باب ٽيون
جهان بيگ سڌو پنهنجي قلعي ڏي آيو. اُتي هن
شاهزادي بهرام کي بند رکيو، انهيءَ لاءِ ته فرصت
ڏسي شاهه عادل تي زور لڳائي ته جهاندار شاهه جي
فرمانبرداري قبول ڪري.
بهرام کي انهيءَ بند ۾ ٻه ورهيه گذري ويا، تنهن
کان پوءِ جهان بيگ جي دل ۾ آيو ته ’جي آءٌ شاهه
عادل کي خبر ڏيندس ته تنهنجو پٽ مون وٽ قابو آهي،
ته هو يڪدم پنهنجي لشڪر سان اچي منهنجي ڪنڌ تي
چڙهندو، ۽ زور زبردستي ڪري پنهنجي پٽ جي ٻانهن وٺي
ويندو_ اُٽلندو مون کي به قيد ڪري وڃي، ته عجب
ڪونهي.‘ اهو به ڊپ هوس ته ’متان ڪو منهنجن دشمنن
مان، منهنجي ٻڌائڻ کان سواءِ، وڃي خبر ڪريس، ۽ هو
ڪاهي اچي.‘ جڏهن اهو خيال هن جي دل تي چڙهيو، تڏهن
آرام ڪونه آيس: ڀانيائين ته ستت ئي مصر ۾ وڃي
جهاندار شاهه کي پنهنجي بهادريءَ جي ڳالهه ٻڌائي
خوش ڪريان، ۽ شهزادي جي ٻانهن ڏيان، ته پوءِ
پاڻيهي بغداد جي بادشاهه کي هو ڇڪي هيٺ ڪندو، ۽
انهيءَ ڪري منهنجي به سرخروئي ٿيندي. پر، جڏهن هو
شاهزادي کي ساڻ وٺي مصر ۾ پهتو ۽ بادشاهه کي حال
ڏنائين، تڏهن بادشاهه مٿس ڏاڍو خفي ٿيو؛ اهڙيءَ
دغابازيءَ جي هلت تي گهڻو ڪاوڙيو، ۽ چور ۽ نامراد
۽ ٺڳ سڏيائينس. چيائينس ته ”شاهه عادل سان آءٌ
ظاهر ظهور جنگ ڪرڻ گهرندس، پر اهڙي نامردي ڪين
ڪندس.“
بادشاهه پهرين ته اهو ارادو ڪيو ته شاهزادي کي
موٽائي پڻس ڏي موڪليان؛ پر وري خيال آيس ته جي آءٌ
شاهزادو پاڻيهي موٽائي ڏيندس، ته شاهه عادل ائين
ڄاڻندو ته پهرين هن اهو ڪم ڪرايو آهي، پر پوءِ
پشيمان ٿيو آهي، تنهن ڪري ڊڄي ٻانهن ورائي ٿو ڏئي.
سندس وڏي وزير ’عظيم خان‘ به اها صلاح ڏنيس؛
ڇالاءِ جو هن کي اهو ڊپ هو ته جنهن وير شهزادو
بغداد ۾ پهچندو، تنهن وير شاهه عادل جنگ تي سنڀري
ايندو، ۽ جهڙو زور ڀريو آهي، تهڙو جهاندار شاهه
کان زور سان پٽس جهان بيگ جي ٻانهن گهرندو. عظيم
خان اها ڳالهه دل ۾ ڳڻي، بادشاهه کي هيءَ رٿ ڏسي
ته ’شاهه عادل، بادشاهه جو دشمن اهي، ۽ ڪنهن نه
ڪنهن ڏينهن جنگ تي ايندو؛ پوءِ جي بهرام پاڻ وٽ
هوندو، ته هن سان ڳالهيون ڪرڻ ۽ شرط ٺهرائڻ پنهنجي
وس ۾ ٿيندو.‘ اها رٿ جهاندار شاهه کي پسند آئي. هن
بهرام شاهزادي کي نظربند رکيو، مگر استاد مقرر ڪري
ڏنائينس، ته ڀلي هن کي تعليم ڏين ۽ جنگي ورزشون
سيکارين. اگرچ هو دشمن جو اولاد هو، پر بادشاهه
نيڪ نيت ۽ رحمدل ماڻهو هو، تنهن ڪري شاهزادي جي
ڪنهن به طرح مٺگهرو نه ٿيو. ڄاتائين ٿي ته هو نيٺ
بادشاهه جو پٽ آهي، تنهن سان هلت به اهڙيءَ طرح جي
ڪرڻ گهرجي. مگر، اُستادن ۽ سندس سنڀاليندڙن کي
تاڪيد ڪيو ويو هو، ته هن کي اها خبر چٽائيءَ سان
نه ڏين ته پاڻ ڪير آهي ۽ ڪٿان آيو آهي.
جڏهن شهزادو وڏيرڙو ٿيو، تڏهن ايترو ڄاڻندو هو، ته
آءٌ قيدي آهيان؛ پر خبر نه هيس، ته ڇا لاءِ قيد
ٿيو آهيان. هن پنهنجي ماڻهن کان گهڻوئي پڇيو، پر
پورو جواب ڪونه مليس. هو عزت آبروءَ سان اٿندو
ويهندو هو؛ وڏي نسل ۽ خاندان هو، تنهن ڪري لياقتون
به اهڙيون رکندو هو؛ ۽ ٻيو وري سوڀيا وارو هو،
تنهن ڪري سڀني ماڻهن کي موهي ڇڏيو هئائين. هو
هينئر تيرهن ورهين جو اچي ٿيو هو. بادشاهه ۽ وزير
کان سواءِ، ٻئي ڪنهن کي خبر ڪانه هئي ته اهو ڇوڪر
ڪيئن ۽ ڪٿان اچي انهيءَ بند م پيو.
جهان بيگ، وزير جي پٽ جو اهو حال ته اڳئين کان
ابتڙ ٿيو. دلا رام جي ٻانهن ته به مليس، اٽلندو
بادشاهه مٿس ڪاوڙيو، ۽ هميشه ڌڪاريندو هوس. هاڻي
انهيءَ رستي پنهنجي مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ هن کي اميد
نه رهي_ رڳو پنهنجيءَ ماءُ جو اڃا آسرو هوس. جي
ٻڌندو هو ته ڪو شاهزادو دلارام جو سڱ ڇڪائڻ آيو
آهي، ته انهيءَ تي ڏند پيو ڪرٽيندو هو. اها خبر ئي
ڪانه هيس ته ڪو شاهزادو بهرام اتي وڃي جاءِ ڪندو،
جتي کيس بيهڻ جو به وجهه نٿي مليو!
شاهزادو بهرام اگرچ نظربند هوندو هو، مگر شاهي
باغن خواهه ٻين تماشي جي جاين گهمڻ کان منع نه
هوندي هيس. هڪڙي ڏينهن، جڏهن بادشاهه شڪار تي هو،
سانجهن جي مهل، شاهزادو بهرام پنهنجي بنديخاني ۾
غمگين ويٺو هو، ۽ پنهنجي حال تي پئي ارمان کاڌائين
ته مون کي ناحق آڻي قيد ڪيو اٿن: هتي نه ڪو دلاسي
ڏيڻ وارو آهي، ۽ نه ڪو اهڙو مهربان آهي، جو مون کي
ٻڌائي ته آءٌ ڪير آهيان، ڪيئن اچي هتي ڦاٿو آهيان،
ڪنهن جو اولاد آهيان، ۽ ڪٿان آيو آهيان.
انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ هو، ته سندس خاص خدمتگارن مان
هڪڙو اتي آيو، ۽ شاهزادي کي ملول ڏسي، ڀانيائين ته
هن جي دل پرڀايان. تنهنڪري، شاهزادي کي چيائين ته
”بادشاهه نئين ماڙي ٺهرائي آهي، جا هاڻ جڙي راس ٿي
آهي، ۽ سندس محلات جي ڀر ۾ آهي؛ ان ۾ جهان جون
عجيب غريب شيون آڻي گڏ ڪيون اٿن_ هل ته اتي هلي
سير ڪريون، ۽ پنهنجي دل خوش ڪريون.“
بادشاهه، پنهنجي مهلات جي اندر، شاهزاديءَ دلارام
جي لاءِ هڪڙو مزي جهڙو باغيچو جوڙايو هو، تنهن ۾
هن نيئنءَ جڙيل ماڙيءَ مان نظر پوندي هئي. اتفاق
ائين ٿيو، جو جنهن مهل دلارام پنهنجي باغيچي ۾ هوا
کائڻ نڪتي هئي، انهيءَ مهل هيءُ شاهٿزادو به هڪ ٻن
ماڻهن سان انهيءَ ماڙي تي چڙهي آيو. هن ڪيتريون ئي
مزي جهڙيون شيون ڏٺيون. جڏهن ڏسي ڏسي ٿڪو، تڏهن
ڀرواريءَ هڪڙيءَ دريءَ وٽ اچي ساهه کڻڻ بيٺو. شهر
جو نظارو به اتان چڱو ٿي ڏٺو. هيڏي هوڏي ڏٺائين،
نه هيٺ سندس نظر محلات واري باغيچي ۾ وڃي پيئي،
جتي شاهزاديءَ شام جي مهل هوا پئي کاڌي، ۽ پنهنجي
داين سان بيٺي کليائين ڳالهايائين. جڏهن شاهزادي
بهرام جي اک وڃي مٿس پيئي، تڏهن هن جو حسن ۽ ناز
ڏسي، هن کي حيرت وٺي ويئي. ٿوري وقت تائين ته
ڀروسو ئي نه پيو اچيس ته ڪو جيئرو جاڳندو ماڻهو ٿو
ڏسان، يا ڪا تصوير آهي، جهڙيون هزارين انهيءَ
ماڙيءَ ۾ ٽنگيون پيون هيون. هن ويچاري اڳي ڪنهن
زال جو منهن ڪونه ڏٺو هو، سو جي ڪا هالو ڌالو زال
کڻي ڏسي ها، ته به عجب ۾ پويها_ دلارام ته ڀلا
پَري هئي، سو ڏسڻ ساڻ هن ويچاري جون ٻه به ويئون
ته ٽي به ويئون، مٿس عاشق ٿي پيو.... جيڏي پئي
هوءَ ويئي، تڏهن اکيون پٺيان لايو آيس.
ائين ڪندي، شاهزاديءَ جن اکيون به هن جي اکين سان
وچڙي ويئون. دلارام لڄ واري هئي، ۽ شاهي تعليم
مليل هيس، تنهن ڪري في الحال ڌارئين ماڻهوءَ تي
نظر پوڻ ڪري منهن کڻي پاسي ڪيائين. پر، هن جي شڪل
جو يڪبار اکين ۾ ويهي رهيس، تنهن آرام ڪرڻ نه ڏنس_
وري به بهانو ڪري ڏٺائينس. هن جي دل ۾ اچي زلزلو
پيو، سو پاڻ کي روڪي نه سگهي.
ٿورڙي تائين ٻنهي ڄڻن، اکيون اٽڪائي، هڪٻئي کي
بيٺي ڏٺو. نيٺ هنن کي حيا ۽ عزت آبرو ياد پيئي.
پهريائين دلارام منهن کڻي پاسي ڪيو. اگرچ هن نهارڻ
مان ته کيس گهڻي راحت ٿي آئي، پر ڄاتائين ته جي
منهنجي ٻانهين مان ڪنهن ڏٺو، ته هن ويچاري سان خير
ڪونه ٿيندو: جيڪڏهن بادشاهه کي وڃي خبر پوندي ته
سندس غير حاضريءَ ۾ ڪنهن اجنبي ماڻهوءَ کي ماڙيءَ
تي چاڙهي وٺي آيا هئا، ۽ اندر زنانخاني ۾ اطلاع
ڪونه ڏنو هئائون، ته پوءِ جهڙي ماڙيءَ جي نگهبانن
سان جٺ ٿيندي، تهڙي انهيءَ خوبصورت جوان سان.
انهيءَ ڪري بادشاهزادي ستت ئي ڦيرو ڪري، پنهنجيءَ
جاءِ ۾ گهڙي ويئي. هن پنهنجي دل جو درد پنهنجي
ماءُ زرين بيگم خواهه ڪنهن ٻيءَ دائيءَ سان نه
ڪيو، متان ڪا کڻڪ وڃي بادشاهه جي ڪن تي پوي.
شاهزادي بهرام کي به اها ڳالهه مناسب آئي ته
انهيءَ مهل دريءَ کان پاسو ڪري، متان انهيءَ حال
جي ڪنهن سنگتيءَ کي خبر پوي. ايتري پڪ ٿيس ته
بادشاهه جي محلات ۾ جو ههڙي جوان ۽ حسين زال ڏسڻ ۾
آئي آهي، سا ضرور بادشاهزادي دلارام هوندي، جنهن
جي تعريف وٽس بنديخاني ۾ به وڃي پهتي هئي.
پر رکي رکي انهيءَ ڳالهه جو عجب به لڳس ٿي ته جڏهن
شاهزاديءَ ڏن وڏن شاهزادن کي موٽائي ڪڍيو هو، ۽
انهن تي اک ئي نٿي ٻڏيس، تڏهن مون جهڙي هڪڙي غريب
قيديءَ تي ڪيئن اهڙيءَ مهربانيءَ سان ٿي
نهاريائين! ڪڏهن ته وري سوچيائين ٿي ته شايد هُن
مون کي نٿي ڏٺو، ڪنهن ٻيءَ شيءِ تي ٿي نهاريائين.
ڪڏهن انهيءَ فڪر ٿي ورتس، ته الاجي متان پنهنجي
پيءُ کي وڃي مون تي دانهن ڏي، ۽ آءٌ بي آبرو يان،
يا مارجي وڃان! وري ڪڏهن اهو ڏڍ ٿي آيس ته ههڙي
ملوڪ ماڻهوءَ مان اهڙي خرابي ڪانه ٿيندي، مڙيئي
چڱائي ٿيندي. وري ارمان پئي ڪيائين ته مون کي
ڪهڙيءَ کٽيءَ کنيو جو هن تي نهاريم ۽ هيئن ڦاسي
ويس! ويچاري کي وري انهيءَ منهن ڏسڻ جي اُميد به
ڪانه هئي. ڄاتائين ٿي ته اهو به ڪو اتفاق هو، جو
لنگهي ويو. رات ڏينهن هن جو آرام ڦٽيويو. جڏهن
ڪڏهن ٻڌندو هو ته ڪو شاهزادو دلارام جي ٻانهن لاءِ
آيو آهي، تڏهن ڏاڍو بي صبر ٿيندو هو؛ ۽ جڏهن ٻڌندو
هو ته جواب وٺي موٽيو، تڏهن خوش ٿيندوهو، ۽ خدا
جوشڪرانو ڪندو هو.
هوڏانهن وري شاهزاديءَ دلارام پئي پنهنجي دل ۾ فڪر
پچايا ته اهوخوبصورت جوان، جنهن ماڙيءَ مان پئي
نهاريو، سو الاجي ڪير هو: ڪڏهن ڀانيائين ٿي ته
انهن شاهزادن مان ڪو آهي، جي سندس سڱ وٺڻ لاءِ آيا
هئا، ۽ ڪڏهن ڀانيائين ٿي ته ڪو ٻيو تماشبين ماڻهو
هوندو_ ايتري سا پڪ هيس ته ڪو خسيس عام ماڻهو
ناهي. جي پنهنجيءَ ماءُ، راڻي زرين بيگم، کان ٿي
پڇڻ جي ڪيائين، ته انهيءَ ڊپ ٿي کنيس ته متان هن
ويچاريءَ کي ڪو جوکو پهچي، نيٺ، هڪڙي تجويز دل ۾
آيس، جنهن سان پنهنجي محبوب جي نالي نشان هٿ ڪرن
جو سولو وجهه ڄاتائين. جڏهن پڻس شڪار تان موٽي
آيو، تڏهن هن پنهنجيءَ ماءُ کي چيو ته ”امان، جيڪي
نه شهزادا منهنجو سڱ ڇڪائين ٿا، تن سڀني جون
تصويرون مون کي ڪڍرائي ڏي ته ڏسان.“ اُنهيءَ دم
حڪم ڏنو ويو، ۽ سگهوئي تصويرون اچي گڏ ٿيون، جي
راڻيءَ پنهنجي نياڻيءَ ڏي موڪلي ڏنيون. دلارام خوس
ٿي تصويرون ورتيون، ۽ مٿن نظر ڪرڻ لڳي؛ پر جنهن جي
لاءِ مُئي ٿي تنهن جو مهانڊو هنن ۾ ڪونه هو.
اڳئين کان به وڌيڪ غمگين ٿي، لاچار صبر ڪري ويهي
رهي. زور ڪري انهيءَ ڳالهه تي ويساهه کڻي ڄمايائين
ته اهو ڪو خسيس ماڻهو آهي، جو منهنجيءَ محبت جو
لائق نه آهي. پر، انهيءَ ڪري ڪو هن جي هيانوَ تي
ڇنڊو ڪونه پيو، اُٽلندو درد واڌو ٿيس. |