سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: اُهي ڏينهن اُهي شينهن

 

صفحو : 14

 

جيتريقدر ديوان لالچند تنگ نظر هو، اوتريقدر ئي وسيع المشرب ۽ غير متعصب لاڙڪاڻي جو ٻيو هندو وڪيل، ديوان گوبندرام هاسومل سيوهاڻي هو، جنهن لاڙڪاڻي وارن فسادن ۽ هندو ڪشمڪش جي دوران، هندن جي زوربار هوندي به، مسلمانن جي مدد ڪئي. سندس اصول هوندو هو ته وڪيل کي قوم ۽ مذهب جي بنياد تي هرگز متعصب ٿيڻ نه گهرجي. وڪالت جي ڌنڌي ۾ وڏو مقام حاصل ڪيائين. سندس ٻيا اصول هي هوندا هئا.

(1) ماجسٽريٽ يا جج يا سرڪاري عملدار سان ذاتي لڳ لاڳاپو رکي ڪيس کٽڻ، وڏيءَ حقارت جو ڪم آهي. ڪيس کٽڻو آهي ته قانون ۽ محنت ۽ ايمانداريءَ جي ذريعي، ۽ نه ٻيءَ طرح (انڪري پاڻ، وقت جي دستور خلاف، ڪڏهن به ڪنهن ماجسٽريٽ يا جج سان خانگي تعلقات نه رکيائين).

(2) هٽ واڻئي ۽ ٻروچ جو ڪيس ڪڏهن به نه کڻجي، ڇو ته هو وڪيل کي ڏاڍو تنگ ڪن ٿا، ۽ ڪورٽ ۾ پهچڻ کان اڳ ۾ ئي سندس دماغ چٽي وڃن ٿا.

(3) پنهنجي اصيل سان مڪمل وفاداري هجڻ گهرجي، ۽ ڪنهن به خوف، لوڀ يا لالچ ڪري ان جي حقن کي فراموش ڪرڻ نه جُڳائي.

(4) وڪيل کي پنهنجو سارو وقت پنهنجي ڌنڌي تي ڏيڻ گهرجي، ۽ ڌنڌي کان ٻاهر ساري دنيا کي فراموش ڪري ڇڏڻ گهرجي، ان ۾ ئي وڪيل جي ڪاميابيءَ جو راز ٿئي ٿو. جنهن وڪيل وڪالت سان گڏ ٻيا به شوق ۽ شغل ڪيا ۽ مصروفيتون اختيار ڪيون، سو ڪامياب وڪيل ٿي ڪونه سگهندو.

(5) جج يا ماجسٽريٽ غلط فيصلو ڪندو نظر اچي ته ان سان هڪدم وڙهي پوڻ گهرجي ۽ ڪا به مروت ساڻس ٿيڻ نه گهرجي.

(6) وڪيل برادريءَ جي ڪنهن به ماڻهوءَ خلاف ڪو به مقدمو نه کڻجي.

شخصي طرح ديوان گوبندرام ڏاڍو دلچسپ ماڻهو هوندو هو. کِلائي کِلائي پيٽن ۾ سور وجهي ڇڏيندو. اهڙيون ڪهاڻيون ٻڌائيندو ۽ اهڙيون لاهڻيون لاهيندو جو گهڻو ڪري ٽرڙا ۽ هلڪي طبعيت رکندڙ وڪيل کانئس پاسو ڪندا رهندا. ساڳئي وقت وري جڏهن متين ۽ سنجيده ٿيڻ جي ضرورت پوندي، ته ايتريقدر گنڀير ٿي ويندو جو سندس منهن ڏسيو ماڻهن کي هيبت وٺيو ويندي. جاهل ۽ ڪاهل اصيلن سان ڏاڍي سختي ڪندو هو. اهڙو اصيل، شنوائيءَ جي صبح جو منهن چڙهي ويس ته هڪدم رهڙون ۽ ڇڙٻون ڏيئي پگهر ڪڍي رکندس. انڪري سندس اصيل حقيقت ڏيڻ، شنوائيءَ تي اچڻ، ۽ فيءَ پهچائڻ ۾ ڪڏهن به سستي ڪين ڪندا هئا. آواز ڏاڍو گرجدار هوندو هوس، ۽ ان خصوصيت کي شوق سان استعمال ڪندو هو. ڪورٽ ۾ ڳالهائيندو ته پري تائين پيو سندس پرلاءُ پوندو. اصيل ڏاڍا خوش ٿيندا: چي، ”سائين، اسان جو ديوان ڪيئن پيو ڳالهائي؟ ڄڻ شينهن پيو راڙيون ڪري، ۽ دهل پيو وڄي، مخالف ڌر جي وڪيل بلڪ ماجسٽريٽ تائين جون هڻي پتلونون ڍريون ڪري ڇڏيائين“. اصيل کي نتيجي ۾ سزا اچي ويندي، ته به پنهنجي وڪيل کان راضي ٿيو ويندو.

لاڙڪاڻي ۾ سوين وڪيل هوندا هئا، مگر گوبندرام نه ڪنهن وٽ ايندو نه ويندو. دوستي هوندي هيس ته فقط هڪ همعصر وڪيل سان، جنهن جو نالو هوندو هو صوڀراج ۽ اصل حيدرآباد جو هو. هر شام جو ٻيئي پاڻ ۾ گڏجي ويهي وسڪيءَ جو پئگ کڻندا ۽ پَٽ شَٽ هڻندا. اوطاق جي ٻاهران شام جو ڇڻڪار ٿيندو، آرام ڪرسيون لڳي وينديون، سج لهندو ته کٽومل منشي آڻي وسڪيءَ جي ٻاٽلي، گلاس ۽ سوڍائون سامهون ٽپائيءَ تي رکندن. جيئن جيئن پئگ کڻندا ويندا، تيئن تيئن طبعيت ۾ رنگيني پيدا ٿيندي ويندين. سومهاڻيءَ تائين ٻنهي دوستن جي وچ ۾ پيو کل چرچو هلندو. مانيءَ جو وقت ٿيو ته ديوان صوڀراج پنهنجي گهر روانو ٿي ويندو، ۽ گوبندرام اُٿي اچي اوطاق ۾ ويهندو.

وڏي افسوس جو مقام آهي ته ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ، اهڙي ماڻهوءَ لاءِ به سنڌ جاءِ رکي نه سگهي! روئندو، رڙندو، دهليءَ روانو ٿي ويو. وطن ڇڏڻ ڪري ايترو صدمو پهتس جو بيمار ٿي پيو ۽ سست ئي گذاري ويو.

انقلاب اچن ٿا ته سُڪن سان گڏ آلا به سڙي وڃن ٿا!

پير تراب علي شاهه راشدي رحمة الله عليہ

سائين تراب علي شاهه جهڙا پنهل پير ڪنهن سڀاڳيءَ صديءَ ۾ پيدا ٿيندا آهن.

هونئن ته پيرن فقيرن جي معاملي ۾ الله تعاليٰ سنڌ کي ڪڏهن ڏک يا ڏُڪار ڪونه ڏيکاريو آهي، پر پير روشن ضمير، جن ڏٺي اڃ بک لهيو وڃي، سي نصيبا= نظر ايندا رهيا آهن.

چون ٿا انگريز آئي، ۽ مغربي تعليم ۽ تهذيب جي يورش کان اڳ، سنڌ ۾ گهڻا سچا پير هوندا هئا. سجادن جي ڪثرت ۽ اڳوڻي زماني جي ڪتابن مان اُن جو ثبوت ملي ٿو. پر فرنگيت ڦهلجڻ بعد ان جنس جي  گهٽتائي ٿيندي ويئي آهي. مون هڪ دفعو حضرت مخدوم غلام محمد صاحب مهيسر رحمة الله عليہ (ساڪن کهڙا تعلقو گمبٽ) کان هاڻوڪيءَ سُڃ جو سبب پڇيو. فرمايائين: ”بابا! دڪاندار وکر اهو ئي وِهائيندا آهن، جنهن وکر جا گراهڪ موجود هوندا آهن. هينئر نه اُهي گراهڪ، نه اُهي واپاري، نه اُهو وکر!“

آءٌ پاڻ کي بختاور سمجهان ٿو، جو مون کي ڪن سچن پيرن سان صحبت ڪرڻ جو موقعو مليو- يعني پير تراب علي شاهه سائين رحمة الله عليہ ۽ سندس پير جناب سيد احمد شامي رحمة الله عليہ سان اڳ ۾ ئي گهڻي دير ٿي ويل هئي. زمانا ڦري چڪا هئا. اڳيان وِير وڃڻ وارا هئا. محفلون سميٽجڻ تي هيون. ڏيئا اجهامڻ هارا هئا. گهڙيءَ پلڪ جي ويرم وڃي رهي هئي. ان وچ ۾ آءٌ به وڃي سهڙيو هوس. ڀاڳن ڀرايو هو. چوڻ جو موقعو ملي ويو ته

”مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي.“

مون پنهنجي زندگيءَ اندر گهڻائي ماڻهو خواهه مِرون ڏٺا آهن- قسما قسم، رنگ برنگ، چڱا ۽ مَٺا، رهبر ۽ رهزن، دردوندا ۽ بيدردا. ورلي ٻيو ڪو سنڌي اهڙو سڀاڳو هوندو، جنهن پنهنجي زماني جي ايترن دودن خواهه چنيسرن جا ديدار ڪيا هوندا. هلندڙ دؤر جي ساري تاريخ منهنجي اکين اڳيان ٺهي آهي. انسان جي فطرت کي مون غلاف ڪعبه ۾ ملبوس به ڏٺو آهي ۽ الف- عُريان به. آخر هنن نماڻين اکڙين ڇا نه ڏٺو يا پَسيو هوندو؟ پر اڄ پاڻ کان پڇان ٿو ته اِن ساري سفر اندر گهڻن مڪمل انسانن ڏسڻ جو وجهه مليو، ته اندر مان آواز پيو اچي: ”مشڪل سان ٻن - چئن جو!“ انهن مان ٻن جا نالا هينئر ٻڌايا اٿم.

”مڪمل انسان“ مان منهنجي مراد ڪهڙي آهي؟ سچ آهي ته ”مڪمل انسان“ جي سر تي سڱ ڪونه ٿا ڄمن. ڏسڻ ۾ ماڻهن جهڙو ماڻهو ٿئي ٿو، پر ان جي سڃاڻپ جو وڏو اهڃاڻ هيءُ ٿئي ٿو ته ان جي قرابت يا محبت طبيعت تي اُها ڪيفيت پيدا ڪري ٿي، جا محسوس ته ٿيندي رهي ٿي، پر نه ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ۽ نه ڏَسڻ ۾. مثلا=، نسيم بهاريا شميمِ يار جو رشتو بصارت سان نه، پر دل ۽ دماغ سان رهي ٿو. اهي نعمتون اکين سان ڏسڻ ۾ نٿيون اچن، پر انهن جي آمد ۽ موجودگي ماڻهوءَ جي لونءَ لونءَ اندر محسوس ٿيندي رهي ٿي.

سائنس ثابت ڪيو آهي ته هر انسان جي جسم مان مختلف قسم جا برقي شعاع نڪرن ٿا، جن جا مختلف ماڻهن تي مختلف اثر ٿين ٿا. ان برقي رَو جي مقناطيسيت ۽ ٻين امڪانن جو اڃا مطالعو پيو ٿئي. پر جيتريقدر ظاهر ٿي چڪو آهي، ڪن انسانن ۾ ڪشش جي گهڻيءَ قوت جو هجڻ، يا پهرئين ئي ديدار ۾ بعض دلين جي وچ ۾ پيوندن جو پئجي وڃڻ، ان برقي رَو يا برقي شعاعن جو ئي نتيجو ٿئي ٿو. جيتريقدر آءٌ سمجهي سگهيس، پير تراب علي شاهه رحمة الله عليہ جو جسم مبارڪ هڪ مرڪزي بجلي - گهر مثال هو. جيڪو آيو ٿي، سو اڙجي ويو ٿي. جنهن تي گهُور ٿي ٿِي، سو هميشه لاءِ گهائجي ٿي ويو. کانئس ڇنٻي هن مسڪين کي ڇويهه سال ٿيا آهن، پر اُن بجليءَ جي رَو هينئر به رگِ جان ۾ اڳئين وانگر پئي محسوس ٿئي.

ڪڏهن يا ڪٿ ساڻس پهرين ملڻ جو موقعو مليو، سو هينئر ياد ڪونه اٿم. پر ايترو ياد اٿم ته ننڍڙائيءَ کان ئي آءٌ سندس نيازمندن ۾ شامل ٿي چڪو هوس. سندس عمر ڪافي هئي. منهنجي مُنهن تي اڃا ريهه به ڪانه لٿي هئي. پاڻ عالم ڪامل هو، آءٌ اڃا محض طالب علم. پاڻ اسلامي تهذيب ۽ سنڌي تمدن جو نمونو هو، ۽ منهنجي سر تي انگريزيت سوار. پاڻ اسوه رسول (صلعم) جو پَيڪر هو، ۽ آءٌ ٻانگ ٻڌي کُڙي کڻڻ تي تيار. پاڻ ڌارئي راڄ جو پيدائشي دشمن هو، ۽ مون لاءِ بندوق جو پروانو بهشت جو پروانو! پاڻ ۾ ڪا به مناسبت ڪانه هئي. ڪشش جو ڪو به ظاهري ڪارڻ ڪو نه هو. پر ان هوندي به ڪا شيءِ هئي، ڪا ڇڪ هئي، بجليءَ جي شاڪ هئي، يا بنهه ازل جو ڪو انتظام، جو دل جو ڪاڍو هر دم قنبر ڏانهن ٿي رهيو. رات هجي يا روهه، جهُڙ هجي يا مينهن، ڏينهن هجي يا شينهن، پير اُن پاسي ئي ٿي پيو. اها ويڌن ڇڙو مون ساڻ واڻيل ڪا نه هئي. مون نه ڏٺو ته ڪنهن ماڻهوءَ شاهه سائين (احتراما= کين شاهه سائين چوندا هئاسين، سڄو نالو نه وٺڻ ۾ ايندو هو) کي هڪ دفعو ڏٺو ۽ پوءِ ڀيرو ڀڳو. هڪ ڀيري آءٌ آڌيءَ رات اچي سندس خدمت ۾ حاضر ٿيس. حيران ٿي پڇيائين! ”خير ته آهي؟“ جواب ۾ مون حضرت مولوي عبدالغفور صاحب همايوني عليہ الرحمة جو ڪافي چئي ٻڌايس:

”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا،
زندان هزارين مان نه رڳو.“

 

سچ به ائين هو. پاڻ پنهنجي ڳوٺ (علي خان) قنبر ۾ هجي يا سفر ۾، پروانا شمع کان پري رهي ڪونه ٿي سگهيا. جيڏانهن ويندو هو، ساري انجمن ساڻس گڏ هوندي هئي. سرمائيدار نه هو. وٽس نه حڪومتي اقتدار هو، نه دنياداريءَ جو دٻدٻو، نه سجاده جو سوال هو، نه پيراڻا گهنڊ گهڙيال، نه دنيوي بهتريءَ جو دلاسو ٿي مليو، نه آخرت ۾ سفارش جو آسرو، نه ڏيک هو نه ويک. کدر يا ڪوري بافتي جو چولو، گيڙو يا اڇي گوڏ، ڪلهي ۾ دلائل الخيرات ۽ ڪلام مجيد، هٿ ۾ نيٽ جو لڪڻ يا ڪهاڙي، پيرن ۾ ڳؤرو بلوچستاني جوتو- اهو هو سندس ظاهري لباس. پر پوءِ به ماڻهن جا ڳاهٽ لڳا پيا هئا-- ديسي توڙي پرديسي. ڪن ته هڪ دفعو وٽس پهچڻ ۽ کيس ڏسڻ پڄاڻا مري وٽانس موڪلايو. مولانا بخاري نالي هڪ بزرگ تاشقند يا بخارا مان ڪَهي اچي وٽس پهتو هو. هن سنڌي پيِر جي پريت ۾ اڳيان پويان وساري ويهي رهيو. مئو به سندس در تي، ۽ علي خان واريءَ وڏيءَ مسجد جي دروازي ٻاهران دفن ٿيو. هڪ ٻيو شخص ”ملنگ“ نالي وٽس رهندو ڏٺم. ڪٿان جو هو، اصل نسل ڇا هوس، سو  معلوم ڪونه ٿيو، ساري زندگي شاهه سائينءَ جي خدمت ۾ گذاريائين. ملنگ جي مسرتن ۽ ڪامرانين جو معراج اهو هوندو هو ته شاهه سائين ساڻس ٻه اکر ڳالهائي يا کيس ڪنهن ڪم ڪار لاءِ حڪم ڏئي. اهڙا ٻيا به ڪيئي مثال ٿي گذريا.

انسان رِيجهائڻ، نانگ ريجهائڻ کان ڏکيو آهي. ڪتو ٽڪر وٺي پُڇ لٽڪائيندو آهي، مِرون چُوڻ کائي پنهنجو مٿو وڃائيندو آهي، پر انسان ئي اها آفت آهي، جنهن ڀڀ ڀرڻ ۽ مٿس ٿورن ٿڦڻ کان پوءِ به منجهس شرم ۽ شڪر گذاريءَ جو آسرو رکڻ ڄڻ جوا کيڏڻي آهي. پر پير تراب عليءَ جي نوڙي جنهن نڪ ۾ پئجي ويل هئي، تنهن جو ڇڄڻ يا ان ماڻهوءَ جو ناڪيلي ڇنائي ڀڄڻ ناممڪن هوندو هو.

سندس حلقه ِّ احباب ۾ امير به هوندا هئا ۽ غريب به. پر سندس لطف جو لاڙو زياده تر غريب دوستن طرف هوندو هو. سندس خيال هو ته امير بنسبت غريب جو ضمير زياده صاف، ۽ غريب دوستي زياده بيغرض ۽ زياده پائدار ٿئي ٿي.

سعدالله نالي هڪ پوڙهو پٺاڻ نانوائي، لاڙڪاڻي جي سيئو بازار ۾، ونگن واري چوسول وٽ کٽ رکيو، ديڳڙو چاڙهيو، ويٺو هوندو هو. پير صاحب جي ساڻس ڪڏهن کان ۽ ڪيئن دوستي ٿي، تنهن جو پتو ڪونه اٿم. پر مون کي ياد نه آهي ته ڪڏهن پير صاحب لاڙڪاڻي آيو هجي يا لاڙڪاڻي مان لانگهائو ٿيو هجي ۽ پهرين سعدالله جو سلام  نه ڪيو هجيس. سعدالله جا رڌل نان - پاوا کائڻ، پيٽ ۾ بارود ڀرڻو پوندو هو. پر سعدالله سان پير صاحب جي دوستيءَ ڪري اها ڪِسٽي، پير صاحب سان گڏ، اسان کي به ڪاٽڻي پوندي هئي. آءٌ قدري گستاخ هوس. ڪڏهن ڪڏهن سعدالله جي غليظ رهڻي ۽ سندس مغلظ نان - پاون تي ٽيڪا ٽپڻي ڪري ويهندو هوس. پاڻ کلي فرمائيندو هو:

”سعدالله جي ڪپڙن ۽ ڇنوڙي کٽولي ڏانهن نه نهاريو. سعدالله جي انساني لڇڻن تي نظر ڪريو. سندس غريباڻا نان - پاوا پيٽ لاءِ ثقيل سهي، پر اميرن جي دم المساڪين ۾ دم ٿيل ديڳڙن وانگر، روح تي گران گذرڻ وارا نه آهن.... وقت ايندو، جڏهن سعدالله جي سچائيءَ وارا ماڻهو ڳولئي به ڪو نه لڀندا. ميان علي محمد! ٻڌو ٿا؟ اها ڳالهه ياد رکجو!“

پر شاهه سائينءَ جي صحبت ۾ رهندي، محسوس ئي ڪونه ٿي ٿيو ته ڪو اهڙو سمو به ڏسڻو پوندو، جنهن ۾ ماڻهو موجود هوندا، پر صحيح ماڻهپو موڪلائي ويل هوندو.

سعدالله کان سواءِ هڪ ٻي مصيبت به هوندي هئي. اهو هو هڪ تمام پوڙهو، نيم نابينا، ٽانگي وارو، ڀڳوڙيءَ ٻگهيءَ ۾ سڪل ۽ چُٽر ٽَٽون جوٽيو وتندو هو. ٽَٽون ٿڪبو هو ته وچ رستي ۾، حوائج ضروري پوري ڪرڻ جي بهاني سان، بيهي رهندو هو. چهبوڪ هڻوس ته اِٽون هڻندو، واڳ مان وٺي ٻه قدم اڳتي ڇڪيوس ته چار پير پوئتي هٽي ويندو. ڪجهه ٿڪ، ڪجهه ضد، ڪجهه موڊ جو معاملو. سواريءَ کي هميشہ ٽٽونءَ جي مرضيءَ تي هلڻو پوندو هو. شاهه سائين جڏهن به لاڙڪاڻي ايندو هو ته گهڻو ڪري ان ٽانگي ۾ ئي سواري ڪندو هو، ڇو ته ٽانگي واري سان پراڻي دوستي هيس!

هڪ ڏينهن شاهه سائين ۽ آءٌ ان ٽانگي ۾ سوار هئاسون. دستور موجب، گهوڙو هلندي هلندي اڌ پنڌ تي بيهي رهيو. شاهه سائينءَ حڪم ڪيو ته ”ٽانگي مان لهي بيهي رهو، جيستائين گهوڙو وري هلڻ جو خيال ڪري.“ حڪم جي تعميل ته ٿي، پر ٽٽونءَ جي شان ۾ منهنجي واتان چند ناگفته به ”ورڊ“ ادا ٿي ويا. شاهه سائين مشڪندو رهيو. اهو ڏينهن ڪليڪٽر صاحب سان وڏيرن جي ملاقات جو هو. وڏيرن  سان ڀريل ٽانگن جا ٽانگا ڪليڪٽريءَ ڏانهن وَهندا ٿي رهيا. اهي قافلا ڏسي، شاهه سائين فرمايو:

“ڇا ٿا ڀانيو، مسٽر راشدي! اسانجن دوستن وڏيرن کان ته هيءُ ٽٽون وڌيڪ خوددار آهي. پنهنجي مرضيءَ کان سواءِ ڪو نه ٿو هلي، ۽ زور زبردستيءَ کي بنهه ڪونه ٿو ليکي. پر اسانجن دوستن کي جيڪڏهن ڪليڪٽر وٽان حڪم ملي ته ٽانگن ۾ جوٽجي سرڪاري سواريون ڇڪيو، ته ٿيندي کين مجال جو هن ٽٽونءَ وانگر وچ رستي ۾ بيهي، سرڪاري سوارين کي اِٽون هڻن؟ اوهين انگريزي پيا پڙهو، ٿورو انصاف ڪري ڏسو! ڪير وڌيڪ آزاد طبعيت وارو، ”تنهنڪري وڌيڪ عزت جو لائق آهي؟ هي ٽٽون يا هو
اشرف المخلوقات؟“

شاهه سائينءَ جي انگريزن سان قطعا= ڪانه پوندي هئي. سندس سياسي نظرين ۽ ڪار گذارين جو حصو اڳتي ايندو. هت ايترو چوڻ ڪافي ٿيندو ته انگريزن جي گورن خواهه ڪارن اهلڪارن کان سخت نفرت هوندي هيس. منجهانئن ڪنهن سان به ملاقات ڪو نه ڪندو هو. انگريز ڏسندو هو ته منهن پاسي ڪري ڇڏيندو هو. فرمائيندو هو: ”بيوس آهيون. پر جي ويريءَ تائين هٿ رسي نٿو سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ اکين جي غيرت ته قائم رکون!“

هڪ دفعي جو قصو آهي، شاهه سائينءَ جي بلوچستان وڃڻ تي سرڪار طرفان بندش پيل هئي. سندس ارادو ٿيو ته بلوچستان وڃي. مون پنهنجي ڏاڏي مرحوم کي عرض ڪيو ته سنڌ جي ڪمشنر کي چئي، شاهه سائينءَ تان اها بندش لهرائي. ان زماني ۾ سنڌ جو ڪمشنر ريُو صاحب هوندو هو. ڏاڏو مرحوم، شاهه سائين، ۽ آءٌ، ڪراچيءَ ۾ هئاسون. ڏاڏي مرحوم ڪمشنر سان ڳالهه ڪئي. ڪمشنر صاحب چيس ته ”شاهه صاحب کي مون وٽ وٺي اچو. مون کي ساڻس ملڻ جو شوق آهي. بندش لهي ويندي.“ ڏاڏو مرحوم ڏاڍو خوش ٿيو. موٽي اچي شاهه سائينءَ کي ڪمشنر ڏانهن هلڻ لاءِ چيائين. شاهه سائينءَ وراڻي ڏنيس:

”سائين منهنجا! اهڙا ڪم اسان کان ٿي سگهن ها ته پوءِ اها بندش ئي ڇو پوي ها؟ ٻَن پئي بلوچستان جو اهڙو سير، جنهن جي خاطر آءٌ پنهنجو اصول ٽوڙيان.“

ڏاڏو مرحوم ڪمشنر سان واعدو ڪري آيو هو ته هو شاهه سائينءَ کي وٽس وٺي ويندو. شاهه سائينءَ جي انڪار بعد موٽي وڃي نرم ۽ مناسب اکرن ۾ کيس ٻڌايائين ته شاهه صاحب اچڻ کان معذور آهي. ڪمشنر زور ڀريس ته شاهه صاحب جي جواب جا اصلي اکر ٻڌائي. ڏاڏي مرحوم لفظ بلفظ شاهه صاحب جو جواب ٻڌايس. غصي ۾ اچڻ بدران، انگريز ڪمشنر جي چهري تي رونق اچي ويئي. چيائين:

”اهڙي اصول واري ماڻهوءَ لاءِ اسان کي عزت هجڻ گهرجي. پير تراب علي شاهه کي اسان جا سلام ڏيو. کيس ٻڌايو ته اسان بندش لاهي ڇڏي. پاڻ ڪنهن به وقت بلوچستان وڃي سگهي ٿو. افسوس آهي اسين کيس ڏسي نٿا سگهون!“

شاهه سائين بلوچستان هليو ته آءٌ به سندس خدمت ۾ گڏ ويس. ايترا ڏينهن کانئس پري رهڻ ناممڪن هو. سندس پهتي، بلوچستان ۾ به سندس چوڌاري ساڳيو ميلو لڳي ويو.

پنهنجي پيري - مريديءَ يا روحاني حيثيت جي شاهه سائين ڪا به نمائش ڪانه ڪندو هو. سندس نمونو ڪاروباري پِيرن کان بلڪل جدا هوندو هو. نذر نياز وٺڻ بدران، پاڻ ٻين جي پرورش ڪندو هو. رات ڏينهن سندس ننگر پيو هلندو هو. ننگر تي نالو ته ننگر جو هو، پر حقيقت ۾ اميراڻو دسترخوان هوندو هو. سفر ۾ سمورن ساٿين جو ڪِرايو خرچ پاڻ ڀريندو هو. پاڻ حڪيم هو، ۽ تمام وڏي پايي جو، پر دوا درمل ڪندو هو ته پئسن خاطر نه. قيمتي کان قيمتي دوائون مفت ڏيئي ڇڏيندو هو. سندس دواخانو هميشه خساري ۾ رهيو.

سندس پِيري دڪانداري ڪانه هئي. ان زماني ۾ ڪن دڪاندار پير صاحبن جا ٻيا نمونا هوندا هئا: مذهب ڏيک ويک، تقدس جي تشهير، پرهيزگاريءَ جي نمائش ۽ پاڻ کان گهٽ رياڪارن تي ٺٺول ۽ تمسخر، عمل کان وڌيڪ ظاهرداريءَ تي زور، رياءَ جي گريوزاري، سڻڀن مريدن سان رازداريون، غريب مريدن کي مسجد ۾ وڃي مانجهاندي ڪرڻ جو ڏس، نذرانن ميڙڻ لاءِ گهر گهر گهمڻ، زيارتون، دعوتون، گهنڊ گهڙيال، مولود، مناجاتون -- جتان گهمي ويا، ڄڻ ماڪڙ ڦيرو ڏيئي ويئي.

شاهه سائينءَ جو ان تجارت سان ڪو واسطو ڪو نه هو. سندس پنهنجي زندگي اسوهِّ رسول صلي الله عليہ وسلم جو نمونو هئي، ۽ بس. جنهن شخص تي ان نموني جو اثر پاڻهوتو نه پيو، ان کان باز پرس ڪانه ٿيندي هئي. ماڻهن سان سندس هلت ۾ هڪ خاص قسم جي لطافت هوندي هئي. ساڻس تقرب جو اثر آهستي آهستي اڳلي جي طبعيت ۾ سرايت ڪندو رهندو هو. پيراڻي وٺ پڪڙ يا مولويانه مواخذي جو سوال ڪونه هوندو هو. پاڻ صبح جي نماز لاءِ اٿندو، مون کي ستل ڏسندو، ته پري کان پنهنجو پاڻ ڳالهائڻ شروع ڪندو، ته جيئن آواز تي منهنجي اک کلي وڃي. ڪڏهن ڪڏهن ويجهو اچي مشفقانه انداز ۾ سرٻاٽ ڪندو. ”ميان صاحب! اٿي ٻه ٽَڪر نماز جا هڻي ڇڏيو ته هوند ڇا ٿي پوي!“ ڪنهن ڏينهن طبعيت تي خاص انبساط جي ڪيفيت هوندس ته ٽنگ يا ٻانهن کان وٺي ڌوڻيندو: ”اُٿ! شرم ڪونه ٿو اچيئي؟ اٿ، وضو ڪر... اُٿ! اُٿ.... اُٿ!“ سندس اها بي تڪلفي وڏي اعزاز مانند هئي، ۽ اهو ڪن خوشنصيبن کي حاصل ٿيو.

رسول صلي الله عليہ وسلم جو اهڙو عاشق مون ساريءَ زندگيءَ ۾ ٻيو ڪونه ڏٺو آهي. اسلامي دنيا جا گهڻا مرڪز ڏٺا اٿم. گهڻين ئي خانقاهن، درگاهن ۽ سجادن جون زيارتون ڪيون اٿم، پر سندس پايي جو ٻيو عاشقِ رسول نظر ڪو نه پيو اٿم. حضور پاڪ جو نالو ايندو هو ته چهرو مبارڪ سرخ ٿي ويندو هوس ۽ اکين ۾ غير معمولي چمڪ اچي ويندي هيس. سندس ڪمري ۾ ڪاغذ جي پرزي تي ”الله“ تعاليٰ ۽ ”محمد“ صلعم لکيل، ديوار تي لڳو پيو هوندو هو. تحرير سٺي ڪانه هئي، سو مون عرض ڪيو ته اهو ڪاغذ لاهي، ان جي جاءِ تي ڪو سهڻو لکيل ۽ گلڪاريءَ سان سينگاريل قطعو ڇو نٿا هڻو؟ جواب ڏنائين: ”غرض ان مٺي نانءَ سان آهي. ڪنهن جي تحرير سان نه آهي.“ ويٺي ويٺي نظر ان ڪاغذ تي پوندي هيس ته جسم ۾ ڌُرڙي اڀري ويندي هيس. ڪڏهن ڪڏهن ڪلاڪن جا ڪلاڪ تنهائيءَ ۾ ويٺو ان ڪاغذ ڏانهن ڏسندو هو.

آل رسول جو بيحد احترام ڪندو هو. هڪ دفعي آءٌ نوابشاهه ضلعي جي هڪ سيد کان سخت شاڪي ٿي پيس، ووٽن جي ڳالهه هئي. سيد صاحب هڪ غلط اميدوار کان ”نذرانو“ وٺي ۽ ڪامورن جي دٻاءَ ۾ اچي، پنهنجن مريدن جا ووٽ ان اميدوار کي ڏياريا ها. شاهه سائين پاڻ به ان قسم جي رشوتي ”مرشدن“ کي ڏاڍو ڌڪاريندو هو. چوندو هو: ”پئسا وٺي، يا ڪامورن مان پنهنجن ڪمن ڪڍڻ خاطر، ووٽ جهڙي قومي امانت کي وڪڻڻ ايڏو گناهه آهي، جو شايد الله تعاليٰ به معاف نه ڪري. ووٽ جو اثر حقوق العباد تي پوي ٿو، ۽ حقوق العباد جي سلسلي ۾ ٿيل گناهه ۽ قصور معاف ٿيڻ مشڪل آهن.“  سندس انهن خيالن جو فائدو وٺي، آءٌ نوابشاهه واري سيد متعلق ڪجهه ڪَچا پَڪا اکر چئي ويٺس. پاڻ فرمايائين: ”خبردار! سنڌي چوڻي آهي: ڪتا تو نه لَڄ، تنهنجي ڌڻين لَڄ. ان سيد جي پنهنجيءَ روش ڏانهن نه ڏس، سندس ناني ڏاڏي جو لحاظ رک، ڏکيا اکر نه استعمال ڪر.“ ان موقعي تي پاڻ پنهنجي استاد حضرت مولانا غلام صديق صاحب شهدادڪوٽيءَ رحمة الله عليہ جو هڪ قصو بيان فرمايائين: چي، مولانا صاحب جن هڪ رات پنهنجيءَ مسجد شريف جي صحن ۾ سمهيا پيا هئا. جنهن دم سندن اک ٿي لڳي ته حضور صه جن کي پنهنجن پيرن ڏانهن بيٺل ٿي ڏٺائون. بي ادبيءَ جي ڀؤ وچان، ڇرڪ ڀري اٿي ٿي کڙا ٿيا. ننڊ ڪرڻ جي ڪيترا ڀيرا ڪوشش ڪيائون، مگر هر دفعي اها واردات ڏسندا رهيا. کين ڏاڍي بي آرامي محسوس ٿي. آخر اٿي مسجد جي صحن ۾ سمهيل مسافرن جو جائزو وٺڻ لڳا. ڏٺائون ته سندن پيرن واري پاسي ڏانهن، فاصلي تي هڪ شخص سمهيو پيو آهي. ان کي اٿاري، کانئس سندس نالو ذات پڇيائون. معلوم ٿين ته اهو شخص هڪ غريب مسافر سيد آهي. کيس اتان اٿاري، پنهنجن مٿن ڏانهن سمهاريائون. ان کان پوءِ اڳين ڪيفيت نظر ڪانه آين ۽ سمهي آرام ڪيائون.“

مون شاهه سائينءَ کان پڇيو ته “رات ڏينهن پيا سيد ڌڪا کائين ۽ خلق جي پيرن ڏانهن ۽ پيرن ۾ سمهن، مگر ڪنهن کي به رسول صلي الله عليہ وسلم  جي زيارت نصيب ڪانه پئي ٿئي؟ ”فرمايائين“ ڏوراپا پنهنجن کي ڏبا آهن. غيرن تي ڪهڙيون ميارون؟ اکين سڄي انسان جو پير غلط رستي تي پوندو ته ڏک ٿيندو. پر اکين جي انڌي واٽهڙوءَ کي جيڏانهن وڻي تيڏانهن پيو هلي. انڌي کي شرمائڻ تي ڪير پنهنجو وقت ضايع ڪندو؟“

ان زماني جو هڪ امير ڏاڍو مغرور انسان هوندو هو. ڪجهه لکيل پڙهيل ۽ جهانديدو به هو. ٽوڪبازيءَ ۽ چٿرن ڪرڻ جو شوق هوس. قدرت خدا جي، منجهس هڪ خاص قسم جي ڪمزوري هئي، جيڪا ماڻهن ۾ عام مشهور ٿي چڪي هئي. نتيجو اهو نڪتو جو هو پاڻ ماڻهن تي کِلون ڪندو وتندو هو ۽ ماڻهو کيس ڏسي پيا کلندا هئا. هڪ دفعي ريل جي ساڳئي ئي گاڏي ۾ شاهه سائينءَ کي ان ”امير“ سان گڏ سفر ڪرڻو پيو. ٻه - ٽي ٻيا ماڻهو به گاڏيءَ ۾ هئا. امير جي طبعيت ۾ چُرپر پيدا ٿي. شاهه سائينءَ سان مخاطب ٿي چوڻ لڳو.

”جناب پير صاحب! تاريخ جي مستند ڪتابن جي مطالعي مان معلوم ٿيندو رهي ٿو ته اڳئين زماني جا پير صاحبان ڏاڍا روشن ضمير، ڪامل اڪمل ۽ ڪانيءَ ڪرامت جا صاحب هوندا هئا. خبر نه آهي ته هن زماني ۾ اهڙا اعليٰ درجي جا پير ڇو نٿا پيدا ٿين. هن زماني جا پير ته فقط نذرانا وصول ڪرڻ لاءِ وتن جهٽيون هڻندا.“

شاهه سائينءَ وراڻي ڏنيس:

”جناب والا! اڳئين زماني جا مريد به ته اعليٰ پايي جا انسان هوندا هئا. اڄوڪي قسم جي مرتدن خاطر الله تعاليٰ ڇو اهڙا چڱا پِير ضايع ڪري ها. جهڙا هاڻوڪا مريد، تهڙا هاڻوڪا مرشد.“

ڀِت ڪُڇي جي اڳلو ڪُڇي!

پير تراب علي شاهه سائينءَ جي سياسي زندگيءَ جي بهار مون ڪانه ڏٺي، مون کان اڳ ٿي گذري هئي. جيتريقدر معلوم ٿيم، سو هيءُ هو ته انگريز کي اسلام جو دشمن ۽ انگريزي راڄ هيٺ سنڌ ۽ هند کي دارالحرب سمجهندو هو. سنڌ جي پنهنجي تهذيب، روايتن ۽ طرز زندگيءَ تي کيس ڏاڍو فخر هوندو هو. سندس خيالات تي ٽن ماڻهن جو خاص اثر رهيو هو:

(1) سندس استاد (“ سهري) حضرت مولانا غلام صديق صاحب شهداد ڪوٽي عليہ الرحمة جو، (2) سيد اختر شاهه عليہ الرحمة جو، جيڪو اصل يو . پي. جو هو ۽ ترڪ وطن بلڪ ترڪ دنيا ڪري اچي لاڙڪاڻي لڳ لاهورين جي ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو، اهلِ ڪمال هو، (3) مولانا ابوالڪلام آزاد مرحوم جو، جنهن جي ”الهلال“ ۽ ”البلاغ“ جو وڏو قدر ڪندو هو- (مون کي هڪ ڀيرو پنهنجي هڪ خط جو نقل ڏيکاريائين، جيڪو مولانا آزاد ڏانهن لکيو هئائين. خط ۾ درخواست هئي ته سندس فرزند پير عبدالقادر شاهه کي مولانا آزاد پاڻ وٽ رهائي ۽ کيس عربي تعليم ۽ اسلامي تعليم ڏئي. پر خط مولانا آزاد تائين پهچي نه سگهيو. مولانا آزاد اڳ ۾ ئي نظر بند ٿي چڪو هو.)

انگريز سان ڪنهن به حالت ۾ صلح ڪرڻ يا  تعلق رکڻ لاءِ تيار نه ٿيو. سندس نظريو هو ته ”جيستائين انگريز جو تعلق مشرق سان قائم آهي، اوستائين اسلام ۽ مسلمانن جو خير ڪونه رهندو. مسلمانن جو فرض آهي ته انگريز خلاف جهاد ڪن. جهاد جي ڪامياب ٿيڻ لاءِ البت بين الاقوامي حالتن جي سازگاريءَ جو سوال پيدا ٿئي ٿو. پر جيستائين اهي حالتون سازگار نه ٿيون آهن، اوستائين گهٽ ۾ گهٽ ڌارئي راڄ سان تعاون نه هئڻ گهرجي ۽ ان کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش جاري رکجي.“

شاهه سائين اسلام جي مرڪزيت کي ڏاڍي اهميت ڏيندو هو. خلافت تحريڪ کي سنڌ اندر پکيڙڻ ۾ وڏو حصو ورتائين. في الحقيقت سندس ئي ساٿي، عزيز، دوست، مريد ۽ معتقد هئا، جن پهريون دفعو سنڌ اندر، سنڌ جي عام پيرن ۽ وڏيرن جي روايتن کي ٽوڙي، حڪومت خلاف، خلافت جي سوال تي جهاد جو جهنڊو بلند ڪيو. لاڙڪاڻو ضلعو سندس خلافت تحريڪ جو مرڪز بڻيو. پهرين خلافت ڪانفرنس لاڙڪاڻي ۾ ٿي، ۽ هجرت واري تحريڪ جي سلسلي ۾ سنڌي مهاجرن جي پهرين اسپيشل ٽرين لاڙڪاڻي مان ئي رواني ٿي.

هجرت جي تحريڪ جو مقصد هيءُ هو ته هندستان مان انگريزن کي ڀڄائي ڪڍڻ لاءِ افغانستان جي اسلامي برادريءَ کان، اسلام جي ڪَڍ تي، مدد ورتي وڃي. طريقو هيءُ سوچيو ويو هو:

(1) پهريائين مولانا عبيدالله سنڌي مخفي طرح سنڌ مان نڪري، ڪابل پهچي، وڃي پٺاڻن سان گفتگو هلائي ۽ کين ان منصوبي مطابق مدد لاءِ تيار ڪرائي، ۽ کانئن اهڙو پڪو واعدو وٺي. (مولانا عبيدالله پير صاحب جهنڊي واري جي مدرسي ۾ معلم هو، ۽ پير صاحب سياست جي معاملن ۾ شاهه سائينءَ جو رفيق ڪار هو)،

(2) جيڪڏهن پٺاڻ اهڙو واعدو ڪن ته پوءِ سنڌي مجاهدن کي تيار ڪجي، جيڪي هجرت ڪري وڃي افغانستان ۾ مقيم ٿين، ۽ اتان پٺاڻن جي لشڪر سان گڏجي، موٽي اچي هندستان ۾ انگريزن سان جنگ جوٽين.

انگريزن کي ان منصوبي جو بروقت پتو پئجي ويل هو، سو ڏاڍي ڪوشش ڪيائون ته مولانا عبيدالله کي، ڪابل پهچڻ کان اڳ ئي روڪي وجهن، پر ڪامياب نه ٿي سگهيا. مولانا پيرين پنڌ، جبل جهاڳيندو، پوليس ۽ انگريزي جاسوسن کان بچندو، خير سلامتيءَ سان سرحد اُڪري وڃي ڪابل پهتو، ۽ پٺاڻن سان ڳالهيون هلائي، کانئن واعدا وعيد وٺي، پوين ڏانهن پيغام موڪليائين ته هاڻي هجرت ڪريو. پويان جو ڪم شاهه سائينءَ جي حوالي هو.

شاهه سائينءَ کي سنڌين جي همت ۽ بهادريءَ تي ڏاڍو ڀروسو هوندو هو. چوندو هو، ”سنڌي ڏاڍا سست آهن، پر وقت آئي مست ٿيو پون“. وقت آيو ته سنڌين متعلق سندس اهو قياس صحيح نڪتو. لاتعداد سنڌي سِر ڏيڻ ۽ گهر ٻار لُٽائڻ لاءِ تيار ٿي بيٺا. کين ان ارادي تان موڙڻ،“ ان ريت انگريزن کي خوش ڪرڻ خاطر، لاڙڪاڻي جي ڪن وڏيرن، سنڌ جي مسلمان ڪامورن ۽ ڪن پِيرن پنهنجي پاران بنهه ڪونه گهٽايو. هر طرح جا حيلا هلايائون ته سنڌين جي اهڙي عزم کي ٽوڙين. پر وريو ڪجهه به ڪونه. سنڌي عوام مستيءَ ۾ اچي چڪو هو. پهرين ئي ڪوڪ تي منجهانئن هزارين ماڻهو گهر ٻار، مال ڍڳا ۽ زمين جا ٽڪر ”تين واڪ“ ڪري وڃي ڪابل ڀيڙا ٿيا. وڏو آسرو هون ته مسلمان ڀائي پٺاڻ، پنهنجي وعدي موجب لشڪر تيار ڪري، ساڻن گڏجي اچي سنڌ ۽ هند کي انگريز جي چنبي مان آزاد ڪرائيندا! پر واعدو وفا نه ٿيو. انگريز ۽ پٺاڻن جي جنگ جي شروعات ٿي، پر ستت ئي منجهن ٺاهه به ٿي ويو. انگريزن افغانستان جي آزادي تسليم ڪئي، ۽ افغانن هندستان جي آزاديءَ جي پچر ڇڏي ڏني. مهاجر ويچارا نه هيڏانهن جا رهيا نه هوڏانهن جا، مال مڏي ۽ باقي ٽپڙ ٽاڙي به وڃائي ويهي رهيا. ڪي واپس موٽي آيا، ڪي اُتي ئي مري دفن ٿي ويا. قافلي جي سالار، رئيس جان محمد مرحوم، پاڻ موٽي اچي اجمير شريف ۾ پساهه ڏنا. مولوي عبيدالله سنڌي ڪابل مان روس روانو ٿي ويو. شاهه سائينءَ کي شديد ذاتي صدمو رسيو. ان تجربي کان پوءِ اڪثر فرمائيندو رهندو.

ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين؟

پر تحريڪ جي شروعات ۾، تحريڪ جي تنظيم جو سڄو بار شاهه سائينءَ پاڻ پنهنجن ڪلهن تي کنيو. مهاجرن جي پهرئين قافلي جو سالار (مٿي ذڪر ڪيل) سندس دوست ۽ سياسي رفيق، لاڙڪاڻي جو بئريسٽر، مرحوم مغفور رئيس جان محمد جوڻيجو بڻيو. جڏهن مهاجرن جي پهرين ٽرين رواني ٿي ته شاهه سائين پاڻ (پنهنجي عزيز ۽ سياسي نائب الامور، پير حاجي علي انور شاهه راشدي سميت) ان اسپيشل ٽرين سان پشاور تائين گڏيو ويو. اُتان موٽي، ٻي اسپيشل ٽرين تيار ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي رسيو، ته پٺيان انگريزن ۽ پٺاڻن جي پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي وڃڻ ڪري هجرت جي مقصد تي ئي پوچي گهمي ويئي.

ان کان پوءِ، هڪٻئي پٺيان، ٻيا به ڪي ناگوار واقعا ٿيا، مثلا=، خلافت کي ترڪن صاحبن پاڻ پنهنجن هٿن سان ختم ڪري ڇڏيو. هندستان اندر هندو - مسلم اتحاد ٽُٽي پيو. هندن، انگريزن کي ڀڄائي ڪڍڻ بدران، مسلمانن کي مرتد بڻائڻ لاءِ شڌي ۽ سنگٺن جي هلچل هلائي ڏني. انگريز پنهنجي پاران به نئين کيڏ کيڏي. اسيمبليون، ڪائونسلون ۽ وزارتون چالو ڪيائين، جن جي عشق ۾ وڏيرا وڙهي پاڻ به اڌ مئا ٿي پيا ۽ سنڌي عوام کي به ارَن مان ڪڍي ڇڏيائون.

شاهه سائينءَ کي بد دل ۽ مايوس ٿي، سياسي هلچل کان ڪناره ڪشي ڪري، خانگي زندگي بسر ڪرڻي پئي.

پر جيستائين پاڻ سياست جي ميدان ۾ رهيو، اوستائين سندس سياسي ساٿي ان وقت جا آفتاب ۽ ماهتاب هئا. سندن نالا ٻڌڻ وٽان آهن: يعني حضرت مولانا تاج محمود امروٽي عليہ الرحمة، رئيس جان محمد جوڻيجو مرحوم، پير صاحب جهنڊي وارا (حضرت پِير رشدالله شاهه رحمة عليہ)، پير محبوب شاهه عليہ الرحمة حيدرآباد وارو، مولانا عبيدالله سنڌي عليہ الرحمة، پير حاجي علي انور شاهه راشدي، شيخ عبدالعزيز مرحوم، مولانا عبدالڪريم درس عليہ الرحمة ڪراچيءَ وارو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سيٺ حاجي عبدالله هارون عليہ الرحمة، حڪيم شمس الدين مرحوم حيدرآباد وارو.

انهن بزرگن مان، سواءِ ٻن جي، ٻيا سڀئي موڪلاڻي ڪري ويل آهن. منجهانئن هر هڪ جا حالات لکڻ ۽ پڙهڻ جي قابل هئا. نئين نسل جي ماڻهن لاءِ شمع راه جو ڪم ڏين ها، سندن ايمان اُجارين ها، سندن دلين ۾ همت پيدا ڪن ها، کين سنڌ جي مٽيءَ مان مايوس ٿيڻ بدران اُن مٽيءَ جي تقديس ڪرڻ تي تيار ڪن ها، بلڪ ان تاريخي مواد جي ملڻ بعد کين سينو ساهي هن چوڻ جو حق حاصل ٿئي ها ته گهٽ ۾ گهٽ سندن بزرگ اهڙا نه هئا، جيڪي:

”مرونءَ سندي ماهه تي ماڻڪ مَٽائين!“

پر کُٿو نه ڪنهن اهل نظر مان، نه اهل قلم مان. گذريل سڄا سارا چاليهه سال محض پنهنجي شان ۽ مانَ جي چاليهن ڪندي گذري ويا. پنهنجن اباڻن جي املهه روايتن ۽ ملير جي ريتن رسمن وسارڻ بعد، فقط پانڌين ۽ پيراڍن کان پڇندا رهياسين:

ڪو واٽ وندر جي ڏسي؟
ڪو واٽ وندر جي ڏسي؟

 

پر وندر جي واٽ ڪير ڏسيندو؟ اُهو ئي جواب ڦرندو، جيڪو مير رستم خان مرحوم وٽان جاگير جي پَٽي قبول ڪرڻ ۽ انڪري روحاني انقباض محسوس ڪرڻ بعد ڪنهن درويش کي ڪنهن واٽهڙو فقير وٽان مليو هو:

جاگير ڏيئي جُٺ ڪري ويئن، راند رستم کسي،
..... هاڻي ڪو واٽ وندر جي ڏسي؟

 

شاهه سائين عليہ الرحمة هميشه سياست کي مذهبي زندگيءَ جو هڪ ادنيٰ جزو تصور ڪيو. مذهب مان سندس مراد صريحا= اهو اسلام هوندو هو، جيڪو حضور صلي الله عليہ وسلم جي سنت سڳوريءَ جي عين مطابق هجي. سندس زندگيءَ جو بنيادي اصول هوندو هو: ”ما اَتاڪم الرسول فخذوه وما نهاڪم عنہ فانتهو“، ۽ ان اصول تان قول خواهه فعل ۾، رهڻي خواهه ڪهڻيءَ ۾ سَرمُو نه هٽيو. هر وقت اها آيت سڳوري سندس زبان مبارڪ تي رهندي هئي ۽ زندگيءَ جي هر مسئلي متعلق سنت رسول سامهون رکي فيصلو ڪندو رهيو.

سندس اثر زائل ڪرڻ لاءِ، خلافت تحريڪ هلندي، انگريز طرفان وقت بوقت ڪوشش ٿيندي رهي. جڏهن حضرت شيخ الهند عليہ الرحمة ۽ هندستان جي ٻين بزرگن مشهور ۽ تاريخي متفقه فتوا جاري ڪئي، ته سنڌ منجهان شاهه سائين ۽ سندس رفيق پيرن ۽ علمائن فورا= ان تي دستخط ڪيا“ ان جي تائيد ۾ پنهنجي پاران بيان پڌرا ڪيا. اها حالت ڏسي، سنڌ جي انگريز حڪمرانن جا ڪن به ڳاڙها ٿي ويا. کين ڏاڍي مَٺيان لڳي ته سنڌ جهڙي ماٺيڻي ۽ ”هر ميران رعيت“ ملڪ مان به اهڙي باغيانه صدا بلند ٿي. مسلمان عملدارن سان مشورو ڪيائون. انهن لاءِ محض حڪم جي دير هئي. هڪدم ٻن مولوين کي ڀرتي ڪري، سندن حوالي هيءُ ڪم ڪيو ويو ته متفقه فتوا جو رد ۽ پير تراب علي شاهه جي تائيدي بيانن جو جواب لکن. ساڳئي وقت هيءَ ڪوشش به شروع ٿي ته انهن ترديدي ڪاغذن تي صحيحن ڪرڻ لاءِ سنڌ جي پيرن جي ڪانفرنس ڪوٺائي وڃي. ڪانفرنس جي باري ۾ سنڌ جي پوليس ٿاڻن ڏانهن حڪم ڪيو ويو ته هر ٿاڻي وارا پنهنجي حد جي پيرن جي لسٽ تيار ڪن ۽ ٻئي حڪم اچڻ تي انهن کي ڇڪي تاڻي وڃي ڪانفرنس ۾ حاضر ڪن.

ترديدي فتوا جو مسودو تيار ٿيو. ڪانفرنس راڻيپور شريف ۾ سڏائي ويئي. پوليس کي آخري حڪم مليو ته پنهنجي حد جي پيرن کي، بنان ڪنهن عذر معذور ٻُڌي، کنڀي کڻي ڪانفرنس ۾ ويهارين. پوليس ڏاڍو پاڻ پتوڙيو. جت ضرورت پيش آئي، ۽ ٻيو ڪو رستو نه رهيو، تهِ ات پوليسي حڪمت عمليءَ کان به ڪم ورتو ويو: يعني جن پوليسي صوبيدارن کي پنهنجيءَ حد اندر سچو پِير هٿ ڪونه لڳو، تن مناسب شڪل مشابهت رکندڙ پوليسي پيراڍن ۽ پاٿاريدارن کي وهنجاري سهنجاري، اڇيون پڳون ٻڌائي، تسبيحون ڪنڌن ۾ وجهي، عصائون هٿن ۾ ڏيئي، گهلي وڃي ڪانفرنس ۾ موجود ڪيو.

ڪانفرنس جو اهڙين حالتن هيٺ ڪامياب ٿيڻ يقيني هو. چنانچ ڪانفرنس ڏاڍي ڪامياب ٿي. انگريز ”اولي الامر“ سان وفاداري ۽ خلافت خلاف تحريڪون يڪراءِ پاس ٿيون. محض تحريڪ پيش ڪرڻ جي ضرورت ٿي ٿِي. مخالفت يا موافقت ۾ تقريرن وگهي وقت ضايع ڪونه ٿي ٿيو. پِيرن خواهه پيراڍن خواهه پاٿاريدارن کي نه تقرير جو ڏانءُ ٿي آيو ۽ نه کين تفصيل ۾ وڃڻ جي ضرورت ئي هئي. فتوا جي مسودي تي ڪن بزرگن مهرون ثبت ڪيون، ڪن صحيحون وڌيون ۽ ڪن محض پنهنجن کٻن آڱوٺن کان ڪم ورتو. اَلو اَلان ٿي ويئي. سرڪاري ٻوڙ پلاءَ کائي هرڪو اٿي کڙو ٿيو.

ٻئي ڏينهن ڪانفرنس جي ڪارگذاري، فتوا ۽ ٺهراءَ سرڪاري اشتهارن جي بکين ۽ خوشامدي اخبارن ۾ شان سان شايع ٿيا. اهڙي قسم جون ڪيئي اخبارون هونديون هيون: ”سنڌ ورسي“، ”خير خواهه“، ”ڊيلي گزيٽ“، ”الحق“، وغيره. ماڻهو پڙهن يا نه پڙهن، چندو ڏين يا نه ڏين، پر اهي اخبارون پيون هلنديون هيون.

راڻيپور ڪانفرنس جي ڪارروائيءَ جو پڌرو ٿيڻ ۽ چئني طرفن کان لعنت ملامت جو وسڻ! وڏا پير شرم ۽ خلق جي خوف وچان حجرن ۽ گهرن ۾ لڪي پيا. ننڍن پيرن سان ڪٿ ڪٿ مار ڪٽ ٿي. پوليس جا ٺاهيل ”پير“ پڳون اڇلائي، تسبيحون ڇني، موٽي پيراڍؤ جو ڪم ڪرڻ يا پاٿاريون هلائڻ لڳا.

ترديدي ”فتوا“ جي جواب ۾ شاهه سائينءَ پنهنجي نالي هڪ ”کليل خط“ لکي، ڇپرائي، سنڌ اندر تقسيم ڪرايو. خط فقط خط نه هو. پر هڪ سبق آموز هدايت نامو هو. ڪاش اڄ ان جي ڪاپي لڀي پوي! خط ۾ شاهه سائينءَ سنڌ جي سرڪاري پيرن کي سندن ڪردار جي نتيجن کان خبردار ڪيو هو. کين آگاهه ڪيو هئائين ته محض خوف وگهي يا ذاتي فائدي وٺڻ خاطر انگريز سرڪار جي خوشامد ڪرڻ ۽ سرڪار سان غير مقبول قومي سوالن جي سلسلي ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيهڻ، پِيرن جي ساري فرقي ۽ سجادن جي ساري نظام لاءِ تباهيءَ جو باعث ٿيندو. عام پبلڪ ڏسي وٺندي ته پير صاحب فقط پنهنجن مطلبن سڌ ڪرڻ لاءِ پيا پنهنجا سجادا استعمال ڪن ۽ سرڪاري دلال بڻجي سياسي جوابازي ڪن. وقت ايندو، جڏهن خلق اهڙن پيرن مان بيزار ٿي کين رستو وٺائيندي ۽ هو کوٽي ڏوڪڙ وانگر ٿي پوندا.کليل خط جي مهڙ ۾ هڪ اردو شعر لکيو هئائين، جو مون کي ياد رهجي ويو آهي:

نه ڇيڙ اي نڪهتِ باد بهاري، راه لگ اپني،
تجهي اٺکيليان سوجهي هين، هم بيزار بيٺي هين.

 

شاهه سائين زبردست اهل قلم هو. مضمون مختصر ۽ اکر ٿورا هوندا هئا. پر ان اختصار اندر معنيٰ جا درياهه سمايل هئا. تحرير مولوِيانه، ڦڪي يا خشڪ بنهه نه هئي. عبارت سليس پر ڏاڍي دلحْسپ ۽ جاندار هوندي هئي. پنهنجي علم يا معلومات ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪانه ڪندو هو. گهڻو ڪري ننڍيءَ سائز جي نوٽ پيپر جي هڪڙي ئي صفحي تي وڏي مان وڏو بحث ۽ مضمون پورو ڪري ڇڏيندو هو. طوالت سخت ناپسند هيس. خدانخواسته ڪنهن سببان طبعيت ۾ تيزي اچي ويس ته پوءِ خدا پيو خير ڪري. چند چونڊ لفظن، اشارن ۽ استعارن جي استعمال سان مڪمل تباهي آڻي ڇڏيندو هو. معياري درجي جو خوشخط هو. سندس خط موتين جي مالها هوندو هو. صحيح ۾ به اُٺ - پٽانگ ڪانه ڪندو هو. فقط ”فقير تراب علي راشدي“ يا ”خادم تراب علي راشدي“ لکندو هو.

راڻيپور واريءَ ڪانفرنس کان پوءِ شاهه سائينءَ کي پيرن جي مستقبل بابت ڏاڍو اونو ٿي پيو. پاڻ پير هو. سندس خيال هو ته پير سنڌ جي معاشري تي زندگيءَ جو هڪ اهم ۽ مفيد جزو بڻجي سگهن ٿا. پيريءَ جو نظام سنڌ اندر صدين کان رائج رهيو آهي، ۽ عوام جي ان نظام سان وابستگي ٿي ويل آهي. ان نظام ٽٽڻ کان پوءِ خبر نه آهي ته ڪهڙي نئين قيادت پيدا ٿيندي! اها قيادت ملڪي زندگيءَ کي ڪيتريقدر اسلام ۽ سنڌي تهذيب جي قريب رکي سگهندي، يا ماڻهن کي مورڳو اسلام مان ڪڍي وڃي ڪنهن نئينءَ مصيبت ۾ گرفتار ڪندي.

ان زماني جي حالتن کي نظر ۾ رکندي، پاڻ مناسب نٿي سمجهيائين ته سنڌ جي اڳواڻيءَ جو سڄو بار زميندارن يا مسلمان سرڪاري ڪامورن تي پيل رهي. کيس معلوم هو ته ٻهراڙيءَ ۾ رهي زمينداري ڌنڌي ڪرڻ ڪري زميندارن کي ڪيتريقدر مجبوريءَ جي حالت ۾ رهڻو پوي ٿو. ڪنهن به زميندار لاءِ آزاد خيالي ڏيکارڻ جي معني ٿي ٿِي، ڪامورن هٿان پنهنجي لاءِ مصيبت کي سڏ ڪرڻ. ان کان سواءِ زميندارن اڃا علم ڏانهن به توجهه ڪونه ٿي ڏنو. اسلام جي اصولن ۽ بين الاقوامي مسائل کان ته قطعا= ناواقف هئا.

ساڳيءَ طرح مسلمان ڪامورن کي به مجبور ۽ وڪاڻل گهوڙو ٿي سمجهيائين. عوام ۾ خود اڃا اعليٰ تعليم ڪانه آيل هئي. ابتدا تعليم به خال خال هئي. 1920ع تائين ساريءَ سنڌ اندر فقط ويهه ٽيهه مسلمان گريجوئيٽ پيدا ٿيا هئا، جيڪي پڻ امتحان پاس ڪندي ئي وڃي سرڪاري نوڪرين ۾ بند ٿيا هئا. وچولي درجي جي ماڻهن (يعني مڊل ڪلاس) جو نانءُ نشان ڪونه هو. انگريز جا ڏنل آئيني اصلاحات نئين سر نافذ ٿي رهيا هئا. کهڙو،
الله بخش، ميران محمد شاهه، پير الاهي بخش ۽ انهن جا ٻيا همعصر اڃا ڪاليجن ۾ هئا. سنڌ بمبئيءَ سان ڳنڍيل هئي. مٿس ڪمشنري راڄ هو. هندو سياسي، تعليمي ۽ اقتصادي زندگيءَ ۾ تيزيءَ سان ترقي ڪندا ٿي ويا. پاڻ به وڌندا ٿي رهيا ۽ پنهنجي قوم جي هيٺئين طبقي کي به اڳتي وڌڻ جا موقعا ڏيندا ٿي ويا. مقابلتاً مرحوم مغفور رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي، يا هڪ -ٻن ٻين روشن خيال ۽ حريت پسند اڳواڻن کان سواءِ، سنڌ جي زميندار ”اڳواڻن“ جو ڪو به چاڙهو ڪونه هو. سينٽرل اسيمبليءَ ۾ چونڊيا ته اسيمبليءَ کي اسلمبي ٿي ڪوٺيائون. بمبئي ڪائونسل ۾ ويا ته ات سنڌ مان ٿي ويل ڪمشنرن کي ڏسيو مورڳو ڌرتيءَ تي ويهي رهڻ جو خيال ٿي ٿين. جڏهن مانٽيگو چيلمسفورڊ اصلاحات جي باري ۾ تحقيقات ٿي ته ”سنڌ محمدن ائسوسئيشن“ (جنهن ۾ گهڻو ڪري سنڌ جا زميندار ۽ ڪامورا ڀرتي ٿيل هئا) جي وفد وائسراءِ ۽ سيڪريٽري هند مانٽيگو کي وڃي عرض ڪيو هو ته سنڌ رائج الوقت ڪمشنري راڄ مان بلڪل راضي آهي ۽ اصلاحات وغيره جي ڪا ضرورت ڪانه اٿس.

راڻيپور ڪانفرنس ٿيندي ئي شاهه سائين خطرو محسوس ڪيو ته انگريز سرڪار هينئر پيرن ۾ به هٿ وڌا آهن. سندس اکر هئا ته “انهن ساده لوح غريبن کي ڪجهه وقت تائين باندر وانگر نچائي، کانئن عوامي مصلحتن ۽ مقصدن خلاف غلط ڪم ڪرائي، خراب ۽ خوار ڪري، پوءِ منجهانئن هٿ ڪڍي ويندا. نه عام ماڻهن ۾ سندن وقار رهندو، نه سرڪار ۾ ئي ڪو کين پڇندو. دنيا تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. نئين نسل جي ماڻهن ۾ روشني ايندي پئي وڃي. ممڪن آهي. نئون نسل، پيرن کي عوامي مفاد جي خلاف ڪم ڪندو ڏسي، سندن مخالف ٿي پوي ۽ انڪري پيريءَ - فقيريءَ جو سارو نظام ختم ٿي وڃي ۽ سنڌ جي سماجي ۽ مذهبي زندگيءَ ۾ وڏو خلاءُ پيدا ٿي پوي.

انهن حالتن جي پيڙا کان پيرن کي بچائڻ لاءِ، پاڻ ”جمعيت الراشديهءِ جي نالي سان پنهنجي خاندان جي پيرن جي تنظيم لاءِ تحريڪ شروع ڪرايائين. ان تحريڪ جو مقصد هو ته پيرن کي سرڪار ۽ ڪامورن جي چڪر کان ٻاهر ڪڍي، عوام جي قريب رکجي، ۽ آزاديءَ جي جدوجهد ۽ عوامي مسئلن ۾ کانئن ڪم وٺجي: سندن وساطت سان نون سماجي رجحانن کي قرآن ۽ سنت جي حدن کان ٻاهر نڪري وڃڻ کان روڪجي، يعني پير فرقي کي سرڪاري دلال بڻجڻ، عضوو معطل ٿي پوڻ، ۽ محض مريدن جي اٽي تي چٽي ٿي رهڻ کان بچائي.

ان تحريڪ جي پٺڀرائيءَ ۾ هڪ رسالو به ڪڍارايائين. رسالي جو نالو ”الراشد“ هو.

پنهنجي طرفان شاهه سائين وڏي ڪوشش ڪئي، پر تحريڪ هلي نه سگهي. تحريڪ جي ناڪاميءَ تي افسوس ظاهر ڪندي فرمايائين:

“بابا، پنهنجي فرقي کي پِن جي پِٽَ ۽ سُڃ تي سيٽ جي عادت کائي ويئي. وڏا ۽ سچا پير گذاري ويا. انهن جي مسندن تي هينئر گداگر ويهندا پيا وڃن. گداگرن جو ڪهڙو اخلاق ٿي سگهي ٿو؟ ڪنهن ڏينهن باقي رهيل اهي وڏن جون قبرون به وڪڻي يا هٿان وڃائي ويهي رهندا. ان فرقي جو اجل اچي رهيو آهي. ”اذا جا ِّ اجلهم لايستاخرون ساعتاً ولا يستقدمون“.

اها آخري تحريڪ هئي، جنهن ۾ پاڻ حصو ورتائين سندس سياسي زندگي اڳ ۾ ئي پوري ٿي چڪي هئي. پوئين زماني ۾، جيتريقدر ٿي سگهندو هوس، آزاد خيال نوجوانن جي پٺڀرائي ڪندو هو.

شاهه سائين کي سنڌ ۽ بلوچستان جي تهذيب ۽ تمدن تي ڏاڍو فخر هوندو هو. اهو ئي ڪارڻ هو جو پاڻ هميشه گڏيل سنڌي ۽ بلوچي وضع جو لباس پهريندو هو. فرمائيندو هو: ”ديسي تهذيب متعلق عصبيت پهرين علامت آهي قومن جي زندهه هجڻ جي.“ انگريزي وضع جي لباس کان ڏاڍي نفرت هوندي هيس. ان کي مانع الصلواهِ ۽ غير مهذبانه لباس سمجهندو هو. هڪ دفعي آءٌ پتلون ڪوٽ پهري سندس خدمت ۾ حاظر ٿيس. منهنجي هيئت ڏسي کلي ويٺو. چيائين: ”ميان صاحب، تو ڇو پاڻ سان جُٺ ڪئي آهي؟“ مون عرض ڪيو: ”سو ڪيئن؟“ وراڻي ڏنائين:

”ڪاش، ماڻهوءَ لاءِ ممڪن هجي ها ته ڪنڌ ورائي پنهنجي پٺ ڏسي ها. پتلون پهرڻ کان پوءِ نظر ائين اچيس ها، ڄڻ ابتيءَ ستار تي ڳوٿري چڙهيل آهي“.

بحالت سفر اڪثر هٿ ۾ ڪهاڙي رکندو هو. قمبر تعلقي جي جوڻيجن واري ڳوٺ ۾ اعليٰ قسم جون ڪهاڙيون ٺهنديون هيون ۽ تحفي طور پيون وٽس اينديون هيون. آءٌ حيران هوندو هوس ته ايڏي درجي جو انسان هر وقت (يعني ريل ۾ هجي يا ڪچهريءَ ۾) ڪهاڙي ڇو ٿو ڪڍي ويهي؟“ طبعيت رهي ڪانه سگهي، هڪ لڱا سوال ڪري ويٺس. فرمايائين:

اسان بي هٿيارن جو اهو بي خرچو هٿيار ۽ ڪارائتو قومي نشان آهي. الله تعاليٰ پاڻ فرمايو آهي ته ”اسان اوهان کي قرآن ۽ رُڪ ڏنو ۽ رُڪ ۾ وڏا فائدا آهن (... انزلنا الحديد فيہ باسا شديد).”اسان کان جهاد ته ٿي ڪونه ٿو سگهي، پر نشانڙو ته اکين اڳيان رهي ٿو.“

سنڌي تهذيب مان شاهه سائين جي مراد ڪهڙي هئي؟ ڇا، تهذيب معنيٰ آهي محض لباس جي خاص وضع ۽ قطع؟

مون کانئس پڇيو. ان ڏينهن ڪنهن پاسي، گڏ ٽانگي ۾ وڃي رهيا هئاسين. ڪافي فرصت هئي، ۽ پاڻ به موڊ ۾ هو. سندس تقرير جو اختصار هيءُ آهي:

لباس تهذيب جو فقط ابتدائي نقطو ٿئي ٿو، جيئن سپاهيءَ لاءِ يونيفارم. يونيفارم ذريعي سڃاڻپ ٿئي ٿي، دوست دشمن کي خبر پئجو وڃي. ساڳئي وقت يونيفارم پهريل سپاهيءَ کي خود به نفسياتي طور هر دم اها ڳالهه چُڀندي رهي ٿي ته سندس تعلق ڪهڙيءَ فوج سان آهي ۽ ان تعلق ڪري مٿس ڪهڙيون ذميواريون عائد ٿيل آهن. في الحقيقت، هڪ وسيع ذهني ۽ نفسياتي ڪيفيت ٿئي ٿي. لباس ، خوراڪ، رهڻي ڪرڻي، ٻولي، اخلاقي امرونواهي، سماجي ريتون رسمون، تعلقات رکڻ ۽ نباهڻ جا نمونا، نيڪ و بد ۾ تميز ڪرڻ جا طريقا-- اِهي محض ان وڏيءَ ۽ همه گير ڪيفيت جا لازمي مظاهر، يا ذريعه اظهار، ٿين ٿا.

سوال: سنڌي تهذيب جي سڃاڻپ جا ڪهڙا نشان آهن؟

جواب: اول، سنڌ جي ڌرتيءَ سان اٿاهه محبت ۽ ان کان پوءِ ٻيا ڪيترا اهڃاڻ. مثلا=، پنهنجي پنهنجي مذهب سان حد وابستگي، پر ساڳئي وقت ٻين بنسبت به تنگ نظري ۽ تنگدلي ڪانه: مهمان نوازي، ڪشاده دلي، دوستيءَ ۾ وفاداري، سخن جي سچائي، غيرت، حياءُ ۽ حجاب، پاڙي جي لڄ، در آئي خون بخشي ڇڏڻ، سامُن تي سر ڏيڻ، همت، توڪل، محنت ڪشي، الله تعاليٰ تي ڀروسو، پنهنجن کٿن ۽ لوين، پُسين ۽ پيرن، کٻڙن، ۽ کنياتن تي فخر، ۽ انهن جي ڀيٽ ۾ پراون پٽن پٽيهرن، ٻوڙن پلاون، باغن ۽ بلبلن کي تڇ ڀانئڻ.

سوال: اوهان ته سنڌين کي سمورين خوبين جو خزانو بنائي ڇڏيو، پر ان هوندي به سنڌ جو حال ايتريقدر ڇو هيڻو رهي ٿو؟

جواب: اهڙا عبوري دؤر ايندا آهن. تاريخ جو هڪ باب پورو ۽ ٻيو شروع ٿيڻ تي هوندو آهي ته ان وچ واري زماني اندر انساني دماغن ۾ مونجهارو پيدا ٿيندو آهي ۽ سندن عمل مان يقين جو عنصر گهٽ ٿيڻ لڳندو آهي. ماڻهو خود اعتمادي وڃائي، پنهنجي اصلي ۽ روايتي مقام تي ثابت قدم رهڻ بدران، نئين ماحول سان همرنگ ٿي، پاڻ کي آسانيءَ سان بچائڻ جي ڪوشش شروع ڪندو آهي. پر اهڙي تبديليءَ رنگ يا اظهارِ ڪمزوريءَ مان ورندو ڪجهه ڪونه آهي. وقت ۽ تجربي پڄاڻا ماڻهو خودبخود پنهنجي غلطي محسوس ڪري، اڳي کان پاڻ وڌيڪ يقين سان، موٽي اچي پنهنجي اصلوڪي مقام تي پير کوڙي بيهي ٿو. عبوري دؤر اندر فڪر خواهه عمل جون ڪيئي غلطيون ٿيو وڃن، ڪيتريون خراب عادتون پيدا ٿيو پون، ڪيترا نقصان سهڻا ٿا پون. مگر وقت گذرندي، جيئن جيئن حالتون متوازن ٿيڻ شروع ٿين ٿيون، تيئن تيئن اصليت جي ڇڪ به شدت اختيار ڪري ٿي ۽ راهه رليل ماڻهوءَ کي ورايو آڻي صحيح ۽ اصلوڪي رستي تي بيهاري. ان ڪشمڪش هلندي، نوان ماڻهو به ميدان ۾ قدم رکن ٿا، نوان مقصد به سامهون اچن ٿا ۽ نوان ولولا به پيدا ٿين ٿا. نظر ائين اچي ٿو، ڄڻ ڪٽيل ۽ پراڻي رڪ کي قدرت يا فطرت جو لوهار نئين باهه مان ڪڍي، نون هٿيارن جي صورت ۾ ڍالي، نئون پاڻي ڏيئي ٻاهر آڻي رهيو آهي. ان کان پوءِ محض مهميز جي ضرورت رهي ٿي. مهميز آئي، رد عمل شروع ٿيو، ۽ ساريون اڳيون پويون ليٽون ڀرجي ويون!

سوال: هلندڙ انگريزي دؤر اندر اسان ۾ ڪهڙيون اوڻايون پيدا ٿيون آهن؟

جواب: اندروني بي اتفاقي، هٻڇ ۽ لالچ، هڪٻئي سان مسهائپ ۽ حسد، وڏن ماڻهن ۽ غريبن جي وچ ۾ اقتصادي فرق ۽ ذهني بُعد، گڏيل وڏن مقصدن جي سلسلي ۾ افرادن جي بي تعلقي، يعني پاڻ کي تڪليف، محنت ۽ قرباني کان بچائڻ خاطر ٻين جي تڪليف جو ٻڌي چوڻ ته ”تَنهن ۾ منهنجو ڇا؟“

سوال: پوءِ انهن ڪمزورين کي ڪڍڻ لاءِ کليل تحريڪ ڇو نه هلائجي؟

جواب: هر وڏي ڪم لاءِ وقت ٿيندو آهي -- هر جنس پوکڻ لاءِ موسم هوندي آهي. اسان کي (1) اڃا گهڻو فاصلو طئه ڪرڻو آهي. اڃا مهميزون لڳڻيون آهن. منهنجو خيال هو ته آزاديءَ جي تحريڪ، خلافت جو سوال ۽ هجرت واري هلچل مهميز جو ڪم ڏيندا، پر تجربي ثابت ڪيو ته اهو خيال صحيح نه هو. ڪانگريس تحريڪ جي باري ۾ هندستان جي هندن کي تعصب جي نانگ کائي وڌو، خلافت جو سوال مورڳو ديس کان ٻاهر جو سوال هو، يعني ان جو تعلق ساريءَ اسلامي دنيا سان هو. ساڳيءَ طرح هجرت واريءَ تحريڪ جي ڪاميابيءَ جو مدار به ٻاهرين تي هو، انهن ٽنهي سوالن جي باري ۾ ٻاهرين تي ڀاڙيوسين، تنهنڪري ناڪامياب ٿياسين. هاڻي ڪنهن ٻئي ڦيري جو انتظار ڪرڻو پوندو. ڪا نئين مهميز سهڻي پوندي.

ان گفتگو هلندي پاڻ اها به صلاح ڏنائين ته آءٌ تاريخ جو مطالعو ڪريان. خاص طرح ابن خلدون جي مقدمي جو ترجمو سامهون رکان، ڇو ته انساني تاريخ ۽ سياسي ڪاروبار جي لاهين چاڙهين سمجهڻ لاءِ ازحد ضرور آهي ته ان ڪتاب ۾ واضح ڪيل احوال تي عبور هجي.

ڪتابن سان سندس ڏاڍو شوق هوندو هو. مون اڳ عرض ڪيو آهي ته قرآن مجيد هميشه پاڻ سان رکندو هو. ان کان سواءِ گهر ۾ هجي يا سفر ۾، ڪو نه ڪو ڪتاب اکين اڳيان يا ڀر ۾ رکيو هوندو هوس. امام ابن تميميه ۽ امام ابن قيم جي رسالن سان دلچسپي هوندي هيس. هڪ دفعي مون
سر سيد احمد خان مرحوم جو ڪتاب ”اسباب بغاوت هند“ وٽس ڏٺو. مون پڇيس، ”چڱو ڪتاب آهي؟“ فرمايائين، ”اهو هڪڙو ئي رسالو مون کي پسند آهي.“ اخبارن مان ”الهلال“ ۽ ”البلاغ“ کان پوءِ ”مدينه“ بجنور جي تحرير وڻندي هيس ۽ ان اخبار جا پرچا ضايع ٿيڻ نه ڏيندو هو. مولانا ابوالڪلام جي تحرير کي نثر نويسيءَ جو معراج سمجهندو هو. ابوالڪلام جو تذڪرو پنهنجن هٿن سان ڏيندي چيائين ”هي ڪتاب وري وري پيو پڙهجانءِ.“ سندس ذاتي ڪتبخانو هن لحاظ سان بيمثال هو ته ان ۾ چونڊ ۽ ناياب عربي ۽ فارسي قلمي نسخا هئا، جن جا نقل دنيا جي ڪنهن به ٻيءَ لائبرريءَ ۾ ڪونه هئا. سڄو  ڪتبخانو گهر ۾ رکيل هو ۽ پردي سببان مون کي ڏسڻ جو وجهه ڪونه ملي سگهيو.

سنڌ جي (بمبئيءَ کان) جدائي واريءَ هلچل جو آخري ۽ فيصله ڪُن دؤر 1928-29ع ۾ شروع ٿيو. في الحقيقت شاهه سائين جي ئي تعليمات جو اثر هو جو ان هلچل سان منهنجي دلچسپي پيدا ٿي. پاڻ وقت بوقت ان باري ۾ مشورا ڏيندو ٿي رهيو ۽ جڏهن به ڪو مشڪل مقام آيو ٿي ته کانئس وڃي صلاح پڇندو هوس. منهنجو پنهنجو پارٽ معمولي هوندو هو. ڪم جا اڳواڻ ٻيا هئا. پر هلچل، وقت جي ٽن وڏين قوتن جي منشا خلاف ٿي هلي. اهي ٽي قوتون هيون: بمبئي سرڪار، هندو قوم، ۽ سرڪار جي راءِ تي رسي ڀڄڻ وارا سنڌي ليڊر ۽ ڪامورا. سنڌ جي جدائيءَ جو ٽنهي تي اثر ٿي پيو، تنهنڪري ٽيئي قوتون مخالفت ڪنديون ٿي رهيون. انهن جي مخالفت خطري کان خالي نه هئي. قوت ورهائجڻ کان سواءِ منتقم به هونديون هيون، تحريڪ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ، اجتماعي خواهه انفرادي طور هر وقت در پئي آزار ٿي رهيون، ننڍي وڏي ورڪر ۾ تميز ڪانه ٿي ڪيائون.

ان انديشناڪ دؤر اندر شاهه سائين هميشه مون کي همت ڏياريندو رهيو. فرمائيندو هو ته “ماڻهن ۾ عزم پيدا ڪريو. عزم ريءَ حصول مقصد مشڪل آهي. مظلوم ۾ عزم پيدا ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته پهريائين ظلم ّکي ٿوري وقت لاءِ ڊگهي رسي ڏجي ته هو پاڻ کي ايتريقدر پڌرو ڪري وجهي، جو ماڻهن کي منجهس نيڪيءَ يا اصلاح جي بنهه ڪا اميد ڪانه رهي. ان کان پوءِ خودبخود سندس خلاف جذبو پيدا ٿيندو، جنهن جي جواب ۾ ظالم پهريائين دڙڪا داٻ ڏيندو ۽ بعد ۾ تشدد شروع ڪندو. سندس اهو تشدد ئي، بطور رد عمل، مظلوم جي مايوسيءَ کي پختو ڪندو ۽ مظلوم جي اوائلي جذبه ِّ نفرت کي انقلابي ۽ انتقامي عزم جي صورت ڏيندو. ان کان پوءِ معاملو گهڻو آسان ٿيو پوي. مثلا=، اوهان فقط ماڻهن کي ايترو چئو ته پنهنجي جسم تي اهڙو نشان پهري گهمن، جنهن جو سندن مطالبي سان تعلق هجي. اهو نشان نفسياتي طور تير و تفنگ جو ڪم ڏيندو. جيڪو گهڻو ڊيڄاري، سو اندر ۾ گهڻو بزدل ٿئي ٿو. انگريز دڙڪن داٻن جي گهڻي نمائش ۽ ورکا ڪندو رهي ٿو. ان مان ظاهر آهي ته سندس اندر کاڌل ضمير داغدار آهي. ٿوريءَ سخت جانيءَ ۽ ٿوري استقلال جي ضرورت آهي. انگريز خواهه هندو همت هاري پوندو-

ان موقعي تي ٻه - ٽي ٻيا سياسي ٽوڻا به ٻڌايائين، جيڪي مون سکر منزلگاهه تحريڪ جي سلسلي ۾ پندرهن سال پوءِ استعمال ڪري ڏٺا ۽ ايتريقدر ڪامياب ٿيا جو ٻن ڏينهن اندر حڪومت کي مورڳو جيل جو قبضو ڇڏي اتان ڀڄي وڃڻو پيو.

سندس آخري ڏينهن جو واقعو بيان ڪري، مضمون ختم ڪريان، ان کان اڳ سندس هڪ ٻي خصوصيت ٻڌائڻ به ضروري سمجهان ٿو.

شاهه سائينءَ جي ذاتي ڪچهري جن ڏٺي ٿي، جن خوش نصيب ماڻهن کي سندس محفلن ۾ موجود رهڻ جو موقعو مليو ٿي، تن کي وري ٻي ڪا محفل ڀانءِ ڪانه ٿي پئي. کانئس پوءِ هن مسڪين گهڻي دنيا ڏٺي آهي. گهڻن وڏن وڏن ۽ چڱن ماڻهن جي مجلسن ۾ اٿيو ويٺو آهي. پر شاهه سائينءَ جي ڪچهرين جي ڀيٽ ۾ انهن مجلسن جي ڪا وٿ ڏسڻ ۾ ڪانه آئي.

ان ماحول ۽ انهن روحاني مسرتن کي قلم ذريعي پيش ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو پيو لڳي.

سنڌ جي ڪچهري خاص سنڌ جي شيءِ هئي. سنڌ جي لونگيءَ ۽ اجرڪ وانگر، گج ۽ گهگهي وانگر، ڊگهيءَ خوش خير عافيت ۽ پڳ مَٽو ياريءَ وانگر، لوڙهه ۽ لَوَڙَ وانگر، لٺ ۽ ڪهاڙيءَ وانگر، وڏيءَ چلم ۽ اٻاوڙي جي حقي وانگر، ڪوٽڙيءَ جي پلي ۽ ساڌ ٻيلي جي کڳي وانگر، کير ٿر جي سرهه ۽ سنهي سهڻي کنياتل وانگر،--- اهي سوغاتون سنڌ جون مخصوص پيداوار آهن ۽ ٻاهر شايد ڪنهن ملڪ ۾ نظر ڪونه اچن. ساڳيءَ طرح سنڌي ڪچهري به.

ڪچهريءَ جي معنيٰ هوندي هئي ته چار دلگهريا دوست اوري پري کان اچي هڪ هنڌ اوطاقي ٿين. سيارو هجي ته مچ جي چوڌاري، ساوڻ هجي ته نمن يا ٽارين جي ٿڌيءَ ڇانوَ هيٺان، ڪانڀون ڪڍي ويهن ۽ ويهي پاڻ ۾ وندر ورونهه ڪن، حال احوال ونڊين، ڏک سور اورين، اوڀاريون لاهواريون هڻن، کل ڀوڳ ڪن ۽ لاهڻيون لاهين، ڪافيون ۽ ڪلام ٻڌن ۽ ٻڌائين. نه غرض نه مطلب، نه ڪم نه حاج، نه تڙ نه تڪڙ، نه ريل ڇٽي وڃڻ جو ڀؤ، نه گهڙيءَ گهڙيءَ گهڙيال ڏسڻ جي ضرورت: پهر پاڇي لاءِ ايندا، هفتا رهي پوندا. وِرهه ونڊيندي! سڪ لاهيندي، هفتا پورا نه پيا ته عمريون گذاري ڇڏيندا، ۽ دوست جي در تان مري کٽولي تي کڄي نڪرندا.

سنڌ جي انهن ڪچهرين ۽ دوستين جو مثال دنيا اندر فقط قديم چين جي تاريخ ۾ ملي ٿو. اُتي به اڳوڻي زماني جا چيني، سنڌين وانگر، ڪنهن ڪم يا غرض خاطر نه، پر محض محفل ۽ دوستاڻي گفتگو جي مزي ماڻڻ لاءِ پاڻ ۾ ملندا هئا. چيني شاعريءَ ۾ دلِگهريي ۽ ڳالهين جي ڳهير دوست کي اهو مقام حاصل آهي، جيڪو ايراني شاعريءَ ۾ معشوق کي.

گفتگو جو آرٽ چينين ڪنهن زماني ۾ انتها کي پهچايو. گفتگو لاءِ مناسب ماحول جو خاص خيال رکيو ويندو هو. بهار جي رُت هجي، پهاڙ جي سانت هجي، آبشار جي سرسر هجي. گلن ڦلن جي سڳنڌ هجي، جهوپڙي گوڙ گهمسان کان پري هجي. چنڊ جي چوڏهين هجي، ڪڪرن جون ڪاهون هجن، وڄن جا وراڪا هجن، اُڀ جا نيڻ وهندا رهن، شراب هجي، شباب هجي، شعر هجي، ۽ وڏي ڳالهه ته وقت جي حاڪم تي ڪا اهڙي آفت آيل هجي، جو ڪوهن ۾ سندس نانءُ نشان يا پڙلاءُ ڪو نه رهي!

انهن چيني مجلسن جي حقيقي ڪاميابيءَ جو مدار هوندو هو واندڪائيءَ تي. واندڪائي ۽ ڪم ڪار کان بيفڪريءَ کي چيني ماڻهو زندگيءَ جو معراج سمجهندا هئا ۽ ان ”معراج“ جي حقيقي معنيٰ هوندي هئي ته دوستن سان روح رهاڻ ڪرڻ لاءِ ڪافي وقت ميسر رهي.

مجلس ۾ گفتگو جي آرٽ کي ان ڪڙيءَ تائين پهچائڻ لاءِ سنڌي غريبن وٽ نه غير محدود وسيلا هئا، نه اٿاهه وقت. پر ان هوندي به وس ۽ وت آهر ڪو نه ٿي گهٽايائون. شاهه سائين عليہ الرحمة جون محفلون شايد ان سلسلي جون آخري ڪڙيون يا سنڌ جي تمدني شمع جون پويون لاٽون هيون.

شاهه سائينءَ جي سوسائٽيءَ جا ”نوَ رتن“ هوندا هئا. هر هڪ ڪنهن نه ڪنهن خصوصيت جو حامل، ڪنهن نه ڪنهن خوبيءَ جو مالڪ هو:

پير حاجي فتح الدين شاهه مرحوم يار غمٽار هو. زندگيءَ جو فلسفو هوس: ”خوش باش دمي ڪه زندگاني اين است.“ غم ۽ مايوسيءَ لاءِ سندس دل ۽ دماغ جا دروازا پوريل هوندا هئا. مصيبت ۾ چڱائيءَ جو پهلو ۽ مذاق جو مضمون نظر ايندو هوس. نه پاڻ ڪڏهن ڪنهن تي ڪاوڙيو، نه ڪنهن ٻئي کي پاڻ تي ڪاوڙجڻ جو موقعو ڏنائين. سندس صورت ڏسندي دک دور ٿي ويندا هئا. حياتيءَ جو سارو سفر ٽن منزلن ۾ طئه ڪري ڇڏيائين. سير و سفر، مطالعو ۽ محفل.

پير حاجي مصطفيٰ شاهه مرحوم نفاست جو نمونو ۽ محبت ۽ اخلاص جو آئينو هو. ڪنهن لڱا طبيعت تي مجاز جو حملو ٿيل هوس، جنهن جا نشان سوز درون جي صورت ۾ پڇاڙيءَ تائين لَکندا ۽ بَکندا ٿي رهيس. ڏاڍو خوش گلو هو. پراڻين سنڌي ڪافين تي وڏي قدرت حاصل هيس.

پير نورالدين شاهه عليہ الرحمة، صاحب الراءِ هو ۽ سنجيدگيءَ جو پتلو. ڪنهن به ڳالهه ۾ ذاتي دخل يا غرض نه رکندو هو، پر هر اهم معاملي تي سوچيل سمجهيل راءِ ڏيڻ جي اهليت رکندو هو. شاهه سائينءَ حو حال محرم يار هو. ساري زندگي شاهه سائينءَ جي اردگرد گذاري ڇڏيائين.

پير حاجي علي انور شاهه صاحب، شاهه سائينءَ جو قريبي عزيز ۽ سياسي زماني جو رفيق هو. خلافت خواهه هجرت واريءَ تحريڪ جي زماني ۾ گڏجي ڪشٽ ڪاٽيا هئائون. سياسي معاملن ۾ پڇاڙيءَ تائين سندس ٻانهن ٻيلي رهيو. عوام تي اثر جي لحاظ سان، حلقه ِّ مريديءَ جي وسعت ڪري، پير علي انور شاهه صاحب جو مقام سڀ کان مٿانهون هوندو هو ۽ شاهه سائين سندس اهو مقام هميشه ملحوظ رکيو.

پير غلام مصطفيٰ شاهه مرحوم آچن وارو، شاهه سائينءَ جو فدائي هو. پاڻ به وڏيءَ همت، حشمت ۽ رعب داب جو صاحب هو، ٿور ڳالهائو هوندو هو. شاهه سائينءَ جي اشارهِّ ابرو ڏانهن ڏسندو رهيو ٿي.

سائين پيرل شاهه مرحوم پير ڳوٺ وارو، پُراڻي پِيراڻي ۽ ميراڻي تمدني روايتن جو آخري آئينه دار هو. وڏو مهمان نواز، دل جو ڪشادو، ۽ حضور شرم انسان هو. شاهه سائين سان پاند اٽڪي ويو هوس، جيسين زنده رهيو، پاند نه ڇنائين.

پير هدايت الله شاهه مرحوم، خوشطبع ۽ مستعد نوجوان هو. غمٽار طبيعت هيس. سندس هوندي محفل ۾ مذاق ۽ خوشطبعيءَ لاءِ مواد جي ڪمي ڪانه رهندي هئي. شاهه سائين جي خدمت ڪرڻ پنهنجي لاءِ سعادت سمجهندو هو.

پير محمد امام شاهه مرحوم جهنڊي وارو پنهنجيءَ جاءِ تي وڏو خوددار ۽ مضبوط ڪئريڪٽر جو انسان هو. ڪم گو ۽ گهڻو ڪري تنهائي پسند. جهڙي تهڙي سان راهه رسم نه رکندو هو. شاهه سائينءَ سان قرب جو ڪاڍو هوس. سندس علم ۽ مذاق سليم جي وسعتن جو پتو شاهه سائينءَ جي مجلس ۽ موجودگيءَ ۾ پوندو هو! گلاب جي گل وانگر سندس طبيعت ٽڙي پوندي هئي.

وڏيرو حاجي علي نواز خان گهانگهرو مرحوم، انتهائي آزاد خيال ۽ بهادر شخص هو. انگريز ۽ سندس ڪامورن کي تڇ سمجهندو هو. ڪامورا ڏاڍيون تڪليفون ڏيندا هئس، پر منهن تي گهنج نه ايندو هوس. چوندو هو، عزت نفس قائم رکڻ خاطر اها قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي. سندس سؤٽ مرحوم علي حسن گهانگهرو پهريون ۽ پويون شخص هو، جنهن تي هجرت واريءَ تحريڪ جي سلسلي ۾ باقاعدي فوجداري مقدمو هليو. سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ ان مقدمي کي وڏي اهميت حاصل آهي. پر افسوس آهي ته زندگيءَ جي هماهميءَ ۾ ڪنهن کي ان تي غور ڪرڻ جو موقعو ڪونه مليو آهي. حاجي علي حسن خان جي انتقال بعد حاجي علي نواز خان پنهنجون اُهي خانداني روايتون قائم رکيون ۽ زندگي شينهن وانگر آزاد گذاريائين. شاهه سائينءَ جو پراڻو ساٿي ۽ مخلص دوست هو.

حاجي ابوبڪر ٻرڙو مرحوم، ابتدا ۾ پير سائين محمد معشوق شاهه  رحمة الله عليہ گهٽهڙ واري جو مصاحب ٿي رهيو هو. پير معشوق شاهه نه فقط وڏو عالم، وڏو حڪيم ۽ وڏو اهل سخن هو، پر عظيم المرتبه انسان هو. اهڙا انسان صدين پڄاڻا هيڪڙ - ٻيڪڙ پيدا ٿيندا آهن. حاجي ابوبڪر سندس مجلسي ٿي رهيو. گهڻو ڀرائي هوس. قوت گذران جي فڪر کان جو وقت بچندو هوس، سو شاهه سائينءَ جي خدمت ۾ صرف ڪندو هو. بذله سنج هو. سندس گفتگو طبعيت جون تُرشيون لاهي ڇڏيندي هئي.

اِن اندروني حلقهءِ احباب جي ٻاهران، انهن مستقل مصاحبين کان سواءِ، شاهه سائينءَ جي نيازمندن جو هڪ ٻيو گروهه به هوندو هو، جنهن ۾ قسم قسم جا ماڻهو شامل هئا. منجهانئن ڪيترا ته نظر بظاهر، بي فڪرا، بي فن، محض اٽي تي چَٽي هوندا هئا، پر شاهه سائين سڀ نڀاهيندو رهيو. بزرگن جون وضعداريون ۽ قلب جون وسعتون هيون. هر ڪو ائين پيو سمجهندو هو ته ان چشمه ِّ شيرين تي هر هڪ جو هڪجهڙو حق آهي- مرغ ۽ ماهيءَ جو، مرونءَ ۽ ماڻهوءَ جو.

پنهنجي مورث اعليٰ، حضرت پير سائين محمد راشد رحمة الله عليہ جي اولاد مان نوجوانن جي سرپرستي، مشفق والد ۽ ڪريم النفس استاد وانگر ڪندو رهيو. ڪيتريون به اوڻايون پوڻايون ٿين، پر سندس طبعيت تي تڪدر پيدا نه ٿيندو هو. اصول هوس ته جواني ديواني آهي! نوجوانن جي طبعيت واهڙ جي وهڪري وانگر ٿئي ٿي، اُن کي موڙي مٿانهين ٻني تي چاڙهڻ ۽ ان جي پاڻيءَ تي فصل پوکڻ لاءِ تحمل، شفقت، هنرمنديءَ ۽ وقت جي سڃاڻپ جي ضرورت رهي ٿي. سختي،  تيزي، تڪڙ ڪجي ته حيا ۽ حجاب جو پردو ٽٽي پوندو ۽ بشريت جو اهو واهڙ ڀِڪون ڀڃي وڃي ٻئي پار نڪرندو. سندس اهڙيءَ غير مشروط بي انتها شفقت ڪري، هر قسم جا ڏکيا سُوريا، معتوب ۽ مقهور، ڀاڻئون ڀٽڪيل ۽ حالتئون ويل، ازين سُو  رانده وازان سُودر مانده ماڻهو سندس در کي دارالشفا سمجهي، چانئٺ کي چنبڙيا پيا هوندا هئا.

شاهه شائينءَ جي سوانح جي سلسلي ۾ ٻن شخصيتن جي ذڪر جي وڏي ضرورت آهي. پر اُهي شخصيتون بجاءِ خود ايتريقدر بلند هيون جو ضمني طور انهن جو ذڪر ڇيڙڻ سوءِ ادب ٿيو پوي. حضرت سيد احمد شامي رحمة الله عليہ، شاهه سائينءَ جو پير هو، ۽ پير حسين شاهه رحمة الله عليہ (جنهن کي ادب وچان ميان سائين سڏيندا هئاسين) شاهه سائينءَ جو وڏو ڀاءُ هو. صورت انساني هئي، باقي وصفون آسماني هيون. عمر وفا ڪئي ته انهن جا حال به ونڊبا. هت ايترو عرض ڪرڻو آهي ته انهن ٻنهي بزرگن جي هڪٻئي پٺيان جلد جهان ڇڏي وڃڻ کان پوءِ، شاهه سائينءَ جي طبعيت جي مکڙي ڪومائجي ويئي ۽ زندگيءَ جي ڀري انجمن ۾ به اڪيلائي محسوس ڪرڻ لڳو. حضرت شامي صاحب رحمة الله عليہ جو انتقال بمبئيءَ ۾ ٿيو. اها خبر شاهه سائينءَ کي خيرپور ۾ ملي. آءٌ ان ڏينهن سندس خدمت ۾ حاضر هوس. خبر ٻڌندي، سندس اکين مان ٻه ڳوڙها ڳڙي اچي سندس دامن ۾ پيا. وڌيڪ نه پڇيائين، نه ڪڇيائين. باقي سارو وقت پنهنجو پاڻ سان جهونگاريندو رهيو.

جوڳي ويا جبروت، ماءُ ڏٺم اڄ ماٺ مڙهين ۾.

ڪجهه وقت پڄاڻا ميان سائين رحمة الله عليہ به موڪلاڻي ڪئي ۽ مڙهين ۾ مطلق ماٺ ٿي ويئي. شاهه سائين جي پنهنجي روانگي ان کان پوءِ اکئين نٿي ڏٺي.

شاهه سائينءَ جي پنهنجيءَ رحلت کان ٻه سال اڳ سنڌ بمبئيءَ کان جدا ٿي چڪي هئي. کين ڏاڍو اونو هو ته اهو پهريون قدم ڪامياب ثابت ٿئي. آخري دفعي مون کي سندس زيارت شروع مارچ 1938ع ۾ نصيب ٿي. خيرپور يا سکر کان موٽندي، واپس قمبر ويندي، رستي ۾ منهنجي ڳوٺ لهي پيو. منهنجي والد مرحوم جي قضيي کي سال کن ٿيو هو، آءٌ سياست خواهه اخبار نويسي ڇڏي گهر ۾ رهڻ لڳو هوس. ان موقعي تي گفتگو جي شروعات هنن دل ڏاريندڙ لفظن سان ڪيائين:

”علي محمد! منهنجي روانگيءَ جو وقت اچي ويو آهي. شايد هيءَ پنهنجي آخري ملاقات آهي. آءٌ تو کي ڪن ڳالهين چوڻ لاءِ آيو آهيان.“

ان کان پوءِ سنڌ جي سياست متعلق پنهنجي راءِ جو اظهار فرمايائون، جنهن جي تفصيل لاءِ هن موقعي تي گنجائش ڪانه آهي. مختصرا=، سندس خيال هو ته جدا سنڌ جي پهرينءَ وزارت ٻوٽو ڪونه ٻاريو -- ساڳي ئي ڪامورا شاهي ۽ انقتباض جي حالت قائم آهي- آءٌ موٽي سياست ۾ وڃان -- وغيره وغيره.

دوران گفتگو ۾ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو ذڪر هنن لفظن ۾ ڪيائين:

”مولانا عبيدالله جو اسان ڏانهن قرض رهيل آهي.مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته نئينءَ سنڌ جي پهرينءَ وزارت وسيلي اهو قرض ادا ڪريان، پر منهنجي ڪنهن ڪانه ٻڌي... اسان جي اسڪيم مطابق ئي عبيدالله غريب کي ملڪ بدر ٿيڻو پيو، پر اڄ تائين سندس واپس وطن اچڻ تان بندش لهرائي نه سگهيا آهيون. اسان جا پنهنجا ماڻهو به اڃا پيا پنهنجن ماڻهن کان انگريز پاران حساب - ڪتاب وٺن. مولوي صاحب بحالت جلاوطني دربدر پيو ڦري ۽ اسين پيا هت الوليون ماڻيون. مولوي صاحب هاڻي پوڙهو به ٿيو هوندو. اسان جو فرض آهي ته مٿانئس بندش لهرائي، پڇاڙيءَ ۾ کيس موٽائي آڻي وطن جا وڻ ڏيکاريون. آءٌ ذاتي طرح پاڻ کي سندس مقروض پيو سمجهان.“

شاهه سائين منهنجي ڳوٺان روانو ٿيو ته آءٌ به ڪراچيءَ هليو ويس. اتفاقاً، چند ڏينهن اندر ئي سنڌ جي اها وزارت ڪِري پيئي، ۽ نئين وزارت مولانا عبيدالله تان بندش لاهي، کيس واپس آڻڻ جو اعلان ڪيو. مون شاهه سائينءَ جي خدمت ۾ تار موڪلي ته حڪم جي تعميل ٿي ويئي. تار پهچڻ کان پوءِ، چوٿين ڏينهن پاڻ لاڏاڻو ڪيائين: انالله و انا اليه راجعون.

حريفان بادها خوردند رفتند،
تهي خمخانها ڪردند رفتند.

 

------------


(1)  هيءَ گفتگو 1924ع ۾ ٿي رهي هئي، يعني بمبئيءَ کان سنڌ جي جدا ٿيڻ کان به يارهن سال اڳ.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org