سيڪشن؛  ناول

ڪتاب: دلارام

باب: 1

صفحو : 3

باب پهريون

 مصر ولايت ۾ جهاندار شاهه نالي هڪڙو بادشاهه هوندو هو، جنهن جي عدل ۽ انصاف جي چوڌاري هاڪ هوندي هئي. جهڙي رعيت منجهانئس خوش هئي تهڙو پاڻ رعيت مان خوش هو. هن کي دنيا جا ٻيا سڀ سک موجود هئا، مگر اولاد ڪونه هوس؛ تنهنڪري هميشه ڳڻتيءَ ۽ فڪر ۾ گذاريندو هو.

هن ڪيترائي پير فقير پڇايا، ۽ خزانا خيرات ۾ لٽايا؛ انهيءَ لاءِ ته من ڪو خوش ٿي دعا ڪري، ڪنهن نه ڪنهن جي دعا خدا تعاليٰ جي درگاهه ۾ اگهامي، ۽ مون کي ڪو اولاد ٿئي. آخر هيترن مخلوقن جو سوال ڌڻيءَ سڳوري ٻڌو، ۽ انهيءَ بادشاهه جهاندار شاهه کي هڪڙي نياڻي ڄائي، جنهن جهڙي حسن ۾ ٻي ڪٿي ڪانه هوندي. هي ماڻهوءَ جو ٻار نٿي ڀانيو، حور يا پري هئي! جنهن ٿي ڏٺي، تنهن کان دانهن نڪري ٿي ويئي ته راڻيءَ ”زرين بيگم“ کي ڪو چوڏهينءَ جو چنڊ ڄائو آهي! انهيءَ شهزاديءَ جو نالو ”دلارام“ رکيائون. هتي ايتري جاءِ ڪانهي جو بيان ڏجي ته ههڙي ٻار ڄمڻ ڪري پيءُ_ ماءُ کي ڪيتري خوشي حاصل ٿي، انهن خدا تعاليٰ جي ڪهڙي شڪرگذاري ڪئي، ۽ ڪيتريون خيراتون ڪيون!

بادشاهه هڪڙي نجوميءَ کي گهرايو ته سندس ٻار جو طالع ڏسي. اهو نجومي پنهنجي ڪم ۾ ڏاڍو ڀڙ هو. تارن جي سير ۽ برجن جي حساب جي ايتري خبر هيس، جو ننڊ ۾ به هنن جو شمار پورو ڪري سگهندو هو، اهڙيءَ آفت کان ڀلا ڪهڙي شيءِ دنيا ۾ ڳجهي رهي سگهندي. مرڻ_ ڄمڻ جون ڳالهيون ته هن جي اڳيان ڪي به ڪين هيون. هن پير مرد کي بادشاهه جي حضور ۾ وٺي آيا. دستوري نيازن ۽ ادبن ڪرڻ کان پوءِ، هن هڪڙو وڏو جهونو ڪتاب ڪڍيو، جنهن کي سروئي کائي ويو هو. اهو ڪتاب هن کي ڏاڏي پڙڏاڏي کان ورثي ۾ ملندو آيو هو. جڏهن هن نجوميءَ اهو ڪتاب کولي ٿورو منجهانئس مطالع ڪيو، تڏهن سندس اکين مان ڳوڙها ڪرڻ لڳا. درٻار ۾ جيڪي امير اُمرا حاضر هئا، تن جون ته متيون منجهي ويون، جو هنن ڀانيو ٿي ته ههڙي سهڻي ۽ سدوري ٻار جو طالع ڪو ڏاڍو اعليٰ هوندو. پر، ائين ناهي؛ هن دنيا ۾ جنهن تي الله سائين گهڻو مهربان ٿيندو آهي، تنهن کي مشقتن ۽ مشڪلاتون به گهڻيون درپيش اينديون آهن، انهيءَ لاءِ ته سندس فرمانبرداريءَ جو آزمودو ورتو وڃي. نجوميءَ جي ظاهري حالت ڏسڻ ڪري، سڀني ڏسندڙن کي پڪ ٿي ته هن ٻار جي نصيب ۾ ڪي ڏاڍيون خرابيون لکيل آهن. پر ٿوري کان پوءِ، وري نجوميءَ پنهنجو چهرو ڦيرايو، خوشيءَ مان مرڪڻ لڳو. بادشاهه کي پهرين ته هن نجوميءَ جي غمگينيءَ کان گهڻو ئي درد حاصل ٿيو، مگر وري جڏهن سندس سرهائي ڏٺائين، تڏهن البت خوش ٿيو. هن کي هيتريءَ سڪ کان پوءِ اهو ٻار ڄائو هو، تنهن مان جا دل جي خوشي پيدا ٿي هيس، تنهن کي ڇڏي ڏيڻ، ۽ سندس ملڪ ۾ جي شادمانا جاري هئا، تن کي ههڙو جلد بند رکن، سندس دل نٿي گهريو. تنهنڪري نجومي جي حال تي هن گهڻو ڌيان نه ڏنو، هن کي خوش ڪري روانو ڪيائين؛ ۽ جيڪي حاضر هئا، تن کي چيائين ته ”ماشاءَ الله، جيڪي الله گهريو هوندو سو ٿيندو، ۽ جيڪو نصيبن جو نوشتو هوندو، سو ڪين ٽرندو؛ في الحال اسان تي جيڪا الله مهرباني ڪئي آهي، تنهن تي خوش ٿي، سندس شڪرگذاري ڪرڻ گهرجي، ۽ آئيندي جي فڪرن ڳڻتين جو بار پنهنجي دل تي وجهڻ نه گهرجي.“ انهيءَ طرح مهينن جا مهينا خوشي ئي هلي.

بادشاهزاديءَ جي پرورش لاڏ ڪوڏ سان ٿيڻ لڳي. هزارين دايون ۽ ٻانهيون سندس خدمتگاريءَ لاءِ مقرر ٿي ويون. ڪي کير پيارڻ لاءِ، ڪي کڻي گهمائڻ لاءِ، ڪي اُٿ_ ويهه جي تعليم ڏيڻ لاءِ، ته ڪي سبق پڙهائڻ لاءِ. اَڄ ننڍي، سڀاڻي وڏي، نيٺ اچي سامائي. ٿورن ئي ورهين ۾ هوءَ رواجي علمن ۾ اهڙي هوشيار ٿي، جو انهيءَ زماني ۾ جهڙيس ٻي ڪانه هئي_ جهڙي سونهن هيس، تهڙو علم پرايائين.

اڃا ڄمار ۾ ٻارهن ورهين جي مس ٿي هئي، ته سندس ناموس ملڪن ۾ پکڙجي ويئي. ڀلا، نيڪي ڪا لڪڻ جي آهي؟ کٿوريءَ وانگي، سندس واس چوڌاري پکڙيو پوي. سو، شاهزاديءَ جي واکاڻ ٻڌي، گهڻن ئي بادشاهن مائٽيءَ جو ذڪر چوريو، ۽ ڪيترائي اچي بادشاهه وٽ نسبت جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا، ۽ شاهزاديءَ لاءِ ڏاڍي دل جي خاطري ظاهر ڪيائون. شاهزاديءَ کي اهو حال ڏنائون، پر هن ڪنهن ڏي ڌيان ئي ڪونه ڏنو. اگرچ بادشاهه پاڻ به هڪ ٻن جي نالي سفارش ڪيس، پر بادشاهزاديءَ صاف چيو ته ”في الحال مون کي شادي ڪرڻ جو ارادو ڪونهي، جو منهنجي پوري وهي نه آئي آهي.“ انهيءَ ڪري، بادشاهه پاڻ به مناسب نه ڄاتو ته پنهنجي نياڻيءَ کي سندس مرضيءَ جي برخلاف زور ڪري.

جهاندار شاهه جو هڪڙو وڏو وزير هوندو هو، جنهن جو نالو ”عظيم خان“ هو. وزيريءَ جي ڪم ۾ ڏاڍو لائق ۽ برجستو هو، مگر گهر هلائڻ جو عقل نه هوندو هوس. کيس هڪڙو پٽ ”جهان بيگ“ نالي هوندو هو، سو نهايت ڏنگو ۽ اڍنگو، لالچي، مغرور ۽ شوخ هوندو هو. انهيءَ تي وزير جو ڪوبه حڪم نه هلندو هو. جيڪي وڻندو هوس سو ڪندو هو، ته به پڻس ڪي ڪين چوندو هوس، پاڻ وڌيڪ گهرندو هوس. هي اهڙو مٿي ڦريل هو، جو ڪڏهن ڪو اجايو خيال مغز ۾ ويٺس، ته پوءِ نفعي نقصان ڏي نه ڏسندو هو، ڪنهن به طرح اهو پورو ڪندو هو. ٻارهو ئي اها ڳڻتي هوندي هيس ته ڪا بادشاهي هٿ ڪريان، ۽ وڏو شهنشاهه سڏجان. انهيءَ خام خيال جي پٺيان، پنهنجي پيءُ جي وسيلي سان، هو هڪڙي پرانهين پرڳڻي جو حاڪم مقرر ٿيو. اتي هن ڳچ جيترا ماڻهو پاڻ وٽ رکيا، ۽ جن سان گڏجي آسپاس ڦرمار پيو ڪندو هو ۽ سچو پچو چورن جو سردار بنيو ويٺو هوندو هو. جڏهن دل چوندي هيس، تڏهن پنهنجي پيءُ وزير، جي ملاقات تي ايندو هو، ۽ بادشاهه به پنهنجي وزير جي طرفان هن تي مهربانيءَ جي نظر رکندو هو.

هن ماڻهوءَ جي ڪن تي شاهزاديءَ ’دلارام‘ جي تعريف پيئي هئي، سو رڳو پري جي واکاڻ تي راضي نه ٿيو، پر ڀانئيائين ته پنهنجي اکين سان خاطري ڪريان ته جهڙي چون ٿا اهڙي حسين آهي يا ڪيئن! انهيءَ لاءِ هن گهڻا مٿا هنيا، ۽ آخر ڪن حيلن سان پنهنجي ماءُ، وزير جي زال، جا شهزادي ’دلارام‘ جي خاص خدمتگار هئي، تنهن جي معرفت هي بادشاهزاديءَ جي تصوير هٿ ڪئي. اُها ڏسي هو مست ٿي ويو ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي اچي اهو حرص جاڳيس ته مري جهري به اها ٻانهن وٺان. پر، جتي وڏا وڏا شاهزادا جواب وٺي ويا هئا، اتي هن جي ڪا جاءِ هئي! هن کي سجهيو ٿي ته ظاهر ظهور ٻين وانگي، بادشاهه کان سڱ گهري به نه سگهندس، تنهن ڪري اها رٿ ڪيائين ته پنهنجي ماءُ جي معرفت مطلب کي پهچان. سو، هن کي اها صلاح ڏنائين ته ”تون شاهزاديءَ ’دلارام‘ جي اڳيان منهنجي وڃي تعريف ڪر، ۽ منهنجي سورهيائيءَ جون ڳالهيون چور!“ پٽ جو چيو وٺي، وزير جي زال وجهه ڏسي، شاهزاديءَ وٽ اهڙو ذڪر ڪڍندي هئي، پر ڊڄندي به هئي ته اهڙي ڪا اُگهاڙي ڳالهه نه ڪريان، جنهن مان ڪو شڪ پئجي وڃي، ۽ مون کي لوڌي ڪڍن. ڪيترا ڏينهن انهيءَ طرح ڪم پئي هليو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org