ۽ مقدمن تي، يا لوڪلبورڊ ۽ ميونسپل
جي چونڊن تي، يا ڪامورن ۽ آفيسرن جي خوشامد تي، يا
ڀلن گهوڙن ۽ موٽرن تي، يا سينڌين ۽ سريتن تي. پاڻ
کي نصيب هوندن، پهرڻ لاءِ ڏورئي جو ڊگهو پيراهن،
محمودي جي سٿڻ، ۽ ململ جي وڏي پڳ. کائڻ لاءِ گوشت
جو ٻوڙ ۽ ٿلهو ڊڳڙ، تن جي مٿان لسيءَ ۽ جهاري جو
وٽو، گوشت پيل چانور، جن تي پلاوَ جو الزام هوندو،
سي محض عيد برات ڏينهن. رهڻ لاءِ معمولي اوطاق،
جنهن ۾ کٽون پيل هونديون. کائيندا ته هڏا فرش تي
پکيڙيندا ويندا. واندڪائي هوندن ته چؤطرف ڀتين ۽
زمينن کي ٿڪن ۽ بلغم سان پيا چِٽيندا. زمينداريءَ
جو ڪاروبار هندو مودين جي حوالي، جو پئسو ايندو،
سو جهيڙن جي سپرد يا عملدارن جي کيسن ۾. سرڪاري
ڍلن ڏيڻ جو وقت ايندو، ته يا رپئي تي چار آنا
درماهي وياج سان هندو شاهوڪارن کان قرض ورتو
ويندو، يا روينيو عملدارن کي رشوتون ڏيئي کانئن
مهلت جي درخواست منظور ڪرائي ويندي. هر سال، ان
قرض وگهي، ڪجهه نه ڪجهه ايراضي ضرور ”قطعي وڪرو“
ٿيندي رهندي. جيڪڏهن پاڪستان نه اچي ها، ۽ هندو
شاهوڪار هندستان ڏانهن ڀڄي نه وڃن ها، ته هيل
تائين جيڪب آباد جي گهڻن وڏيرن جون زمينون هندن جي
کاتن تي چڙهيل نظر اچن ها.
جيڪب آباد جو ڊپٽي ڪمشنر حد جي وڏيرن ۽ سردارن لاءِ شمع جي حيثيت رکندو،
جنهن جي چوگرد هي پروانا شب روز پيا چڪر ڪاٽيندا،
۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ان شمع وگهي سڙندا ٻرندا به پيا.
سمائٿ نالي هڪ نانءَ ڪٺيو ڊپٽي ڪمشنر هوندو هو. سالن جا سال جيڪب آباد جي
گردن تي چڙهيو رهيو. ڪرڙو، ۽ ڪاوڙيل. سندس ڏينهن ۾
سردارن ۽ وڏيرن جا ور نڪتا پيا هوندا هئا.
سندس پنهنجي ذات اقدس ته بحث کان بالا، پر سندس حوالدار ئي هڪ خود مختار
حاڪم جي پيو ڏِک ڏيندو هو: ڊپٽي ڪمشنر صاحب جو
شريڪِ حال، زيردست ڪامورن لاءِ ڪال، وڏيرن واسطي
وبال، ضلعي جي ساري ٻَڌي، ڇوڙي ان حوالدار صاحب جي
حوالي هوندي هئي. ملاقاتي سردار ۽ وڏيرا، ڪهڙي
آرڊر ۾ ڊپٽي ڪمشنر صاحب اڳيان پيش ٿين، تنهن جو
فيصلو سندن سپرد، ڪلاسن ۽ درجن پيرين پيو ڪم
هلندو. سڻڀا، ستابا، سترا، سي ورانڊي ۾، ۽ پهرئين
پتڻ پيش. ”ٻن رپين سلاميءَ“ وارن کي ٻاهرينءَ
ڪَنڊيءَ جي پاڇي ۾ پگهر سڪائڻو پوندو. رهي عام
مخلوق خدا جِي، سا قطعاً ڪمپائونڊ کان آئوٽ!
هر سال، سياري جي موسم ۾، گهوڙن جو ميلو لڳندو هو. ميلو ڇا هوندو هو،
عملداري ۽ وڏيري دنيا جو ”ورائٽي شو“. ظاهري مقصد
ته گهوڙن جي گوءِ ۽ سٺن گهوڙن جي مالڪن ۾ انعامن
جي تقسيم، جيئن گهوڙن جي ”پاپوليشن“ وڌي ۽ منجهس
ماڻهن جي دلچسپي پيدا ٿئي، پر حقيقي مطلب هوندو
عملدارن جو جشن نوروز. مير محفل ٿيندو سنڌ جو
ڪمشنر، شموليت لاءِ ايندا ساريءَ سنڌ جا ڪليڪٽر،
ڪپتان ۽ ٻيا آفيسر. درٻاريون، مهمانيون، ڊنريون،
پارٽيون، ڪن کي انعام ته ڪن تي الزام. جن تي
”راءُ“ راضي، تن جي جهوليءَ چنڊ جهُليو. جن کان
پرين پاسيرا، تن جا ٻه به ويا ته ٻارهن به ويا.
وڏيرڪيون اوطاقون مهمانن سان ٽمٽار هونديون. ڇيلا
پيا ڪُسندا، ديڳڙن پويان ديڳڙا پيا دمبا. وڏيرن جا
لامارا عملدارن جي بنگلن ٻاهران، باقي خلق، ڏينهن
جو پِڙيءَ ۾، ڏئي ٻِرئي ڌُو چڪلي ۾!
ضلعي جي پبلڪ قومن يا ذاتين پيرين ورهايل هوندي هئي، ۽ هر ذات يا قوم کي
پنهنجو سردار هوندو هو. سردار پنهنجيءَ قوم اندر،
ساري سياهه ۽ سفيد جو مالڪ ۽ مختار هوندو هو- جنهن
کي ٻَڌائي، جنهن کي ڇوڙائي: ڪنهن کي بنهه مارائي
ڇڏي، ته به ٻڙڪ ٻاهر نه نڪرندي. چورين، ڌاڙن،
سياهڪارين، بلڪ خونن تائين فيصلا سردار جي کٽ
سامهون ٿيندا.
ان سرشتي کي وقت جي حڪومت جي سرپرستي پڻ حاصل هوندي هئي. جيڪب آباد ضلعي سان
هڪ خاص قانون لاڳو ڪيل هو، جنهن کي ”سنڌ فرنٽيئر
ريگيوليشن“ سڏيو ويندو هو. اهو قانون انگريزن
پنهنجي آمد جي اوائلي ڏينهن ۾ ٺاهيو هو، جڏهن اڃا
انهن علائقن ۾ بغاوت ۽ ڏوهن جو ٻج باقي هو. ان
قانون پٽاندر، ڪنهن به ماڻهوءَ کي بنا مقدمي
هلائي، ۽ بنا ڪنهن به سبب ٻڌائي، جيل ۾ رکي سگهبو
هو. ساڳئي قانون هيٺ، مقامي سردارن جا جرگا قائم
ڪيا ويندا هئا. اهي جرگا خانگي ڏوهن جي جاچ ڪري،
ڊپٽي ڪمشنر کي سفارش ڪندا هئا ته ملزم کي سزا ڏجي
يا آزاد ڪجي، ۽ جيڪڏهن سزا ڏجي ته ڪيتري. جرگا به
ٻن قسمن جا هوندا هئا: لوڪل جرگا، ۽ شاهي جرگا.
لوڪل جرگا معمولي ۽ آسان قسم جا معاملا فيصل ڪندا
هئا. اهم مقدما شاهي جرگن اڳيان ويندا هئا. جرگن
جا ميمبر ڊپٽي ڪمشنر مقرر ڪندو هو، ۽ گهڻو ڪري
قومي سردارن منجهان.
سردار شير محمد خان بجاراڻي، ضلعي جيڪب آباد جي مکيه سردارن منجهان هڪ هو.
ملڪ کي آئيني سڌارا مليا، ته جيڪب آباد ضلعي طرفان
شير محمد خان ئي بمبئي ڪائونسل جو ميمبر چونڊبو ٿي
رهيو. سندس اثر، اقتدار ۽ دولت جو شُهرو ايتريقدر
هو، جو ڪنهن به همعصر کي چونڊ ۾ سندس مقابلي ڪرڻ
جو حوصلو ڪونه ٿيندو هو.
هڪ دفعي ٻه - ٽي يورپي آفيسر (ڪرڪ، سکر جو سيشن جج، ۽ ٽانٽن، جو ان وقت اڃا
اسسٽنٽ ڪليڪٽر هو ۽ پوءِ سنڌ جو چيف سيڪريٽري ۽
ڪمشنر به بڻيو) شڪار ڪري واپس ٿي وريا. رستي ۾
ڪنهن نامعلوم شخص سندن موٽر تي گولي ڇوڙي. گوليءَ
جو ڌڪ ته ڪنهن کي به ڪونه لڳو. پر گوليءَ جو فقط
ڇٽڻ ئي سرڪاري رعب لاءِ ڪافي چئلينج جو سبب بڻجي
پيو. ساري جيڪب آباد ضلعي اندر ٿرٿلو مچي ويو. هر
طرح سان جاچ ڪئي ويئي، پر اصلي ڏوهاريءَ جو ڪو پتو
پئجي ڪونه سگهيو. آخر سرڪاري سومان ۽ دٻدٻي کي
برقرار رکڻ خاطر، فيصلو ڪيو ويو ته ان ضلعي جي
مکيه مان مکيه ماڻهوءَ، يعني سردار شير محمد خان،
کي ”فرنٽيئر ريگيوليشن“ هيٺ گرفتار ڪري، ڪجهه
ڏينهن لاءِ جيل ۾ رکيو وڃي، جيئن عام ماڻهو سمجهن
ته انگريز جي فيل مستي اڃا بدستور قائم آهي. هڪ
ڏينهن اوچتو ئي اوچتو، شير محمد خان کي گرفتار
ڪري،سکر جيل ڏانهن اماڻي ڇڏيائون، ۽ ”فرنٽيئر
ريگيوليشن“ هيٺ! وڏيءَ ڪوشش ۽ گهڻيءَ آزيءَ
نيزاريءَ بعد وڃي سردار صاحب تان اهو ڪشٽ لٿو، ۽
پاڻ آزاد ٿيو.
جن ڏينهن جو آءٌ ذڪر ڪري رهيو آهيان، انهن ڏينهن تائين اڃا جيڪب آباد ضلعي
اندر سنڌ جي پراڻين اخلاقي صلاحيتن جي ڪا نه ڪا
جهلڪ، ڪڏهن ڪڏهن ضرور ڏسڻ ۾ ايندي هئي. مثلاً،
سردارن جي ليول کان هيٺ لهي، عام ماڻهن تي نظر ڪبي
هئي ته معلوم ٿيندو هو ته منجهن دوستي، وفاداري ۽
واعدي وفائيءَ جي بوءِ اڃا تائين باقي آهي: قسم
ساک کنيائون ته ان تي قائم رهندا هئا، دوستيءَ جو
پيچ پاتائون ته بيوفائي نه ڪندا، احسان ڪبن ته
وسرندن ڪونه، واعدو ڪيائون ته وس پڳي ان کي
نباهيندا، سام جهليائون ته سر تائين ڏيئي چڪندا،
مهمان يا مسافر در پيهي آيو ته پاڻ بک تي ويهي
رهندا، پر ان جي خاطر تواضع ۾ گهٽتائي نه ڪندا،
پير فقير جو لحاظ هون، سيد ميڙ ٿي آيو ته خون به
بخشي ڇڏيندا، الله تعاليٰ جي نانءَ تي سر قربان
ڪرڻ ۾ دريغ نه ڪندا، چور هوندا، ته به سيد، فقير،
رن جو“، نياڻيءَ ۽ پاڙي جي تڏي کان ضرور ٽري
لنگهندا، غيرت جي معاملن ۾ مارڻ ۽ مرڻ، ٻنهي لاءِ
هر وقت تيار.
سردار شير محمد خان بجاراڻي
شير محمد خان مرحوم جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي. منهنجي ساڻس واقفيت هوندي هئي.
شڪل شباهت ۾ وڏي وقار جو ڌڻي هو. ڊگهو قد، ڇڙڪ
جسم، ڏاڙهي وڏي ٻروچڪي، خوش لباس، هٿ جو ڪشادو،
زنده دل، مهمان نواز، سنجيدو، حوصلي ۽ همت جو
صاحب. ورهين جا ورهيه بمبئيءَ ڪائونسل جو ميمبر ٿي
رهيو. ووٽ هميشه سرڪار کي ڏيندو هو ، پر سچ ڪڏهن
ڪڏهن سرڪار کي به چئي ڏيندو هو. سنڌ جدا ٿيڻ کان
پوءِ، سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبريءَ لاءِ اميدوار
بيٺو، پر ڪانگريس اميدوار، مسٽر محمد امين کوسي
هٿان شڪست کاڌائين. کيس شڪست کارائڻ ۾ ڪجهه قدر
مون ۽ منهنجي ڀاءُ حسام الدين جو به هٿ هو.
مسٽر محمد امين خان کوسو
جيڪب آباد جي کوسا قوم جو فرد هو. عليڳڙهه مان بي.اي.، ايل.ايل. بي. ٿي،
مولانا محمد عليءَ جي سوانح تي ڪتاب لکي، سنڌ ۾
موٽي اچڻ تي هڪدم سياست ۾ ڪاهي پيو. اليڪشن ۾
سردار شير محمد خان بجاراڻي مرحوم سان مقابلو ٿيس،
جنهن کي شڪست ڏنائين. سنڌ اڃا هاڻ جدا ٿي هئي،
ماڻهن ۾ نيون اميدون ۽ نوان ولولا هئا. شير محمد
خان مرحوم، جو پنجويهن سالن کان ساڳيءَ حد مان
چونڊبو ٿي آيو، سو هن دفعي انهن ولولن جي لڙهه ۾
لڙهي ويو. ماڻهن سمجهيو ٿي ته نئون زمانو آيو آهي،
تنهنڪري نون ماڻهن چونڊڻ سان پراڻي دور جو خاتمو
ڪري سگهبو. ووٽر گهڻو ڪري اڻپڙهيل ڳوٺاڻا ٻروچ
هئا، پراڻي دور جي دستورن ۽ سختين جا ستايل هئا، ۽
ايترو شعور هون ته جيڪڏهن ووٽ جي ٽُڪري ڏيڻ سان
هميشه لاءِ جيءُ ان جنجال مان ڇٽي سگهي ته وچ جون
ڀلڪارون گهڙي پلڪ برداشت ڪري وٺجن. محمد امين خان
کي وڏي تعداد ۾ ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪيائون. اڳتي هلي
سندن اميدون پوريون ٿيون يا نه، سو بعد جي تاريخ
ڏسڻ سان معلوم ٿيندو. سنڌ جدا ٿيڻ کان پوءِ، محمد
امين خان ئي پهريون ۽ پويون مسلمان هو، جو ڪانگريس
جي ٽڪيٽ تي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو.
اسيمبليءَ اندر محمد امين خان، خانبهادر الله بخش مرحوم جي گروپ سان ڳنڍيل
رهيو. ماحول وسيلن ۽ ذريعن جي خيال کان، سندس
سياسي پروگرامن ۽ خيالن جي پکيڙ قدري حد کان وڌيل
رهي، جنهنڪري صوبائي حالات تي گهڻو اثر پيدا ڪري
نه سگهيو. ڪانگريس پارٽي سندس اسلامي رجحان،
مسلماني شڪل شباهت ۽ گفتگو جي نياري انداز ڪري،
کانئس مشڪوڪ رهي. مرحوم الله بخش سندس ووٽ کان ته
مستفيد ٿيندو رهيو، پر سندس خيالات کان بنهه نه.
مسلم ليگين سان ته نه سندس پيل هئي، نه مسلم ليگين
جي ساڻس.
طبيعت جي اهڙيءَ آزاديءَ ۽ خيالن جي ايتريءَ بلنديءَ سبب، ڪجهه عرصي بعد،
محمد امين خان پنهنجن سمورن همعصرن کي پوئتي ڇڏي
وڃي اهڙي مقام معليٰ تي پهتو، جت ٻئي ڪنهن به بشر
جو پير ڪونه هو، ۽ پاڻ اڪيلو ئي اڪيلو رهجي ويو.
اڪيلائيءَ جي احساس طبيعت ۾ وڌيڪ سختي پيدا ڪيس، ۽
جڏهن ڏٺائين ٿي ته زمين تي رهندڙ محدود علم ۽
محدود شعور رکندڙ انسان سندس اهڙي اعليٰ پيغام جو
ڪو قدر ڪونه ڪري رهيا آهن، تڏهن جلالي ڪيفيت ۾ اچي
ٿي ويو. اسيمبليءَ جي عين ايوان اندر ڪن ميمبرن کي
سندن ٽائينِ مان جهلي گهونسا هڻي ڪڍيائين. اوستي
محمد جي پبلڪ ميٽنگ ۾ سندس تقرير هلندي اسٽيج تي
حملو ٿيو. ڪجهه عرصي تائين ته ڌوڙ - ڌڪاءُ هو.
پوليس جي دخل اندازيءَ بعد جڏهن سڪون پيدا ٿيو، ته
ڏٺو ويو ته خود محمد امين خان جي پيشانيءَ مان خون
جا قطرا ڪِري رهيا هئا. هڪ عاشقانه سُنت هئي، جا
ان طرح پوري ته ٿي، پر سندس سياسي حالتن ۽ انساني
لڇڻن تي ان کان پوءِ به ڪو اثر پيدا ڪونه ٿيو. سال
- ٻن کان پوءِ مرحوم الله بخش خان شهيد ٿيو،
جنهنڪري محمد امين خان جي تنهائي پاڻ وڌيڪ شدت ۽
وڌيڪ سنگيني اختيار ڪئي.
46-1945ع وارين عام اسيمبلي چونڊن ۾ محمد امين خان ناڪامياب ٿيو. 1947ع ۾
پاڪستان آيو، ۽ ڪانگريسي سورما مورڳو ملڪ ڇڏي ويا.
نه رهيو اڳوڻو ”وايو منڊل“ نه رهيا اڳوڻا ساٿي.
و ان قدح بشڪست، و ان ساقي نماند.
سردار عبدالرحيم خان کوسو
کوسن جي قوم جيڪب آباد ضلعي اندر چڱي انداز ۾ پکڙيل آهي. منجهس زميندارن ۽
مالدارن جو تعداد پڻ ڪافي آهي. سردار عبدالرحيم
خان، جنهن کي برٽش سرڪار ”سردار بهادر“ جو خطاب به
ڏنو، ان قوم جو اڳواڻ هو. پنهنجن همعصرن اندر
اخلاقي طرح، سندس مقام تمام اوچو هو. ڪيترين
خصوصيتن سبب ماڻهو سندس ڏاڍي عزت ڪندا هئا. مثلاً
ڪوڙو واعدو هرگز نه ڪندو هو، ۽ ان ڪري ”عبدالرحيم
خان جو واعدو“ ضرب المثل بڻجي پيو. ڪوڙ پڻ نه
ڳالهائيندو. راءِ ڏيڻ ۾ منافقيءَ کان ڪم نه وٺندو.
جنهن شخص لاءِ چڱي راءِ ٿيس، ان جو پاسو هرگز نه
ڇڏيندو. پارٽيبازيءَ کان پري رهندو، پر جنهن به
پارٽيءَ طرف هڪ دفعو لاڙو ٿيس ته ان سان پڇاڙيءَ
تائين گڏيو هلندو. سر غلام حسين سان دوستي هيس ۽
ان کي چڱو ماڻهو سمجهندو هو. پڇاڙيءَ تائين سندس
ساٿ نه ڇڏيائين. ڪامورن جي دروازن تي ڌڪا نه
کائيندو، نه کين رشوتون کارائيندو. پنهنجي عزت ۽
پنهنجو وقار رکي ڄاڻندو هو. پنهنجي ڳوٺ اندر،
بنگلي جي چوڌاري وڏو ڪوٽ کڻائي ڇڏيو هئائين. آيو
ويو ڪوٽ جي ٻاهران هوندو، اندر اچڻ جي اجازت ڪوششن
سان ميسر ٿينديس. اڻ وڻندڙ ۽ غلط ماڻهن جو منهن
ڏسڻ پسند نه ڪندو هو. جنهن به ملاقاتيءَ کي هڪدم
ملاقات جو موقعو ڏنائين، تنهن لاءِ اها ڳالهه باعث
امتياز سمجهي ويندي هئي. اسيمبلي يا ڪائونسل جي
ميمبريءَ لاءِ ڪڏهن به اميدوار نه بيٺو، حلانڪ
سندس اثر ڪافي هو. سبب هيءُ هو ته ووٽ گهرڻ پنهنجي
وقار ۽ خودداريءَ جي منافي ٿي سمجهيائين. البت
ضلعي لوڪلبورڊ جي پريزيڊنٽي سا ورهين تائين سندس
حوالي رهي، ۽ ان سلسلي ۾ ڪڏهن به سختيءَ سان سندس
مقابلو ڪونه ٿيو.
شڪار ۽ هٿيارن گڏ ڪرڻ جو بيحد شوق هوس. پنهنجو اڪثر وقت شڪار پٺيان ئي صرف
ڪندو هو. نشانيبازيءَ ۾ يڪتا هو. چوندا هئا ته
ڀڄندڙ گهوڙيءَ جي پٺيءَ تان اڏامندڙ تتر ماريندو
هو. ممڪن آهي ته ان ۾ ڪجهه مبالغو به هجي، پر اها
ڳالهه صحيح آهي ته سندس هٿ غير معمولي طرح سڌو هو.
جڏهن سندس انتقال ٿيو ته وٽانئس سوَن جي تعداد ۾
بندوقون، هزارن جي تعداد ۾ ڪارتوس، بيشمار چاقو، ۽
اڪيچار ٻيو شڪاري سامان نڪتو. اولاد ڪونه هوس.
سندس جاءِ نشينيءَ تي جهيڙو ٿي پيو. الله تعاليٰ
کڻي عملدارن جي ٻڌي، اهو سارو سامان لحظي ۾ تتر
بتر ڪري ڇڏيائون.
مون تي مهربان هوندو هو. ٻه - ٽي دفعا منهنجي ساڻس ملاقات ٿي. کٽ تي پلٿي
ماري ويهندو هو، بت ۾ وزني هوندو هو. مٿي جا وار
وڏا، ڏاڙهي نه بي تحاشا وڏي ۽ نه بلوچڪي اصول خلاف
ننڍي، مٿي تي اڇي پڳ، جسم تي پيراهن يا قميص،
هيٺتي چوتختي محمودي جي سلوار، پير ۾ نرم سنڌي
جُتي، ڏِسڻيءَ خواهه اٿڻيءَ ويهڻيءَ ۾ حشمت ۽
وقار. پنجاهه - پنجونجاهه ورهين جي عمر ۾ انتقال
ٿيس.
خانبهادر دلمراد خان کوسو
مردن ۾ مرد، سخن جو سچار، دوستيءَ خواهه دشمنيءَ ۾ پُختو، سخت عزت پسند، بي
تحاشا خرچائو، آرام طلبيءَ کان ڏُور، سختيءَ ۽
مشقت کي زندگيءَ جا لوازمات سمجهندڙ، خانبهادر
دلمراد جي معيار جو ٻيو ماڻهو، منهنجي سانڀر اندر،
مون کي ڏسڻ ۾ ڪونه آيو. بلوچي روايتون مٿس اچي ختم
ٿي ويون، گويا سندس موت انهن روايتن جو موت هو.
کوسن جو سردار نه هو، پر کوسن اندر سندس وقار ۽ هلندي کوسا سردار کان گهٽ
ڪانه هوندي هئي. جيڪب آباد ميونسپل جي اليڪشن ۾
پريزيڊنٽيءَ لاءِ اميدوار بيٺو. وقت جي وڏي کان
وڏي سرمائيدار سان مقابلو هوس. ڄاڻن جي راءِ هئي
ته سنڌ جي تاريخ اندر نه ان کان اڳ ۽ نه ان کان
پوءِ ڪنهن به چونڊ تي ايڏو خرچ ٿيو. فقط هڪ هندو
مختيارڪار پنهنجي ووٽ جي قيمت ٽيهه هزار رپيا
ورتي! ان وقت جي في رپئي جي قيمت، اڄوڪي رپئي کان
ڏهه حصا وڌيڪ هوندي هئي.
انهن ئي اليڪشني مقابلن جي سلسلي ۾، جيڪب باد جا هندو سندس مخالف ٿي پيا. هڪ
شام جو ڪو نامعلوم مسلمان بندوق کڻي شهر اندر ڪاهي
پيو. اٺن - ڏهن هندن کي خون ڪري وڃي ٻاهر نڪتو.
ساريءَ سنڌ اندر ٿرٿلو مچي ويو. اُهي ڏينهن هندو
قوم جي وڏي وقار ۽ زور جا هئا. اهو ئي پهريون
واقعو ٿيو، جنهن ۾ قومي منافرت جي بنياد تي هڪ
مسلمان هٿان هندو مئا. ان کان پوءِ ته گهڻا ئي
فساد ٿيا، جن ۾ هندن مسلمانن هڪٻئي کي دل کولي
ماريو، پر جيڪب باد وارو حادثو ان قسم جو اڃا
پهريون حادثو هو، تنهنڪري اُن جي اهميت انداز کان
ٻاهر هئي. ان زماني جي ڪن هندو اڳواڻن جو اهو
دستور هوندو هو ته اهڙن معاملن ۾، اصل ڏوهاري هٿ
اچي يا نه، پر مسلمانن مان ڪنهن نه ڪنهن وڏي
ماڻهوءَ کي ضرور جيل ۾ وجهرائين، جيئن سندن ڌاڪو
ويهي. جيڪب باد واري حادثي جي سلسلي ۾، جڙتو
شاهديون ڏيارائي، خانبهادر دلمراد خان، مرحوم
مغفور حڪيم قائم الدين ۽ اٺن ٻين مسلمانن کي خوني
سازش واري قلم هيٺ گرفتار ڪرائي ڪورٽ اڳيان رجوع
ڪرايائون. عام طرح اهڙن مقدمن ۾ مسلمان قوم مسلمان
”ملزمن“ جي مدد ڪندي هئي، ۽ هندو قوم هندو فريادين
جي پاران، پنهنجيءَ دولت ۽ وڪالت جي زور تي پرٽجي
پوندي هئي، پر هن مقدمي هلندي مسلمان قوم پنهنجن
مظلوم ڀائرن جي ڪا مدد ڪانه ڪئي. اکيون ٻوٽي، پري
کان تماشو ڏسندي رهي. نه فقط ايترو، پر دلمراد خان
جي ڪن مسلمان سياسي مخالفن پاڻ هندن جي امداد
فرمائي. برعڪس ان جي، سنڌ جي ننڍي وڏي هندوءَ،
هندن پاران، ان مقدمي ۾ ڳوڙهي دلچسپي ورتي، ۽
سمجهيو ائين ٿي ويو ته ان چڪر مان دلمراد خان جو
بچي نڪرڻ محال آهي. پر دلمراد خان پاڻ همٿ نه
هاري، نه ڪنهن جي اڳيان هٿ ئي ڊگهو ڪيائين. مقدمي
جو سارو بار پنهنجي سر تي کڻي بيهي رهيو. سندس
پاران سر محمد شفيع مرحوم، لاهور وارو، وڪالت ڪرڻ
لاءِ آيو، شايد پندرهن سؤ رپيا في روز فيءَ سان.
سکر جي سيشن ڪورٽ اڳيان ڪيس هليو. اهو ئي پهريون ۽
آخري موقعو هو جو مون سر محمد شفيع جي صورت ڏٺي.
انهن ڏينهن ۾ مسٽر جناح پڻ سکر ۾ آيل هو،
پير صاحب پاڳاري جي پهرئين ڪيس جي سلسلي ۾. مون
پهريون دفعو مسٽر جناح سان پڻ ان موقعي تي ئي
ملاقات ڪئي. پاڻ ٽَڪر تي، پاڻيءَ واري ٽانڪيءَ جي
ڀر واري بنگلي ۾ (جو ان وقت سرڪٽ هائوس طور ڪتب
ايندو هو) رهيو ٿي. سر شفيع جي رهائش مير خيرپور
جي بنگلي ۾ هئي، جو واٽر ورڪس ۽ پوليس ڪپتان جي
بنگلن جي وچ ۾ هوندو هو.
مون کي هينئر چٽائيءَ سان ياد نه آهي، پر ڪنهن ڳالهه جي سلسلي ۾ آءٌ سر شفيع
سان ملاقات ڪرڻ لاءِ ويس. گرميءَ جا ڏينهن هئا،
پاڻ چينا سلڪ جو تازو استري ٿيل سفيد سوٽ پهريو،
ڊرائينگ روم جي وچ ۾ ويٺو هو. ارد گرد ٻيا ماڻهو
به هئس. سندس مٿو وارن کان خالي، منهن گول، چهري
جا خط ۽ خال ٿُلها، قد اوچو، ڏاڙهي مڇون ڪلين شيو.
مون سندس خدمت ۾ احوال پيش ڪيو، پر پاڻ گهڻو توجهه
ڏيئي نه سگهيو. ڪيس جو ڪم هوس، ۽ ان اپرانڌ،
خانبهادر دلمراد خان وٽان به ان ڏينهن جي فيءَ جا
پئسا اڃا تائين ڪين آيل هئا. فضا قدري ثقيل هئي.
دلمراد خان جو ڪيس ڪاميابيءَ سان ختم ٿيو. ڪورٽ کيس ۽ ٻين سمورن مسلمان
ملزمن کي بيقصور ٺهرائي باعزت آزاد ڪيو. مالي ڌڌڪو
ضرور دلمراد خان کي پهتو، پر دل جو ڌڌڪو سندس
مخالفن کي به سهڻو پيو.
مرحوم، ڏسڻي وائسڻيءَ ۾ سؤ في صدي ٻروچ هوندو هو. انهن ڏينهن ۾ لباس وغيره
جي معاملن ۾ نئون فيشن جيڪب آباد تائين پهچي چڪو
هو. سردارن جي نئين پوش، ٻروچڪا جوتا ڦٽا ڪري،
انگريزي شُوز پهرڻ شروع ڪيا هئا. موڪري پيراهن جي
جاءِ انگريزي طرز جي قميص کي حاصل ٿي چڪي هئي.
ٻروچڪي پراڻي وڏي اڇي گول پڳ جي جاءِ تي مشهدي
لنگيون اچي ويون هيون، يا ڪلف لڳل پٽڪا - ننڍا، پر
طرا اُڀا. قميص جي ٻاهران اڳ ننڍيون صدريون پهريون
وينديون هيون، پر هينئر ڊگها فراڪ ڪوٽ مروج ٿي چڪا
هئا. مڪمل انگريزي سوٽ - ڪوٽ پهريندي اڃا به
سردارن کي خوف پئي محسوس ٿيو، ڇو ته ان مان انگريز
حاڪمن سان همسريءَ جي بوءِ اچڻ جو خطرو هو. ساري
جيڪب آباد ضلعي اندر، انهن ڏينهن ۾، فقط هڪ نوجوان
انگريزي خوان هو، جنهن مڪمل طرح سان انگريزي فيشن
جي زندگي اختيار ڪئي. ۽ اهو هو مسٽر محمد پناهه
خان اڍو، جنهن جو مفصل ذڪر ٻيءَ جاءِ تي ايندو.
بهرحال، نئينءَ ۽ پراڻيءَ تهذيب جي انهن سارن تصادمن جي باوجود، خانبهادر
دلمراد خان پنهنجي رهڻي ڪرڻيءَ جي معاملي ۾ ڪو به
نئون اثر قبول ڪونه ڪيو.
سردار بهادر صحبت خان گولو
مون ڪونه ڏٺو، پر سندس نالو ۽ سندس روايتون گهڻيون ٻڌم. امير ڪبير هو. صحبت
پور (بلوچستان) ۾ رهائش هيس، پر تعلق جيڪب آباد
سان اوترو ئي هوس، جيترو ڪنهن به ضلعي جي رهاڪو
امير جو. اڪيچار دولت جو صاحب ليکيو ويندو هو. هٿ
جو پڻ ڏاڍو ڪشادو هو. خير جي ڪمن ۾ خوب پئسو ڏيندو
هو. ڪاموري عالم جو ته ”ان داتا“ هو. جيڪو به
عملدار سندس حد تي مقرر ٿي ايندو، ان جي مهماني
معين ٿيندي - ۽ اها مهماني ان عملدار جي مرندي
گهڙيءَ تائين قائم رهندي، پوءِ توڙي جي هو بدلي ٿي
وڃي يا پينشن وٺي هليو وڃي. ماني گهڻو ڪري ٻئي
ڪنهن وٽ به نه کائيندو. جيڏانهن ويندو، پنهنجو
بورچيخانو ساڻ وٺيو ويندو. اوهان جو خاص دوست
هوندو ته اوطاق اوهان جيءَ ۾ رهندو، پر ماني
پنهنجي ٺهرائيندو. سبب اهو چوڻ ۾ ايندو هو ته هو
ڪنهن به ٻئي شخص جو نمڪ کائڻ پسند نه ڪندو هو، ڇو
ته هڪ دفعي نمڪ کائڻ ڪري، ٻروچڪي دستور موجب،
ساريءَ عمر لاءِ ذميواريون مٿانئس عائد ٿي ٿي
ويون. ۽ انهن ذميوارين کان هو بچڻ جي ڪوشش پيو
ڪندو هو.
سردار بهادر جيڏانهن ويندو، نوڪرن چاڪرن، منشين مڙن جو وڏو اٽالو ساڻ کنيو
ويندو. سندس جاءِ رهائش تي خاصو ميلو لڳي ويندو.
اهو پڻ پراڻو دستور هوندو هو. امير ڪيڏانهن به
اڪيلا نه ويندا هئا، نوڪر ٿورا ٿي پوندن ته راڄ جا
ماڻهو به سڏيو ساڻ کنيو ويندا.
سامان کڻڻ لاءِ انهن ڏينهن ۾ اڃا چمڙي جا ”سوٽ ڪيس“ رواج ۾ ڪين آيا هئا،
تنهنڪري خرجينون استعمال ٿينديون هيون. اهي
خرجينون ڏاس مان ٺهنديون هيون، جن تي رنگارنگي ڪم
ٿيل هوندو هو، ۽ چئني پاسن کان خوبصورت ڪوڏيون، ڪچ
ڪوڏيون ۽ جهاٻا جڙيل هوندا هئن. ساڳيءَ طرح ”بستر
بند“ جو رواج پڻ اڃا ڪونه پيو هو. مهمان مورڳو
بسترا پاڻ سان کڻي ئي ڪونه ويندا هئا. اهو فرض
ميزبان جو هوندو هو ته مهمانن لاءِ بسترا فراهم
ڪري. جنهن به ميزبان سٺا ريشمي بسترا فراهم ڪيا،
ان کي آسودو ليکيو ويندو هو. ماڻهوءَ وٽ ٻي ڪا شي
گهر ۾ هجي يا نه، پر ٻه - چار سٺا بسترا هر حال ۾
موجود رکندو. مهمان در لنگهي آيو، ۽ هڪدم عمدو
بسترو وڇائجي نه ويو، ته ميزبان لاءِ سخت
شرمندگيءَ جو مقام ٿي پوندو. ڇيلي يا ڪڪڙ ڪهڻ جو
سوال پوءِ اٿندو، پهرين بسترو وڇندو.
غاليچا ۽ فراسيون، البت، امير ڪبير پاڻ سان ضرور موجود رکندا هئا. جت به پهر
پاڇو پئجي وين ته غاليچو وڇائجي ويندو ۽ پاڻ پلٿي
ماري ڪچهري ڪرڻ ويهي رهندا.
پئسي جي ڏي - وٺ هندو منشي ڪندا هئا، امير خاص پنهنجي جسم تي گهڻو ڪري پئسو
ڪونه رکندا هئا. هٿيار، تراريون، بندوقون ۽ پستول
چؤطرف هوندا هئا. هر رفيق وٽ ڪونه ڪو هٿيار ضرور
هوندو.
سردار بهادر صحبت خان مرحوم متعلق ٻڌڻ ۾ ايندو هو ته هو انهن سمورين رسمن کي
قائم رکيو آيو، ۽ جڏهن سندس انتقال ٿيو ته ماڻهن
کي ڏاڍو صدمو پهتو.
خانبهادر چاڪر خان سهرياڻي
دولت يا جائداد جي لحاظ سان پنهنجن همعصرن سردارن کان گهٽ هوندو هو، پر اثر
۽ وقار، عزت ۽ هشياريءَ ۾ گهڻن کان مٿانهو رهيو.
وقت جي انگريز عملدارن جو ته منجهس مڪمل ڀروسو
هوندو هو. کيس عاقل ۽ صاحب فهم سمجهندا هئا. گهڻا
ئي اعزاز ڏنائونس. خانصاحب ۽ پوءِ خانبهادر
بڻايائونس. سنڌ جو اڪيلو غير عملدار هو، جنهن کي
فرسٽ ڪلاس اسپيشل ماجسٽريٽ جا پاور مليا. هوندو
فقط سنڌي پڙهيل هو، پر سنڌيءَ ۾ سندس لکيل فيصلا
گهڻو ڪري اپيلن ۾ به نه ڦرندا هئا. جو دم زنده
رهيو، اثر ۽ عزت سان، مستعد ۽ مشغول.
مون مرحوم کي گهڻو ڏٺو - قداور، ڊگهي سفيد ڏاڙهي، ڊگهو پيراهن، سفيد گول پڳ،
هٿ ۾ دائما ڊگهي لٺ، گهڻو ڪري جنڊيءَ لٿل. محفل جو
مور هوندو هو، جت ويٺو، رونق لڳي ويئي - لطيفا،
قصا، ڪهاڻيون، ۽ ڪڏهن ڪڏهن فارسيءَ ۽ سنڌيءَ جا
مثالي شعر پڻ.
هڪ خاص مقصد کي سامهون رکيائين ۽ ساري زندگي ان جي حصول لاءِ ڪوشش ڪندو
رهيو. مقصد اهو هو ته پنهنجي خاندان جو بنياد پختو
رکي. سهرياڻي قوم کي منظم ڪري، پاڻ ان جو سردار
بڻيو. زمين وڌايائين، ۽ اولاد کي جديد اعليٰ
انگريزي تعليم ڏياري، منجهانئن هر هڪ کي چڱين
سرڪاري ملازمتن سان لاتائين. پئسا بچائڻ خاطر
اليڪشن جي ڪنهن به وڏي جهيڙي ۾ ڪڏهن به ڪاهي ڪونه
پيو. ڪو به مقابلو يا تصادم ٿيو ته پاڻ هميشه
ڪناري تي رهيو. هوندو هر جاءِ تي ۽ هر معاملي جي
وچ ۾، پر پنهنجي دامن ڦاسائي بغير. دوستيءَ ۽ تعلق
جو ڪافي لحاظ رکندو هو. هر گهڙيءَ يار مٽائڻ جي
عادت بنهه ڪانه هيس.
نماز روزي جو پابند. سندس لٺ جو لوازمو، يعني تسبيح به ڪڏهن ڪڏهن گردش ۾ نظر
پيئي ايندي هئي.
سندس ڳوٺ جيڪب باد ضلعي جي ڪشمور تعلقي ۾ هوندو هو، پر سندس شخصيت ساري ضلعي
۾ ڇانيل هوندي هئي.
آزاد خان جکراڻي
جکراڻي سردارن جي خاندان مان هو. انگريزي پڙهيائين ۽ سڌو پوليس انسپيڪٽر
مقرر ٿيو، ۽ ستت ئي رتيديري تعلقي ۾ بدلي ٿي آيو،
جت مون کيس پهريون دفعو ڏٺو. انگريزي پڙهيو،
انسپيڪٽر بڻيو، پر ٻروچ جو ٻروچ ئي رهيو. ڊگهي
ڪاري ڏاڙهي، جنهن ۾ هٿ سان گهنڊيون پيو ٺاهيندو
هو. ٻروچڪو لباس، جنهن ۾ سڌارو فقط ايترو ٿيو جو
پيراهن مٿان لنڊو انگريزي وضع جو ڪوٽ پهرڻ لڳو.
پيرن ۾ گهڻو ڪري نرم، ڳاڙهي ڀرت تي ڀريل، سنڌي
سوچڪي جُتي، موڪرو رنگين ريشمي رومال هٿ ۾، جنهن
جي ڪنڊ ۾ چانديءَ مان ٺهيل ڏند ۽ ڪنَ کوٽڻيون ٻڌل
هونديون. اٿڻ ويهڻ جي ڦڙتي بلڪل ڪانه، جت آيو، ٿڌو
منهن ڪري ويهي رهيو. آمد بعد، پهرين خوش خير عافيت
ٿيندي، کٽ تي نيٽ جو لڪڻ سمهاربو، پڳ لاهي رکبي،
مٿي جا ڊگها وار ڇوڙبا، ٿاڌل پيبي، حال احوال
وٺبو، چور چڪار جي جاچ ڪبي. ان وچ ۾ ماني ايندي،
اها کائبي، ۽ سمهي پئبو. هڪ - ٻه ٽاپرو ويٺو ٽنگن
کي مڪون هڻندو. شام جو اٿڻ البت دير سان ٿيندو.
برف پيل ٿاڌل اڳ ۾ ئي تيار هوندي، گلاسن جا گلاس
پيا نوش ٿيندا ۽ اوڳرايون ڏبيون. ان وچ ۾ زيردست
به اچي مجلس ۾ ويهندا، اوڀاريون - لهواريون پيون
لڳنديون. گهڙي ساعت بعد رات جي ماني ايندي، اها
کائبي. ٻه - اڍائي سير ماهيو ڪَچو کير کنڊ پيل نوش
فرمائبو ۽ الله جو نالو وٺي سمهي پئبو. ٻئي صبح جو
معاملو ٻئي صبح ساڻ.
ڪجهه عرصي بعد، پاڻ نوڪريءَ منجهان ۽ انگريز منجهانئس بيزار ٿي پيا. ان وچ ۾
جکراڻي خاندان جا باهمي اندروني جهيڙا پڻ چوٽ چڙهي
ويا. ڪيترائي ماڻهو خون ٿيندا رهيا. آزاد خان
استعفا ڏيئي وڃي جهيڙن ۾ جوٽيو. ڪجهه سالن بعد خود
به قتل ٿي ويو.
حقيقت هيءَ هئي ته سردار خيل صاحبزادن ۽ وڏيرڪن ٻارن انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ
کان پوءِ به سرڪاري ملازمتن ۾ گهڻو ڪري ٻوٽو ڪونه
ٻاريو. انگريزن پنهنجي طرفان گهڻي ئي ڪوشش ڪئي. پر
هٿي مٿي ڪري جنهن به نينگر کي نوڪري ڏنائون، سو
ٿورن ڏينهن بعد ناڪام ٿي ٻاهر نڪتو. اصل سوال هو
پرورش، عادتن ۽ ڄائي ڄم جي ماحول جو.
حڪيم قائم الدين احمد عليه الرحمت
حڪيم صاحب جي نالي سان ”عليہ الرحمت“ لکندي جو احساس پيدا ٿئي ٿو، سو دل کي
ڏاريو ڇڏي. ڇا، حڪيم صاحب گذاري ويو؟ اهڙو اوچتو؟
نه موڪلايائين نه توڪلايائين؟ ۽ هاڻي ميلو ممڪنات
کان ٻاهر ٿي پيو! ڪير هينئر منهنجي سار لهندو؟ ور
ور ڪري ڪير منهنجي سنڀال ڪندو؟ منهنجي صحت جي،
منهنجي دل جي، منهنجي روح جي؟ يار هوم، پر يار به
هنئين جو حقيقي ٺار. هزار الغرضايون سرزد ٿين، پر
شڪايت جي حڪايت زبان تي نه ايندي. بارها بيهودگيون
۽ بي توجهيون برتجن، پر انهن جي حقير دز، ڪريمي،
حليمي، ۽ حوصلي جي ان هماليه پهاڙ کي هرگز غبار
آلود ڪري نه سگهندي. اهي اُهي عظيم انسان هئا، جن
بردباري ۽ وسيع القلبيءَ جي انتهائي بلندين تان
بيهي اسان پارن ظلوماً، جهولاً ، فرومايه، مختصر
دل ۽ محدود مزاج ماڻهن جي پستين جا نظارا ٿي ڏٺا،
۽ سو به نه ان غرض سان ته ڪنهن جي تحقير ڪن يا
تضحيڪ، پر ان ارادي سان ته انهن کي ڍڪين، پدرانه
پلاند سان، ڌوئين، مادرانه لڙڪن سان!
محبت ڪيائون محبت خاطر، ياري رکيائون، وري نه ٽوڙيائون، جي پُکي پين، سي
ڪڇڻئون وين. مهراڻ جي موجن اندر جنهن مڇيءَ اچي هڪ
لڱا پاڻ کي پيوست ڪيو، تنهن کي هميشه لاءِ پناهه
ملي. پاڻان ورائي، مير مهراڻ، ڪڏهن ڪونه پڇيس ته
کِک ڀريو کڳو آهين يا گندي گندڻي.
بادل جي فطرت آهي مينگهه ملهار ڪرڻ، وسڻ ۽ وسڪارا ڏيڻ، پوءِ سامهون سُڃ هجي
يا سبزگاهه، ويءُ هجي يا ويراني!
قادر جي ڪريمي ۽ انسان جي شرافت، ٻه شيون آهن، قطعاً غير مشروط، ۽ مطلقاً
غير محدود. مشروط ڪريمي، ڪريمي نه پر عدالت آهي،
عدل ٿي سگهي ٿو، پر نه فضل: ساڳيءَ طرح شرافت،
مشروط ۽ محدود، پڻ تجارت ليکجي سگهي ٿي، پر نه
شرافت!
قائم الدين جي ڪريمي الطبعي ۽ شرافت پڻ اهڙيءَ ئي ڪڙيءَ رسيل هيون. ڪڌو ڪم
دوست کان سرزد ٿئي، پر لڄ حڪيم صاحب کي ٿيندي.
احساس جي نزاڪت جو هيءُ عالم جو اُن لڄ کي به
لڪائڻ جي پيو ڪوشش ڪندو، جيئن دوست کي ڪنهن به طرح
خفت محسوس نه ٿئي. پنهنجي پاران شڪايت جو حرف
حرام. ياد هميشه دوست جي نيڪي ئي رهنديس. دوست جو
ڪم پيو، شفاخانو فراموش ٿيو. ڪرسيءَ تي رکيل ننڍي
ڪٽ سان ڪوٽ ۽ ترڪي ٽوپي، ۽ ڀر ۾ پيل لڪڙ، جنبش ۾
اچي ويندا. گهوڙي گاڏي سڏجي ويندي - دوست اڳ ۾،
پاڻ پٺيان. جيستائين هڻي هنڌ نه ڪندو، واپس نه
ورندو. ڀاڙو پڻ سندس پنهنجي ئي پراڻي ٻٽون مان
نڪرندو. واپسيءَ تي ماني پڻ تيار هوندي، جنهن جو
ديباچو قسما قسم شربت هوندا. ساوڻ جي موسم ۾ ڪمري
اندر ڇڻڪار ٿيل هوندو ۽ جهليءَ ڇڪڻ لاءِ ڇوڪرو
موجود.
سندس مجلس پڻ باغ بهار جو نمونو هئي. واقعا، لطيفا، ٽيڪا ٽپڻي، کل مذاق، سڀ
مهيا. گفتگو مان جا شي غائب هوندي سا تلخي، ترشي،
ڪنهن جي تحقير.
ويٺل کڙيءَ ڪرسيءَ تي، ننڍي ٽيبل سامهون، ٻئي ڪهنا، ورهين جا نيازمند. چوگرد
مريضن جو هجوم، هڪ هٿ نبض تي، ٻيو قلم ۾ تشخيصون
ٿينديون وينديون، نسخا لکبا وڃبا، ۽ ساڳئي وقت
گفتگو جا گل به پکڙندا رهندا. خاص احبابن جو تعداد
محدود. پر جو خوش نصيب ان زمري ۾ هڪ دفعو داخل
ٿيو، سو عمر تائين اڙجي ويو. ڏينهن ۾ هڪ دفعو
جيستائين حڪيم صاحب جو منهن نه ڏسندو، آرام نه
ايندس. مرحوم سردار بهادر عبدالرحيم خان کوسي سان
خاص دوستي هيس. سندس معالج به هوندو هو، جسماني
خواهه روحاني بيمارين جو. عبدالرحيم خان جي انتقال
بعد ساڳيا تعلقات خانصاحب سردار خان کوسي سان پيدا
ٿيس، جن کي پنهنجي روايتن ۽ شان مطابق نباهيندو
رهيو. جهيڙي جو اعلان ڪرڻ سردار خان جي جوابداري،
جهيڙي ۾ جنبي پوڻ ڪم حڪيم صاحب مرحوم جو. پڇندس
ايترو به ڪونه ته جهيڙو ڪنهن سان ٿي رهيو آهي،
ڪهڙي سبب جي بنياد تي، ۽ ڪيترو عرصو قائم رهندو.
جت پير سردار خان جو پوندو، اتي ئي پيرو حڪيم صاحب
جو پسبو. وقتي وندر لاءِ محمد امين کوسي جي
موجودگيءَ جو پڻ خير مقدم ڪندو رهندو، باقي سردارن
۽ وڏن ماڻهن کان بلڪل پاسو. بيمار ٿي علاج لاءِ ڀل
اچن، پر دوستيءَ جو دم ڪا ٻي چيز آهي.
آءٌ پاڻ انهن ٿورن خوشقسمت انسانن مان آهيان، جن کي حڪيم صاحب جي شفقت جي
نعمت نصيب ٿي.
سال شايد 1930ع هو. جيڪب باد ميونسپل پريزيڊنٽيءَ جي چونڊ تي لٺ لڳي ويئي
هئي. انهن ڏينهن ۾ جيڪب آباد ميونسپل اليڪشن جو
دستور هوندو هو ته چونڊ کان گهڻو اڳ سرمائيدار
اميدوار پنهنجن مددگار ميمبرن کي ڀڄائي وڃي ڪنهن
ڏورانهين شهر ۾ لڪائيندا هئا، جيئن مخالف ڌر وارا
کين ان وچ ۾ پئسا ڏيئي ڦيرائي نه وڃن. ميمبرن جي
انهن جلاوطن ٽولن لاءِ خاص انتظام ٿيندا هئا، ۽
گهڻو ڪري لاهور يا ڪوئيٽا طرف - کانا پينا، گانا
بجانا، سڀ مال مفت ۽ مناسب، ”واسري“ ان اپرانڌ!
حڪيم صاحب پاڻ ميمبر هو، پر جنهن اميدوار سان واسطو پيو هوس، سو هڪ غير
سرمائيدار وڪيل هو، جنهن جي پاران باقي ميمبرن کي
لڪائڻ جي ذميواري پڻ حڪيم صاحب جي پنهنجي ئي وجود
تي اچي پئي هئي. لاهور ۽ ڪوئيٽا تائين ته وٺي ڪونه
ٿي وڃي سگهين، پر سکر تائين ضرور آڻي ڪڍيائين.
ساڻس گڏ وڪيل اميدوار پڻ هو، جنهن سان منهنجي
واقفيت هئي. آءٌ سکر جي “سنڌ زميندار جو ايڊيٽر
هوس. هڪ صبح، اوچتو، وڪيل صاحب ساري مجموعي کي وٺي
اچي غريبخاني تي موجود ٿيو. ان مجموعي ۾ حڪيم صاحب
به هو ۽ منهنجي ساڻس ملاقات پهريون دفعو ان ڏينهن
ٿي.
خبر نه آهي. کيس ڏسڻ شرط ئي ڇو منهنجي دل هيءُ اعلان ڪري ڏنو ته ان شخص سان
ساريءَ عمر لاءِ دوستي رکڻي آهي. ڪا شي هئي، جنهن
هڪدم ڇڪي ورتو.
ظاهراً اُگريءَ ۽ سخت طبيعت جو صاحب ڏسڻ ۾ ٿي آيو. قداور، ڀريل جسم، رنگ
سانورو، سنجيدگي، متانت ۽ رعب جي هڪ اهڙي تصوير،
جنهن تي مصور ڪنهن سخت قلم سان لڪيرون ڪڍيون هجن.
مُک تي مرڪ بنهه ڪانه. گفتگو پنهنجي طرفان شروع
ڪانه ٿيندي، پر ڪو ٻيو اهڙي جرات ڪندو ته جواب
ٻارهن نه پر محض ٻن اکرن ۾ ملندس.
هيترن سالن جي غور بعد، آءٌ ٿڌي دماغ سان سوچي هن نتيجي تي پهتو آهيان ته
مون کي سندس نيازمند بڻجڻ لاءِ شايد سندس ٻن
خصوصيتن جي احساس اُڀاريو هوندو: (1) ذاتي اخلاق ۽
سياسي ڪيريڪٽر - جنهن اليڪشن جي سلسلي ۾ مخالف
سرمائيدار اميدوار پاران هزارن ڪلدارن جي ورکا
ٿيندي ٿي رهي، عين ان اليڪشن ۾ هڪ ڪنگال وڪيل جو
پاسو وٺي بيهي رهڻ (چوطرف جي سخت رشوتي ماحول کي
نظر ۾ رکندي)، هڪ معمولي ڪيريڪٽر واري ماڻهوءَ جو
ڪم ٿي ڪونه ٿي سگهيو، ۽ نه وري حڪيم صاحب پاڻ ئي
ڪو سرمائيدار يا دنيوي ذميدارين کان آجو انسان هو،
(2) سندس ڪم گوئي ۽ چهري ۽ نگاهه جي سختي -
فرومايه يا بي مابي انسان ۾ ايتري خود اعتمادي يا
سنجيدگي پيدا ٿي نٿي سگهي، تنهنڪري، بغير چئي ۽
سواءِ ڪنهن خاص قول ڪئي، چُپ ئي چُپ ۾، ٻنهي دلين
هڪٻئي سان ٻول ٻڌي ڇڏيا، جن کي نه سنڌي زندگيءَ جا
حوادث، ۽ نه وقت جا آهني هٿ ئي ڪڏهن ٽوڙي سگهيا.
1938ع جي اوائل تائين اڃا ڪانگريس جو چرچو هو، حڪيم صاحب به ڪانگريس جو
همدرد هوندو هو. پر 1938ع جي پڇاڙيءَ ۾ ظاهر ٿي
پيو ته گهڻا ڪانگريسي هندو، جماعت خواهه قوميت کي،
خاص هندن جي سياسي طاقت وڌائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جو
فيصلو ڪري چڪا آهن. تنهنڪري آءٌ ۽ ٻيا ڪيترا
مسلمان ورڪر مسلم ليگ ۾ گهڙي پياسين. حڪيم صاحب
خود لاءِ وري به سياسي پارٽي بدلائڻ ڏکيو ٿي پيو.
حالات ڪهڙا به هجن، پر هڪ دفعو ڪانگريس ۾ رهڻ بعد،
ساڳيءَ جماعت جو مخالف ٿي بيهڻ سندس طبيعت کي ڪونه
ٿي آئڙيو. پر هو ٻن باهين ۾ - هڪ طرف وضعداري ۽
پراڻي تعلق جي ڇِڪ، ۽ ٻئي طرف اسان ساٿين جي ڪشش -
مورڳو سياست کان ڪناره ڪش ٿي ويهي رهيو. ذاتي
تعلق، ڪانگريسي خواهه مسلم ليگي ساٿين سان هڪڙي ئي
ڪڙيءَ تي نباهيندو آيو.
1938ع جي آخر ۾ قائداعظم محمد علي جناح، بطور صدر آل انڊيا مسلم ليگ، سنڌ جو
دورو ڪيو. پهرئين جوش جي جولانيءَ ۾ جيڪب آباد جي
ڪن وڏيرن پڻ اچي دعوت ڏنيس، تنهنڪري پروگرام ۾
جيڪب آباد به شامل ڪئي ويئي. پر مقرر ڏينهن تي
جڏهن اسان جو قافلو جيڪب آباد اسٽيشن تي پهتو ته
معلوم ٿيو ته پبلڪ ميٽنگ جو انتظام رکيل ڪونه هو.
الله بخش وزارت جي خوف ۽ جيڪب آباد اندر ڪانگريس
جي زور سبب ميٽنگ ڪرڻ محال سمجهي ويئي هئي. ڪيترا
وڏيرا ۽ سردار ته بنهه اوطاقن تي قلف چاڙهي، اهو
ڏينهن جيڪب آباد ڇڏي وڃي ڪٿ لڪا هئا.
حاجي عبدالله هارون مرحوم، جنهن جي وساطت سان جيڪب آباد جو پروگرام ٺهيو هو،
سخت ششدر ٿي پيو. اهڙن معاملن جي سلسلي ۾ قائداعظم
مرحوم جي طبيعت جي گرمي خاص طرح سان مشهور هوندي
هئي. مرحوم عبدالله هارون انتهائي پريشانيءَ جي
حالت ۾ مون ڏانهن نهاريو. آءٌ، جناح صاحب ۽ خود
مرحوم سيٺ صاحب کي ويٽنگ روم ۾ ڇڏي، ڀڄي وڃي حڪيم
صاحب وٽ پهتس. منهنجو هيڻو حال ڏسي حيڪم صاحب اٿي
کڙو ٿيو. مسلم ليگ جماعت جو ته ڪو نانءُ نشان ئي
ڪونه هو، جنهن جي ورڪرن کان ميٽنگ جي باري ۾ ڪم
وٺي سگهجي ها. تنهنڪري حڪيم صاحب هلي ڪانگريسي
ورڪرن کي حڪم ڪيو ته هڪدم پبلڪ ميٽنگ جو بندوبست
ڪن. آڪٽوبر مهينو، جيڪب آباد جي گرمي، وقت منجهند،
پر ڪانگريسي ورڪرن ان هوندي به خاص حڪيم صاحب جي
لحاظ خاطر، ڊڪي ڊوڙي، چوڪ ۾ ماڻهو گڏ ڪيا ۽ پاڻ،
پنهنجون گانڌي ٽوپيون لڪائي، مٿا اگهاڙا ڪري، اچي
ميٽنگ ۾ ويٺا. جناح صاحب تقرير ڪئي، دٻيل زبان ۾
ڪانگريس جي ڪٺي ڪيل حاضرين ”زنده باد“ جا نعرا
هنيا. معاملو رفع دفع ٿي ويو. جناح صاحب ۽ اسين
جيڪب آباد کي خيرباد چئي، خير خوبيءَ سان واپس
روانا ٿي وياسون.
اٺن - نون سالن اندر پاڪستان ٺهي ويو. قائداعظم پاڻ گورنر جنرل بڻجي آيو.
دنيا نئون پيراهن پهريو. اُهي ساڳيا مغرور وڏيرا
”آبا اجدا“ کان مسلم ليگي هجڻ جون دعوائون ڪندا،
سياسي شجرا هٿن ۾ لڙڪائيندا، اچي مسلم ليگي محفل
جي عين وسط ۾ ويهي رهيا. سندن استقبال ۾ چئني طرفن
کان مرحبا جا آواز اُٿيا، جو جو سياسي مرغ مسلم
پاڪستان جي دسترخوان تي پيل نظر چڙهين، سوري پاڻ
ڏانهن ڪيائون. اهلاً و سهلاً! ”فَضل يا شيخ“!
پر حڪيم صاحب وري به بدستور پنهنجي ساڳئي مختصر مطب اندر، ساڳيءَ ڪهني
ڪرسيءَ تي سوار ٿيو ويٺو رهيو، ۽ حالات جي بي
ثباتي ۽ ماڻهن جي هلڪڙائيءَ تي کلندو رهيو -
بيفڪر، بيپرواهه، بيغرض!
1945ع ۾ آءٌ انڊين ليجسليٽو اسيمبليءَ جي چونڊ ۾ اميدوار بيٺس. بغير سرمايي،
بغير آسري ۽ بغير انتظام جي - هڪ قول هو، هڪ ضد
هو، جو پورو ڪرڻو ٿي پيو. پر حڪيم صاحب مرحوم جو
حال انهن ڏينهن ۾ ڏسڻ وٽان هو. مريض فراموش، مطب
خاموش، ننڊ ختم، آرام حرام - ٽانگو ۽ پاڻ، جيڪب
آباد جا جهولا ۽ حڪيم صاحب جو جسم. مهيني بعد وڃي
مون سندس منهن ڏٺو. ائين نظر آيو، جيئن سڙيل گوشت
جو ٽڪر. پر مسرت جي مُرڪ ان کان پوءِ به مُک تي
موجود رهيس. مون عرض ڪيو ته ميمبري ايترو لهي ئي
ڪانه، جيتري تڪليف هو پاڻ وٺي رهيو آهي. چيائين
”ميمبري واقعي ڪا شي ڪانه آهي، اصلي سوال هيءُ آهي
ته دشمن ائين نه سمجهن ته جيڪب آباد اندر علي محمد
جو هڪڙو سچو دوست به ڪونه هو!“
بطور طبيب جي پڻ، قائم الدين مرحوم وڏي پايي جو صاحب هو. دهليءَ جي طبيه
ڪاليج مان سَند ورتائين، ۽ بعد ۾ ڪجهه وڌيڪ عرصو
پڻ دهليءَ ۾ رهي عملي تجربو حاصل ڪيائين. تشخيص ۾
پنهنجن همعصرن جي حلقي اندر يڪتا هو.
سندس انتقال اوچتو ٿيو، دل جي ٽٽڻ سبب. آخر ڪيترا ڏينهن اها غريب دل چوطرف
جي بيوفائين جا سور سهندي رهي ها؟ هلي، جيترا
ڏينهن هلي سگهي - نيٺ هڪ ڏينهن خاموش ٿي ويئي، پر
خاموش ڇا ٿي، محبت ۽ وفا جي سمورين وستين کي ويران
ڪري ڇڏيائين.
خواجه غلام فريد صاحب عليہ الرحمت کي جڏهن سندس دوست مخدوم سيد ميان ولايت
شاهه بخاي اُچ واري جي قضيي جي خبر ملي، تڏهن سندس
زبان مان بي اختيار نڪتو!
لڏ گئي محرم راز دلين دي، ها نال جنهان دي رَلا،
آپ وُٺي وڃ رنگ محلان، سانون ڇوڙ اڪلا،
جائي ڄم ديان پيان مونجهان ڳل وچ، وه قسمت دا ڀلا،
نا ڪوئي حال سُڻي، نا ڏيوي آس اُميد تسلا،
ملسون ڦير ”فريد“ جڏان ڪوئي سانگ بڻيسي الله.
- اسان جي اندر جي عقيدت به ساڳي ئي رهجي ويئي آهي.
مولوي محمد حسين مرحوم
مولويءَ جي فقط تهمت ڌريل هُيس، ورنه مڙس مکڻ هو. ”الحنيف“ پريس کي ميان
ڪريم بخش ٽانوريءَ ڇڏيو، ته مولوي محمد حسين ورتو.
شڪارپور مان کڻائي جيڪب آباد ۾ ويو، ۽ اتان
زندگيءَ جي آخري دم تائين جاري رکيو آيس. حنفي
تحريڪ ختم ٿي ويئي، ان جا اڪثر باني وڃي ابدي ننڊ
ستا، مگر ”الحنيف“ پاڻ ٽُلڪندي رهي.
مولوي محمد حسين دوستيءَ جي حقن کي مذهبي معتقدات مطابق ملحوظ رکندو هو.
نماز ۾ ناغو پئجي وڃي، روزو قضا ٿي وڃي، مگر
دوستيءَ جي فرائض جي ڀڃڪڙي نه ٿيندي. احبابن جي
جنهن حلقي ۾ هڪ دفعي داخل ٿيو، وري ان جي حد نه
اورانگهيائين. ”ڪم گو مگر بسيار ڪن“ هو. نه ڊاڙ
هڻندو، نه لٻاڙ. ڪڏهن ڪڏهن ته جواب کان به جواب
هوندو مگر دوست ڪم چيو ۽ پاڻ جنبي ويو، پوءِ مرڻ
جيئڻ جي بنهه ڪانه ڪندو.
هو اصل وارهه تعلقي، ضلعي لاڙڪاڻي جو، مگر عمر جو وڏو حصو جيڪب آباد ۾ صرف
ڪيائين. لاڙو ڪانگريس طرف هوندو هوس، مگر منهنجي
زور بار سبب مسلم ليگ سان پڻ ڳن ڏيو بيٺو هو.
پهريون دفعو دهلي مون سندس معيت ۾ ڏٺي. سنڌ جي بمبئيءَ کان جدا ڪرائڻ لاءِ
تحريڪ شروع ٿي چڪي هئي. لنڊن ۾ پهرين رائونڊ ٽيبل
ڪانفرنس ٿي رهي هئي. اسان جو مقصد هو ته لاهور ۽
دهليءَ جي مسلمان اخبارن کي تحريڪ جي حمايت تي
آماده ڪريون.
لاهور ۾ ان وقت ٽي مشهور مسلماني اردو اخبارون هونديون هيون. مولانا ظفر علي
خان جي ”زميندار“، سالڪ ۽ مهر جي ”انقلاب“، ۽ سيد
حبيب جي ”سياست“ انهن ڏينهن ۾ تازو هڪ انگريزي
هفتيوار پرچو پڻ جاري ٿيو هو، جنهن جو نالو هو
”ايسٽرن ٽائمز“، فيروز سنز وارا ڪڍندا هئا.
”زميندار“ اخبار ڪانگريس ۽ قوميت جي پرچار ۾ مصروف
هئي، مولانا ظفر علي خان کي انگريز سان دشمني
مقصود هئي، تنهنڪري ننڍين ڳالهين تي توجهه ڏيئي
ڪونه ٿي سگهيو. ان کان سواءِ جيلن ۾ پڻ سندس اچ -
وڃ ٿيندي ٿي رهي. لاهور جي هڪ دوست ٻڌايو ته
اليڪشن جي زماني ۾ جڏهن به پنجاب جي انگريز پرست
ليڊرن کي مولانا کي باند ڪرائڻ جي ضرورت محسوس
ٿيندي هئي، ته شاگردن جي هڪ ٽولي کي جهنڊيون هٿ ۾
ڏيئي مولانا ڏانهن موڪليندا هئا. ڇوڪرا پري کان
”ظفر الملت مولانا ظفر علي خان زنده آباد“ جا نعرا
هڻندا ويندا هئا. مولانا جي ڪن تي جيئن ”زنده
آباد“ جو آواز پهچندو هو، تيئن اٿي کڙو ٿيندو هو.
ان وچ ۾ ڇوڪرا به اچي پهچندا هئا.
”ڪيا هو گيا؟ ڪيا هوگيا!“
”مولانا، ڪيا هوگيا، ظلم هوگيا!“
”ڪيا ظلم؟“
”انگريز ڪا ظلم، حڪومت ڪا ظلم - آپ ميدان مين جلوه افروز نه هونگي تو قوم
مرجائيگي“. بس، مولانا نه ڪندو هم نه تم، لٺ هٿ ۾
کڻي اچي چوڪ ۾ بيهندو ۽ ٻه - ٽي ڪلاڪ ساندهه پيو
انگريزن کي گاريون ڏيندو. پوليس اڳ ۾ ئي تيار بيٺي
هوندي. بغاوت جي ڏوهه ۾ مولانا کي گرفتار ڪري،
ڪندي چالان عدالت ۾. عدالت مان مولانا کي ٻه - ٽي
سال جيل جي سزا ملي ويندي.
مولانا پاڻ ته ٿيو باند، پٺيان چالو ٿي ويندو ليڊرن جي اليڪشن وغيره جو ڪم.
چونڊ پوري ٿيڻ بعد مولانا کي جيل ۾ رکڻ جي ڪا
ضرورت ڪانه رهندي. خود مولانا جي صحت به ان وچ ۾
خطري جي قريب رسي ويل هوندي. تنهنڪري مولانا قيد
جي ميعاد پوري ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي آزاد ٿي، واپس گهر
ايندو.
”زميندار“ اخبار پاڻ مولانا صاحب جي انهن چڪرن ۾ گرفتار هئي، تنهنڪري ان
وٽان اسان جي تحريڪ کي ڪا به مدد ملي ڪانه سگهي.
”انقلاب“ جو مولانا مهر پاڻ علامه اقبال سان گڏ ولايت ويل هو. پٺيان مولانا
سالڪ سان ملاقات ٿي. پر اسان جو عرض مولانا جي
بذله سنجيءَ ۽ ”افڪار و حوادث“ جي لَڙهيءَ ۾ لُڙهي
ويو. ڪو خاص نتيجو ڪونه نڪتو.
البت سيد حبيب گهڻي ئي همت ڏيکاري. سندس ”سياست“، اخبار مضمونن پٺيان مضمون
شايع ڪيا، جنهن جو اثر انگريزي هفتيوار ”ايسٽرن
ٽائمز“ پڻ قبول ڪيو، ۽ هڪ - ٻه ايڊيٽوريل سنڌ جي
جدائيءَ جي فائدي ۾ لکي ڇڏيائين.
لاهور مان هلي دهليءَ پهتاسين. ”الامان“ اخبار اڪيلي مسلمان اخبار هوندي
هئي، جا پيئي هندن سان مقابلا ڪندي هئي. سندس مالڪ
۽ ايڊيٽر مولانا مظهرالدين کي، ڪجهه وقت اڳ ۾، ڪن
خبيثن خون ڪري ڇڏيو هو، تنهنڪري اخبار جو ڪاروبار
هينئر سندس بيواهه، ۽ ان جي پاران هڪ شخص سيد
عبدالحميد شملويءَ جي حوالي هو. اسان جي گهڻي مدد
ٿي، ڪافي آٿت مليو.
اطمينان جي عالم ۾، مولانا محمد حسين ۽ مون دهليءَ جو سير شروع ڪيو. جامع
مسجد جو جنسار ڏسي، عقل ئي دنگ رهجي ويو. خوب
نمازون پڙهيونسين.
لال قلعي ۾ پهچڻ بعد ائين پئي سمجهيوسين ته ڄڻ ڪنهن خواب جي عالم ۾ آهيون.
حقيقت ايتريقدر خوبصورت هجي، سو ڪيئن ممڪن ٿِي ٿي
سگهيو؟ - پر هئي حقيقت. بهادر شاهه، آخري بادشاهه،
جي حرم محترم جا ڪپڙا شيشي جي ڪٻاٽن ۾ ٽنگيل ڏسي،
اسلامي سوز گداز ڳوڙهن جي صورت اختيار ڪري
ڏني.روئندا پٽيندا، ڪجهه وقت بعد ٻاهر نڪتاسين.
اسان جو اهو سارو سفر فقط هڪ سؤ رپين جي خرچ سان طئه ٿيو، جيڪي پڻ مولانا
محمد حسين ڀريا. سستائي هئي، ضرورتون مختصر، ٿرڊ
ڪلاس جو سفر اهڙو ئي آرام ده، جهڙو بعد جي فرسٽ
ڪلاس جو.
مولانا مرحوم جي بيگم صاحبه جو ساڻس غير معمولي عشق هوندو هو. گهڙي پهر به
سنگتين سان ويهڻ نه ڏيندي هيس. مون تي خاص ناراضگي
هوندي هيس، ڇو ته منهنجي جيڪب آباد وڃڻ بعد مولانا
جو گهڻو وقت مون سان صرف ٿيندو هو. مائي صاحبه
ڪڏهن ڪڏهن مون تي مغلظات جا وسڪارا به ڪندي هئي، ۽
بلڪل اوطاق جي دروازي جي ٻاهران بيهي. مولانا پاڻ
بيوس هوندو هو، ۽ منهنجي بچاءَ ڪرڻ کان عاجز.
مرحوم جي عبدالرحمان خان بگٽيءَ سان دلي دوستي هوندي هئي. عبدالرحمان خان تي
سندس والد نواب محراب خان بگٽي ناراض هو، جنهنڪري
سندس عمر جلاوطنيءَ، تنگدستيءَ، نظربنديءَ ۽
بيماريءَ ۾ پيئي گذرندي هئي، مولانا جي دل ۾ هميشه
ان ڳالهه جو ناسور چڪندو رهيو. عبدالرحمان وٽ سارو
وقت سڃائي ۽ سُڃ، سندس مخالفن وٽ هر شي موجود. پر
مولانا جي ديانت ۾ ڪڏهن ڪو خم ڪونه پيو، حالانڪ
رشوتخوريءَ ۽ لالچ خاطر دوستن کي وسارڻ ۽ وڪڻڻ جو
رواج انهن ڏينهن ۾ عام ٿيڻ لڳو هو.
نه وري مولانا صاحب پاڻ کي ڪڏهن وقتي حڪومت جي هٿ تي ئي وڪيو. باغي رهيو،
اول کان آخر دم تائين. جا به تحريڪ انگريز جي خلاف
هوندي، مولانا جي شرڪت لازماً ان ۾ هوندي.
غرض ته مولانا محمد حسين انهن برگزيده هستين مان هو، جن سچائيءَ کي هميشه
سونهن جو باعث سمجهيو، ۽ ان جي دٻاءَ هيٺ زندگيءَ
جا قدر ۽ اخلاق جا اصول ڪڏهن به هٿان نه ڇڏيا. ڌڻي
تعاليٰ کيس جنت ۾ جاءِ ڏئي!
محمد اسلم اچڪزئي ۽ برڪت علي ”آزاد“
جت تشدد هوندو آهي، بغاوت جو سلو به اتان ئي اسرندو آهي. بلوچستان ۽ ساڻس
ملحق سنڌ جو جيڪب آباد ضلعو، انگريز شاهيءَ جو
آخري ڳڙهه هوندو هو. انگريزن بلوچستان کي سرحدي
علائقو ٺهرائي، اتان جي رهاڪن جي ڳچيءَ ۾ نوڪر
شاهيءَ جي غلاميءَ جو ڳٽ وجهي ڇڏيو هو. ڪيترن
سردارن ته پوءِ به ان ڳٽ کي زيور ٿي سمجهيو، پر
اهل نظر ۽ عزت نفس رکندڙ انسانن لاءِ ڳٽ ڳٽ ئي هو.
اسلم اچڪزئي انهن نوجوانن مان هو، جن بلوچستان اندر انگريزن جي راڄ خلاف سڀ
کان پهريائين جهنڊو کنيو، ڌاري حڪومت، سرداري
سسٽم، ۽ نوڪر شاهي، سڀ کي مصيبت سمجهيائون، ۽ ان
مصيبت کي لاهڻ لاءِ جيڪا به موڙي وٽن هئي، سا
قربان ڪيائون. اسلم گهراڻي چڱي جو هو، پر موڙي وٽس
فقط ”جان عزيز“ هئي. بلوچستان مان جلاوطن ٿيو،
جيڪب آباد ۾ رهي، اتان مچٽ مچائڻ شروع ڪيائين.
برڪت علي هڪ سلڇڻو، تعليم يافته ۽ درد دل رکندڙ مڪاني نوجوان، اسلم سان شامل
ٿيو. انهن ٻن کي ڏسي، ٻيا به اچي مڙيا. چڱو چهچٽو
لڳي ويو. اخبارن ۾ آرٽيڪل پمفلٽ، ميٽنگون،
تقريرون، غرض ته تحريڪ جا سارا لوازمات پورا ٿيندا
رهيا. ڪجهه وقت ته انگريز ڏسندا رهيا، پر نيٺ تنگ
ٿي سخت قدم کڻڻ شروع ڪيائون - زبانبندي، جيلخانو،
ضلعي مان نيڪالي، جيتري به بڇڙائي ٿي سگهين ٿي، سا
ڪندا رهيا. اسلم مرحوم کي دق ٿي پيو، ۽ ان وگهي
جوانيءَ ۾ ئي جهان ڇڏڻو پيس. ڪامريڊ برڪت علي شايد
اڃا تائين زنده آهي، پر صحت اُن جي به تحريڪ جي
نذر ٿي ويل هئي.
ڪجهه وقت لاءِ انهن نوجوانن کي يوسف خان مگسيءَ جي سرپرستي پڻ حاصل ٿي.
1935ع واري ڪوئيٽا جي زلزلي ۾ يوسف علي خان اوچتو
انتقال ڪري ويو، جنهنڪري هو وري به اڪيلا رهجي
ويا.
يوسف علي خان مرحوم عجيب انسان هو. نواب قيصر خان مگسيءَ جو ٻيو نمبر فرزند
هو. انگريزن نواب صاحب مرحوم کي جلاوطن ڪري، ملتان
۾ رهايو هو. نواب صاحب پنهنجو سارو خاندان (سواءِ
وڏي پٽ گل محمد خان جي) پاڻ سان وٺي ويو. ڪن سالن
کان پوءِ سندس انتقال ٿيو. سندس مسند تي پهريائين
سندس وڏي پٽ گل محمد خان کي ويهاريائون، گل محمد
خان جي معزوليءَ بعد پڳ يوسف علي خان کي ورثي ۾
ملي.
يوسف جي جواني پنجاب جي ماحول ۾ بسر ٿيل هئي. بلوچستان جون حالتون ۽ اتان جي
عملدار شاهي ڪٿان ٿي کيس آئڙيون؟ بلوچستان جي
اصلاحات لاءِ تحريڪ شروع ڪيائين. نوابيءَ جو مخملي
لباس لاهي، کدر جو ڪڙتو ۽ پاجامو پهريائين. دولت،
ڪافي انداز ۾، سندس والد جي ڇڏيل هئي، کلئي هٿ سان
تحريڪ تي خرچ ڪندو رهيو.
مون سان ڪيترا ڀيرا ملاقاتون ٿيس. ليڊريءَ جا سمورا انداز منجهس موجود هئا.
ڪڏهن ڪڏهن شعر به چوندو هو، جو لاهور جي ”زميندار“
اخبار جي سرورق تي پيو شايع ٿيندو هو. انگريزن
ڪجهه وقت لاءِ نظربند ڪيس، مگر نه معافي ورتائين،
نه سجده سهوَ ئي ڀريائين. قومي ورڪرن جي ڪافي
پرورش ڪندو رهيو. جيڪڏهن زلزلي واري حادثي ۾ شهيد
نه ٿئي ها، ته وڏي ڪمال کي رسي ها.
سندس وڏي ڀاءُ گل محمد خان جو مٿي ذڪر ڪري چڪو آهيان. پنهنجي رنگ ۾ هو صاحب
به يڪتا هو. سردار بڻيو، پر سرداريءَ ذريعي جي
سهولتون ميسر ٿيس، تن کي شعر شاعريءَ لاءِ ڪتب
آڻيندو رهيو. کيس يقين ٿي چڪو هو ته پاڻ وڏي پايي
جو شاعر آهي، ۽ سندس درجو فردوسيءَ کان ٿورو گهٽ،
پر نظيريءَ کان يقيناً مٿي آهي. نه فقط شعر
چيائين، پر صورت ۽ رهڻي ڪرڻي به شاعرن جهڙي ڪري
ڇڏيائين. ڪجهه وقت بعد ماڻهو کيس ديوانو سمجهڻ
لڳا. اڳتي هلي انگريزن جي به ساڳي راءِ ٿي،
تنهنڪري مورڳو سرداريءَ کان معزول ڪري، شهدادڪوٽ ۾
رهائي ڇڏيائونس، جت ڪجهه عرصي بعد سندس انتقال
ٿيو. فارسي ڪلام جا ٻه ديوان شايع ٿيل اٿس. مون
کيس به ڏٺو، ۽ سندس والد مرحوم نواب قيصر خان کي
به. نواب قيصر خان وڏو مدبر هو، سياست جو ماهر، ۽
فارسي علم جو چڱو ڄاڻو. طبيعت جو قدري ضدي هوندو
هو، ۽ پنهنجيءَ ڳالهه تان هرگز نه هٽندو هو، پوءِ
نقصان ڪيترو به ڇو نه ٿي وڃي. چانڊين منگسين جي
پاڻ ۾ لڙائي اپر سنڌ جي مقامي تاريخ جو هڪ اهم
واقعو هو. حڪومت طرفان ڪيترو به زوربار آيو، پر
نواب قيصر خان چانڊين سان وڙهڻ کان ڪين مڙيو. سندس
جلاوطني ۽ منگسين جي سرداريءَ کان معزوليءَ جو
هڪڙو سبب اُها رنجيدگي به هئي. مرحوم کي مون ڪيترا
ڀيرا ڏٺو. لاڙڪاڻي کان سکر ويندي، ريل گاڏيءَ ۾
سيڪنڊ ڪلاس ۾ ويهندو هو. ڏاڙهي وڏي هيس. پر نه
چاپئين، وار ڊگها، بت جو ڀريل. مخمل جو سائو ڪوٽ،
جنهن تي مختصر زريءَ جو ڪم ٿيل هوندو هو، سندس
مرغوب لباس هوندو هو. هٿيارن جي ڀري هردم ڀر ۾
رکندو هو، جن ۾ رائفل، تلوار، پستول، ۽ ڪارتوسن جا
پٽا هوندا هئا، پير ۾ ڀرت ڀريل سنڌي جُتي پيل
هوندي هيس. نڪ اگهڻ لاءِ ڳاڙهو وڏو رومال هٿ ۾.
گفتگو ۽ حالات معلوم ڪرڻ جو شوقين هو. ناواقف
ماڻهوءَ سان به ڳالهه ٻولهه ڇيڙيندي ڪونه مڙندو
هو.
منگسين جو حال ته ضمناً اچي ويو، اصل مقصد هو ڪامريڊ برڪت علي ۽ مرحوم اسلم
اچڪزئيءَ جو احوال ڏيڻ. انهن ٻنهي نوجوانن جيڪب
آباد جي ماحول ۾ ڪافي ڦيرو آندو. ميڻ بتيءَ وانگر
پاڻ کي رجايائون، ان لاءِ ته ٻين لاءِ روشني هجي.
خانصاحب سهراب خان سرڪي
جيڪب آباد ۾ ٻروچن جو زور ڏسي، غير ٻروچن به ذاتين ۽ پاڙن جي بنياد تي پاڻ
کي منظم ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي. ممڪن آهي ته ڪنهن وقت
جي انگريز عملدارن کي اها ڳالهه سُجهي آئي هجي، ۽
ٻروچن جي مقابلي تي غير ٻروچن کي اٿاري کڙي ڪرڻ
لاءِ ان قسم جو اشارو ڏنو هجيئون، ڇو ته جن ڏينهن
جو آءٌ ذڪر ڪري رهيو آهيان، انهن ڏينهن ۾ عملدارن
جي اشاري يا اجازت کان سواءِ وڻن جا پن به ڪونه ٿي
لُڏيا.
آءٌ انهن ڏينهن ۾ هڪ هفتيوار اخبار ايڊٽ ڪندو هوس. اوچتو اطلاع اچي رسيو ته
سرڪي قوم جو وڏو جلسو ٿي گذريو، ۽ سرداريءَ جي
دستار وڏيري سهراب خان جي سر تي رکي ويئي. مضمون ۾
اڳتي هلي نئين سردار جا ذاتي فضائل ۽ خصال بيان
ڪيل هئا، ۽ ڪجهه حصو سندس ”خيبر شڪن“ تقرير جو پڻ
ڏنل هو. مضمون سان گڏ هڪ خط هو، جنهن ۾ لکيل هو ته
جنهن پرچي ۾ اهو مضمون شايع ٿئي، اهو پرچو، سال جي
چندي ۾، سردار صاحب ڏانهن وي.پي. ڪري موڪليو وڃي.
ان زماني ۾ ڪنهن به مضمون شايع ڪرڻ لاءِ وي.پي. جو
دلاسو ڏيڻ لازمي هوندو هو. ايڊيٽر کي چندي جو
دلاسو رسيو، ته مضمون جو مطلب ڇا آهي، تنهن جي ڪا
پرواهه ڪانه ڪندو، اکيون ٻوٽي شايع ڪري ڇڏيندو،
پوءِ ڀل اڳتي هلي ان مان خود سندس پنهنجي وجود
لاءِ ڇو نه ڪو خرخسو پيدا ٿي پوي. اڪثر اهڙن ئي
مضمونن جي بنياد تي ايڊيٽرن جي خلاف بدناموسيءَ جا
ڪيس داخل ٿيندا هئا، ۽ هڪ سال جي چندي عيوض ويچارن
کي ورهين جا ورهيه ڪورٽن جا ڪشٽ پيا ڪاٽڻا پوندا
هئا.
سردار سهراب خان کي خاص طرح سان اها صلاح ملي چڪي هئي ته ايڊيٽرن جي وات ۾
هميشه چوڳو وجهندو رهي، تنهنڪري هو صاحب هر اخبار
جو مستقل خريدار هوندو هو. جيڪا به اخبار نڪرندي،
تنهن جو پهريون پرچو سهراب خان جي نالي ضرور وي.پي
ٿي ويندو. ايڊيٽر، ان سببان، هميشه سندس لحاظ
رکندا هئا. نزلو ٿيندو هوس، ته به پبلڪ کي اپيلون
ڪندا هئا ته هن مخير ۽ فخر قوم سردار جي جان
بخشيءَ ۽ صحت لاءِ هٿ مٿي کڻي ڌڻيءَ اڳيان ٻاڏايو
وڃي.
اخباري پروپئگنڊا سهراب خان مرحوم جي سرداريءَ کي خوب چمڪايو. سنڌ جدا ٿي،
ته پاڻ نئين سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو.
مرحوم تمام نرم مزاج ۽ حضور شرم قِسم جو انسان هوندو هو. ڪنهن به ٻانهن کان
اچي جهليس، ته ان کي جواب ڪونه ڏيندو هو. وزير ۽
وزيريءَ جا اميدوار ته ماشاءَ الله ان فن جا ماهر
هوندا هئا. جڏهن به ڪو وزارتي زلزلو آيو، ته ٻنهي
ڌرين جا هٿ سردار سهراب خان جي ٻانهن ۾ هوندا هئا.
جدا سنڌ جي پهرين وزارت سر غلام حسين ٺاهي هئي، اپريل 1937ع ۾. مارچ 1938ع
۾، ان وزارت کي ڪيرائڻ لاءِ سانباها ٿيا. جنهن
ڏينهن فيصلي ڪن ووٽنگ ٿيڻي هئي، ان ڏينهن مخالف ڌر
وارا سردار سهراب خان کي موٽر ۾ ويهاري منگهي پير
طرف کڻي ويا، ۽ اوستائين موٽڻ ڪونه ڇڏيائونس،
جيستائين هڪڙي ووٽ جي گهٽتائيءَ سبب سر غلام حسين
جي وزارت شڪست کائي ڪِري نه پيئي.
سهراب خان مرحوم جي اهڙيءَ نرم مزاجيءَ جا مظاهرا ڏسي، سياسي حلقن کي سخت
صدمو ٿي رسيو. اهي ڏينهن اڃا ابتدائي هئا، ماڻهن
جي سياسي اخلاق سان هاڃي ٿيل ڪانه هئي. ڪو به شخص
پارٽي بدلائيندو هو ته سندس خلاف سخت نفرت پيدا
ٿيندي هئي. 1939ع جي اوائل ۾ جڏهن مرحوم سر غلام
حسين اوچتو مسلم ليگ ڇڏي وڃي الله بخش پارٽيءَ سان
شموليت ڪئي، ۽ اتان هوم منسٽريءَ جو عهدو ورتو، ته
ماڻهن جا دماغ قطعاً چڪرائجي ويا هئا. سر غلام
حسين جي ڪيترن دوستن ۽ سياسي رفيقن ساڻس ذاتي تعلق
به ٽوڙي ڇڏيا، ۽ ساريءَ سنڌ اندر ايتري قدر غصو
پيدا ٿيو جو هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو مسلم ليگ ۾
گهڙي پيا، اڳتي هلي، سنڌي ليڊرن جون اهي ڦڙتيون
گهرتيون ڏسي، مرحوم جمشيد مهتا مورڳو سنڌ
اسيمبليءَ جي ميمبريءَ تان استعفا ڏيئي ڇڏي.
ڌڻي تعاليٰ کيس جنت ۾ جاءِ ڏئي، سهراب خان مرحوم کي ڪنهن به شخص کي رنجائڻ ۽
نااميد ڪرڻ سخت ناپسند هوندو هو، ۽ سندس ان خصوصيت
جو ئي اڪثر ليڊر پيا فائدو وٺندا هئا. قداور پر
ڇڙڪ مڙس هو. مائل به نفاست، خوش پوش ۽ خوش خلق.
ٻه چاچا
چاچو ميان الله بخش قوم لاشاري، عمر 65 - 70 ورهيه، سؤ فيصدي لاشاري ٻروچ،
سفيد ڏاڙهي ڊگهي، پير ۾ گهيتلو هيٺتي هلڪي سلوار -
ڪڏهن ڌوتل ڪڏهن ميري، جسم تي پاسي سان ڳچيءَ وارو
پيراهن، سر تي پڳڙ، هٿ ۾ نيٽ جو لڪڙ، سندس فرزند
ميان غلام قادر خان وڪيل جي ڪجهه ترقي ۽ ڏيک ويک
ٿي، ته پاڻ هڪدم مٿس ناراض ٿي پيو، خاص مٿس
نڪتيچيني ڪرڻ لاءِ هڪ هفتيوار اخبار ڪڍيائين.
انگريزن جو زمانو هو - اخبار نويسي ڪم آسان هو،
فقط ڊپٽي ڪليڪٽر اڳيان ڊيڪلريشن ڏيڻو پوندو هو ته
آءٌ فلاڻي نالي سان اخبار جاري ڪريان ٿو، جا
فلاڻيءَ پريس مان ڇپجي نڪرندي، باقي خير.
چاچي الله بخش کي ڪنهن شرير سُر ڏنو ته هو هڪ پرچو مون ڏانهن روانو ڪري،
منهنجي راءِ پڻ معلوم ڪري. غلام قادر خان منهنجو
دوست هو. سُر ڏيندڙ شرير جو اهو خيال هو ته آءٌ
راءِ ضرور خراب ڏيندس، جنهن کان پوءِ چاچو سائين
مون تي به ناراض ٿي پوندو، ۽ پنهنجي مخصوص انداز ۾
پنهنجا لطف ۽ ڪرم ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو.
سندس پرچي ۽ حڪمنامي پهچڻ شرط مون سندس خدمت ۾ هڪ نهايت ئي نياز ڀريل راقعو
روانو ڪيو - عرض ڪيم:
“خدمت ۾ فيضواري وڏي شان ۽ وڏي مانَ وارو، فخر جيڪب آباديان، محترم قومان،
صاحب سو مان، گوش هوشمندان، بيني ِّ بزرگان، شڪم
درويشان، دست
رستم زمان، پاءِ قلندران، خان خرد مندا، سرتاج
ايڊيٽران، شمع شاعران، حضرت عموي صاحبيم، چاچا
سائين ميان الله بخش خان، دام فيوض تڪم.
”واڌو وينتي ته چاچا سائينجن جو پليل پيار ڀريل پرچو اڄ رسيو، دل بهار ٿي
ويئي، دماغ تي سينٽ ۽ عطر هارجي ويا. مضمون ڇا
هئا؟ پرچي جي ترتيب ۾ ڪهڙا ڳوڙها راز رکيل هئا؟ هر
اکر ۾ معنائن جا ڪيڏا درياهه سمايل هئا؟ بس، ڏسي ۽
پڙهي، دل مان دانهن نڪري ويئي ته اسدالله عرف غالب
خان کان پوءِ هڪ چاچو الله بخش خان ئي دنيا اندر
پرگهٽ ٿيو، جو صحافت جي آسمان مٿي گهيتلي سان پيو
گهُمي.
چندو بذريعي مني آرڊر عرض رکيو اٿم. پرچي جي هر هفتي عنايت ٿيندي رهندي ته
بندي جا دين دنيا ٻيئي روشن ٿيندا رهندا. واڌو حد
ادب.
- و غير ذالڪ من الهفوات“
مون ته اهو خط لکيو محض پنهنجي سِر بچائڻ لاءِ ڪهڙي خبر هيم ته ان مان
منهنجي دوست غلام قادر خان لاءِ پاڻ وڌيڪ ممڻ مچي
پوندو.
رقعي پهچڻ بعد چاچي سائينءَ جي قدم کنيا، سي هيءُ هئا:
خط کڻي وڃي حڪيم قائم الدين صاحب وٽ پهتو. کانئس ”گالب کان“ جو پتو پڇيائين.
حڪيم صاحب ٻڌايس ته جنهن اسدالله عرف غالب خان جو
ذڪر خط ۾ ٿيل آهي، سو وڏو جرنيل ٿي گذريو آهي،
جنهن جون اڪبر بادشاهه سان جنگيون ٿينديون رهيون
هيون. ”شڪم درويشان“ تي حڪيم صاحب جي منهن تي مُرڪ
ڏسي، هڪدم معنيٰ جي فرمائش ڪيائين. جواب مليس ته
ان جي معنيٰ آهي ته ”درويش جي پيٽ وانگر تنهنجي
پيٽ ۾ به فقط نُور سمايل رهي ٿو.“ باقي ڪابه اهڙي
تشبيهه خط ۾ نظر ڪانه آيس، جنهن جي معنيٰ ازخود
سمجهي نه سگهيو هجي. اٿندي حڪيم صاحب کي چيائين ته
”باقي سڄو خط پڙهي ويو آهيان، ساڳي ”آريزيءَ“
(عريضي) جي ڍنگ تي لکيل آهي. مرادوند ڇوڪرا پنهنجن
وڏن ڏانهن هميشه آريزي ناموني (نموني) جا ئي ليٽر
لکندا آهن. هڪڙو گلامّ ڪادر ٻيءَ طرح جو آهي، ان
سان هينئر پڄي پونداسين.“ (چاچو مرحوم ڪنهن زماني
۾ عريضي نويسيءَ جو ڪم ڪري چڪو هو.)
اتان اٿي پريس ۾ آيو. منهنجي خط کي پهرئين صفحي تي ڇپارايائين، ۽ مٿس سرخي
هنيائين- راشدي صاحب جو ساٽيفڪٽ.“
ان کان پوءِ اچي ويٺو چونڪ جي هوٽل ۾. آئي وئي کي رستي تان سڏيو پئي خط
پڙهايائين. خط پڙهائيندي پڙهائيندي پڙهندڙ کي ٻه -
ٽي سخن به ڏيندو ٿي رهيو - چي، ”اوهان... هئا،
ڪونه ٿي مڃيوَ ته ڪو الله بخش خان به ايڊيٽر آهي.
هاڻي ڏسو- اوهان جي بابي راشديءَ به ساٽيفڪٽ ڏيئي
ڇڏيو آهي ته چاچو الله بخش ”گالب خان“ کان به مٿي
آهي!“
”غالب“ جيڪب آباد جي ماڻهن ۾ مشهور ڪونه هو، تنهنڪري جڏهن کانئس پڇيو ٿي ويو
ته اهو خانوادو ڪير هو، ته پاڻ سمجهاڻي ٿي ڏنائين:
”..... ڄٽ، ڪتي جا ڦٽ، اوهان کي گالب کان جي به کبر ڪانه آهي! جرنيل هو،
اڪبر بادشاهه سان انهيءَ گالب کان جرنيل جون ته
چوٽون ٿينديون ٿي رهيون. پت اڃا به نه اچيوَ ته
وڃي پنهنجي بابي قائم الدين کان گالب کان جون
کبرون پڇو.“
ان واقعي کان پوءِ، سندس ڪلام ۾ غلام قادر خان لاءِ پاڻ وڌيڪ تيزي پيدا ٿي،
جنهن جو مون کي ڏاڍو ارمان رهيو. مون کي ڪا خبر
ڪانه هئي ته منهنجي ساٽيفڪٽ کان پوءِ چاچي مرحوم
کي پنهنجي قلم ۾ وڌيڪ ويساهه پيدا ٿيندو ۽ ان جو
اثر منهنجي دوست غلام قادر تي پوندو.
ڪجهه عرصي بعد عموي صاحبيم جو انتقال ٿيو، ۽ ان طرح منهنجن چاچن جي فهرست
اندر هڪ خانو خالي ٿيو.
ٻيو چاچو، بحمدالله تعاليٰ، اڃا تائين زندهه ۽ قائم آهي. اهو آهي ميان نبي
بخش خان سرڪي، عرف ”لالو مٺو،“ ايڊيٽر اخبار
”اتحاد“ جيڪب آباد.
نيڪ نفس، نيڪ دل، ۽ محبت ڪندڙ انسان آهي. هميشه چڱو ڍڪي، چڱو کائي، چڱو
گهمي، چڱو گهتي! باوجود ان جي جو ڪاري عينڪ چوويهه
ڪلاڪ ئي چڙهيل هوندي اٿس، مگر منجهانئس ڏسندو
سڀڪجهه پيو. جيڪب آباد ميونسپالٽيءَ سان وابسته
ڪنهن شخص کان به پنهنجي فرائض جي ادائگيءَ ۾ ڪا
ڪوتاهي ٿي ويئي، ته ”ڌيان طلب“ مضمونن جي ڌم لڳي
ويندي، ۽ اوستائين سندس جان نه ڇڏيندو، جيستائين
يا ته اڳلو پنهنجي اصلاح ڪري، يا وري چاچي سائينءَ
جي خلاف بدناموسيءَ جو ڪيس داخل ڪري.
ٻهراڙيءَ جي پوليس عملي تي پڻ سندس ڪرڙي نظر آهي. جمعدارن ۽ صوبيدارن جي
ڪارگذارين بابت ”جناب ڪماني صاحب“ جي ”ڌيان طلبي“
گهڻو ڪري هر هفتي ٿيندي رهي ٿي. جن کان چڱو ڪم ٿئي
ٿو، تن جي تعريف ۾ پڻ مضمون شايع ٿين ٿا، ۽ ان قسم
جي هر مضمون جي انتها ”جوڳي قدرشناسيءَ“ عرف
”مناسب انعام“ جي سفارش سان ٿئي ٿي. ڪنهن رن
روڳڙيءَ کي مڙس کان طلاق وٺڻ جي ضرورت محسوس ٿئي
ٿي ته ”نوٽيس“ چاچي جي اخبار ۾ ئي پڌرو ڪرائي ٿي.
غرض ته ضلعي جي پبلڪ ۽ صحافت جي گهڻين ئي ضرورتن جي پورت، لالي مٺي، جي قلم
۽ پرچي جي ذريعي ٿيندي رهي ٿي- چڱو مچٽ مچايون
ويٺو آهي.
سر غلام حسين هدايت الله مرحوم
وڏو بختاور انسان هو. ٽيهن سالن کان مٿي سنڌ جي سياسي فضا تي ڇانيل رهيو،
بغير سرمايي صرف ڪرڻ جي، بغير ڪنهن سختي سهڻ يا
قربانيءَ ڏيڻ جي. چون ٿا ته سندس ولادت شڪارپور ۾
ٿي، پر وڪالت پاس ڪرڻ کان پوءِ ڌنڌو حيدرآباد مان
شروع ڪيائين. مهمان نوازيءَ جو انگ اول کان ئي
هوس. آئي وئي کي مانيءَ ٽڪر مڙيو ئي کارايو ڇڏيندو
هو. ٿورن ئي ڏينهن اندر چڱو اثر پيدا ڪيائين.
پهريائين ضلعي لوڪلبورڊ حيدرآباد جو پريزيڊنٽ
چونڊيو. ان کان پوءِ بمبئي ڪائونسل جو ميمبر،“
1920ع ۾ ”سڌارا“ آيا، ته سنڌ پاران بمبئي سرڪار جو
وزير بڻجي ويو. اَٺ سال کن وزيري ڪيائين، ۽
پڇاڙيءَ وارا ڪجهه سال ايگزيڪيوٽو ڪائونسلر ٿي
رهيو. 1933ع ڌاري رٽائر ڪري سنڌ ۾ آيو، ۽ اچي
ڪراچيءَ ۾ رهڻ لڳو. سنه 1934ع ۾ ليجسليٽو
اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون. پاڻ سنڌ جي زميندارن ۽
جاگيردارن پاران اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو .
1936ع ۾ سنڌ جو صوبو بمبئيءَ کان جدا ٿيو. 1937ع ۾
پهريون چونڊون ٿيون. وري به زميندار- جاگيردار سيٽ
مان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو ۽ چونڊجڻ
شرط سنڌ جو وزيراعظم مقرر ٿيو- 1938ع ۾ سندس وزارت
کي شڪست آئي ۽ مرحوم الله بخش سندس جاءِ تي
وزيراعظم بڻيو. سر صاحب اچي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽
سارو سال مسلم ليگ تحريڪ ۾ هلندو رهيو. پر مسلم
ليگ الله بخش وزارت کي ڊاهڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي،
جنهنڪري جنوري 1939ع ۾ سر صاحب مسلم ليگ ڇڏي وڃي
الله بخش سان شامل ٿيو ۽ وٽانئس هوم منسٽريءَ جو
عهدو ورتائين. آڪٽوبر 1942ع ۾ الله بخش مرحوم ڊسمس
ٿيو. ان جي جاءِ تي پاڻ دوباره وزيراعظم مقرر ٿيو.
1943ع ۾ الله بخش مرحوم شهيد ٿي ويو. 1945ع ڌاري
مسلم ليگ خاصو زور ورتو. سر غلام حسين ان کان اڳ
ئي منجهس وري شامل ٿي چڪو هو. 1947ع جي پڇاڙيءَ
تائين وزيراعظم بڻيو رهيو. پاڪستان ٺهيو ته
قائداعظم جناح عليہ الرحمة کيس سنڌ جو گورنر مقرر
ڪيو. 1948ع جي پڇاڙيءَ ۾ قائداعظم عليہ الرحمة جو
انتقال ٿيو. اها خبر ٻڌي سر صاحب گورنر جنرل جي
محل ۾ ويو. اتي ئي اوچتو دل جو دورو پيو، موٽي گهر
آيو، هفتي کن اندر هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو.
انالله و انا اليہ راجعون. جيترو وقت جيئرو رهيو،
حڪومت ڪندو رهيو. پر اهي وقت ٻيا هئا ۽ ان زماني
جا ماڻهو به ٻئي قسم جا هوندا هئا.
سر صاحب مرحوم جي زندگيءَ جو مون گهڻو مطالعو ڪيو. پويان تيرهن - چوڏهن سال
ته ساڻس خاصو سڌو تعلق به رهيو، پر اهو تعلق بطور
سياسي مخالف جي هو نه بطرح سياسي حاميءَ جي. اصلي
سبب اسان جي اختلاف جو، هيءُ هو ته مرحوم ويندو هو
وقتي حالتن جي تقاضائن مطابق، ۽ اسان واريءَ
پاليٽيڪس جو بنياد هوندو هو محض جذبات تي ۽ انهن
اصولن تي جيڪي ڪتابن ۾ پڙهيا هئاسين. پر ان زماني
جي سنڌ جي ماڻهن ۽ سياست سان انهن اصولن جي ڪا به
مناسبت ٿي ڪانه ٿي سگهي. هو صاحب هو
realist
يعني سخت حقيقت شناس ۽ اسان هئاسين
visionary
۾ يعني سپنن جي دنيا جا سياح، هن جي اڳيان هو
”امروز“، اسان کي لڳل هو ”فڪر فردا“، هُو هو دماغ
جو قائل ۽ اسان هئاسين دل سڳوريءَ جا گهائل. بڻجي
ته ڪٿان؟ ساٿ رهي ته ڪهڙي بنياد تي؟
سڀ کان پهريون اختلاف جو سبب هيءُ هو ته مون گهريو ٿي ته سنڌ جدا ٿيڻ بعد
ڪامورا شاهيءَ جو زور ٽوڙڻ گهرجي، ڇو ته علحدگيءَ
واريءَ تحريڪ جو هڪ بنيادي مقصد اهو به هو ته
انهيءَ مقصد جي بنياد تي ئي آءٌ ان تحريڪ ۾
ايتريقدر بهرو وٺي چڪو هوس.
انگريزن جي زماني ۾ عملدار شاهيءَ خوب جاوا ڪندي رهي هئي، پر- تمنا اها هئي
ته سنڌ جدا ٿيڻ شرط هڪدم ان جون پاڙون پٽي پڌر ۾
اڇلايون وينديون. پر سر غلام حسين مرحوم، وزارت
عظميٰ جي پهرئين سال اندر، ان ڏس ۾ ڪو قدم ڪونه
کنيو- پاڻ عملدارن جي کڻي الله ٻڌي، ”سائين سائين“
ڪندي هر هڪ موذيءَ اچي مرحوم جا پير جهليا- اُهي
ئي پراڻا دستور، اها ئي اڳوڻي فضا، اهي ئي نوڪر
شاهيءَ جا آزار، گويا سنڌ جي علحدگي ئي رائگان
ويئي.
سر غلام حسين کي جنهن وقت گورنر، سر لانسلاٽ گراهم، وزيراعظم مقرر ڪيو ان
وقت سندس پٺيان، سٺ ميمبرن مان فقط ڇهه ميمبر هئا.
پر چئن - پنجن مهينن اندر حالت اهڙي ٿي ويئي جو
سواءِ ڇهن - ستن ڪانگريسي هندو ميمبرن جي، باقي
سمورا ميمبر سر صاحب جا حامي بڻجي پيا. ظاهري طرح
وزارت پارٽيءَ ۽ مخالف ڌر (جنهن جا اڳواڻ هئا،
مرحوم الله بخش ۽ مسٽر جي. ايم. سيد) جي وچ ۾ هڪ
اقرار نامو ٿيو، جنهن ۾ ڪن مختصر انتظامي سڌارن
رائج ڪرڻ جو وزارت طرفان واعدو ڪيو ويو ۽ ان واعدي
عوض مخالف ڌر سر صاحب جي پٺڀرائي ڪرڻ جو اعلان
ڪيو.
مهينن پٺيان مهينا گذري ويا، پر اقرار نامي تي ڪو عمل ڪونه ٿيو. سر صاحب
پنهنجي دستور موجب ڪم هلائيندو رهيو. جي. ايم. سيد
صاحب، نيٺ لاچار ٿي بغاوت ڪئي ۽ مارچ 1938ع ۾ سر
صاحب جي وزارت فقط هڪ ووٽ جي فرق سان ڪِري پئي.
ان وزارت کي ختم ڪرائڻ ۾، پس پرده، مون به ڪجهه حصو ورتو. جي. ايم. سيد جو
آءٌ سياسي رفيق هوس ۽ هو منهنجيءَ راءِ کي چڱي
وقعت ڏيندو هو. سنڌ جي ”نوڪر شاهيءَ“ کي ناس ڪرڻ
جو جيترو اونو مون کي هو، ان کان زياده خود کيس
هو. جذبات جي سندس طبيعت جي تشڪيل ۾ اوتري ئي
ڪارفرمائي هئي، جيتري منهنجي مزاج جي ترتيب ۾. سنڌ
جي علحدگيءَ لاءِ ٻئي گڏجي ڪم ڪري چڪا هئاسين.
علحدگيءَ بعد پهرئين عام اليڪشن ۾ پڻ ساڳي ئي
يونائيٽيڊ پارٽي جي عَلم هيٺ گڏجي هنگاما برپا ڪيا
هئاسين. پروگرام ٻنهي جو ساڳيو هو- ذاتي غرض نه
کيس هو ۽ نه مون کي.
ڊسمبر 1937ع جي پڇاڙيءَ ۾، آءٌ جي. ايم. سيد سان ملڻ لاءِ، سندس ڳوٺ ويس-
رات جو مجلس ٿي، ٻٻر جا بنڊ وچ ۾ پئي ٻريا، اسان
تڏي تي هنڌن کي پٺي ڏيو پيا هئاسين، ڳالهين پٺيان
ڳالهيون هلنديون ويون، نيٺ اچي بيٺاسين سنڌ جي
سياست تي.
مون کين عرض ڪيو ته سنڌ جي جدائي مورڳو اڪارتي ويئي، عملدار شاهي اڳ کان
اڳري رهجي ويئي، سڌارو هڪڙو به ڪرائي ڪونه
سگهياسين، پورا ٻارهن مهينا اجاين اميدن جي نذر ٿي
ويا، سو غلام حسين مان اها اميد رکڻ ته هو محض
اقرار پاڙڻ خاطر پنهنجي عمر جي پڇاڙيءَ ۾ پنهنجي
پاليسي بدلائي انقلاب آڻيندو قطعاً ناداني هئي،
اسان کي محسوس ڪرڻ کپندو هو ته سر صاحب لاءِ اهڙو
اقرار پاڙڻ ناممڪن هو، ڇو ته سندس سياست جو مدار
ئي آهي عملدارن جي مدد ۽ ”جُڙيءَ کي جس“
Status Quo
واريءَ پاليسيءَ تي، جيڪڏهن هو پنهنجن هٿن سان
انهن عملدارن کي ختم ڪندو ته پوءِ سياست هلائڻ
لاءِ کيس ٻي مدد ڪٿان ملندي؟
مون تقرير ڪافي دليلن، جوش ۽ جذبي سان ڪئي، بنان ڪنهن جواب ڏيڻ جي سيد صاحب
اٿي گهر هليو ويو، مون سمجهيو ته هينئر غلام حسين
وزارت جو ڪم لٿو. |