سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: آفتاب ادب عرف ساهت جو سج

 

صفحو : 9

مثال:

(فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)

جيڪي ٿي گذريو مَٿمِ تنهنجي هٿان،

ٿي سو گذريو، ٿي سو گذريو- الامان!

-”حڪيم“

محبوب کي متان غلط فهمي هجي ته هيل تائين ته سندس عاشق سور ۽ سختيون سهندو آيو آهي، شايد هن کان پوءِ نه سهي سگهي. انهيءَ غلط فهميءَ دور ڪرڻ لاءِ منسداليه (سختيون) جي بجاءِ ضمير موصول ”جيڪي“ ڪم آندو ويو آهي.

(ج) ڪنهن مصيبت کي وري ياد نه ڪرڻ لاءِ ظاهر مسنداليه جي بدران ضمير موصول ڪم آڻبو آهي-

مثال:

(فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)

جيڪي ٿي گذريو  مَٿمِ تنهنجي هٿان،

ٿي سو گذريو ٿي سو گذريو- الامان!

-”حڪيم“

(7) ڪڏهن مسنداليه سان گڏ يا ان جي بجاءِ ضمير اشارو آڻبو آهي:

(الف) امتياز يا تخصيص لاءِ، يعني ڪنهن منسداليه کي مقرر ڪرڻ لاءِ- مثال:

(مفعول مفاعيل مفاعيل مفاعيل)

هن عاشق پر درد کي بي درد ٿي، تو ماريو،

همدرد ٿين ها جيڪر، ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها!

-”حڪيم“

(ب) مسنداليه جي تعظيم خاطر فقط ضمير اشارو آڻبو آهي- مثال:

(فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)

هن جي درد جو آهيان بردو ۽ غلام،

ٿو ڪريان در تي سندس، سهسين سلام.

-”حڪيم“

(ج) حقارت ڏيکارڻ لاءِ فقط ضمير اشارو آڻبو آهي، نه خود مسنداليه- مثال:

(مفعول فاعلات مفاعيل فاعلن)

هي آهي ساڳو، جنهن ٿي هلائون ڪيون مَٿِم،

اڄ آيو آهي مڪر ڪري، مهربان ٿي.

-”حڪيم“

مسند

(1) ڪلام کي مختصر بنائڻ لاءِ مسند نه آڻبو آهي- مثال:

(فعولن فعولن فعولن فعل)

سڀئي تو مان خوش ٿيا، مگس هڪڙو ان،

سڀئي مون مان خوش ٿيا، مگر هڪڙو تون.

-”حڪيم“

”هڪڙو آن“ مسنداليه- ”خوش نه آهيان“ مسند، جو آندل نه آهي ۽ ڳجهو آهي. اهڙيءَ طرح ٻيءَ مصرع ۾ ”هڪڙو تون“ مسنداليه- ”خوش نه آهين“ مسند.

(2) ڪڏهن مسند کي ڪلام ۾ نه آڻي، ساڻس واسطو رکندڙ ڳالهيون آڻبيو آهن- مثال:

(مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلن)

نه ٻڪ ۾ پاڻي ٿو جهلجي، وڃي وِٿين کان وَهي،

نه هٿ ۾ تنهنجي ڪٽاري، نه دل ۾ منهنجي قرار.

-”حڪيم“

يعني، نه ٻڪ ۾ پاڻي جهلجي، نه تنهنجي هٿ ۾ خنجر جهلجي، ۽ نه منهنجي دل ۾ آرام ٽڪي سگهي.

(3) اجائي ڊيگهه کان بچڻ لاءِ مسند نه آڻيو آهي-

مثال:

(فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)

ساريو توکي ڪنهن؟ ستايل چيو ته ”هُن“،

ڪنهن مٿي تي هن کي چاڙهيو؟ چيم ته ”مون“.

-”حڪيم“

يعني هن ماريو، مون مٿي تي چاڙهيو.

(4) مسند ڪن خاص سببن جي ڪري آڻڻو پوندو آهي:

(الف) يعني طرح ڪنهن ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ مسند آڻبو آهي- مثال:

(مفعول فاعلاتن مفعول فاعلن)

مون غمزده کي غمزن سان آهي، ڪنهن ڪُٺو!

مون کي ڪٺو آ يار اُهو ئي گواه آهه.

-”حڪيم“

مون کي غمزن سان ڪنهن ڪٺو؟ انهيءَ سوال جي جواب ۾ هيترو چوڻ ڪافي آهي ”يار“؛ پر ائين چوڻ ته ”مون کي يار ڪٺو“ ثابت ٿو ڪري ته مون کي پڪ ئي پڪ يار ڪٺو آهي.

(ب) ٻڌندڙ گهٽ سمجهه وارو هجي، ته مسند آڻي، ان کي چڱو طرح ذهن نشين ڪجي- مثال:

(فاعلاتن فاعلاتن  فاعلاتن فاعلات)

”ڇا؟ گهرين ٿو يار جي ڪوچي ۾ منزل، اي غريب؟“

”يار جي ڪوچي ۾ منزل ٿو گهران، هان اي رقيب“

-”حڪيم“

هاڻي آءٌ علم معانيءَ جا ڪي مکيه نڪتا بيان ڪري، ڳالهه کي پورو ٿو ڪريان. مون هونئن به ٿوريون ئي ڳالهيون ”صنائع وَ بدائع“ بابت لکيون آهن، تا ته اڻ هريلن لاءِ تڪليف جو سبب نه ٿئي.

 

قصر

”قصر، جي معنيٰ آهي ”روڪڻ، يا ڪنهن حد ۾ بند ڪرڻ، يا ڪا حد مقرر ڪرڻ“. اصطلاح ۾، ”ڪا شئي ڪنهن سان خاص ڪرڻ“- مثلاً، ”گهر ۾ فقط آءٌ آهيان“. يعني ٻيو ڪونهي. هن فقري ۾ گهر ۾ رهندڙن جو حد مقرر ڪئي وئي آهي. ”تون ئي چاڻين ٿو“- يعني، نه ڪو ٻيو. هتي ”ڄاڻڻ“ جي حد مقرر ڪئي وئي آهي. اهڙين حالتن کي ”قصر“ چئبو آهي. ”قصر“ به قسم ٿيندو آهي:

( حقيقي، (2) غير حقيقي.

 

قصر حقيقي

(الف) ڪا هڪري صفت موصوف سان لڳائي، ٻين صفتن کي موصوف کان روڪي ڇڏجي- مثال:

(فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)

آزمايو توکي مون هر وقت اي خنجر بڪف،

عاشق جي سِرَ اُڏائڻ لئي فقط قاتل رهئين.

-”حڪيم“

”قاتل“ خنجر بڪف معشوق جي صفت آهي. شاعر مهبوب ۾ فقط اِها هڪڙي صفت ثابت ڪرڻ گهري ٿو، ۽ اُن جي ٻين صفتن کان صفا منهن موڙي ٿو. لفظ ”فقط“ قصر لاءِ ڪم ايندو آهي.

(ب) ڪنهن صفت سان هڪڙو موصوف لڳائي، ٻين موصفن کي روڪي ڇڏجي- مثال:

(فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن  فاعلات)

تون ئي منهنجو روح آهين، تون ئي روحاني رهاڻ،

تون ئي راحت دل جي آهين، تون ئي دردن جي دوا.

-”حڪيم“

”تون“ موصوف، ”روح، روحاني رهاڻ، دارو ۽ دوا“ صفتون- يعني، اِهي صفتون فقط تو ۾ آهن، ٻين ۾ نه: ”ئي“ نشاني ”قصر“ جي.

(ج) گهڻين شين کي سڀڪجهه سمجهي، فقط انهن ئي جي ڳالهه ڪجي  ٻين کي خيل ۾ به نه آڻجي-

مثال:

(مفعول فاعلات مفاعيل فاعلات)

مون جو ڏٺو هي سهر ته سهڻ جو شهر آهه،

تن ۾ به تون ئي آهين تون سردار حسن جو.

-”حڪيم“

محبوب جي شهر ۾ ضرور ڪي ڪوجها به هوندا، پر شاعر ڪوجهن کي نظرانداز ڪري، شهر ئي سهڻن جو ٿو مقرر ڪري، ۽ پوءِ وري سڀني ۾ حسن جو سردار محبوب کي بنائي ٿو، تا ته محبوب جي تعريف پوريءَ طرح بلڪ، اعليٰ درجي جي ٿئي.

 

قصر غير حقيقي

(الف) ٻڌندڙ کي خيال هجي ته موصوف ۾ هڪ کان وڌيڪ صفتون آهن، ته ڳالهائيندڙ ٻڌندڙ جو اِهو خيال غلط سمجهي، کيس درست ڪري- مثال:

(مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن)

ٻڌائن توکي تنهنجا ڇاڙتا ٿا، ڇا مان ڇا دلبر!

مگر مون تو ۾ هڪڙو ئي ڏٺو گُڻُ ”بيوفا آهين“!

-”حڪيم“

محبوب کي پاڻ ۾وڏو گمان هو ته منجهس سچ پچ ڪي گهنائي گڻ آهن، جيئن سندس واسطيدار کيس پدائن ٿا، مگر عاشق منهن تي چئي ڏئيس ٿو ته ”تنهنجو اهو گمان بلڪل غلط آهي. تو ۾ فقط هڪڙو گڻ آهي، جو معشوقن جي گڻن مان هڪڙو وڏو گڻ ليکيو ويندو آهي- اُهو آهي ’بيوفائي‘“.

(ب) جڏهن اڳلي کي ڪنهن بابت گمان هجي ته منجهس فلاڻي صفت آهي، مگر ٻڌندڙ کي اُن جي اهڙي گمان سان اتفاق راءِ نه هجي- محال:

(فعولن فعولن فعولن فعل)

نه چؤ آهين مون تي سدا مهربان،

ڀلا هيءَ ڪٽاري ڇو هٿ ۾ اٿئي؟

-”حڪيم“

محبوب پاڻ کي عاشق اڳيان ظاهر ڪري ٿو ته مٿس مهربان آهي، مگر عاشق سانس اتفاق راءِ نٿو ڪري، ۽ چويس ٿو ته ”تون منهنجي لاءِ قاتل ئي قاتل آهين“.

(ج) ڪنهن ۾ هڪڙي صفت کان وڌيڪ صفتون هجن، مگر انهن مان ڪنهن هڪڙيءَ کي ٻين کان وڌيڪ سمجهي، اُهائي آڻجي ۽ ٻين کي نظرانداز ڪجي- مثال:

(مفعول فعولن فعولن فعول)

مُنکي ڇا مان ڇا پيا ٿا سمجهن اديب،

فقط آهيان اُن شاعر خوش بيان.

- ”حڪيم“

شاعر چوي ٿو ته ”ٻيا ماڻهو مون کي عالم، فاضل، مصنف، مُؤرّخ وغيره وغيره الائي ڇا مان ڇا پيا سمجهن، مگر مون ۾ هڪري ئي صفت آهي، جا منهنجي نظر ۾ سڀني صفتن کان فائق آهي.اها هيءَ آهي ته آءٌ ’شاعرِ خوش بيان’ آهيان“.

 

فصل ۽ وصل

”فصل“- ٻين جملن جي وچ ۾ حرف عطف آڻجي ئي نه.

”وصال“- ٻن جملن کي حرف عطرف آڻڻ سانملائي ڇڏجي ۽ وصل جو مدار آهي عطف جي آڻڻ ۽ نه آڻڻ تي، انهيءَ ڪري عطف جو ئي بيان ڪبو.

”عطف“ به قسم ٿيندو آهي (1) عطف مفرد جو مفرد تي- مثال:

(فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)

ياسين و سنبل ُ سوسن، سمن سهڻا ڏسو،

اڄ سڄي عالم ۾ چوڌاري عجب ڇايو بهار.

-”بهار اخلاق“

(2) عطف جملي جو جملي تي- مثال:

(مفاعلاتن مفاعلاتن مفاعلاتن مفاعلاتن)

ٿي رت بسنتي، ٿي مُد گلابي، وئي خزان جي سڄي خرابي،

ٿي گل ساڻ بلبل جي بي حجابي، بهار آيو بهار آيو.

ڪن هنڌن حرف عطف اڻبو ئي ڪينهي:

(الف) جيڪڏهن حرف عطف کان اڳئين ۽ پوين جملي يا اسم جو پاڻ ۾ گهرو ميلاپ هوندو، يا ڪنهن اسم جون هڪ کان وڌيڪ صفتون هونديون، ته اهڙيءَ هالت ۾ حرف عطف نه آڻبو- جهڙيءَ طرح مٿين ٻن شعرن ۾ آهي.

(ب) جيڪڏهن ٻن کان وڌيڪ عطف هوندا، ته پوئين عطف کان سواءِ، پهرين عطفن ۾ حرف عطف نه آڻبو- مثال:

(فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)

رنگ، رونق، سونهن ۽ سوڀيا ڏسي، تنهنجي سڄڻ،

گل کي، سج ۽ چنڊّ کي آيون ڏندن ۾ آڱريون.

-”حڪيم“

(ج) جيڪڏهن ٽن کان وڌيڪ عطف هوندا ۽ اهي ٻُڌي هوندا، نه ايڪي، نه هڪڙو حرف عطف آڻبو ۽ ٻيو نه آڻبو- جيتوڻيڪ فقط پڇاڙيءَ وارن ٻن اسمن، يا جملن ۾ حرف عطف آڻي، ٻين ۾ نه آڻڻ ه جائز آهي، جئن مٿي نمبر (2) ۾ ڄاڻايو ويو آهي-

مثال:

(فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلات)

گل ۽ بلبل، شمع ۽ پروانو، ٽيلوفر ۽ ماه،

هي سڄو نقشو ئي اهڙو آهي، جهڙو مان ۽ تون.

-”حڪيم“

عطف جا مٿيان قاعدا نثر ۾ ته لازمي آهن، مگر نظم ۾ بعضي، ضرورت شعريءَ جي ڪري، ڪجهه هِٺ مٿي ٿي ويو ته جائز اهي. هي به معلوم هجي ته جن ٻن جملن جي وچ ۾ عطف هجي ته انهن ٻنهي جملن جي درميان ڪانه ڪا ضرور مناسبت هجي. جيڪڏهن مناسبت نه هوندي، ته عطف ناجائز چئبو. جهڙيءَ طرح هنن ٻن جملن ۾ عطف ناجائز آهي- ”شاهه سنڌ جو شاهه شاعر آهي ۽ شاهُو ڏاڍو ڪجوس آهي.“

”ايجاز“، گهڻي مضمون کي ٿورن لفظن ۾ اهڙيءَ طرح بيان ڪجي، جو لفظن جي ٿورائي معنيٰ ۾ ڪو مونجهارو نه وجهي. ايجاز جا به قسم ٿيندا آهن:

(1) ايجاز قصر، (2) ايجاز حدف.

اِيجاز قصر: لفظ ٿورا ۽ معنيٰ ججهي- مثال:

(مفعول فاعلاتن مفعول فاعلن)

ڳائينِ ڳيت ڀل ٻيا انگ انگ تنهنجي جا،

اُن توکي منهنجا سهڻا! سڄو سهڻو ٿو سڏايان.

- ”حڪيم“

شاعر هڪ لفظ ”سڄي سهڻي“ چوڻ سان محبوب جي حسن ۽ جمال جي ڪمال تعريف ڪري ڏيکاري آهي- وار سهڻا، اکيون سهڻيون، ڀرون ۽ پنبڙيرون سهڻيون، رخسار ۽ لب سهڻا، قد ۽ بت سهڻو، هٿ ۽ پير سهڻا، ناز ۽ انداز سهڻو- اِها بلڪ انهيءَ کان به وڌيڪ تعريف فقط ”سڄي سهڻي“ ۾ اچي وئي.

اِيجاز حذف: سڄو جملو، يا جملي جو جزو نه  آڻجي-

(مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن)

چمن جي صحن مان ميڙي، صفا ڪيائين خزان جا پن،

بهار اهي اچڻ وارو ۽ اڄ گل تخت تي وِهندو.

-”حڪيم“

ڪنهن صفا ڪيا؟ باغبان.

(فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن)

خنجر ابرو سان تو ماريو لکن کي، مون کي پڻ،

وجهندا هٿ دامن ۾ تنهنجي روز محشر سڀ شهيد،

-”حڪيم“

”مون کي پڻ تو خنجر ابرو سان ماريو: خيال ڪر يا عاقبت انديشي ڪر، جو قيات ۾ سڀڪو بيگناهه ڀلؤ ڇڪيندءِ، ۽ انهن سان گڏ، آءٌ به دامن پڪڙنيدو سانءِ.“

 

اِطناب

”اطناب“، چوندا آهن اهڙي ڪلام کي، جنهن ۾ مقصد ظاهر ڪرڻ لاءِ لفظ گهڻا هجن، پر نه ايترا گهڻا، جا اجايا معلوم ٿين- مثال:

(مفعول فاعلاتن مفعول فاعلان)

سهڻن جو ڪم سَٽڻ آ سِرُ عاشقن جو سهڻا،

ٿو سِر سٽڻ گهرين تون منهنجو به اي ستمگر.

-”حڪيم“

پهرينءَ مصرع ۾ جڏهن محبوب کي ”سهڻو“ سڏي سهڻن ج ڪم ”سِر سٽڻ“ ٻڌايئين، تڏهن ٻيءَ مصرع جو مطلب از خود معلوم ٿي ويو، ته شاعر جو سهڻو به سندس سِر سٽڻ گهُري ٿو، تنهن هوندي به انهيءَ مقصد کي ٻيءَ مصرع ۾ بيان ڪيو اٿس، جنهنڪري ٿوري مقصد لاءِ گهڻا لفظ ڪم آڻڻا پيا آهن، مگر اهي اجايا نه آهن، ڇو ته شاعر محبوب کي چتاءُ ٿو ڪري ته ”آءٌ تنهنجي نيت کان واقف آهيان“، ۽ محبوب کي اهڙي خون ناحق ڪرڻ جهڙي نيت رکڻ سببان ”ستمگر“ به سڏڻو هوس: انهيءَ ڪري وڌيڪ لفظ اجايا نه چئبا.

(فعولن فعلولن فعولن)

ڀلي هڻ، ڀلي هڻ تون ابرو جو خنجر،

هي سِر منهنجو حاضر آ، پيرن ۾ تنهنجي.

-”حڪيم“

هن ۾ ”ڀلي هڻ“ به دفعا آندل آهي، نه ته هڪڙو دفعو به ڪافي هو، پر ٻن دفعن مان شاعر جو مطلب آهي ”يار کي سچي دل سان خنجر هڻڻ لاءِ مطلب آهي ”يار کي سچي دل سان خنجر هڻڻ لاءِ دعوت ڏيڻ“، انهيءَ ڪري، ور ور ڏئي کيس چوي ٿو ”ڀلي هڻ ڀلي هڻ.“

(مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن)

ڪيو خوش تو مون کي، خوش هجين شل، ڪم چڱو تو ڪيو،

چڱن کان ئي چڱايون ٿيون پڄن، منهنجا چڱا سائين!

-”حڪيم“

جنهن مقصد لاءِ هي شعر آهي، تنهن کان ”خوش هجين شل“ وارو جملو ٻاهر آهي، پر جڏهن ته شاعر جو مطلب آهي ته ’تو کڻي ڪهڙي به مون سان هلت ڪئي، پر آءٌ توکي وري به دعا ٿو ڪريان ته شال خوش هجين‘- انهيءَ ڪري اهو جملو وڌيڪ نه چئبو، پر اجايونه چئبو.

”ايجاز“ ۽ ”اطناب“ جون خوبيون، يا جايون سڀڪو سمجهي ڪين سگهنود. هي ڪم قابل انسان ۽ ڪامل بليغ جو آهي. مون نموني خاطر ٿورو لکيو آهي. اميد ته جيڪڏهن پڙهندڙن هيترو هضم ڪيو، ته وڌيڪ لاءِ پاڻهيئي اشتها ٿيندين.

 

ڪلام مهمل

”ڪلام مُهمل“ چئبو آهي اهڙي ڪلام کي، جو ڳالهائجي عام جام، مگر ڳالهائيندڙ جي دل جو واسطو انهيءَ معنيٰ سان هجي ئي نه، جا معنيٰ انهيءَ ڪلام جي لفظن ۾ رکيل هجي، ٻين لفظنن ۾ سمجهڻ گهرجي ته ”ڪلام مهمل“ جي معنيٰ آهي ”ڪلام بي معنيٰ“ يا ”ڪلام غير مقصود“ ظاهر ڪري اهرو ڪلام ادب يا ساهتيه ۾ ڪا اهميت نٿو رکي، مگر جڏهن ته عام جام ڪم ايندو آهي ۽ ماڻهو ڳالهائيندا رهندا آهن، ۽ جڏهن ته ڪن ڪن جملن ۽ فقرن ۾ اهڙو ڪلام مهمل ضروري جزو ٿي پوي ٿو، ايتريقدر، جوجيڪڏهن نه ڳالهائجي يا نه آڻجي ته اها عبارت ئي ناقص پئي معلوم ٿئي، پڻ اهڙو ڪلام مُحاوري جو درجو حاصل ڪيل هوندو آهي- تڏهن اهڙي ”ڪلام مهم“ کي بي اهميتي هوندي به ڪجهه نه ڪجهه اهميت هوندي آهي. مثلاً، ڪي مائون پنهنجن پٽن کي ڪاوڙ وقت چونديون آهن: ”مُئا ماريا، باهه لڳا، سَڙي مُئا.“ بعضي پِيئَر پنهنجن پٽن کي غصي ۾ اچي چوندا آهن: ”ڀيڻهان انڌا، اوهين اسڪول ڇو نه ويئو، ڪميڻا، ڪمذات، اوهان هي يا هو ڪم ڇو ڪيو؟ ڪُتي جا پُٽ! حرامي، مادرچود، نڪري وڃ منهنجي گهر مان!“- هي مثال آهن اهڙن لفظن جا، جن جي معنيٰ، چوندڙ جي دل ۽ ارادي ۾ نه آهي. ماءُ، پٽ جو مرڻ ۽ مارجڻ ڪڏهن ڪين، گهرندي- پٽ کي باهه لڳڻ ۽ پٽ جو سڙي مرڻ، ڪهڙي ڏائڻ ماءُ پسند ڪندي؟ ڪاوڙ ۾ جيڪي چيائين سو بي معنيٰ چئبو. اهڙيءَ طرح پيءُ جي ڪلام ۾ ”ڀيڻهان“ جهڙي غليظ گار، جا پٽ جي ڀيڻ يعني ڌيءَ جي حق ۾ آهي، سچي پچي طرح رکيل معنيٰ موجب ڪهڙو ڪمبڻو پيءُ گوارا ڪندو؟ ساڳيءَ طرح ٻيا جملا ۽ لفظ به سمجهڻ گهرجن- اهي سڀ ”ڪلام مهمل“ چئبا. مگر محاوري ۾ اهڙا ته عام آهن، جو اهڙن موقعن تي ڪلام جو جزو ٿي ويا آهن، اهڙن موقعن جو ڪلام ڄڻ ته اهڙن جملن کان سواءِ ٻُسو پيو معلوم ٿئي، ڪوبه ناول نويس جيڪڏهن اولاد تي پيءُ ماءٌ جي ڪاوڙ جي سينري ناول ۾ چٽنيدو، ته ضرور اهڙا لفظ ڪم آڻيندو، بشرطيڪ پيءُ ۽ ماءُ جي بدتهذيبي ڏيکارڻ مقصود هجي. اهي ۽ اهڙا لفظ تهذيب يافته طبقي جا نه آهن؛ انهيءَ ڪري اهڙن جملن جو استعمال به بي تهذيبن جي طرفان ئي ٿيندو ۽ ڪبو. اهڙا مهمل لفظ ٻين موقعن تي به ڪم ايندا آهن.

مثال:

”يار سان، قسمت منهنجي! جو وڃي لؤن لاتم،

ڀيڻسان، عشق، ۽ معشوق مان آهيان ڦاٿو.

-”حڪيم“

در جي دربان کي ڪجهه رشوت ڏئي پنهنجو ڪيم،

پر ڪتو در جو، ڪتي جو پٽ دشمن ئي رهيو.

-”حڪيم“

پهرئين شعر ۾ عشق ۽ معشوق کي ڀيڻ تي گار ڏين شاعر يا عشق جو مقصد نه آهي. عاشق، عشق جون سختيون ۽ معشوق جا ظلم سهي سهي جڏهن اچي بيزار ۽ ڀاڙي ٿيو آهي، تڏهن اظهاري بيزاري لاءِ، اهڙي موقعي جي مناسب ڪلام، مهمل ”ڀيڻسان“ ڪم آڻي ٿو.

ڪتي کي ڪتي جو پٽ ڪاوڙ وچان سڏڻ ڪلام مهمل آهي، جو ڪتو اڳيئي ڪتي جو پٽ آهي.

  

ڪتاب ۾ ڪم آندل شعر

هن ڪتاب ۾ مثالن طور جيڪي شعر لکيا ويا آهن، سي هتي جدا، گڏي لکجن ٿا، تا ته سڀ نمونا هڪ هنڌ پڙهي ڏسجن.

 

صنائع و بدائع جا شهر

تجنيس تام

 

وارَ ڇوڙي جي مون تي وارَ ڪرين،

خوش ٿيان جي هزار وارَ ڪرين.

____________

هزار گهمرا مون در تنهنجي تي ڪيا گهمرا،

مگر نه منهنجي اڱڻ ۾ تون آئين هڪ گهمرو.

____________

اَدا ۽ ناز سان پنهنجي پرين، مُئي کي نه مار،

نه رُس! نه رُس! اي سڄڻ، رُسي وڃين ٿو، مار!

____________

ملڻ لاءِ تنهنجي ڪيم ڪيئي وَسَ،

ڪَڪَر قُرب تنهنجي جي ٿا ڪانه وس.

____________

خدا ترس آهين ته ڪجهه وقت ترس،

خودي ڀڄ، تڪڙ ڇڏ ته ٿين سڀ ۾ سرس.

____________

ڏس ته آهيان اڳيئي اَن بيمار،

مارِ گيسو هٿان نه مون کي مار.

____________

آگهو آهيان، سَگهو ناهيان، سِگهو ٿي يار! ٿي ساڻي،

منهنجي دل دردمند آهي، ئي سورن ۾ گهڻو ساڻي.

____________

باري! مون ته نهَ وجههُ تون باري بارَ،

سِرُ ڪريان تو تان صديقي آن صدبارَ.

____________

مَٿيم ايترا تنهنجا آهين ٿورا،

ڳڻيان جيترا، تيترا ٿين سي ٿورا.

____________

ڪي خوشدل، ڪي خندان، ڪي نرٻل نماڻا،

ڪي ڪن ناز نخرا ۽ ڪي ڪن نَه ماڻا.

رکن ڪي ٿا سِرق هيٺان سِرَ، ڪي وهانا،

ڪي بدبخت بيڪار، ڪي بخت هانا.

ڪي عِزت ۾ اعليٰ، ڪي اِقبال وارا،

ڪي ذلت، زبوني ۽ بدحال وارا.

____________

ويسَ پنهنجي ديس جا پاتا وڻن، جي ٿا وڻن،

ديس پنهنجي کي ڏسو، اڄ آهي پهرايو بهار.

 

تجنيس ناقص

وطن جوجن اچو تا شيون واپرايون،

نه ڪم اينديون هرگز شيون ڪي پرايون،

ٻين کان ئي اهڙو سبق ڀل پرايون،

ڪي سوچو ته ڇو پاڻ کي ٿا ڦُرايون،

وطن جي محبت جي آهي علامت،

ته اُن ۾ سڌارو ڪريون ساڻ صنعت.

____________

يار! پاڻان نه ڪر تون مون کي ڌار،

در تي پنهنجي پرين نه ڌاريو ڌار.

____________

نه گاه گاه ۾ تون ٿو ڪرين نگاهه مَٿِم،

نِگاهه مهر جي اي مهربان، ڪر مون تي!

 

ايهام

تنهنجي عشق جي منهنجي د ۾ سُئِي،

ڏٺي ڪاٿي ڪا مون نه اهڙي سُئِي.

____________

وار ڇوڙي، جي مون تي وارَ ڪرين،

خوش ٿيان، جي هزار وار ڪرين!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org