باب ٻيو
’جهاندار شاهه‘ جو آسپاس وارن سڀني ملڪن جي
بادشاهن سان صلح هوندو هو، مگر هو بغداد جي
بادشاهه ’شاهه عادل‘ سان ٺهيل نه هو. اها اڻبڻت
سندن وچ ۾ ڪا سندن وڏن کان هلندڙ هئي. ڪنهن زماني
۾ سندن وڏن جي وچ ۾ ڪنهن خانگي ڳالهه بابت ڪو
تڪرار ٿيو هو، جنهن جي هنن کي ڪا خبر به ڪانه هئي،
سو، گهڻن ڏينهن کان جا ناسازي ظاهريءَ ڪري هلندي
آئي، تنهن کي هي به پاسي ڪري نه سگهيا.
’شاهه عادل‘ بادشاهه جو حال گهڻو ڪري جهاندار شاهه
جهڙو هو. هن ۾ به عدل ۽ انصاف ۽ ٻيءَ نيڪيءَ جي
ڪمي ڪانه هئي. ان جهڙو ئي چڱو مڙس هو، پاڻ ان کان
ڪي رتيون ڪسر هو. هن بادشاهه کي به خدا جي حڪم سان
پهريندي ٻار ڪونه ٿيندو هو؛ پر پوءِ، ’جهاندار
شاهه‘ وانگي خزانا خيرات ۾ لٽائي، خدا جي درگاهه
مان هڪڙو پٽ ورتائين، جنهن جي حسن توڙي همت ۽
هشياريءَ جي تعريف به دلارام شاهزاديءَ وانگي وڏي
ننڍي جي وات ۾ هئي. في الحقيقت، جي مڙس ۽ زال جو
ڦير نه هجي، ته هِن جي واکاڻ سان هُن جي واکاڻ
ڄاڻجي، ۽ هُن جي تعريف سان هِن جي ليکجي. هن جوان
شاهزادي جو نالو ’بهرام‘ هو. هيءُ جو اهڙو سڀاڳو ۽
سڌا تورو ٻار هو، تنهن ڪري شاهه عادل بادشاهه ۽ ان
جي رڻي ’روح افزا بيگم‘ هن کي پنهنجي اکين کان به
وڌيڪ گهرندا هئا.
ٻه_ ٽي رهيه گذريا هئا، جو جهاندار شاهه اهڙو
اشتهار ڪيو هو ته ’جيڪو سردار يا بهادر شاهه عادل
کي مڃائي، اسان جو مطيع آڻي ڪندو، تنهن کي اسين
پنهنجو پٽ ڪري ڄاڻنداسين.‘ هيءُ اشارو جهان بيگ
جهڙي هٻڇي ۽ شوخ ماڻهوءَ لاءِ ڪافي هو. تنهن دل ۾
سمجهيو ته ’جهاندار شاهه وٽ برک ٿيڻ جو اهڙو ٻيو
وجهه ڪونهي_ ڪهڙو شڪ ته جڏهن سندس ڌيءُ وهيءَ ۾
اچي، تڏهن مون کي ئي کڻي ڏئي!‘
پر هن کي هيءَ ڳالهه ڏکي لڳي ته شاهه عادل جهڙي
هردلعزيز بادشاهه سان جنگ ڪرڻ ۽ هن کي زور ۾ جيتڻ
ڪهڙيءَ طرح ٿي سگهي، جو سڄي رعيت مٿانئس ساهه صدقي
ڪندي آهي، ۽ جي هو ڪنهن دشمن سان کڻي سامهون ٿيڻ
گهري، ته ننڍو وڏو ڪمر ٻڌي اچي ساڻس بيهي. پر،
جهان بيگ آڙاهه چور هو_ ڏينهن جو منجهس ڪابه مڙسي
ڪانه لڀي، پر رات جو سو لڪچوريءَ ستن ڪوٽن مان به
ڪا شيءِ چورائي اچي. هن اهو پهه پچايو ته ’جي ڪنهن
حيلي شاهه عادل جو پٽ منهنجي ور چڙهي وڃي، ته پوءِ
هن جا آنڊا منهنجي هٿ آهن_ جيئن ورائيندوسانس،
تيئن ورندو.‘ اها پڪ هيس ته ’شاهه عادل جو ساهه
انهيءَ پٽ ۾ آهي، سو جي دڙڪو کڻي ڏيندوسانس ته تون
هِيئن ڪر هُيئن ڪر، نه ته اجهو تنهنجي پٽ کي هڻي
ترار سان ٻه اڌ ڪري ٿو وجهان، ته ضرور هو ائين
ڪندو.‘
هيءَ رٿ ڪري، پنهنجي چور ڊڊي ساڻ وٺي، هو قلعي مان
نڪتو، ۽ شاهه عادل جي محلات ڏي رخ رکيائين. سڀني
فقيرن جي پوشاڪ کڻي ڍڪي هئي، ۽ بغداد جي ٻاهرئين
وڏي دروازي مان لنگهي اندر ٿيا. جن پئي پڇيو ته هي
انبوهه ڇا جو آهي؟ تن کي پئي چيائون، ته ”اسين
درويش آهيون، ورهين جا ورهيه ’ڪرد‘ جيل ۾ ويهي،
چاليها ڪڍي، خدا کي سوال ڪيو اٿئون ته شاهه عادل
کي ڪو پٽ ٿئي؛ هاڻ الله اسان جو سوال ٻڌي هن کي پٽ
ڏنو آهي، تنهن جو نذر وٺڻ آيا آهيون.“ ۽ ڪوڙ جو
قسم کڻي چوڻ لڳا ته ”جيسين شاهزادو ٻارهن ورهين جو
نه ٿيندو، تيسين اسين هن شهر مان ڪين نڪرنداسين،
ويٺا سندس خير سلامتيءَ جون دعائون گهرنداسين.“
شاهه عادل کي هنن جي دغا جي خبر ڪانه پيئي.
ڀانيائين ته سچ ٿا چون، تنهن پنهنجي محلات جي پاسي
م هنن کي رهڻ جي جاءِ ڏني، جتي جهان بيگ، پاڻ کي
وڏو شيخ سڏائي، پنهنجن مريدن سوڌو، آڻي نمازن ۽
تسبيحن تي زور رکيو. صبح به ۽ سانجهي به_ شاهزادي
بهرام کي ڀر ۾ ويهاري، پڙهي پڙهي، دم ڀري، سندس
منهن ۾ ڇوڪارا پيو هڻندو هو_ جيئن جوڳي نانگ
ريجهائڻ مهل ڪندا آهن. وقت پئي گذريو. جڏهن ڪڏهن
شاهزادو بيمار ٿيندو هو، تڏهن ’شيخ‘ صاحب ٻانهين ۽
خدمتگارن کي حڪم ڏيندو هو ته ’اڄوڪي رات ٻار کي
مون وٽ ڇڏي وڃو، جو اسان فقيرن جي سکڻيءَ نظر مان
جيڪي ٿيندو، سو حڪيمن ۽ طبيبن جي ڦڪين مان ڪين
ٿيندو!‘ بادشاهه پاڻ به ’فقيرسائين‘ جي چئي کي
عدول نه ڏيئي سگهندو هو.
جهان بيگ اگرچ عمر جو وڏو نه هو، ته به ڍونگ ۽
ٺڳيءَ ۾ هوشيار هو، ضرورت مهل ڪاوڙبو به هو، حجتون
به هلندو هو، ۽ حڪم به هلائيندو هو. هو ايتريقدر
گستاخ ٿي ويو، جو بادشاهه جي اڳيان ننڍي شاهزادي
کي ڪڏهن ڇاڙتو سڏيندو هو، ڪڏهن ڇوڪر، ڪڏهن مريد،
ڪڏهن غلام؛ ڪڏهن ته ائين به چوندو هوس، ته تون
اسان فقيرن جو ’شڪار‘ آهين_ پر ڪنهن کي ڪو هنن ۾
شڪ نه پوندو. جي ڪڏهن شاهزادو فقيرن وٽ ايندو هو ۽
بادشاهه ساڻس شاهي پهرو ڇڏيندو هو، ته جهان بيگ
انهن تي به ٺٺوليون ڪندو هو، ۽ چوندو هو ته ”هي
ڏاڙهيون، ترارين ۽ نيزن سان ڇا ڪنديون؟ آءٌ اهڙا
ويهه ته هڪڙيءَ آڱر جي اشاري سان ليٽائي وجهان!‘
انهن کيڏن سان هن بادشاهه تي اهڙو ويساهه ڄمايو،
جو جڏهن شاهزادو فقير وٽ ايندو هو، تڏهن بادشاهه
پهري يا سنڀال جو مطلق ضرور نه ڄاڻندو هو: ڀائيندو
هو ته فقير جي واتؤن هڪڙي دعا يا هڪڙو اکر نڪتو،
ته انهيءَ ۾ هزارن پهلوانن کان واڌو زور آهي! ڪي
ٻٽاڪ جهان بيگ پاڻ هڻندو هو، ته ٻيو وري سندس مريد
کيس اُڏائيندا هئال. هنن ٺڳين ڪري، شاهه عادل کي
بڇڙائيءَ جو گمان ڪونه پيو. هن کي خاطري ٿي ويئي
ته شهزادو بهرام فقيرن جي صحبت ۾ محلات کان وڌيڪ
سلامت آهي. انهيءَ اٻوجهائيءَ ڪري، فقيرن کي
شاهزادي گم ڪرڻ جو چڱو وجهه مليو. بادشاهه جا
ماڻهو ته وڏي فقير جي دڙڪن کان اهڙو ڪن هڻندا هئا،
جو چوندا هئا ته ’هيءُ ڪو ڪارو نانگ آهي_ جنهن تي
شوڪيو، تنهن کي ٻنهي جهانؤن نيائين‘!
نيٺ، هڪڙيءَ رات، هن فقير هيئن ڪيو جو شاهزادي
بهرام کي توڻي سندس نوڪرن کي ڪا نشي جهڙي شيءِ کڻي
پياري، جنهن ڪري هو سڀ نشن ۾ اونڌا ٿي پيا. اهڙي
شيءِ ڏيڻ فقير کي ڪا ڏکي نه لڳي. اهڙو ڪامل فقير،
پنهنجن هٿن سان، جي ڪنهن کي کڻي زهر جو پيالو ڏئي
ها، ته به هٿ ڪونه موٽائيس ها. شاهزادو بهرام تڏهن
چئن_ پنجن ورهين جو مس هو، تنهن کي جهان بيگ
آسانيءَ سان کڻي پنهنجي گودڙيءَ ۾ لڪايو. پوءِ
سڀئيي، سندرو ٻڌي، رليون ڪلهن تي رکي، اُٿي هليا.
جتي ڪو ماڻهو آڏو ٿي آين، يا جتي ڪن پهري وارن
پڪاريو ٿي، اُتي هنن ڀڻ_ ڀڻ ٿي ڪئي ته هو بس ڪيو
هليا ٿي ويا، جو فقيرن جا ماڻهو واقف ٿي ويا هئا.
بادشاهه يا وزير جي حڪم جي اهڙي هلندي نه هئي،
جهڙي هن فقيرسائينءَ جي فقط اشاري جي پڄندي هئي.
انهيءَ تجويز سان، هو صحيح سلامت شهر کان ٻاهر
نڪتا، ۽ ڳچ پنڌ تي اڳ ئي ڳجها پيغام موڪلي گهوڙا
تيار ڪرائي ڇڏيا هئائون، اُتي وڃي پهتا. وءِ،
پنهنجا فقيراڻا ڪپڙا لاهي، شاهي پوشاڪون ڍڪي،
گهوڙن تي چڙهي، وڏي دٻدٻي سان اُٿي هليا.
هيڏي هي دغاباز پنهنجو مطلب حاصل ڪري خوش ٿي ڳوٺ
موٽيو، هوڏي ويچارن مائٽن تي قيام ٻري آئي. هيڏي
هوڏي ماڻهو ڊوڙائي بيهي رهيا؛ اُها ڪنڊ نه
ڇڏيائون، جتي پنهنجي ٻار جي ڳولا نه ڪيائون؛ پر
شاهزادي جو ڪو پتو نه پين. روز روشن به هنن جي
لاءِ ڪاري رات ٿي آئي. کاڌو پيتو زهر ٿي لڳن. هڪڙو
ته شاهه عادل ۽ راڻيءَ روح افزا کي اولاد ڪونه
ٿيندو هو، هي سڪيلڌو ٻار به الاجي ڪهڙيءَ ڪرامت
سان هٿ آيو هون، ويتر هن جي گم ٿيڻ جو ڏک، تنهن هن
کي اڌ مُئو ڪري ڇڏيو. روئي روئي انڌا ٿي پيا، پر
ٻيو چاڙهو ڪونه هو؛ جيڪا ٿيڻي هئي، سا ٿي چڪي.
لاچار، ماٺ ڪري ويهي رهيا. |