سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: اُهي ڏينهن اُهي شينهن

 

صفحو :2

 

 

سنڌ جون ڪي شخصيتون

 

رياست خيرپور

خيرپور رياست مير علي مراد خان ٽالپر کي انگريزن ڏني، ۽ 1955ع جي آڪٽوبر مهيني تائين جدا رياست جي حيثيت سان قائم رهي. 1955ع ۾ اولهه پاڪستان جي صوبن ۽ رياستن کي گڏي يڪو هڪ صوبو بنايو ويو، ان انقلاب خيرپور جي جدا هستيءَ کي به ختم ڪري ڇڏيو.

1918ع ڌاري خيرپور، سنڌ جي  پراڻيءَ رهڻي ڪرڻيءَ جي آخرين مورت هئي. انگريزن جي سڌيءَ طرح اثر هيٺ اچڻ ڪري، باقي ته ساريءَ سنڌ ۾ ڦيرو اچي ويو هو، مگر خيرپور ۾ پڇاڙيءَ تائين سنڌ جو اڳوڻو تمدن پساهه کڻندو رهيو. اُهائي پراڻي تهذيب، ۽ اُٿيءَ - ويٺيءَ جا اهي ئي ساڳيا پراڻا رواج: عام ماڻهو ٿڌا، شريف، مهمان نواز، آهسته رو، ۽ ننگ پال، حاڪم اشراف، همدرد، ۽ وقت تي ٽري وڃڻ وارا، ڪامورا ”ٿور – کاوا“، محنتي، دوستي رکڻ ۽ دوستي نباهڻ جهڙا. اڃا موٽر ميدان ۾ ڪا نه آئي هئي، بيل گاڏيءَ ۽ بگيءَ، اُٺ ۽ گهوڙي جو زمانو هو. اڄوڪي ڀڄ ڊڪ ڪا نه هئي. ڪچهريون، ”حالن احوالن“، ”لسيءَ ۽ ٿاڌل“ جو دؤر هو.

مون جڏهن هوش سنڀاليو ته خيرپور جو مير، مرحوم امام بخش خان هو. ان کان اڳ ٻه مير ٿي گذريا هئا - مير علي مراد خان، رياست جو باني،“ سندس پٽ، مير فيض محمد خان مرحوم.  مير امام بخش خان مون پاڻ ڪو نه ڏٺو، پر سندس متعلق گهڻا دلچسپ قصا ٻڌڻ ۾ پيا ايندا هئا، سچ ڪوڙ، چوندڙن جي ذمي. چوندا هئا ته مرحوم پورالو ۽ ڪفايتي هو. جا شي پسند ايندي هيس، سا پاڻ سان کڻائي ويندو هو. هڪ ڏينهن ڪنهن ڳوٺڙي ۾ ڪنهن ڪڙميءَ جون سٺيون ”آهرون“ کيس نظر آيون. ماڻهن به تعريفون ڪيون. چي، ”اهڙيون  ’آهرون‘ ته سرڪاري مال کي پيون سونهن!“ حڪم ٿيو ته ”آهرون پاڙن کان پٽي، ساڻ کڻي هلو!“

منهنجي سمجهه موجب، اها ڪهاڻي حقيقتاً منگهڙت هوندي، پر ان زماني ۾ مشهور ڏاڍي هئي. ملڪي انتظام ۾ مير صاحب پاڻ دخل ڪو نه ڏيندو هو، حڪومتي ڪاروبار سندس وزير جي هٿ ۾ هوندو هو، جيڪو انگريز سرڪار پنهنجن عملدارن مان چونڊي کيس ڏيندي هئي. خيرپور جي “وزارت” وڏي شي هوندي هئي. خيرپور جو وزير جنهن طرح گهري، سنڌ جي سياست کي جوڙي ۽ موڙي سگهندو هو. ان زماني جي ڪائونسلن جا ميمبر سندس ئي مدد سان چونڊجي سگهندا هئا. سنڌ جا مسلمان عملدار کيس پنهنجو اڳواڻ سمجهندا هئا، ۽ انگريز سندس صلاح مشوري کي وڏو وزن ڏيندا هئا. مير امام بخش خان جي زماني جو ناميارو وزير، شيخ محمد ابراهيم هو. وڏو منتظم ۽ وڏي رعب ڌاڪي جو صاحب هو. خيرپور کي ٺاهي سنواري ڇڏيو هئائين. انتظام جي پراڻي سرشتي کي سڌاري، انگريزي انتظام جي ڪڙيءَ تي آندائين. پئسي جي سنڀال ڪيائين. تعميري ڪمن تي خاص توجهه ڏنائين، ۽ سڙڪون، اسپتالون، بنگلا، محلاتون، واهه ۽ پليون جهجهي انداز ۾ جوڙايائين.

 اهو آهي پس منظر ايندڙ ڪهاڻيءَ جو-

مير علي نواز خان

مير امام بخش خان جي انتقال (8 - فيبروري 1921ع) بعد، سندس وڏو صاحبزادو مير علي نواز خان (13 - فيبروري 1921ع) تخت تي ويٺو. والد جي پوئين زماني ۾ رياست کان بدر ٿيل هو، ۽ دهليءَ طرف رهندو هو. ڏاڍا ڏک ڏٺا هئائين. وڏو خرچائو، سخي مرد، ۽ حضور شرم هو. ڏکن ڏاکڙن سندس دل کي بنهه نرم ڪري ڇڏيو هو. ڪنهن جو به سور سهي ڪو نه سگهندو هو. ڪنهن جي به عرض مدعا کي رد ڪري ڪو نه ٿي سگهيو. اهو ئي سبب هو جو ماڻهن سندس شرافت ۽ سخاوت جو ناجائز فائدو ورتو، ۽ کيس هميشه حاجتمنديءَ جي حالت ۾ رهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.

شاعر هو، ۽ تنهنڪري عاشق مزاج . سندس عشق لاهور جي هڪ مائيءَ سان لڳو، ۽ عشق به اهڙو، جنهن کي واقعي ”عشق“ چئجي. مائي مير صاحب کان عشق جون مختلف منزلون تڪڙو تڪڙو طئه ڪرائيندي رهي. لاهور هلي ويندي هئي ته پوءِ ڪو ويهي ڏسي مير مهجور جو حال! نينهن جي نانوَ ۾ نوڙت ڀريا نو سؤ نياپا، سوز ۽ گداز جا دلدوز ثبوت، هجر جي رات جون ڪاريون ڪهاڻيون، شامِ غم ۽ صبحِ فراق جا قهري قصا، آزيون، نيزاريون، ميڙيون منٿون ۽ ان اپرانڌ رپين جون همياڻيون... هجر ۽ وصال، وصال ۽ هجر جي انهي ڪشمڪش واري زماني اندر ئي مير صاحب جي شاعريءَ جا ناپٽ وهي نڪتا، ٺهه پهه اردو غزلن جو هڪ ديوان، ۽ سنڌي ڪافين جو هڪ ڪتاب جوڙي راس ڪيائين. ”ناز“ تخلص هوس ۽ شعر ۾ چڱو سوز ۽ گداز سمايل. عشق مجازيءَ جي ان مصيبت کيس عشق حقيقيءَ ڏانهن به رغبت ڏياري. چنانچ اميريءَ سان گڏ، ڪڏهن ڪڏهن فقيري به ڪندو رهيو. گيڙو ڪفني، مٿو اگهاڙو، هٿ ۾ يڪتارو، زبان تي رندي ڪلام، ويرانن ۾ جهوپڙيون، ۽ جهوپڙين ۾ رهي عاشقانه صدائون بلند ڪرڻ!

پنهنجي وقت جو سخي مرد هو. پئسو کٽندو هوس ته پاڻ ڪاهي اچي خزاني جو دروازو زوريءَ کوليندو هو. ڪنهن وقت ته چوندا هئا ته ٽجوڙين ۾ فقط ٻه - چار آنا پيل نظر ايندا هئس. وقت جو وزير شايد اصلي رقم آسي پاسي ٽاري ڇڏيندو هو. پويون دفعو مون ساڻس ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ ڪچهري ڪئي، هڪ ٻئي دوست سان گڏ. تحفي ڏيڻ لاءِ ٻي ڪا به وٿ وٽس ڪا نه رهي هئي، هڪ تلور پکي شڪار ٿيل موجود هوس، جو بطور سوکڙيءَ جي پيش ڪيائين. حجاب کان اکيون هيٺ هئ س، پر ملاقاتي پراڻي دوست کي هٿين خالي ڪيئن موٽائي؟

جوانيءَ جي زماني ۾ بيحد خوبصورت ليکيو ويندو هو. مون جڏهن ڏٺو، تڏهن  عمر ۾ پڪو ٿي چڪو هو ۽ جسم ۾ بيحد متارو ٿي ويو هو، ايتريقدر جو هلڻ چلڻ به مشڪل لڳندو هوس. پر ان هوندي به چهري تي گذريل خوبصورتي جا نشان موجود هئس. قد ۾ ڊگهو، رنگ ڪڻڪ ونو، ڏاڙهي ڪوڙيل ۽ شهپر ڊگها - بنهه ڪُوپو مڙس هو.

پهريون دفعو مون کيس هڪ محفل ۾ ڏٺو. خيرپور جي وڏي سرڪاري محلات، ”فيض محل ۾، مسٽر محمد ايوب کهڙي سندس اعزاز ۾ سرود سماع جي پارٽي ڏني هئي، جنهن ۾ ٻاهريون ڳائڻ واريون گهرايل هيون. سڄيءَ رياست ۽ پسگردائيءَ جا معزز موجود هئا. دير تائين راڳ ۽ رقص ٿيندو رهيو. مير صاحب پاڻ ڪوچ تي متمڪن هو، ۽ باقي شريڪ مجلس هيٺ غاليچن تي پلٿيون ماري، طول وهاڻن کي پٺي ڏيو ويٺا هئا. مير صاحب وقتاً فوقتاً گاني تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندو ۽ نيون نيون فرمائشون ڪندو ٿي رهيو. کيس خيال هو ته هو پاڻ به موسيقيءَ جي فن جو وڏو ماهر آهي. حاشيه نشين، برجسته سلام ڪري سرڪار جي سخن شناسيءَ جو داد ڏيندا ٿي رهيا. ميزبان، يعني کهڙي صاحب ۽ ٻين وڏيرن ۽ ڪامورن، رپين جون مٺيون ڀري مير صاحب مٿان گهوري طوائفن ڏانهن پئي اڇلايون. چاندي جو هڪ ٿالهه رپين سان ڀري خود مير صاحب جي اڳيان به رکيو ويو هو، جنهن مان مير صاحب به گاني وارين جي همت افزائي ٿي فرمائي.

قصيدن پڙهڻ لاءِ ڪجهه شاعر به آيل هئا. انهن ۾ لاڙڪاڻي وارو ماستر غلام سرور قادري مرحوم (تخلص ”فقير“ ) به هو. خوبصورت، گلدار ڪاغذن تي هڪ طويل مدحيه نظم ڇپارائي آيو هو، جنهن جي هڪ تڪ مون کي اڄ تائين ياد آهي:

”ايم. اي. کهڙو به آهي صادقانِ مير مان!“

کهڙو صاحب خيرپور رياست جو زميندار هو، ۽ ان ڪري ڪنهن حد تائين مير صاحب جو رعيتي. اوائلي زمانو هوس. سندس والد مغفور مرحوم، وڏيرو شاهه محمد خان، تازو فوت ٿي ويو هو. پاڻ ڪاليج ڇڏي اچي خانداني ڪاروبار سنڀالڻ لڳو هو، ۽ سياست ۾ به اوائلي پير ٿي کنيائين. خيرپور جي وزير شيخ محمد قادر سان دوستي هيس، جنهن هر موقعي تي کيس اڳتي ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. اهو ئي سبب هو جو هن وزير صاحب جي مشوري مطابق، مير صاحب جي اعزاز ۾ اها پارٽي رچي هئي. حقيقت هيءَ آهي ته منهنجي پنهنجي سياسي تربيت پڻ ساڳئي ئي ماحول ۾ ٿي. شيخ محمد قادر منهنجو به دوست هو. سياسي ميدان ۾ وس آهر آءٌ سندس خدمت ڪندو هوس، ۽ هن پاڻ به منهنجو چيو ڪڏهن ڪو نه موٽايو.

مير علي نواز خان جي زماني جو هڪڙو جشن مون کان ڪڏهن ڪو نه وسرندو. اهو جشن مير صاحب جي ”باليءَ“ سان شاديءَ واري موقعي تي ٿيو. سال پوريءَ طرح ياد نه اٿم، پر شايد 1923ع هو، يا 1924ع. باليءَ سان مير صاحب جي عشق جو ڪهڙو عالم هو، تنهن جو ذڪر اڳ ٿي چڪو آهي. وڏيءَ محنت  ۽ مشقت بعد وڃي باليءَ ۽ سندس ڀائرن (بگو خان ۽ فيروز خان) شاديءَ جي ڳالهه قبول ڪئي - ڄڻ مئي مڙهه ۾ ساهه پئجي ويو. مير صاحب دل کولي خرچ ڪيو. مهمانن لاءِ ڪئمپون کلي ويون. گرميءَ جو زمانو هو، تنهنڪري ڪکايون لانڍيون ٺاهيون ويون، جن تي پاڻي اڇلايو ٿي ويو ته جيئن ٿڌيون رهن. خيرپور ريلوي اسٽيشن واري ڦاٽڪ کان وٺي شهر تائين، ان زماني ۾ ميدان ئي ميدان هوندو هو: اهو سارو ميدان لانڍين ۽ ڪئمپن سان ڀريو ويو. مير صاحب جي پنهنجي رهائش ۽ شاديءَ جي مجلس لاءِ خاص لانڍيون پڻ انهيءَ ئي ميدان ۾ ٺاهيون ويون. طوائفن جي رهائش لاءِ هاءِ اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس جون بلڊنگون خالي ڪرايل هيون. اٽڪل اسي کن طائفا لاهور، امرتسر، دهلي ۽ بمبئيءَ منجهان اچي ويا. هاءِ اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس جي ڪنڊ ڪڙڇ مان طبلي جي ٿاڦ ۽ سارنگيءَ جي رون - رون ٻڌڻ ۾ ٿي آئي. ساري خيرپور ڄڻ لاهور جي هيرا منڊي بڻجي ويئي هئي. ماڻهن جا ڳاهٽ هئا. هر مهمان جي لانڍيءَ ڏانهن هڪ طائفو روانو ڪيو ٿي ويو. اها ورهاست شام ويلي پئي ٿي. تماشه بين ساري هندستان مان ڇڪجي اچي خيرپور ۾ جمع ٿيا هئا. ناچ، گانا، کانا، آتشبازيون، جادوءَ جا کيل، مشاعرا، قصيده خوانيون - غرض ته عيش ۽ تفريح لاءِ جا شي تصور ۾ اچي ٿي سگهي، سا موجود هئي. ڪيترا وڏا ماڻهو ۽ آفيسر به دعوت تي آيل هئا. جناب پير صالح شاهه صاحب مرحوم راڻيپور وارو، مرحوم حڪيم مولوي محمد صادق صاحب راڻيپور وارو، ۽ هز هائينس مير نور محمد خان مرحوم حيدرآباد وارو، مون پهريون دفعو اتي ڏٺا.مرحوم خانبهادر الهه بخش سان (جيڪو 1938ع ۾ جدا سنڌ جو چيف منسٽر بڻيو) منهنجي پهرين واقفيت ان موقعي تي ٿي. شام جو منهنجي پنهنجي رهڻ واريءَ جاءِ تي گاني جو انتظام ٿيو. گاني واري هئي مختار بيگم امرتسري، جنهن اڳتي هلي وڏو نالو پيدا ڪيو. اڃا سندس اوائلي زمانو هو. سندس حسن ۽ جوانيءَ واري ٻوٽي کي تاهنوز ڪوسو واءُ ڪو نه لڳو هو. هڪ ٺمري خاص مزي سان ڳايائين:

”مين توسي ناهين بولون ري!“

بمبئيءَ مان هيراٻائي نالي هڪ طوائف آيل هئي، جنهن جا وار ايڏا ڊگها هئا جا اُڀي قد بيهي(”قد جي به ڪافي ڊگهي هئي) وارن جو مچو کڙين هيٺان ڏيئي ڇڏيندي هئي.

مجلس هلندي، خزانو خالي ٿي ويو - ڪيترن ڏينهن تائين پنهنجين فين وصول ڪرڻ خاطر طوائفن کي خيرپور ۾ رهي ڌڪا کائڻا پيا.

شيخ محمد قادر مرحوم

بمبئيءَ پرڳڻي جي سورت شهر جو رهاڪو هو. پهريائين بمبئيءَ جي لوڻ کاتي ۾، ۽ پوءِ سنڌ جي روينيو کاتي ۾ هيڊ منشيءَ طور مقرر ٿيو، ۽ ترقي ڪندي ڪندي وڃي ڊپٽي ڪليڪٽريءَ تائين پهتو. اتان اورينٽل ٽرانسليٽر مقرر ٿي بمبئيءَ ويو، ۽ مير امام بخش خان جي پوئين زماني ۾ خيرپور جو وزير مقرر ٿي آيو. قد ۾ ڊگهو، بت ۾ سنهو، رنگ جو ڀورو، ڏاڙهي ڪوڙهيل، مڇون مختصر - هڪ راڻو مڙس هو. هميشه چيناسلڪ جي پتلون ۽ ان تي کليل گلي سان ڊگهو ڪوٽ پائيندو هو، ۽ مٿي تي گول سلڪ جي مختصر پڳڙي، جيڪا ويٺوڙي ٽوپيءَ تي ويڙهيل هوندي هئي. بيحد مهمان نواز، مسلماني جذبي سان ڀرپور، حضور شرم، خدمتِ خلق جو شوقين، سياست ۾ ڳوڙهي دلچسپي وٺندڙ، دوستن جو دوست، اميد ڀريل نوجوانن جو سرپرست، رحمدل، شريف، بي آزار، ڪم ڪرڻ جو سخي، رشوت کان پري، هڪ اهڙو انسان هو، جنهن جهڙا ٿورا انسان مون ان زماني جي ڪامورن ۾ ڏٺا. شوق هوس ته زميندارن جي ڇوڪرن کي تعليم ڏياري سياست ۾ آڻي، جيئن هو چڱيءَ طرح هندن جو مقابلو ڪري سگهن. انهن ڏينهن ۾ هندن جو ڏاڍو زور هوندو هو، تعليم، واپار، ۽ سياسي شعور ۾ مسلمانن کان گهڻو اڳ ۾ هئا. پر وقت گذرندي هو ڪانگريسي سياست ۾ ڪاهي پيا، جنهنڪري انگريزي حاڪم کانئن پهريون دفعو بدظن ٿي، مسلمانن کي همٿائڻ ۽ اڳتي ڪرڻ لڳا. ان معاملي ۾ مسلمان سرڪاري آفيسرن کان ڪم ورتو ويندو هو، جن جو غير سرڪاري طرح اڳواڻ خيرپور جو وزير هوندو هو.

شيخ محمد قادر کي جيڪو به چڱو نوجوان نظر آيو، تنهن جي سرپرستي ۽ حوصله افزائي ڪيائين. مسٽر محمد ايوب کهڙو، سکر وارو عبدالحميد خداداد خان(جنهن کي هڪ دفعي هندستان جي سينٽرل اسيمبليءَ جو ميمبر به چونڊرايائين) ۽ ڪنهن حد تائين آءٌ، سندس قريب اچي چڪا هئاسون. جنهن طرح به کانئس ٿي سگهندو هو، اسان جي رهنمائي ۽ مدد ڪندو هو. منهنجو پنهنجو ته گهڻو وقت مورڳو ئي وٽس پيو بسر ٿيندو هو. پنهنجيءَ رهائش واريءَ جاءِ جي قريب، سندس آفيس واري عاليشان بنگلي جو هڪ حصو خاص منهنجي رهڻ لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو هئائين. شام جو سرڪاري ڪاروبار ختم ڪرڻ بعد اچي مون سان ويهندو هو. ماني گڏجي کائيندا هئاسين، ۽ سنڌ جي ماڻهن توڙي سياست ۽ صحافت تي پيا خيالن جي ڏي - وٺ ڪندا هئاسين. اخبار نويسن جو خاص لحاظ ڪندو هو. محمد هاشم ”مخلص“ مرحوم پنهنجي اخبار “مسلمان” ۾ ڪڏهن ڪڏهن کڙڪو ڪندو هو ته ڏانهنس دعوت هلي ويندي هئي. شيخ صاحب جو اصول هو ته منهن ڏني ڳالهه ٽٽي ته ان کي ڊگهو ٿيڻ ڇو ڏجي.

شيخ محمد قادر مرحوم جي زندگيءَ جا اصول ڏاڍا سٺا هوندا هئا. مثلاً، هٿ وٺي ڪنهن سان به جهيڙو ڪو نه جوٽيندو. جي جهيڙو ٿي پوندو ته اُن کي سٺي نموني ۾ نباهيندو. ڪاري زخم، جنهن کي محسوس ڪري دشمن هميشه پيو انتقام وٺڻ جي ڪوشش ڪري، ڪنهن کي ڪو نه رسائيندو. مخالفن تي چوڪسي رکندو، هو جيڪي به حرڪتون ڪندا رهندا، تن کي خاموشيءَ سان ختم ڪندو ويندو، پر مقابلي ۽ جنگ جدل جو اوڙاهه کڙو ٿيڻ نه ڏيندو. هر معاملي ۾ ۽ هر شخص متعلق، ابتدا هميشه نيڪيءَ سان ڪندو، ٿي سگهندس ته دشمن تي به احسان ڪري ڇڏيندو.

سندس ڪوششن سان سکر مان ”سنڌ زميندار“ اخبار جاري ٿي، جيڪا زميندارن ۽ عام مسلمانن جي حقن جي حفاظت ڪندي رهي. ان جو پهريون ايڊيٽر ماستر عبدالوهاب هو، ان کانپوءِ ته ٽي سال مسٽر احمد علي خان عليگ آيو. 1928ع کان 1933ع تائين ان  اخبار جي ايڊيٽري منهنجي سپرد ٿي. پر شيخ قادر 1925ع ۾ ئي، رتناگيري ضلعي جو ڪليڪٽر مقرر ٿي، خيرپور کي خيرباد چئي ويو هو.

شيخ صاحب جي ٻي اسڪيم هئي ته زميندارن جي اولاد کي تعليم ڏيڻ لاءِ هڪ ”زمينداري ڪاليج“ کوليو وڃي. ان باري ۾ لک کن رپيا چندو گڏ ڪرايائين. ارادو هوس ته اهو ڪاليج سکر ضلعي ۾ رُڪ اسٽيشن جي قريب قائم ڪيو وڃي. پر سندن بدلي ٿي وڃڻ کان پوءِ اسڪيم ختم ٿي ويئي، ۽ گڏ ٿيل پئسن مان ڪراچيءَ ۾ ”ليسلي ولسن مسلم هاسٽل“ ٺهرايو ويو، جنهن جو نالو، پاڪستان ٺهڻ بعد ڦيرائي ”جناح هاسٽل“ رکيو ويو آهي.

شيخ صاحب مرحوم سان تعلق رکندڙ هڪ ٻيو واقعو به ياد پيو اٿم. انهن ڏينهن ۾ بمبئي پريزيڊنسيءَ جي مسلمان قومي ڪارڪنن ”ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس“ نالي هڪ تعليمي انجمن کڙي ڪئي هئي، جنهن جو روح روان پوني وارو سر ابراهيم هارون جعفر هو. ان انجمن جي ڪاروبار ۾ مسلمان عملدار به حصو وٺندا هئا، ۽ ان جي وسيلي ئي انگريزن تي پنهنجي عوامي اثر ۽ انفلوئنس جو رعب وجهندا هئا. مثلاً، جنهن به مسلمان عملدار ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس جي ڪاوربار ۾ اڳواڻي حاصل ڪئي، تنهن متعلق سمجهيو ويندو هو ته هو مسلمان قوم ۾ اثر رکي ٿو ۽ مسلمانن جو ليڊر آهي، ان کانپوءِ انگريز به ساڻس صلاح مشورو ڪرڻ لڳندا هئا، ۽ موقعي سارو ڪو وڏو عهدو ڏيئي کيس پنهنجي هٿ ۾ رکندا هئا. ان سبب ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس جي عهدن تي هميشه وڏي لٺ لڳندي هئي.

1922 - 1923ع ڌاري( سال پوريءَ طرح ياد نه اٿم )حيدرآباد ۾ ان ڪانفرنس جو اجلاس ٿيڻو هو، جنهن جي افتتاح لاءِ بمبئيءَ جي گورنر کي دعوت ڏني ويئي هئي. سوال پيدا ٿيو ته ان ڪانفرنس جي استقباليه ڪميٽي جا عهديدار ڪير ٿين. سنڌ اندر انهن ڏينهن ۾ ٻه پارٽيون هونديون هيون - حيدرآباد پارٽي، ۽ سکر - خيرپور پارٽي، يا ائين چئجي ته ”لوئر سنڌ پارٽي“ ۽ ”اپر سنڌ پارٽي.“ ظاهري طرح ته انهن پارٽين جا اڳواڻ بمبئي ڪائونسل جا ميمبر هوندا هئا، پر حقيقت ۾ انهن ميمبرن کي هلائڻ چلائڻ وارا، مسلمان سرڪاري عملدارن جا گروپ هوندا هئا. لوئر سنڌ پارٽيءَ کي هلائڻ چلائڻ وارا عملدار هئا مسٽر حامدعلي ڪليڪٽر، خانبهادر نبي بخش ، محمد حسين انڪمبرڊ اسٽيٽس جو مئنيجر ۽ ٻيا چند مسلمان ڊپٽي ڪليڪٽر. اپر سنڌ پارٽيءَ جو حقيقي اڳواڻ هوندو هو شيخ محمد قادر. غير عملدارن ۽ بمبئي ڪائونسل جي سنڌي ميمبرن منجهان لوئر سنڌ پارٽيءَ جا ڪارڪن هوندا هئا خانبهادر سيد محمد ڪامل شاهه ۽ مسٽر نور محمد وڪيل (نور محمد هاءِ اسڪول جو باني). اپر سنڌ پارٽيءَ ۾ گهڻا ڪائونسل ميمبر اڃا شامل ڪو نه ٿيا هئا، پر نالي خاطر اسين ننڍا ورڪر خانبهادر شاهنواز ڀٽي(پوءِ سر شاهنواز ڀٽو ٿيو) جو نالو وٺندا رهندا هئاسين. غير ميمبرن منجهان ان پارٽيءَ جا ورڪر هئا مسٽر محمد ايوب کهڙو، عبدالحميد خداداد خان سکر وارو، ماستر عبدالوهاب ايڊيٽر ”سنڌ زميندار“ ۽ آءٌ.

جنهن وقت تجويز ٿي ته حيدرآباد ۾ ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس سڏائي وڃي، ۽ ان جي افتتاح لاءِ گورنر صاحب به اچڻ قبول ڪيو، ته هڪدم لوئر سنڌ پارٽيءَ پاڻ کي اڳ ۾ ڪرڻ خاطر هڪ درپور ميٽنگ سڏائي، استقباليه ڪاميٽيءَ جا سمورا عهدا پنهنجن ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏيا. سيد محمد ڪامل شاهه ڪاميٽيءَ جو چيئرمن ٿيو، ۽ مرحوم نور محمد وڪيل جنرل سيڪريٽري. اها ڳالهه اپر سنڌ پارٽيءَ لاءِ سخت نقصانڪار پئي ٿي، گورنر صاحب کي هن سمجهڻ جو موقعو مليو ٿي ته سنڌ جي مسلماني پبلڪ لائيف جا اڳواڻ فقط حيدرآباد وارا ئي آهن، باقي شيخ محمد قادر ۽ سندس پارٽيءَ جو ڪو نانءُ نشان ئي ڪو نه آهي.

شيخ صاحب مرحوم اسان دوستن سان صلاح ڪئي. فيصلو ٿيو ته حيدرآباد واري جوڙ توڙ خلاف تحريڪ هلائي لوئر سنڌ پارٽيءَ کي مجبور ڪيو وڃي ته چونڊ ٻيهر ڪرائي ۽ عهدن جو ڪجهه حصو اسان (اپر سنڌ وارن) کي به ڏئي. مون سڀ کان پهريائين سياسي مضمون، ”سنڌ زميندار“ اخبار ۾، ان مسئلي تي ئي لکيا، يا ڪري چئجي ته منهنجي اخبار نويسيءَ جي ابتدا انهيءَ جهيڙي جي طفيل ئي ٿي. اوستائين مون کي اڃا پتو ئي ڪو نه هو ته ڪو آءٌ اخباري مضمون به لکي سگهان ٿو. انهن مضمونن ڪافي دلچسپي ۽ اثر پيدا ڪيو. هر ڪو واه - واه چوڻ لڳو. منهنجو پنهنجو حوصلو به وڌيو. ان کانپوءِ وڌيڪ جرائت ۽ خود اعتماديءَ سان لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪندو رهيس، حتاڪه پڄاڻي وڃي هندستان - پاڪستان جي ايڊيٽرن جي پريزيڊنٽيءَ تي ڪيم. جو نڪتو هن قصي ذريعي ظاهر ٿئي ٿو، سو اهو ته ڪڏهن ڪڏهن معمولي واقعا، جن جي بروقت ڪا به اهميت محسوس ڪا نه ٿي ٿئي، اڳتي هلي وڏين ڳالهين جو پيش خيمو بڻجن ٿا. مثلاً، جيڪڏهن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس جي عهدن تي اهو جهيڙو نه لڳي ها ته آءٌ اخبار نويس ڪو نه بڻجان ها، ۽ جيڪڏهن اخبار نويسيءَ کان ٻاهر رهان ها ته پوءِ منهنجي زندگي قطعاً ٻئي طريقي سان گذري وڃي ها - بطور هڪ معمولي زميندار جي، محض جهنگن جرن ۾ جهيڙا ڪندو وتان ها، نه علم حاصل ٿئي ها ۽ نه ڪو ٻيو ڪم ئي ڪري سگهان ها.

بهرحال، اهو ته جمله معترضه هو. اصل مقصد هو ته حيدرآباد وارو قصو بيان ڪيو وڃي. اسان جي کڙي ڪيل تحريڪ جو اهو نتيجو نڪتو، جو حيدرآبادي پارٽيءَ کي مجبور ٿي اڳيون چونڊون منسوخ ڪري هڪ نئين ميٽنگ سڏائڻي پيئي، جنهن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اسان جي ڌر کي به دعوتون ڏنيون ويون.

ميٽنگ حيدرآباد شهر ۾، مرحوم جان محمد خان ڀرڳڙي(صدر، حيدرآباد) جي بنگلي تي منعقد ٿي. ميٽنگ جي وقتي صدارت پهريائين حامد علي ڪليڪٽر ڪئي، ۽ مغرب جي نماز کان بعد واريءَ نشست جي صدارت اسان جي اڳواڻ شيخ محمد قادر ڪئي. ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ شيخ محمد قادر اسان سڀني کي پاڻ سان وٺي آيو(يعني مسٽر کهڙي، ماستر عبدالوهاب خان، عبدالحميد خداداد خان ۽ مون کي ). حيدرآباد پهچڻ بعد سوال پيدا ٿيو ته ميٽنگ ۾ اسان جي ڌر پاران ڪير ڳالهائي؟ ماستر عبدالوهاب خان کي سڀ کان وڌيڪ عمر رسيدو ۽ تجربيڪار سمجهي، پهرين اُن کي تقرير ڪرڻ لاءِ چيو ويو. پر ماستر صاحب پنهنجي طبيعت جي ناسازگيءَ جو عذر پيش ڪري جند ڇڏائي ڇڏي. ساڳيءَ طرح، مون کانسواءِ، باقي ٻين سمورن صاحبن کي به تقرير نه ڪرڻ لاءِ ڪو نه ڪو سنگين سبب هو(حقيقت ۾ ڪنهن کي پيئي هئي جو ويهي مخالف پارٽيءَ جي آفيسرن اڳيان پاڻ کي ڏٺو ڪري ها).آخر اها جوابداري مون غريب تي اڇلائي ويئي. مون به نه ڪئي هم نه تم، مقابلي جو ميدان آراسته ڏسي، وچ ۾ ٽپي پيس. اها منهنجي پهرين تقرير هئي. قد اڃا ايتريقدر ڇوٽو هوم، جو جنهن وقت آءٌ اُٿي ڳالهائڻ لڳس ته گهڻا ماڻهو مون کي ڏسي ئي ڪو نه ٿي سگهيا! اها حالت محسوس ڪري وقتي چئرمن، مسٽر حامد علي، مون کي فرمائش ڪئي ته آءٌ وچ مان نڪري اچي سندس ڀر ۾ بيهان ته جيئن حاضرين مجلس مون کي چڱيءَ طرح ڏسي سگهن. پنهنجي تقرير جي دوران ۾ مون اڳينءَ ڪيل ڪارروائيءَ جي خلاف ڪافي زهر ڦهلايو ۽ دل کولي حيدرآبادي ليڊرن جي ڇنڇري لاٿم. نتيجو اهو نڪتو جو اڳيان عهديدار رد ڪري، نيون چونڊون ڪيون ويون ۽ شيخ قادر ۽ سندس پارٽيءَ کي به چڱو حصو ڏنو ويو.

شيخ صاحب مرحوم ڏاڍو خوش ٿيو. ميٽنگ ختم ٿيڻ بعد، مون کي ڀاڪر پائي، زمين کان مٿي کنيائين، ۽ چيائين: ”بهادر آهين، ۽ اڃا وڌيڪ بهادر ثابت ٿيندين.“ انهيءَ خوشيءَ ۾ اسان سڀني کي وٺي وڃي سئنيما ڏيکاريائين. اهو سئنيما هال ريلوي اسٽيشن واري رستي تي هو، ۽ اڃا تائين قائم آهي. انهن ڏينهن ۾ اڃا ”ٽاِڪي“ (talkie) فلمون ڪين نڪتيون هيون.

ڪجهه مهينن بعد، مقرر وقت تي، ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس منعقد ٿي. هر پارٽيءَ کي گورنر اڳيان پاڻ ڏيکارڻ جو جهجهو موقعو ميسر ٿيو. پوئتي ڪو به ڪو نه رهيو، سواءِ منهنجي. آءٌ پاڻ ڪانفرنس ۾ شريڪ ڪو نه ٿيس. ڪانفرنس جو افتتاح ته گورنر(سر ليسلي ولسن) ڪيو، پر صدارت جا فرائض عليڳڙه واري سر راس مسعود سرانجام ڏنا. سر ابراهيم رحمت الله بمبئيءَ وارو به ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو، جنهن پنهنجيءَ تقرير ۾ ٻڌايو ته:

”هندن جي ترقيءَ ۽ مسلمانن جي تنزل جو سبب هي آهي ته هندن ۾ هيرو ورشپ( يعني پنهنجن اڳواڻن جي پٺڀرائي ڪرڻ) جو مادو موجود آهي، ۽ برعڪس ان جي، مسلمان قوم جي دائمي خواهش هيءَ رهي ٿي ته منجهانئن جيڪو به ماڻهو اڳتي وڌي، تنهن کي ٽنگ مان جهلي پوئتي ڦٽو ڪري ڇڏين.“

اهو قيمتي قول مون هت هن ڪري نقل ڪيو آهي، جو بعد جي زندگيءَ ۾ مون کي پاڻ کي هر قدم تي ان جي صداقت محسوس ٿيندي پئي رهي آهي.

شيخ محمد قادر مرحوم وڏو وفادار انسان هو. هيڊمنشگيريءَ واري زماني ۾ هڪ گهوڙو رکيو هئائين، جنهن کيس ڏاڍو سک پهچايو هو. وقت پڄاڻا آخر گهوڙو ڪراڙو ٿي ويو، ۽ سواريءَ جي ڪم جو ڪو نه رهيو، پر شيخ صاحب کيس پاڻ کان پري ڪونه ڪيو. سنڌ مان بمبئيءَ ويو ته ريل گاڏو ڀاڙي ڪري، پاڻ ساڻ کڻائي ويس. ڪئين سال بيهاري کارايائينس. بمبئيءَ کان موٽي خيرپور آيو، ته به گهوڙو ساڻ. دستور هي هوندو هو ته شيخ صاحب صبح کان منجهند تائين، ڀت جي اوٽ، کلئي ميدان ۾ ويهي ماڻهن سان ملندو هو ۽ ڪم ڪار ڪندو هو. سندس ويهڻ واريءَ جاءِ کان ٿورو پري گهوڙو ٻڌو ويندو هو. مجلس ۾ اچڻ کان اڳ پهرين گهوڙي وٽ ويندو: سندس مٿي تي هٿ ڦيراڻي، ساڻس پيار ڪري، پوءِ اچي ڪرسيءَ تي ويهندو. گهوڙو مرندو مري ويو، مگر شيخ صاحب ان جانور منجهان هٿ ڪين ڪڍيا.

اهڙين ٿورين ٿورين ڳالهين مان ئي ماڻهوءَ جي فطرت، طبيعت ۽ خصلت جو پتو پوي ٿو. ننڍين ڳالهين جي سلسلي ۾ ماڻهو پنهنجي ڪئريڪٽر کي ڪنهن بنياد تي بيهاريندو ته وڏين ڳالهين ۾ هٿ وجهڻ وقت به انهيءَ ئي بنياد تي بيٺو رهندو. هر چڱائيءَ ۽ هر بڇڙائيءَ جي شروعات ننڍين ڳالهين مان ٿئي ٿي.

شيخ محمد قادر کان اڳ به ڪيترا وڏا ماڻهو خيرپور جا وزير ٿي رهيا هئا. مثلاً، خانبهادر قادر داد خان، سردار محمد يعقوب، شيخ صادق علي صاحب، ۽ شيخ محمد ابراهيم. انهن مان هر هڪ صاحب، پنهنجي وقت اندر، وڏو نانءُ پيدا ڪيو. وڏا منتظم هئا، ۽ وڏي دماغ جا صاحب. خانبهادر قادر داد خان مرحوم ته پهرين اَٺن رپين پگهار تي ”دفتر بند“ هو، پوءِ اتان ترقي ڪندي  ڪندي وڃي وزارت جي عهدي تي پهتو.

انهن ڏينهن جي خيرپور ۾ مون پاڻ جيڪي ماڻهو ڏٺا، تن مان ڪي شخص، پنهنجي پنهنجي نوع سان، ڏاڍا شاندار هئا.

خانبهادر احمد الله خان

رياست ۾ ورهين جا ورهيه بطور نائب وزير جي رهيو. اصل پنجاب جو ويٺل هو، پر عمر ساري سنڌ ۾ گذاريائين. ڊگهو قد، ڇڙڪ، منهن تي ڏاڙهي، پر سونهندڙ، ننڍي شرافت ۽ حياداريءَ جو نمونو، دوستيءَ جي معاملي ۾ ڏاڍو وفادار، جنهن خاندان سان دوستي ٿيس، ته وري ڪڏهن ڪانه ٽوڙيائين. مهمان نواز - دوست خيرپور آيو ته ڦاٿو، پنهنجيءَ جاءِ تان ٻئي پاسي بنهه بسترو کڻڻ نه ڏيندس. دشمني ڪنهن سان ڪا نه، جيتريقدر ٿي سگهندو، نيڪي ڪندو، بڇڙائيءَ جي ويجهو هر گز نه ويندو. ڪچهريءَ جو شوقين مجلس جو مور، ڳالهائيندو ته سندس گفتگو ٻڌي دل پيئي بهار بهار ٿيندي، گٿو يا آسيرو پاسيرو لفظ ڪڏهن سندس زبان تي ڪو نه ايندو.

بابو غلام محمد

ساڳيءَ طرح نائب وزير، ڪڏهن ڪڏهن دفتردار. طبيعت جو رُکو، ياري دوستي ڪنهن سان ڪا نه رکي. نه دل ڏئي، نه دل وٺڻ جي ڪوشش ڪري. سڪيءَ اچي سڪيءَ وڃي. البت سرڪاري ڪم جي لحاظ سان پخته ڪار. نه سخاوت ڪري، نه هروڀرو سختي ڏيکاري. ميانه روي، آرام ڪوشي - مڙيوئي گاڏو گهلبو رهي. اصولاً مڙس ايماندار ۽ رعب وارو. جلنڌر(پنجاب) جو ويٺل هو.

ديوان گيانچند

وڏو زمانه شناس ۽ سنجيدو هندو عملدار هو. پهرين مختيارڪار ۽ پوءِ نائب وزير مقرر ٿيو. فرينچ ڪٽ ڏاڙهي رکندو هو. جيڪو واءُ لڳندو هو، تنهن کي منهن ڏيندو هو. ڪن کليل، اکيون پٽيل، پر زبان بند. وزير ڪير به ٿئي شاهي گهراڻي جي صاحبزادي جي ڪهڙي پارٽي به زور ۾ هجي، مگر ديوان گيانچند دائم قائم. سواءِ هڪ موقعي جي باقي ملازمت جي ساري زماني اندر ڪڏهن به ٿاٻو نه کاڌائين.

شخصي حڪومت جي وڏي خصوصيت اها هئي ته ان سان وابسته ماڻهن کي هر دم هشيار رهڻو پيو ٿي. سواءِ موقعي شناس ۽ چالاڪ ماڻهوءَ جي، ٻئي جو مستقل طور برسر اقتدار رهڻ ته ڇا، پر معمولي گذارو ڪرڻ به مشڪل هو. هر ملڪ اندر شخصي حڪومتن جي زماني ۾ وڏا هشيار ماڻهو پيدا ٿيندا پئي رهيا آهن. مغلن جي زماني کي ڏسو - ابوالفضل، خان خانان، توڏرمل وغيره جهڙيون هستيون نظر اينديون. فرينچ ڪورٽ ڏانهن نظر ڦيرايو - ڪارڊينل مزارين، ٽيليراند، رشيلو، ڪالبرٽ، ماڊام پامييڊيور! اٽليءَ جي ميڊيچي دؤر مائڪاويليءَ کي جنم ڏنو. جرمن واري فريڊرڪ جي پاڇي هيٺ بسمارڪ پليو. غرض ته پراڻين شخصي حڪومتن جي دؤر ۾، مجموعي طرح عام ماڻهن جي شعور جي سطح ڪيتري به پست هئي، پر انفرادي طرح چونڊَ ماڻهو پيدا ٿيندا رهيا.

سنڌي حڪمرانن جي دؤر حڪومت ۾ به وڏا وڏا نانءَ ڪٺيا هندو وزير ٿي گذريا آهن.  ميان نور محمد ڪلهوڙي جو مکيه وزير ديوان گدومل پنهنجو مثال پاڻ هو. مير علي مراد خان جي ڏينهن ۾ ديوان تارا چند جو وڏو زور هو. علي مراد خان جو پهريون پهريون وزير ديوان ڪشنداس هو، جنهن جو پٽ وشنداس پڻ وڏن عهدن تي رهيو. انهن کانسواءِ، انهيءَ دؤر جا ٻيا مکيه هندو عملدار هئا: منشي سجان سنگهه، منشي مولرام ۽ منشي چندا سنگهه. ديوان گيانچند ممدوح پڻ انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي هو - يا ڪري چئجي ته ان سلسلي جي آخري ڪڙي هو. ابتدا کان انتها تائين، عزت جو وقت بسر ڪري ويو.

راءِ صاحب منگهارام

راءِ صاحب منگهارام؟ - رام رام، ست نام! کانئس وڌيڪ چالاڪ ڪامورو ان زماني ۾ مون ڪو ورلي ڏٺو. ائين سمجهو ته ننهن کان چوٽيءَ تائين فقط دماغ ئي دماغ هو. نه هڏو هوس، نه گوشت، نه کل نه خون، ميڄالو ئي ميڄالو - ۽ ميڄالو به اُهو، جيڪو بجليءَ سان ڀرپور هجي! اوهين ڳالهه ڪندا، تنهن کان اڳ ڳالهه جو تهه، ڳالهه ڪندڙ جي اصلي نيت، سندس پنهنجي فائدي پٽاندر ڳالهه جو ڪهڙو جواب ڏجي، تنهن جو مضمون، - سڀڪجهه معلوم، ۽ اڳواٽ تيار! هڻ، ۽ کڻّ! ظاهراً ته فقط خزاني عملدار، پر حقيقت ۾ چڪر ساريءَ رياست کي پيو کارائيندو. پڇاڙيءَ ۾ جڏهن حالتون خراب ٿيڻ لڳيون، تڏهن وقت سر استعفا ڏيئي هندستان هليو ويو، ۽ ات وڃي ڪاروبار شروع ڪيائين. وري به، راند متل ڇڏي ويو!

خانصاحب گل حسن خان

شڪارپور جي افغان خاندان جو فرد هو. ورهين جا ورهيه مير امام بخش خان جو ”نائب وزير ڪئمپ شاهي“ ٿي رهيو. قد پورو پنو، چهرو گول ۽ ڀورو، سنهاري چاپئين، بت ۾ ڀريل، جسم تي شلوار، فراڪ ڪوٽ، ۽ مٿي تي مشهدي لونگي. طبيعت ۾ ديرينو، مدبر ۽ محتاط. اخبار نويسيءَ جي ابتدائي زماني ۾ سخت جوش ڀريل مضمون لکڻ لڳو هوس، تڏهن هڪ دفعي، اتفاقاً منهنجي پريس ۾ لنگهي آيو، مون کي هڪ صلاح ڏنائين، جنهن تي مون اڄ تائين پئي عمل ڪيو آهي. فرمايائون:

”انسان جو قلم تلوار کان وڌيڪ نقصانڪار آهي. جڏهن ڪو به اهم مضمون ڪنهن نازڪ مسئلي تي لکين ته هڪدم تڙ تڪڙ ۾ ان کي شايع نه ڪر، گهٽ ۾ گهٽ هڪ رات ضرور وچ ۾ وجهه. ٻئي ڏينهن تي اُٿي وري پڙهه. مٿس غور ڪر، ۽ مناسب درستيون ڪر، ۽ ان کان پوءِ ئي اشاعت لاءِ روانو ڪر. ساڳيو اصول ٻين قسمن جي نازڪ تحريرن سان پڻ لاڳو ڪندو رهه. ان طريقي سان جيڪا به شي لکين، سان موزون ۽ متوازن ثابت ٿيندي. جوش وقت هوش نٿو رهي، ۽ بيهوشيءَ جي حالت ۾ جو به ڪم ڪيو ويندو، سو ناقص هوندو.“

وضعدار انسان هو. گهڻو ڪري، وچ ۾ ڪڏي ڪنهن سان رستو نه رکندو هو، پر جي تعلق پيدا ٿي ويس ته نباهڻ جي ڪوشش ڪندو. عمر جو پويون حصو آرام سان پنهنجي وطن شڪارپور ۾ گذاريائين. الله تعاليٰ جون رحمتون هجنس!

ميان محمد بچل، فاريسٽ آفيسر

مرحوم ٻيلي کاتي جو عملدار هو. عهدي جي لحاظ سان وڏو ماڻهو نه هو، پر بطور انسان جي ڏاڍو وڻندڙ هو. ساري عمر رياست جي خدمت ۾ بسر ڪيائين. ڦٽايائين ڪنهن سان به ڪو نه. محفل ۾ گفتگو جو شوقين هو، دلچسپ ڳالهيون ڪندو هو، ۽ دلچسپ خط لکندو هو. سنڌي ڪلام، ڪافين وغيره جو ڪافي اڀياس ڪيو هئائين.”بيدل“ ۽ ”بيڪس“ جون ڪافيون گهڻيون ياد هيس، ۽ اڪثر جهونگاريندو رهندو هو. هڪ دفعي اسان جي ڪيٽيءَ ۾ منزل ڪيائين، پر ڳوٺ ۽ اوطاق کان پري، لئيءَ جي هڪ وڻ هيٺان. منهنجي عمر ست - اٺ سال مس هوندي. هوڏانهن ڏينهن تتو، هيڏانهن ميان محمد بچل اچي ڪافين تي متو. هڪ ڪافي مون کان اڄ تائين ڪا نه وسري آهي. ملڪ کان ٻاهر جڏهن سفر تي هوندو آهيان، ۽ وطن ياد پوندو اٿم، ته اها ڪافي جهونگاري پيو پنهنجي قلب جي تسڪين ڪندو آهيان:

ڇو ٿو ڪرين دلگير، منهنجا عمر اباڻا!
پٽ نه پهريندس، بيک نه مٽيندس، لوئي اباڻي ٿم ليڙ....
ڪڍ بندياڻي باند مان، ميان، جيئري لاهه زنجير.......
”بيڪس“ بيوس، وس ناهيون پنهنجي، توڙؤن لکي تقدير...

 

غلام حيدر دفعدار

- عرف ”سائين ميڏي ڪون آکان!“ معمولي پوليس جو دفعدار هو، پر ڇا انسان هو! ڊگهي سفيد ڏاڙهي، بندرڙو، پوڙهڙو، پر چيلهه تي سندرو ۽  سندري مٿان پراڻو پٽو، پٽي ۾ مڏي ترار ٽنبيل، مٿي تي تمام وڏو پڳڙ، هڪ سڪل ڊڊيءَ تي سوار، جهولندو، قدم قدم کڻندو پيو ايندو. پنهنجي ڊڊي پاڻ ٻڌندو. ڪنهن گاهه مٺ داڻي جي چپٽي ڏنيس ته وٺندو، نه ته ٿيو ڀلو. ڊڊيءَ جي ٽنگ ۾ ٽوڙهو وجهي، ڇيڪ ڇڏي ڏيندس. ان کان پوءِ فارغ ٿي، اچي ويهي حال ڪندو: سرڪار(يعني مير صاحب) جي منزل فلاڻي ٻيلي ۾ آهي. سائين ميڏي ڪون آکان، جناب وزير صاحب جن ڪراچيءَ ويل آهن. سائين ميڏي ڪون آکان، ناظم صاحب پوليس جن جي طبيعت ڪجهه ناساز آهي. سائين ميڏي ڪون آکان، مير صاحب ٽيو ڏينهن هڪ ست آڱريو مرون ماريو. سائين ميڏي ڪون آکان، مرونءَ ڦٽجي چوڏهن ڪتا کائي وڌا. سائين ميڏي ڪون آکان.آخر سڌوءَ ڏڦير ڏڦو هڻي مرون ماري وڌو. سائين ميڏي ڪون آکان. مير صاحب ڏڦير کي هڪ مينهن ۽ وڳو انعام ۾ ڏنو. سائين ميڏي ڪون آکان، اسان سپاهين کي ته پڇي به ڪو نه ٿو. سائين ميڏي ڪون آکان، اڄ دل گهريو ته سائينءَ سان حالي احوالي ٿي اچون. سائين ميڏي ڪون آکان، گهڻا ڏينهن ٿي ويا هئا. سائين ميڏي ڪون آکان ....“ مطلب ته هر چئن اکرن کان پوءِ ”سائين ميڏي ڪون آکان.!“ اسين ٻارَ، پري کان بيهي پيا کلندا هئاسون.

ڪچهريءَ مان اُٿي وڃي اوطاقي ٿيندو. پهرين پڳڙ ۽ تلوار کي بلڪل خيال سان لاهي، کٽ تي جاءِ نشين ڪندو، توبرو(ڪاغذن سان ڀريل) کٽ جي پائي ۾ ٽنگيندو، ۽ پوءِ کٽ جي وچ تي پلٿي ماري ويهي رهندو، ۽ اکيون ٻوٽي پيو جهومندو - ڪلاڪن جا ڪلاڪ. ڪنهن مانيءَ ٽڪر آڻي ڏنو ته کائيندو، نه ته گهرندوڪنهن کان ڪو نه. ڏينهن رهي يا ٻه، وري خير سان ساڳئي رستي پوئين پير هليو ويندو.

مون هڪ ڏينهن ڀر ۾ ويهي کانئس پڇيو:”دفعدار صاحب! اوهين هردم اکيون پوريو ڇو ويٺا رهو ٿا؟“ چيائين:”سائين ميڏي ڪون آکان، اهي اکيون ئي ته خرابي ڪن ٿيون. نه اکيون ڏسن، نه ئي بڇڙائي ٿئي. ڪتو نه ڏسي، نه ڀونڪي!“

رياست جي پوليس انهن ڏينهن ۾ اڪثر رهزنن سان ڀريل هوندي هئي. چڙهي آئي ته ڄڻ وبا گهمي ويئي. آزاريندي گهڻو ڪري غريب. اهڙن واسينگن جي وچ ۾ غلام حيدر جهڙي الله لوڪ جو نوڪري ڪرڻ، ۽ اکيون ٻوٽي زندگي گذاري وڃڻ، وڏو ڪارنامو هو.

جناب پير محمد صالح شاهه صاحب رحمت الله عليه

درگاهه راڻيپور جو سجاده نشين، پنهنجي دؤر اندر وڏي اثر جو صاحب هو. سنڌ ۽ بلوچستان اندر سندس مريد پکڙيل هوندا هئا،. وڏا ماڻهو به کيس گهڻي قدر مڃيندا هئا. سندس درگاهه کي ”دستگير جو دروازو“ سمجهيو ويندو هو. ڄٽ کي ڪهڙي مجال هئي، جو بادشاهه پير کي پٺي ڏئي! شڪار جو شوق هوس. سٺا هٿيار پسند ڪندو هو. رهائش ۽ اٿڻي - ويهڻي پيراڻي شان سان. ”جنن“ ۽ ”جادوءَ“ جا سٽيل مريض کانئس سڳو ڌاڳو ڪرائيندا هئا.

ڪيتريون ڪافيون ساڻس منسوب آهن. سندس هڪ ڪافي ته ڪجهه سال ساريءَ اپر سنڌ تي ڇانيل رهي، ننڍو وڏو پيو جهونگاريندو هو. ٿلهه هوس:

”مٺا مارو، الله آڻئي، دلين جا داغ وڃ ڌوئي!“

سنڌ جي ٻين وڏن خاندانن وانگر، پير صاحب مرحوم به انگريزن جو وفادار هو. پهرين عالمگير جنگ(1914 - 1918ع) کان پوءِ خلافت تحريڪ شروع ٿي (جنهن جو ذڪر ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي ايندو.) ان تحريڪ جي خلاف انگريزن ”امن سڀا“ نالي جماعتون کڙيون ڪرايون. انهن جماعتن جو سڀ کان وڏو گڏيل ميڙ، راڻيپور ۾، پير صاحب مرحوم جي زير سايي ڪرايو ويو، جنهن ۾ ساريءَ سنڌ جا سرڪاري وفادار اچي شامل ٿيا. ان سبب ڪري، خلافتي خيال جي اخبارن ۾ گهڻي وقت تائين پير صاحب تي نڪته چيني ٿيندي رهي. پر اهو زمانو ٻيو هو، ڪنهن ٿي اخبارن جي پرواهه ڪئي؟ انگريز سرڪار ۽ ان جا عملدار راضي رهن، ٻئي ڪنهن جي ڪهڙي ڪاڻ؟ خيرپور جا مير صاحب سندس وڏو خيال رکندا هئا.

پير ميان خميسل شاهه صاحب مرحوم

ان زماني جي بزرگانه صورت ۽ سيرت جو بهترين مظهر، گمبٽ شريفَ جي درگاهه جو سجاده نشين هو. سندس صورت، اٿڻي - ويهڻي ۽ گفتگو جي طرز بيمثال. شاندار ۽ ڊگهو قد، سنهاري چاپئين، چهرو موڪرو ۽ گول. پاڻ کان ننڍن تي ڏاڍي شفقت ڪندو هو. مٺي ۽ عزت ڀري گفتگو هر شخص سان، پيار ۽ شفقت وچان، اڳلي کي بار بار پيو ”جانبّ“ سڏيندو- جانب هيءَ ڳالهه... جانب هوءَ ڳالهه...

منهنجي پهرين ملاقات ساڻس هن طرح سان ٿي. خيرپور جي وزير(شيخ محمد قادر) ۾ ڪو سندس ڪم پيو، جنهن جي خاطر گمبٽ مان هلي خيرپور آيو. آءٌ به خيرپور ۾ شيخ محمد قادر وٽ رهيل هوس. ماڻهن پير صاحب کي ٻڌايو ته جيڪڏهن سندس ڪم جي باري ۾ آءٌ سفارش ڪندس ته ڪم هڪدم پورو ٿي ويندو. هڪ مريد جي اوطاق تي لهي، مون ڏانهن ماڻهو موڪليائين ۽ ملاقات جو وقت گهريائين. مون شيخ محمد قادر سان مشورو ڪيو. شيخ صاحب چيو ته ”خاندان آهي، عمر ۾ توکان وڏو آهي، هو تو وٽ هلي اچي، تنهن کان بهتر آهي ته تون پاڻ وٽس هلي وڃ. ڪنهن شريف جو ڪم پوي ته ٻئي شريف کي پاڻ وٽس هلي وڃي سندس حاجت روائي ڪري اچڻ گهرجي. دنيا جا ڪم هر حال ۾ پورا ٿيڻا آهن، پر اهڙا موقعا هرگز هٿان نه وڃائڻ گهرجن. اهو خسيسن جو ڌنڌو آهي ته شريفن جي حاجت روائي ڪرڻ کان اڳ کين پنهنجن درن تي ڌڪا کارائين.“

شيخ صاحب جي مشوري تي عمل ڪندي، آءٌ پير صاحب وٽ هليو ويس. ڏسي، تعجب ۾ پئجي ويو، بيحد خوش ٿيو، ڀاڪر پاتائين، هزارين دعائون ڪيائين. سندس احوال ٻڌي، شيخ صاحب کي عرض ڪري، ڪم پورو ڪرائي، موٽي وڃي کيس خبر ڪيم، اڳئين کان به وڌيڪ دعائون ڪيائين. ان ڏينهن کان پوءِ جيستائين زنده هو، مون سان تعلق نباهيندو رهيو. ٻه - ٽي دفعا آءٌ به ساڻس ملڻ لاءِ گمبٽ ويس. ڏاڍي مهربانيءَ جي هلت ڪندو هو. سڄو ڏينهن ويٺو صلوات شريف پڙهندو هو. سندس دستور هو ته شام ويلي پٿرين جو هڪ وڏو انبار گهرائي، مجلس جي وچ ۾ رکائيندو هو، انهن پٿرين تي پاڻ به ويٺو صلوات پڙهندو، ۽ آئي وئي کان به پيو پڙهارائيندو.

مولوي غلام محمد صاحب مهيسر رحمت الله عليه

گمبٽ تعلقي ۾، کهڙن جي ڳوٺ جي ڀر ۾، مهيسرن جي وانڍ (يعني ڪمالديري) ۾ رهندو هو. عالم هو، پر فقير قسم جو. علم جي پختگيءَ جو پهريون نشان آهي ته انسان جي طبيعت ۾ نرمي ۽ نوڙت پيدا ٿئي. عالم سڏائي، ۽ غرور ڪري، - سمجهو ته پڙهيو آهي، پر ڪڙهيو ڪو نه آهي. مولوي صاحب مرحوم کي ڪو ڏسندو ته ائين سمجهندو، گويا ڪو معمولي هاري قسم جو ڳوٺاڻو آهي. هڪ دفعي وانڍ کان ٻاهر نڪري ويو. ڪنهن گهوڙيسوار رستو پڇيس، ۽ گهوڙي جي اڳ ۾ هلي ان رستي تائين پهچائڻ جي فرمائش ڪيس. بلاتامل، گهوڙي جي اڳيان ڪنجڪي بڻيو، ڊوڙندو ويو! قد جو وچولو، بت ۾ سنهو، سفيد سنهاري، گهڻو ڪري موڱي رنگ جا کوميل ۽ ٿلهي ڪپڙي مان ٺهيل لٽا پائيندو هو. ڪوشش ڪندو هو ته علم ۽ فقيري، ٻنهي کي لڪائي. گهڻي تعداد ۾ ماڻهو کانئس دعا پنڻ ويندا هئا. دعا سان گڏ مهمانداري ۽ خدمت به ڪندو هون. چوندو هو: ”ابا، منهنجو ظاهري حال ڏسي خواهه مخواهه پيا مون کي فقير سمجهو ۽ پاڻ کي اجائي تڪليف ڏيو.“

مرحوم نظر علي خان آغا(جيڪو ”سنڌ زميندار“ پريس ۾ ملازمت واري زماني ۾ پريس جو مئنيجر هو، ۽ جنهن جو ذڪر ٻيءَ جاءِ تي ڪندس) جو مرشد هو. آغا مرحوم مون کي هڪ - ٻه دفعا سندس خدمت ۾ وٺي ويو.

هڪ دفعي مون کانئس پڇيو ته اڳئين زماني ۾ اهل الله ڪثرت سان نظر ايندا هئا. سندن ذڪر سان تاريخ جا ڪتاب ڀريل نظر اچن ٿا. اڄڪلهه ڪهڙو سبب آهي جو ڪو به اهل الله نظر ڪو نه ٿو اچي؟“

فرمايائين: ”بزار ۾ دڪاندار اُهو ئي سامان آڻي رکندا آهن، جنهن جا خريدار هوندا آهن. هينئر جڏهن ته ِان وٿ جا خريدار ئي ختم ٿي ويا آهن، ته دڪاندارن کي ڪهڙي ضرورت پيئي آهي جو اها وٿ آڻي بزار ۾ رکن؟“

خانصاب غلام رسول شاهه

پوليس جو ناظم هو، يعني رياست جي پوليس جو سڀ کان وڏو عملدار. هالاڻي، ضلعي نوابشاهه، جي مشهور سادات خاندان جو فرد هو، ۽ پوليسي برجستائيءَ ۾ پنهنجو مثال پاڻ هو. اصلي ملازمت انگريزي پوليس ۾ شروع ڪيائين. پهرين جماندار، پوءِ صوبيدار، ۽ پڇاڙيءَ ۾ انسپيڪٽر مقرر ٿيو، ۽ اتان خيرپور ويو.

شاهه صاحب انهن پوليس عملدارن مان هڪ هو، جن جو عهدو ڇا به هجي ۽ پگهار ڪيتري ٿوري ئي ڇو نه هجي، پر هلندا نوابي شان سان. سندن نالو پيو ته ماڻهن جا هوش حواس گم ٿي ويندا، جاڏي پيرُ تاڏي پڙلئي. ڪنهن سرڪشي ڪئي، يا ساڻن ڪوڙ ڳالهايو، يا سندن راءِ تي رسو نه ڀڳو، ته مٿو ويس. اهڙي ڪم ۾ سچ ڪوڙ جي پرواهه ڪا نه ڪندا هئا. سندن اصول هو ته سچ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنہ پاڻ سان کڻي ويو، هينئر باقين کي ”ڀائن جي ڀلائيءَ“ سان هلڻو آهي. ڪيس اهڙو ٺاهيندا، جو صدر ڪورٽ تائين چانديءَ جي سڪي وانگر وڄندو ويندو. چورن کان ڏوهه باسائڻ جا عجيب طريقا هوندا هئن. ڏاڙهي پٽائڻ يا اٿ - ويهه ڪرائڻ ته معمولي ڳالهيون هيون. جنهن چور سان فقط ايتري ڪارروائي ٿي، سو پاڻ کي ڀاڳ وارو سمجهندو هو. جنهن ڏوهه جي پيداواريءَ جو فيصلو ڪيائون، سو کانئن هرگز لڪي ڪو نه سگهندو. ڏوهه جي جانچ ڪندي ڪندي، ٻئي پاسي، پلؤ کي به ٻهارو ڏيندا ويندا. پڇاڙيءَ ۾ چور به لڀندا ، مال به ملندو، ۽ ٻيا به ڪيئي ڪينجهر ٿي ويندا. عملدار به خوش، رعايا به راضي، ۽ پنهنجا کيسا به پر!

اهڙن ڪارائتن زيردستن جي انگريز عملدار ڏاڍي پٺڀرائي ڪندا هئا. ڪو دانهن ڪندو ته اٽلندو مٿس ڪوڙي فرياد ڪرڻ جي ڏوهه ۾ مقدمي جي منظوري ڏيئي ڇڏيندا. ايندي ِسڱن لا”، ويندي ڪن به ڪپائي! انگريز حڪمرانن انهن ئي طريقن سان پنهنجو ڌاڪو ڄمايو، ۽ شينهن ٻڪريءَ کي هڪ ئي جاءِ تان پيئڻ تي مجبور ڪري ڇڏيائون.

غلام رسول شاهه مرحوم سان آءٌ ڪيترا دفعا مليس. منهنجو چڱو خيال ڪندو هو. وڏو زمانه شناس انسان هو. هر چرندڙ پرندڙ ماڻهوءَ جو لحاظ رکي، کيس راضي ڪري ڇڏيندو هو. ڪم ڪرڻ جو ڪوڏيو هو. مهماننواز اهڙو، جو بورچيخاني جي باهه ڪڏهن ڪا نه اجهاڻي. اوطاقون هر وقت آباد، ڪچهري قائم، ساريءَ دنيا جي هليءَ چليءَ کان با خبر. رعبدار صورت، ٻاهر ويندو ته ڀڀڪيدار لباس، اٿڻي - ويهڻي اميراڻي، ڄاڻندو  فقط سنڌي هو، پر لکپڙهه نيڪال ڪيائين ته ڄڻ ڪمان مان تير نڪري ويو. منشي اُڀي پيرين لکپڙهن جي گذارش ڪندو. پاڻ مختصر لفظن ۾ جواب يا حڪم لکرائيندو، ۽ لکرائيندو به اهڙيءَ طرح جو هڪڙي ئي جملي مان ڪيتريون معنائون پيون نڪرنديون. وقتاً فوقتاً ساڳيءَ تحرير کي جهڙو به ڦيرو کارائڻو پوندو، ته بي محل نظر نه ايندو. گهر ۾ گهڻو ڪري کٽ تي پلٿي ماري ويهندو هو. جسم تي سنهو ململ جو پيراهن، هيٺ گوڏ، مٿان جهلي پيئي هلندي. لانڍيءَ ۾ وارِي وڇايل هوندي، اندران ۽ ٻاهران پاڻي پيو ڇڻڪاربو.

پڇاڙيءَ ۾ حرن سان جهيڙو ڪيائين، کيس معلوم ٿيو ته حر سندس مرڻ جي فڪر ۾ آهن. ڏانهن گاريون ۽ چئلينج چورائي موڪليائين. خيرپور شهر اندر ته مٿس حملو ٿيڻ مشڪل هو، تنهنڪري حرن کيس شهر مان ٻاهر ڇڪي آڻڻ جي ارادي سان، وڃي ٿر ۾ ڌاڙو هنيو. ڌاڙي جي جانچ ۾ غلام رسول شاهه، پوليس جو وڏو اٽالو ساڻ ڪري، وڃي واردات واريءَ جاءِ تي پهتو. سندس رهائش واري بنگلي تي سڄي رات سؤکن هٿياربند سپاهين جو پهرو رهيو، پر صبح جي نماز وقت سهڻا سپاهي پهري تان لهي ويا. اهو وجهه وٺي، سؤ کن حر، جيڪي ساري رات پاسي واري جهنگ ۾ ِلڪا پيا هئا، بنگلي تي حملو ڪري آيا. ٻنهي طرفن کان بندوقون هليون. ڪجهه سپاهي مئا، ۽ ڪجهه حر. گهڻن سپاهين بزدلي ڏيکاري. حر، شاهه صاحب کي قتل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ان کان پوءِ ستت ئي حر تحريڪ کي ختم ڪرڻ جي ارادي سان انگريزن مارشل لا لاڳو ڪيو. بهرحال ميان غلام رسول شاهه جي زندگيءَ جي ڪهاڻي ان خوني نقطي تي وڃي ختم ٿي.

سرائي ڏنل خان مرحوم

ڇا صورت، ڇا سيرت! اهڙن ماڻهن ڏسڻ لاءِ هينئر نيڻ پيا ِسڪن. پر اڄوڪيون مائر ڪٿي ٿيون ڏنل خان جهڙا پٽ ڄڻين؟

جڏهن منهنجو واقف ٿيو، تڏهن ستر کن ورهين جي ڄمار کي رسي چڪو هو، پر سندس هاٺي اڃا به رڪ مثل هئي. قداور، ڀريل جسم، اڇي سلوار، اڇو چولو، اڇي پڳ. ڪنهن سان ملاقات ڪرڻي هونديس ته فراڪ ڪوٽ پهريندو. احوال شروع ڪندو ته ڄڻ ماکيءَ جي لار پيئي وهي. ميرن جي خاندان جو بنيادي خدمتگار هو. ڌاريجو ذات جو هو. مير علي مراد خان جو زمانو به ڏٺو هئائين. سندس تربيت علي مراد جي ڪچهريءَ ۾ ئي ٿي. وڏا مير مري ويا ته نوڪري ڇڏي خيرپور ۾ رهڻ لڳو. گذران لاءِ ڪافي زمين هيس. مانيءَ جو ملهه هو. اوطاق سا پراڻي ۽ ڊٺل هونديس، پر ماني اهڙي آڻيندو جو گويا محلات جي رڌل آهي، آخر شاهي مهمانداريون ڏٺل هيس!

هڪ دفعي 1938ع ۾، آءٌ قائداعظم پاڪستان جناح صاحب سان گڏ اپر سنڌ جي دوري تي ويس، جڏهن جيڪب آباد پهتاسون ته وقتي حڪومت جي ڀؤ کان اسان جا ميزبان به ڀڄي ويل هئا، نه ڪنهن ماِنيءَ جي صلاح ڪئي نه اجهي جي. چيٽ جا ڏينهن هئا، ڪانوَ جي اک ٿي نڪتي، مرحوم عبدالله هارون به ساڻ هو، ۽ ٻيا به ڪيترا مسلم ليگي تحريڪ جا ڪارڪن گڏ هئا. بکئي پيٽ سان پوئين پير موٽڻو پيو. مون ڏنل خان کي تار ڪئي ته خيرپور اسٽيشن تي ماني آڻي ريل ۾ ڏئي. وقت ٿورو مليس، پر ماني ڇا آندائين! پلئٽفارم تي ديڳڙن جا ڊهه لڳا پيا هئا. جڏهن گاڏيءَ ۾ آندائون، ته سڄو فرش، سموريون سيٽون، ۽ سامان رکڻ وارا طاق به ڀرجي ويا! جناح صاحب جهڙي ڪم گو انسان جي واتان به تعجب جا اکر نڪري ويا. عبدالله هارون مرحوم کي چيائين: ”سيٺ صاحب، ڏسو، بک ۽ ڏک جو قدرت پڇاڙيءَ ۾ ڪهڙو نه انعام ڏئي ٿي!“ مون ڏنل خان کي چيو ته مٿي چڙهي اچي جناح صاحب سان هٿ ملاءِ، وراڻي ڏنائين: ”منهنجو جناح تون آهين، مون لاءِ اهو ڪافي آهي. هر ڪنهن جي هٿ ۾ هٿ نه ڏبو آهي!“

سخن جو اهڙو سچو هو جو اليڪشن توڙي ڪنهن به ڪم جي باري ۾ جنهن سان به واعدو ڪندو، ان تان هرگز نه ڦرندو، پوءِ ڀل واريون وير وهي وڃن، ۽ نه وري ڪا لالچ ئي رکندو.

پنهنجي حاجت وٺي ڪڏهن نه ايندو. مون سان تعلق واري زماني ۾، ڪڏهن ڪڏهن خيرپور جا وزير يا ٻيا ڪم حاج وارا ماڻهو کيس مون ڏانهن بطور سفارشيءَ جي موڪليندا هئا. انهن ڏينهن ۾ هي دستور شروع ٿيو هو ته ماڻهو ٻاهران ته سفارش ڪرڻ جو واعدو ڪري ايندا هئا، پر جڏهن سفارش جي گهڙي ايندي هئي ته ڳالهه ئي نه ڪندا هئا ۽ ٻاهر وڃي ڪوڙ ڳالهائيندا هئا ته ”سفارش زور سان ڪري آيا آهيون. صاحب چيو آهي ته همدرديءَ سان غور ڪنداسين“ اها عادت ڏنل خان ۾ هرگز ڪا نه هئي. جنهن جي ڪم سان چڙهي پيو، پنهنجي طرفان پڄاڻي ڪري ڇڏيندو، پوءِ کٽائنس ڀاڳ. چوندو هو ته ماڻهو دوغلا ۽ بيحيا ٿي پيا آهن. زبان تي هڪ ۽ دل ۾ ٻي پيا رکن. دلاسو ڏيئي به دوکو پيا ڪن. ڪنهن جي حاجت روائي ڪري سگهجي ته ڪجي، پر حاجتمند جي دل ۾ اجايون اميدون جاڳائي سندس تختو ڇو ڪڍجي؟

غريب هو. نه تاريخ جي صفحن تي ڪو نشان ڇڏيائين، ۽ نه سندس ياد قائم رکڻ لاءِ ڪنهن کي گهنٽا - گهر کڙي ڪرائڻ جي ئي ضرورت محسوس ٿي. پر جيڪڏهن داتا جي دفتر ۾ انسانن جي اعمالن، افعالن، نيتن ۽ لڇڻن متعلق ڪو رڪارڊ رهي ٿو، ته ان رڪارڊ ۾، مون کي يقين آهي، ڏنل خان جو نالو سونهري اکرن ۾ لکيل هوندو، ۽ چوٽيءَ تي!

ملڪ شير دل خان مرحوم

پوليس جو ناظم هوندو هو. ڪوٽڙيءَ جي نومڙين جي سردارن جي خاندان مان هو. ورهين جا ورهيه خيرپور ۾ رهيو. طبيعت جو ڏاڍو ٿڌو ۽ ديرينو هو. زندگيءَ ۾ ڪنهن کي به ڪو نه آزاريائين. چاپئين ڏاڙهي هوندي هيس. هميشه سنڌي لباس پهريندو هو. دائما مير صاحب جي سر جو، ۽ وقتي وزير صاحب جي اقبال جو خير گهريو. پنهنجي اوطاق ۾ ويٺو هوندو هو. نه ڪنهن کي ڏيڻي، نه ڪنهن کان وٺڻي.

شيخ محمد حفيظ الله خان

امرتسر جي هڪ ڪشميري خاندان مان هو، شيخ محمد قادر جي اوائلي زماني ۾، ملڪ شيردل جي رٽائر ڪرڻ کان پوءِ، خيرپور ۾ ناظم پوليس ٿي آيو. هر صبح، يونيفارم پهري، سهڻي گهوڙي تي سوار ٿي، اچي وزير صاحب جي مجلس ۾ ويهندو هو. مردانه صورت جو اعليٰ نمونو هو. قداور، ڀورو، اکيون آسماني، ڏاڙهي صاف، شهپر وڏا، موٽا، ۽ سخت رعبدار - ڪو نه سمجهندو ته ڪو ديسي ماڻهو آهي. جنهن وقت يونيفارم پهري، گيٽر ۽ لانگ بوٽ لڳائي، گهوڙي تي چڙهندو هو، ته رستي ويندڙ ماڻهو حيرت ۽ دهشت وچان ديوار وانگر ساڪن ٿي بيٺا ڏانهنس نهاريندا هئا.

وڏيرو مير محمد خان گهمرو مرحوم

ميرن، اميرن، وزيرن، پيرن، درويشن، ڪامورن ۽ ڪامين جي قلمي صورتن ڏيڻ کان پوءِ، هڪ بنيادي زميندار خاندان جو نمونو پيش ڪرڻ پڻ ضروري آهي.

وڏيرو مير محمد خان مرحوم، ڀنڀي ديري(ڪيٽي مير محمد گهمرو) جو زميندار هو، ۽ گهمرا خاندان جو اڳواڻ. مدبر، عاقل، عالم، دورانديش، وڏي دماغ جو صاحب هو. فارسيءَ ۾ شعر چوندو هو، ۽ رسم الخط بيحد خوبصورت  هوندو هوس.  ٿورو ڳالهائيندو، گهڻي لهه وچڙ ڪا نه ڪندو، پر جا گفتگو ڪندو سا پڪي پختي، سوچيل ۽ سمجهيل هوندي. ڪنهن وڏيءَ حڪومت جي وزير ٿيڻ جي لائق هو.

زمينداريءَ ۽ راڄداريءَ جو ڪم وڏي وقار سان هلايائين. انهن ڏينهن ۾ وڏيرن جو ڪو خاص مانُ ڪو نه هوندو هو، جيستائين ڪنهن وڏي عملدار يا ڪاموري سان خاص تعلق پيدا ٿئين ۽ ان جو اعتماد حاصل ڪن. مير محمد خان تنها هڪ اهڙو زميندار هو، جنهن ڊوڙي وڃي نه ڪنهن ڪاموري جي خوشامد ڪئي ۽ نه ساڻس ڪو ڳوڙهو تعلق ئي پيدا ڪيو.

سخت احتياط سان هلندو هو، سوڙ کي ڏسي ئي پير سيريندو هو. نه ڪنهن جي سٽ کي هٿ لائي، نه پنهنجو پٽ ڦاڙائي.

سندس محتاط طبيعت جو عجب عالم هوندو هو. ٻيڙيءَ جي سواريءَ کان پرهيز ڪندو هو ته متان ٻڏي پوي. خيرپور وڃڻو هوندو هوس ته سڌو گهوڙي تي چڙهي، ٻيڙيءَ تي درياهه اُڪري نه ويندو. حالانڪ سندس ڳوٺ درياهه جي ڪناري تي هو، ۽ ان رستي سان فاصلو فقط ويهارو ميل مس هوندو. ان جي عيوض هيءُ صاحب خشڪيءَ رستي مديجي يا نصرت اسٽيشن تي ايندو: اتانهون ريل ۾ سوار ٿي، سکر - روهڙيءَ کان ڦيرو ڪري وڃي خيرپور لهندو!

حلواڻ جي گوشت مان، ڪارن مرچن ۽ مکڻ سان رڌل ٻوڙ کائيندو، جيئن هاضمي کي نقصان نه رسي ۽ نه زڪام ئي ٿئي.

گهوڙي جي سواري ڪندو، پر ڏسي وائسي، نرم طبيعت وارو وهٽ کڻندو. گهوڙي جي اڳ ۾ هميشه هڪ ٻه ڪنجڪي ڊوڙندو هلندو.

پنهنجي حياتيءَ اندر گهر ۾ بندوق رکڻ نه ڏنائين: متان بيخبريءَ ۾ ڪنهن جي هٿان ڇٽي پوي ۽ نقصان ڪري وجهي! انهن ڏينهن ۾ امن امان به اهڙو هو جو ڪنهن کي، بعد جي زماني وانگر، پنهنجي حفاظت جو پاڻ بندوبست ڪرڻو ڪو نه پوندو هو.

اولاد سان مثالي محبت هوندي هيس. گهر کان ٻاهر وڃي تعليم وٺڻ ڪنهن کي ڪا نه ڏنائين. ڳوٺ ۾ مڪتب قائم ڪيائين، جتي سندس ۽ شهر جا ٻار پڙهندا رهيا.

اوطاق ۽ گهر جون جايون هميشه ڪکايون رکيائين، جيئن سم سيلاب ڪري پڪي ڀت کاڄي، اوچتو ڪنهن جي مٿان ِڪري نه پوي!

گاسليٽ جي بتي ٻرڻ نه ڏيندو، ڇو ته ان جو دونهون صحت لاءِ نقصانڪار ٿئي ٿو، تنهن ڪري روشنيءَ لاءِ ميڻ بتي استعمال ٿيندي.

فوري ضرورت کي منهن ڏيڻ لاءِ طاقت جون دوائون هميشه ساڻ رکندو - مثلاً خميرو، ياقوتي، موتين جو چاٽو، وغيره.

”دورانديشيءَ“ جي معاملي ۾ وڏيري محمد خان مرحوم کان مٿانهون نمبر فقط مرحوم ميان عبدالمجيد صاحب دريشاڻي(پرنسپال خيرپور هاءِ اسڪول) جو هو. سندس باري ۾ مون ماڻهن کان ٻڌو ته جڏهن کيس پنهنجي ڳوٺان، يعني شڪارپور مان، خيرپور وڃڻو پوندو هو ته سکر - روهڙيءَ واري پل هميشه پيرين پنڌ اُڪرندو هو، ۽ نه ريل ۾. انديشو هوس ته مباداً ريل جي بار ڪري اوچتو پل ِڪري پوي، ۽ ريل ۽ پاڻ ٻئي درياهه ۾ ٻڏي وڃن.

انهن ڏينهن ۾ رهڻيءَ ڪرڻيءَ تي انگريزي تمدن جو اثر پوڻ شروع ٿيو هو. درجو ٻه درجا انگريزيءَ جا پڙهي، ڪن زميندارن ڏاڙهيون ڪوڙائي مڇون رکڻ شروع ڪيون، شلوار ۽ پيراهن کي ڇڏي، سوٽ ڪوٽ تي طبع آزمائي فرمائڻ لڳا. جن سوٽ نه پاتا، تن به گهٽ ۾ گهٽ ڳچيءَ ۾ بو يا نيڪ - ٽاءِ ٻڌڻ، ۽ پير ۾، موچڪي جتي ڇڏي، انگريزي وضع جا بوٽ پهرڻ شروع ڪيا. پر مجال آهي جو مير محمد خان مرحوم نئين زماني جي هوا کي پنهنجي پاسي مان لنگهڻ ڏئي. مٿي تي ململ جي پڳ، جسم تي پيراهن ۽ صدري، هيٺ مناسب شلوار، پيرن ۾ اها ئي موچڪي جتي، ڪلهي تي ڳاڙهو دٻڪن سان وڏو رومال.

گراموفون جي پهرين مشين مون وڏيري مير محمد خان وٽ ڏٺي. انهن ڏينهن ۾ گوهر جان ۽ ”امير جان پاني پت واليءَ“ جا رڪارڊ خاص طرح مقبول هئا.

ميان عابد علي شاهه ۽ ٻڍل شاهه

سادات خاندان مان هئا، خيرپور شهر ۾ رهندا هئا، ميرن جا هم مذهب يعني شيعا هوندا هئا. مير صاحب سندن وڏي عزت ڪندا هئا، حتاڪ فوت ٿيل ميرن جا جنازا کڻائي ڪربلا معليٰ ۾ وڃي دفن ڪرائيندا هئا. زميندار هئا. وچ شهر ۾ اوطاق هوندي هين. رهائش ميرن جي طرز جي - ساڳيا شوق، ساڳيا شغل. رياست ۽ ٻاهر جي ڪيترن معززن جو ساڻن رستو هو، جيڪي اچي وٽن مهمان ٿيندا هئا، دل سان خاطر تواضع ڪندا هئا.

ميان عابد علي شاهه مرحوم مون ڪو نه ڏٺو، سائين ٻڍل شاهه مرحوم سان البت ڪيترا دفعا ملاقات ٿي. مرحوم پير پريل شاهه، پير ڳوٺ واري، ۽ پير سائين تراب علي شاهه مرحوم، قمبر واري، جو خاص دوست هوندو هو. انهن جي معيت ۾ ٻه - ٽي دفعا مان وٽس مهمان ٿيس. سڄو ڏينهن ميرن جون ڳالهيون ۽ انهن جي ڪچهرين جا قصا هوندا هئا. ان دوران ۾ هٿيارن، ڪتن، مرن، بازن، شڪارن، گهوڙن ۽ اُٺن تي به پيئي ٽيڪا ٽپڻي ٿيندي.

ٿوري خواهش، ٿوري ذميداري، چڱي اٿڻي، چڱي ويهڻي، نه جهيڙو نه فساد، نه هل نه هنگامو، آرام جي زندگي، اطمينان جو موت.

حڪيم غلام حيدر

شيخ قادر مرحوم جي زماني ۾ شاهي طبيب هوندو هو. لقمان ۾ رهندو هو. وضعدار پيرسن انسان هو. سندس ڊيوٽي هوندي هئي ته علي الصباح گهوڙي تي چڙهي، گهر گهر جو دؤرو ڪري، مير صاحبن ۽ سندس اهلڪارن جون نبضون ڏسي ۽ بشرط ضرورت علاج تجويز ڪري. پنهنجي فن ۾ هشيار هو. عام طرح بي خرچيون دوائون تجويز ڪندو. پر قضا الاهي ڪو ڪارائتو مير صاحب بيمار ٿي پيو ته هزارن رپين جي خرچ سان ياقوتي ۽ مفرحن جا نسخا تيار ٿي ويندا، جن ۾ قيمتي جواهرات، موتين، مشڪ، عنبر ۽ مغزيات جو، خاص سماق جي روهين ۾ رڳڙجي، شامل ٿيڻ لازمي هوندو، شربت، عرق، ماءُ اللحم ۽ ضماد، ِان اپرانڌ - غذا تي خاص خيال رکيو ويندو. کير، ڏڌ، مکڻ، بند. ڳائي، ماهي ۽ ريڍي گوشت جو ته ڪو سوال ئي پيدا ڪو نه ٿي ٿيو، پر آچار ۽ چٽڻيون به ختم. خوراڪ لاءِ فقط تتر جو ڪاري مرچ تي رڌل ۽ بصرن بدران ڦوٽي سان داغ ڪيل شوروو تجويز ٿيندو. انهن ڏينهن ۾ طبيبن جي ڪاميابيءَ يا ناڪاميابيءَ جي ڪسوٽي هيءَ هوندي هئي ته هو ”قوت باهه“ کي ڪيتريقدر زور وٺائي سگهن ٿا، ۽ سندن تجويز ڪيل ممسڪن، طلائن ۽ ليپن ۾ ڪيترو اثر آهي. اهڙو ڪو ورلي امير هوندو، جنهن کي ڪمزوريءَ جي شڪايت نه هوندي. شڪايت صحيح هجيس يا نه، پر سمجهندو ائين پيو ته جيڪا قوت اڳ ۾ اٿس، سا بلڪل ناڪافي آهي ۽ ان ۾ لازماً واڌارو ٿيڻ گهرجي. بيفڪريءَ جا ڏينهن هوندا هئا، جنگيون ختم ٿي چڪيون هيون، انگريزن جو سايو سر مٿان هو، اٿاهه جاگيرون، لکين آمدنيون، شيون سستيون، کاڌو پيتو پنهنجين ٻنين جي پيداوار، نه ڪم نه ڪار، پوءِ اميرن ڪبيرن کي ڇو نه ”قوت باهه“ جو فڪر ٿيندو؟ اهو ئي هڪ ميدان هو، جنهن ۾ ڌاريءَ حڪومت طرفان پورن آزادي يا سوراج عطا ٿيل هو ۽ ڪا دست اندازي ڪانه ٿي ٿي.(واجد علي شاهه، اوڌ جي آخري تاجدار، پنهنجي ڪتاب ”بني“ ۾ لکيو آهي ته ڪلڪتي ۾ نظربنديءَ واري زماني ۾ به هو جڏهن گهري ٿو ته هڪ ڏينهن اندر پنجاهه - پنجونجاهه عورتن سان همبستر ٿي سگهي ٿو. اهو هو ”مطمح نظر“ يا ”مقصد زندگي“ ان دؤر جي ڪن اميرن جو!)

الله تعاليٰ ٻڌي هئي طبيبن جي. ننڍي وڏي طبيب وٽ ”خانداني“، ”صدري“، ”سينه به سينه ورثي ۾ مليل“ نسخا هوندا هئا، ڪم از ڪم دعوا ته اها ئي هونديس. پوءِ فقط واسرين جا وات کلن ته اهي ناياب نسخا جڙي راس ٿين! ڪڍ ناڻو ته گهمين لاڙڪاڻو!

ان موذي مرض جي علاج ۾ مرحوم غلام حيدر کي ڪيتري دسترس حاصل هئي، تنهن جو پتو ڪو نه اٿم، پر ايترو ضرور ڏسندو هوس ته وڏا وڏا ماڻهو کيس اٿاري، ڪنڊ ۾ وٺي، وڃي ساڻس ”ڪنَ ڳالهيون“ ڪندا هئا.

هڪ موقعي تي کيس ناياب سونهري بندوق انعام ۾ ڏني ويئي، جا هلندي هلندي، مالڪ بدلائيندي، آخر اچي مون تائين پهتي آهي. ڪنهن وڏي قلعي سر ڪرڻ کان سواءِ کيس اهڙو انعام مليو هجي، سا ڳالهه اعتبار جوڳي ڪانهي.

ڊاڪٽر راجا خان

خيرپور اسپتال جو ايلوپيٿڪ ڊاڪٽر هوندو هو. ورهين جا ورهيه ان جاءِ تي قائم رهيو. چڱي عزت هوندي هيس. شريف انسان هو. ڪن ڊاڪٽرن واري لالچ ڪا نه هيس. نيم نان، صحت جان. نه ڪوڙا سرٽيفڪيٽ ۽ نه ڪورٽن اڳيان وڃي، اونڌا يا پاسيرا رايا ۽ اظهار ڏيئي، بيگناهن کي ٻڌائڻ ۽ گنهگارن کي ڇڏائڻ.

جيستائين مرض ڪا خاص خطرناڪ صورت اختيار نه ڪندو، علاج طبيبن جو پيو هلندو - پڙيون، گوريون، جلاب، ڪشتا، معجونون وغيره نازڪ حالت کان پوءِ ئي وڃي سڏ ٿيندو ڊاڪٽر راجا خان کي. انهن ڏينهن ۾ اڃا ايلوپٿيءَ ايڏي ترقي ڪا نه ڪئي هئي، ۽ هاڻوڪي قسم جون مجرب پيٽينٽ دوائون ميدان ۾ ڪين آيل هيون. البت ڦٽ ڦرڙيءَ، زخم، سرجريءَ وغيره جي سلسلي ۾ ان وقت به ڊاڪٽرن جو مانُ هوندو هو.

سرائي حسو خان

ان زماني ۾ خاندانن جي خدمتگارن جا پڻ خاندان هونداهئا. تعلق ۽ خدمت جو سلسلو پيڙهي بپيڙهي هليو ايندو هو. ڪنهن خدمتگار پنهنجي بنيادي آقا کي ڇڏي وڃي ڪنهن نئين ماڻهوءَ وٽ نوڪري ڪئي ته ”نمڪ حرام“ سڏيو ويندو، ۽ ڪٿي به منهن ڏيکارڻ جي قابل ڪو نه رهندو.

سرائي حسو خان(حسن علي خان) ميرن جو خانداني خدمتگار هو. پنهنجي زماني ۾ مير علي نواز خان جو ”مهتمم شڪار“ هو، شڪارين جو کاتو، ڏڦيرن(جيڪي زخمي مرن کي ڏڦا هڻي ختم ڪندا هئا) جو اٽالو، ڪتن ۽ ڪتائين جو انتظام، شڪار گاهن ۽ راکن جي رکپالي - غرض ته شڪار متعلق جا به ڳالهه هئي، سا سندس سپرد هئي. مير صاحبن جا ”ڪنَ“ هو. حسو خان جا ڳالهه ٻڌائي، سا لوح محفوظ جي تحرير سمجهي ويندي، ڪنهن کي مجال جو سندس راءِ کي ريٽي!

شڪار ٽالپرن جو ڏاج هو. صبح کان رات تائين شڪار ۽ شڪار جا قصا. سوَن ميلن ۾ جهنگ رکيل هئا، جن کي مهاڙين ۾ وراهيو ويو هو. هر مهاڙيءَ کي لوڙهو ڏنو ويندو، جيئن جانور بند رهن، يا مقرر لوگهن منجها ئي ايندا ويندا رهن، تاڪ شڪارين کي جانورن جي هلچل جي خبر پوندي رهي. هر مهاڙيءَ تي راکا رکيل هوندا، جيئن ماڻهو ۽ ڍور کيچل ڪري جانورن کي ڀڄائي نه ڇڏين. گهڻي وقت تائين ته ٻاهرئين ماڻهوءَ کي مهاڙيءَ جي پاسي مان لنگهڻ جي اجازت ڪا نه هوندي هئي. ۽ اهو جيل جي سزا جوڳو فوجداري ڏوهه سمجهيو ويندو هو. جانور کي هيرائڻ لاءِ رستن تي ان ڇَٽيو ويندو هو، جنهن کي ”چَوڻ“ چوندا هئا. شڪاري اهڙا استاد هوندا هئا، جو کين هر جانور جو پتو هوندو - جي مرون آهي ته وَڄ ڪيترا آڱر هوندس، ڦاڙهو آهي ته سڱ ڪيتريون گيراٺيون ٿيندس. پيرو کنيائون، ته وڃي جانور جي مٿان بيهندا.

اصلي شڪار ڪرڻ جا ڪيترا ڍنگ هوندا هئا. مثلاً، ”اوسر“ جو شڪار. جانور رات وڳڙي ۾ چرڻ لاءِ وڏو جهنگ ڇڏي ٻاهر پوکن ڏانهن ويندا. لڙيءَ رات کان پوءِ سندن واپس ورڻ جو ٽائيم ٿيندو. ان وچ ۾ شڪاري. ننڍو جهنگ وچ ۾ وجهي، وڏي جهنگ جي ٻاهران باهيون ٻارائي ڇڏيندا، جيئن جانور وڏي جهنگ ۾ لنگهي نه سگهن ۽ وچئين ننڍي جهنگ ۾ ئي رهجي وڃن. ننڍي جهنگ ۾ هڪ ڪکائون کڏ(کڏڻو) ٺهيل هوندو، جنهن ۾ ڪرسيون پيل هونديون. کڏ جي  چئني طرفن کان سنها پها ڪڍيل هوندا، جيئن انهن پهن ۾ گهمندڙ جانور کڏ ۾ ويٺل شڪارين کي چڱيءَ طرح نظر ايندا رهن. صبح جي روشني ٿيڻ کان اڳ ۾، شڪاري سرڪي وڃي کڏ ۾ ويهندا. سج نڪتي پريان تڙَ شروع ٿيندي. ماڻهو ۽ ڪتا جهنگ ۾ ڪاهي پوندا. ماڻهن جو هاڙهاهو - باجهاڙو، ۽ ڪتن جون ڀونڪون ٻڌي، جانور کڏي طرف ڀڄڻ شروع ڪندا، ۽ شڪاري چونڊيو پيا بندوقون هڻندن. جيڪڏهن ڪو مرون زخمجي پيو ته ڏڦير ڏڦا کڻي وڃي گهيرو ڪندس. هڪ ماڻهو وجهه وٺي، مرونءَ جي پويان اچي، مرونءَ جي پٺيءَ کي سينو ڏيئي، هٿ وڌائي سندس اڳيون ٽنگون جهليندو، ۽ ٽنگان ڪڍي، پٽ تي ڪيرائي وجهندس. ان وچ ۾ ڏڦي وارا ڊوڙي ڪک ۾ ڏڦو هڻندس، ۽ ختم ڪري ڇڏيندس. اهو ڪم وڏيءَ بهادريءَ جو هوندو، ۽ ڏڦيرن کي چڱا انعام ملندا هئا.

شڪار جو ٻيو طريقو هوندو هو ”چُوڻ يا ٽامي وجهڻ“. شڪاري، وڏو جانور ڏسي، سندس رستي ۾ ان يا وڻن جون ڪچيون سٺيون ٽامون وڍي، بطور چوڳ جي اڇلائيندا. جانور واٽ ويندي اهو مال مفت ڏسي هرکجي پوندو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ته کيس عادت پئجي ويندي، ۽ ايتريقدر هري ويندو جو چوڻ جي لالهانگري تي، شڪاري هرکائي، آڻي ڏينهن ڏٺي جو کڏڻي يا اوطاق جي سامهون بيهاريندس، ۽ شڪاري کٽ تان ويٺي بندوق هڻي ماري وجهندس.

ٽيون طريقو هوندو هو ڪتن ۽ پنجوڙن سان مرن کي ڦاسائڻ جو. پيرا کڻي، پهريائين جانورن کي جهنگ جي ڪنهن خاص ٽڪري ۾ هٿيڪو ڪندا. ان کانپوءِ هڪ طرف واڻ جا پنجوڙ هڻي ويندا، ۽ ٻئي طرف کان وڃي ڪتا ڇڏيندا. ڪتا جانورن کي ٻوڙن مان ڪڍي ٻاهر ڀڄائيندا. جانور ڀڄندي اچي پنجوڙ ۾ پوندا، ۽ ويڙهجي ويندا. شڪاري، پنجوڙ مان ڪڍي، ڪاٺ جي گاڏيءَ ۾ بند ڪندن، ۽ اتان آڻي ڪوٽ ۾ ڇڏيندن - (ان ڪم لاءِ خاص چوديوارون ٺهرايل هونديون هيون، جن کي ”ڪوٽ“ سڏيو ويندو هو). ڦاٿل جانورن کي ڪجهه ڏينهن تائين کارائي پياري تازو ڪندا، ۽ ان کانپوءِ ساڻن ڪتن جي ويڙهه ڪرائيندا هئا. وڏو تماشو لڳندو هو. ڪٽڪ ماڻهن جا اچي ڪتن ۽ مرن جي ويڙهه ڏسندا، ۽ ڪيترن ڏينهن تائين، حالتن پٽاندر، ڪن خاص ڪتن يا مرن جون تعريفون ٿينديون رهنديون. ”واهه جو ٻهڙو ڪتو وڙهيو، مرندي مري ويو پر مرونءَ جي ڪن مان وات نه ڪڍيائين!“ - “ٻولاهو، ڪتو ته نه هو، پر واسينگ هو! هڪ ئي ڦوڪ سان سوئر جو ساهه ڪڍي ڇڏيائين“- ”بگهڙ (ان وچ ۾ گوار جو لفظ هوندو) ڪا گذا (غذا) ڪا نه ڪئي. ڏسڻ جو ته شينهن هو پر هو اٽي تي چٽي. مرونءَ جي پهرئين ٻهڪاٽ تي ڪؤن ڪؤن ڪندو ويو!“

ڪي وري مرن جي طرفداري ڪندا – ”سائين، لنڊي جي همٿ ته ڏسوّ! هڪ ئي رومڙ سان ڏهن ئي ڪتن کي ڪاٽا ڪري وڃي ٻاهر پيو!“ ٻيو چوندو:”لنڊي ڪهڙي گذا ڪئي“ بهادري ته بوجري جي هئي. ڪتا ڪنن ۽ ٻوٿاڙي ۾ چنبڙيا پيا آهن. مير الهڏني سائينءَ واري بلٽري پويان ٻيرا لاهيندي ويس، پر مڙي ڇو ٿو- ساريءَ لوڌ جون لاکان لاهي ڇڏيائين!“ ٽيو چوندو: ”اجائي پيا ڳالهه ڪريو. قد ۽ بت به ته ڏسوس ها، ماڙو گڏهه لڳو پيو هو. ستن آڱرن کان مٿي ته وَڄ هئس. مهينن جا مهينا بيهي ميراڻو ان کاڌو هئائين. ڪتن ويچارن جو مقدار ڪهڙو! ميرالهڏني جا ڪتا به ڪي ڪتا هئا ڇا! سڀ لوسي هئا، گهٽين مان ڳولي آڻي لوڌ ۾ ٻڌو هئوِن. مير ٻڍل سائينءَ وارو رونجهو ڇڏينس ها ته مرونءَ کي به ڪل پوي ها ته ڪنهن ڪتي سان ڪم پيو آهي!“

مطلب ته ڪيترن ڏينهن تائين اوطاقن، دائرن ۽ مڪانن ۾ بحث مباحثا ٿيندا رهندا. ڪڏهن ڪڏهن ته اختلاف ڪندي ڪندي ماڻهو پارٽين ۾ ورهائجي ويندا، ۽ نوبت وڃي لٺ باٺي تائين پهچندي!.

رات جو جهنگ ۾ پاڻيءَ جي تلاءَ يا پئي تي ويهي جانورن کي مارڻ، يا پوک جي ڪناري تي کڏ(ڪودي) ٺاهي ويهڻ، وڏي شڪار جا ٻيا طريقا هئا. جهنگ ۾ گهمي، گهمندڙ جانورن کي مارڻ، ”گهوم جو شڪار“ سڏيو ويندو هو.

پکين جو شڪار، بندوقن کان سواءِ، بازن سان به ٿيندو هو. مير صاحبن کي بازن جو خاص شوق هوندو هو، جن جي پالڻ لاءِ بازدارن جو خاص محڪمو هوندو هو. هر مير وٽ ڪيئي باز ٻڌا بيٺا هوندا هئا. هڪ دفعي، شام ويلي آءٌ وڃي ڪوٽ ڏيجيءَ جي ٻاهران بيٺس. تقريباً جيڪو به ماڻهو شهر مان ٻاهر ٿي نڪتو، تنهن جي هٿ تي باز هو. بازن کي هواخوريءَ ۽ ورزش لاءِ کليل ميدانن ڏانهن ڪڍيو ٿي آيا. مون ڏٺو ته هڪ ڪوٽ ڏيجيءَ جي شهر اندر هزارين منهين باز هوندا.

خيرپور رياست ۾ ڪيترن قسمن جا جانور هوندا هئا. خاص طرح سوئر، ڦاڙها، سينڌڙ هرڻ، ۽ ڪاريهر هرڻ(1) ، مير علي مراد خان جي زماني تائين ته ٻيلا ئي شينهن (tigers) به هوندا هئا. مير صاحب پاڻ ايترا شينهن ماريا هئا، جو انهن جي کلن مان تنبو ٺهرائي، تحفي طور راڻي وڪٽوريا ڏانهن لنڊن روانو ڪيو هئائين. مير علي مراد جي ڏڦيرن جي بهادريءَ جي هيءَ حالت هوندي هئي، جو زخمي شينهن تي به حملو ڪري، ڏڦن سان ماري وجهندا هئس. اهو فن ٻئي ڪنهن به ملڪ ۾ ڪو نه هوندو هو، ۽ نه اهڙا بي جگرا، بهادر انسان. اوڻيهين صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين، خيرپور ۽ سنڌ جي ٻيلن ۾ نه فقط شينهن هوندا هئا، بلڪ ممون، ٻارهن سڱا ۽ چيتا به نظر ايندا هئا. اوڻيهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ واهه کوٽجي ويا. آباديون ٿي ويون، بندوقون عام جام ملڻ ۽ استعمال ٿيڻ لڳيون، ۽ ڪيترن قسمن جي جانورن جو نسل بنهه ختم ٿي ويو.

ان کان اڳ، عرب سياح ابن بطوطه جي زماني ۾ سنڌو درياهه جي ڪناري وارن جهنگن ۾ ته گينڊا به رهندا هئا.

مير علي مراد خان ۽ ان کان اڳين ميرن جي شڪار متعلق انگريزن جي لکيل سفرنامن مان گهڻو احوال ملي ٿو. مير علي مراد خان جي شڪاري زندگيءَ متعلق ”لينگلي“ صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ تفصيل سان احوال ڏنو آهي. مير علي مراد خان ساري زندگي سفر ۾ رهيو، ۽ شڪار جي پٺيان. انهن ڏينهن ۾ ميرن متعلق هيءَ چوڻي عام هوندي هئي ته ”مير نصير خان رنگ ۾ (يعني عيش عشرت ۾)، مير سهراب خان جنگ ۾(يعني ملڪ هٿ ڪرڻ ۽ وڌائڻ ۾) مير رستم خان ڀنگ ۾ (يعني نشي پتي ۾)، ۽ مير علي مراد خان جهنگ ۾ (يعني شڪار ۾).“ علي مراد خان کان پوءِ به سندس جانشينن اها روايت قائم رکي، پر وقت جي لحاظ سان جيئن پوءِ تيئن گهٽتائي ٿيندي ويئي. مير “سانگيءَ” هڪ جاءِ تي شڪار کي ”ڏاڏاڻي ڪار“ ڪري سڏيو آهي:

”بندوقون هڻي ڪي هرڻ مارجن،

وري ڪا ڪجي پنهنجي ڏاڏاڻي ڪار.“

جهڙيءَ طرح مٿي عرض ڪري آيو آهيان، مير علي نواز خان جي شڪاري ڪاروبار جو مکيه ڪار پرداز سرائي حسو خان هوندو هو. قوم جو شيخ هو. وڏي ڌاڪي سان رهندو هو. پنهنجن ذاتڀائي شيخن جي سرپرستي ڪندو هو. سندس زماني ۾، ڪٿان ٿو شيخن جو گهوڙو جهل ڏئي؟ ”شيخ“ ڪيتريقدر به بدصورت، سڪل سڙيل ِليکن کاڌل ڇو نه هجي، پر سندس مڇ دائما مکيل ۽ مٿانهين هوندي. سرڪاري شڪار خراب ڪرڻ ۽ جانورن کي ٽاهڻ جي الزامن هيٺ، بيشمار ڳوٺاڻن جا خانا خراب ڪرائي ڇڏيندا. شڪار گاهن جي پسگردائيءَ ۾ رهندڙ، ڀؤ جا ماريل هاري ۽ ناري، مالدار، ڀاڳيا، مکڻ ۽ ماکيون، ڇيلا ۽ ڪڪڙ مٿن تي کنيو، شيخن جي پٺيان ڊوڙندا وتندا هئا ته جيئن کين هر دم راضي رکيو اچن.

حسو شيخ جون پنهنجون اوطاقون ۽ پنهنجون ڪچهريون هونديون هيون. جت ساريءَ رياست جي ٻڌي - ڇڙي پئي نبرندي هئي. جنهن پاسي گشت تي نڪتو، لانڍيون لڳي وينديون، پاڻي ڇڻڪارجي ويندا، ڇيلا ڪسجي ويندا، ديڳيون چڙهي وينديون. جيڏانهن منهن ڦيرائيندو، ”جيئي حسن علي خان!... سرائي صاحب جي سر جو خيرّ!“ جا نعرا لڳي ويندا.

مير ته مير هو، پر گهٽ حسن علي خان به ڪو نه هو. چوڻي آهي: ”سائين ته سائين، پر سائينءَ جو ڪتو به سائين!“

شعر، شاعري ۽ شاعر

مير علي نواز خان مرحوم پنهنجي جلاوطنيءَ واري زماني ۾ گهڻو وقت هندستان ۾ رهي چڪو هو، تنهنڪري کيس اڙدو شعر شاعريءَ سان ڳوڙهي دلچسپي پيدا ٿي پئي هئي.

”مير بشارت حسين زيدي“ نالي  هڪ شاعر، ۽ بقول خود “نامه نگار اخبارات”، اڳ ۾ ئي خيرپور ۾ رهندو هو ۽ ميرن سان وابسته هوندو هو. اصل رهاڪو يو. پي. جي طرف جو هو. اڙدوءَ جي ڪنهن هفتيوار اخبار ڏانهن ميرن جي تعريف ۾ مضمون موڪلڻ کانسواءِ، قصيدا به لکندو هو، ۽ انهن قصيدن کي ڪئلينڊرن تي ڇپارائي ورهائيندو هو. شادي ٿئي يا مماتي، مير صاحب ڪو وڏو مرون ماري يا وزير صاحب جي ڪنهن ڪمشنر يا گورنر سان ملاقات ٿئي، زيدي صاحب جو نظم مڙيو ئي تيار هوندو.

ورهين جا ورهيه خيرپور ۾ رهيو، ۽ معمولي مشاعري تي ميرن وزيرن جون تعريفون ڪندي مري ويو. مسڪين ماڻهو هو، سندس گذران جو ذريعو اهو ئي هو.

قصيده گوئي ڪو تنها سندس گڻ ڪو نه هو. ان مرض ۾ وڏا وڏا ماڻهو مبتلا هوندا هئا. مير فيض محمد خان جي زماني ۾ لارڊ لئمنگٽن، گورنر بمبئي، خيرپور ۾ آيو. ان موقعي تي شمس العما ِّ جناب مرزا قليچ بيگ صاحب مرحوم کان هيءُ قصيدو مرحبائي لکرائي مجلس ۾ پڙهايو ويو، ۽ مرزا صاحب پاڻ وڏي فخر سان اهو قصيدو پنهنجي ڪتاب ”رياست خيرپور“ (مطبوعه فيض پريس، خيرپور، سال 1924ع) ۾ درج فرمايو آهي:

قصيده مرحبائيه

اسان جو شل هجي ايڊورڊ شاهنشاهه سوڀارو،
زياده هؤ سندس شل عمر ۽ اقبال موچارو،
رکي ٿو خلق کي سو خوش، رعيت کي سدا راضي،
رهي ٿو نت غريبن ۽ اٻوجهن تي سو ٻاجهارو.
آهي هر قوم کي آزادگي هر قسم جي حاصل،
ڪنهين کي ناهه ڪنهن پر مذهب ۽ ملت جو مونجهارو.
عملدارن کي ان جي عدل ۽ انصاف جو سعيو،
ٿيو علم ۽ هنر خواهه مال ۽ دولت ۾ واڌارو.
اگرچه ڪي ويا ڪن کان وڌي علمي فضيلت ۾،
نه آهي پاسداري ڪا، نه ٿيو ڪو ڪنهن تي ريسارو.
ڏسي هي عدل ٿيا عادل، رياست جا سڀئي والي،
هلائي حڪم حڪمت سان، وسايو ملڪ تن سارو.
الاهي اهڙي شاهنشاهه کي قائم رکج دائم،
سدا شل هند تي چمڪي سندس اقبال جو تارو!
بجا لک شڪر آڻيون ٿا، لمنگٽن لارڊ صاحب جا،
 بهادر جو گورنر بمبئي جو آهه ناميارو.
“ ليڊي صاحبه جا پڻ اسين ممنون سڀ آهيون،
جو آيو خيرپور ۾ پڻ سندس تشريف جو وارو.
اپر احسان پڻ ڪيا ڪمشنر صاحب بمع مئڊم،
“ پڻ پوليٽيڪل ايجنٽ، جو هت آهي هاڪارو.
خدايا، رک سدائين تون اهي صاحب اسان جا خوش،
ڪرم ۽ لطف تنهنجي جو ڍري شل تن مٿي ڍارو.
ڏسئون سک سهسين شل صاحب گورنر جي حڪومت ۾،
ٿئي شل بيڪسن جو ڪس ۽ بيچارن سندو چارو.
رهي پڻ مير سر فيض محمد خان سلامت شل،
جنهين تي اصل کان آهي اسان سڀني جو نت آرو.
رياست جو آهي والي، سندس درجو آهي عالي،
هميشه خيرپور ۾ جنهن جي نالي نر هڻن نارو.
سڌارا ٿيا اتي بيحد، هي يارهن سال جي گذريا،
وڌيو ڏيڍوڻو آدم، ۽ ٿيو ٻيڻو ٻني ٻارو.
جڙيا رستا، پليون، مڪتب، ڌرمسالا، شفاخانا،
وري ٿيا واهه جاري، جر وهي جن مان ٿو جالارو.
الاهي، عمر خضري ڏي اسان جي مير صاحب کي،
رهي شل آل ۽ اولاد سان خوش سو وڙن وارو!
اسان جون هي مرادون شال سڀ پوريون ڪري پرور،
دعا لئه سڀ خدا ڏي هٿ کڻو يڪجا اوهين، يارو!

يارن ويچارن ته سمورن هٿ کڻي گهڻيون دعائون پنيون، مگر ”عمر خضري“ ڪنهن کي به ميسر ٿي ڪا نه سگهي. ٿوري ئي عرصي اندر، ايڊورڊ کان وٺي مير فيض محمد خان تائين، سڀ فوت ٿي ويا، مرزا قليچ بيگ صاحب جي قصيدي مان بهرحال، ان زماني جي ذهنيت ۽ رواجن جو پتو پوي ٿو. مرزا قليچ بيگ مرحوم انهن ڏينهن ۾ به ڪافي مرتبي جو صاحب هو، اعليٰ تعليم يافته، بنيادي خاندان، صاحب علم ۽ قلم، مگر ان هوندي به کيس وقتي حاڪمن جي تعريف ۽ توصيف ڪرڻي ٿي پيئي. ۽ جڏهن مرزا صاحب مرحوم جي مجبوريءَ جو اهو عالم هو ته پوءِ مير بشارت حسين زيدي يا ”مولوي ميهر“ تي ڪهڙي ميار؟

خيرپور جي خود ميرن مان به گهٽ ۾ گهٽ ٻن صاحبن سان شعر منسوب ڪيو وڃي ٿو.

مير علي مراد خان لاءِ چوڻ ۾ اچي ٿو ته هو فارسي شعر چوندو هو، ۽ هيٺيون غزل سندس چيل چوڻ ۾ اچي ٿو:

آه، دل از فراِق تو داماِن من گرفت،
پروانه پيشِ شمع رِه انجمن گرفت.
پروانه ِّ فراِق تو تنها نه سوخت دل،
بس، جان درين شرر گہ پروانه تن گرفت.
در محفلي ڪہ شخص غمت ميزبان بود،
مهمان چڱو نه روئي ازان انجمن گرفت.
در دور حسن روي تو اسلام ڪفر گشت،
داد از برهمني ڪہ صنم از ثمن گرفت.
تاتارِ زلف پرشڪنت چينِ رخ گرفت،
مرغِ دل از خطا رهِ ملڪ ختن گرفت.
در هيچ دين شنيد ڪہ از يڪ نگہ گناهه،
برمن گذشت روز من بوالحزن گرفت.
رفتم بڪوي دوست دهم شرح ِاشتياق،
شوقش بگشت آتشِ دامانِ من گرفت.
جز هجرِ او نصيب نگشتم ”علي مراد“،
آن هم زمانِ عمر به يغما زمن گرفت.

 

”هيءُ بيت به مير صاحب جو آهي:

از خضابم نبود هيچ دلم را مطلب،
غرض آن است ڪہ آهو صفتان رم نڪنند.
 

مير علي مراد خان کان پوءِ جنهن ٻئي مير شعر شاعريءَ ۾ دلچسپي ورتي، سو مير علي نواز خان هو. اڳ لکي چڪو آهيان ته هن صاحب هڪ ديوان اڙدوءَ جو (”گلدسته ناز“ نالي)، ۽ هڪ سنڌي ڪافين ۽ ڪلامن جو ڪتاب (”خلوت عشق“) ڇڏيو. انهن کانسواءِ، عمر خيام جي رباعين جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين، ۽ ان مجموعي کي “ميڪده ناز” جو نالو ڏنائين. ”ليليٰ – مجنون“ واري قصي کي پڻ منظوم ڪيائين. اهي ٻئي رسالا آب تاب سان ڇپارائي ملڪ ۾ وراهيا ويا.

جنهن زماني ۾ مير صاحب مرحوم جي خانگي زندگيءَ تي دشمنن حملا ڪرڻ شروع ڪيا، درباري مفڪرن صلاح پيش ڪئي ته مير صاحب هڪ نئين مذهبي سلسلي جو بنياد وجهي، ۽ پاڻ ان جو امام بڻجي، جيئن عوام جو خيال سندس خانگي معاملن تان هٽجي وڃي ٻئي طرف لڳي. چنانچ، ان سلسلي کي ”دين الله“ جو نالو ڏنو ويو، ۽ مير صاحب جي پنهنجي نالي ۾ هڪ تعارفي رسالو ڇاپي پڌرو ڪيو ويو. پر ”دين الله“ ڪا ترقي ڪا نه ڪئي. ”باليءَ“ سان شادي ٿيڻ بعد نڪته چيني گهٽجي ويئي، ۽ ان تناسب سان ”دين الله“ جي ضرورت ۽ تحريڪ به.

سندس زماني ۾ گهڻا ٻاهريان شاعر خيرپور ۾ ايندا رهيا. ”سها“ شاعر مون اکين سان ڏٺو. قد جو ڄامڙو هو، وڌ ۾ وڌ ٻه اڍائي فوٽ. ڏاڙهي مڇ ڪا نه، ڇوڪرو پيو لڳندو هو. سڌو کڙيءَ ڪرسيءَ تي به نه ويهي سگهندو هو، ٻارن وانگر ٽپ ڏيئي ڪرسيءَ تي چڙهندو هو. ماڻهو چوندا هئا ته مير صاحب کي شعر ٺاهڻ ۾ وٽانئس گهڻي مدد ملندي رهندي هئي.

”سها“ کانسواءِ، حفيظ جالنڌري ۽ حڪيم احمد شجاع لاهوري به ڪجهه وقت تائين خيرپور ۾ رهيا. حڪيم احمد شجاع جي جوانيءَ جو زمانو هو. اهل علم، اهل سخن، ۽ دل وندرائيندڙ مصاحب هو. مير صاحب جي قريب هو. پاڻ ۽ بالي، ٻيئي هم وطني هئا. ان زماني ۾ جيڪو به رستو خيرپور مان نڪرندو هو، تنهن جو ڇوڙ وڃي لاهور ۾ ٿيندو هو.

حفيظ جالنڌري ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، خيرپور مان خارج ٿي ويو، ڇو ته شاعرانه مستيءَ ۽ موج ۾ هڪ نظم لکي وڌائين. جنهن متعلق ماڻهن سمجهيو ته ان ۾ ”باليءَ“ تي شخصي جلهون ٿيل آهن. اها نظم ”حفيظ“ جي ڪلام جي هڪ مجموعي ”سوزو ساز“ ۾، ”ايڪ رقاصه سي خطاب“ جي سرخيءَ هيٺ درج ٿيل آهي. ان نظم جي شروعات هن طرح ٿئي ٿي:

اٺهي هي مغرب سي گهٽا، پيني ڪا موسم آگيا،

هي رقص مين ِاڪ مہ لقا،
نازڪ ادا ناز آفرين:

 

هان ناچتي جا، گائي جا، نظرون سي دل برمائي جا،

تڙپائي جا، تڙپائي جا،
اي دشمنِ دنيا ودين!

 

نظم جي جنهن خاص حصي تي ملڪ اندر ممڻ متو، سو هيءُ هو:

تيرا ٿرڪنا خوب هي،
ليڪن ٺهر، تو ڪون هي،
ڪيا مشرقي عورت هي تو؟

تيري ادائين دل نشين،
او نيم عريان نازنين!
هرگز نهين، هرگز نهين!

تيري هنسي بي باڪ هي،
تيري نگہ چالاڪ هي....
-- وغيره وغيره.

اسان جي زماني کان ٿورو اڳ، خيرپور رياست ۾ ”پيرل“ نالي هڪ شاعر ٿي گذريو هو، جنهن جون ڪافيون اسان جي ڏينهن ۾ ڏاڍيون مقبول هونديون هيون. چوندا هئا ته اصل ڌنار هو. اتفاقاً آٽيريءَ وارن صاحبن سان سندس مجاز ٿي ويو، ۽ ان مجاز جي باهه جا اُلا، ڪافين جي صورت ۾ ڀڙڪا کائيندا، کيس ۽ پڻ ٻين دردآشنا دلين کي ساڙيندا ۽ ٻاريندا رهيا.

آٽيريءَ جو ڪوٽ، خيرپور کان پير ڳوٺ ويندي، رستي تي نظر ايندو هو. خسته حالت ۾ مون پاڻ ڏٺو. اُها بيبي صاحبه انهن ڏينهن تائين زنده هئي ۽ ان ۾ رهندي هئي مير گل حسن خان جو ديرو هئي.

پيرل مري ويو، بيبي صاحبه جنت سڌاري، آٽيريءَ جو ڪوٽ ِڪري پيو، آسيپاسي جا سارا نشان ئي مٽجي ويا، مگر عشق جو اهو داستان اڄ به اهڙو ئي تازو آهي، جهڙو اوائلي ڏينهن ۾. سچ آهي:

حسن بي بنياد باشد، عشق بي بنياد نيست!

مولانا محمد صادق صاحب راڻيپوريءَ هڪ مرتبو پيرل کي راڻيپور جي هڪ سڪل کڏ جي ڪناري تي، اڪيلائيءَ ۾ ڪافيون ڳائيندي ڏٺو. مولانا صاحب جو چوڻ آهي ته پيرل کي کار جا ڌوتل ٿلها اڇا ڪپڙا پيل هئا، ڄٽڪو پڳڙ مٿي تي هوس، ننڍي ڪتريل ڏاڙهي، بنان يڪتاري جي ڳل تي هٿ رکي پئي ڳايائين.

“پيرل جي هڪ ڪافي، هت نموني  طور ڏجي ٿي(1) .

سوَ ناز سان سينگارجي آيو ڪوهيارل ڀنڀور ۾.

اکين اَڻيون، دل کي وڻيون، منجهن ڌوڏ ڌتار جي.
ابرو گوش، ڪن ٿا ڪوس، سٽن سيف شڪار جي.
ڪيچين آندي ڪيچ کان، کٿوري هٻڪار جي.
سرهو سڀ ڀنڀور ٿيو، جهڙي بوءِ بهار جي.
سرتيون سکاڻيون ٿيون، سونهن پسي سردار جي.
هر ڪنهن وائي وات ۾، آهي يار، يار جي.
”پيرل“ پياس، اٿم خاص، دوست جي ديدار جي.
دوست پاڻهي دوا ڪندا، برهه جي بيمار جي.

 

هينئر نه اها خيرپور رهي آهي، نه اُهي مير، ۽ نه حسن علي خان جهڙا ناميارا ڪامورا. دنيا فاني آهي - رهي نانءُ الله جو!

 

-------


(1) سينڌڙ هرڻ يعني سنڌي هرڻ، ڪاريهر هرڻ ڪارو ٿئي ٿو، اهو راجپوتانا جي پاسي عام جام آهي.

(1) پيرل جي هيءَ ڪافي جناب مخدوم محمد زمان صاحب طالب المولا کان ملي - ناشر.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org