جئن آءٌ مٿي ڄاڻائي آيو آهيان ته اهو سلسلو جيسين دنيا قائم هوندي، تيسين وڌندو ئي رهندو، ۽ اڃا به نوان نوان لفظ انهن زبانن جا منجهس برٿي ٿيندا رهندا.
جاچ مان معلوم ٿئي ٿو ته ”عمل تسنيد“ گهڻن ئي عربي لفظن ۾ ٿيل آهي، يعني گهڻائي عربي لفظ پنهنجي اصلي صورت مٽائي، سنڌي صورت وٺي، سنڌيءَ ۾ ڪم ڏئي رهيا آهن؛ مگر فارسي ۽ ترڪي لفظ
بلڪل ڪي ورلي مسنــَّد ڪيا ويا آهن، جن جو بيان اڳتي ايندو. عربي لفظن ۾ سنڌي زبان گهڻي ڦيرڦار ڪئي آهي، ۽ فارسي وغيره ۾ گهٽ. ان جو سبب هي
آهي، جو عربي لفظ هزارن سالن کان، يعني گهڻو آڳاٽي وقت کان، سنڌيءَ ۾ آيل آهن، جنهن ڪري گهڻي وقت گذرڻ سببان هو شڪل ئي مٽائي، سنڌي پوشڪ
پهري، سنڌي ٿي ويا آهن. فارسي وغيره جا لفظ جڏهن ته ڪن صدين کان سنڌيءَ ۾ آيل آهن، تڏهن اهي اڇا اوتري قدر پنهنجي صورت بدلائي نه سگهيا
آهن، بلڪ گهڻو ڪري ساڳيءَ شڪل ۽ صورت ۾ ڏسجن ٿا. زبانن ۽ ٻولين جي عمر وڏي آهي؛ صديون انهن لاءِ اڃا جوانيءَ جا ڏينهن آهن، مگر هزار سال ئي
انهن جي صورت مٽائي، انهن کي پوڙهيو بنائي سگهن ٿا. انسان جوان آهي، ته هو چڱيءَ حالت ۾ ڏسبو آهي. جڏهن پوڙهو ٿيندو آهي، تڏهن مُنهنَن ۾
گهُنج، وار اڇا، رت ۽ رطوبت گهٽ، رنگ ۽ رونق جهڪي، سونهن ۽ سوڀيا ندارد، ڏند، اُلڙيل، يا ڪِريل، هٿ پير ضعيف، هلڻ چلڻ ۾ هيڻائي- اهي ڦِريل
حالتون منجهس ايتريون ته پيدا ٿينديون آهن، جو جنهن جوانيءَ ۾ ڏٺو هوندس. سو وري پيريءَ ۾ ڏسڻ سان يڪدم پوريءَ طرح سڃاڻندس ئي ڪين- گهڻي
نهارڻ ۽ چتائڻ کان پوءِ ئي، شڪجي سڪجي، ڪن خاص اُهڃاڻن تي مس مس سڃاڻندس. عربيءَ جا ڪيترائي لفظ سنڌيءَ ۾ جوانيءَ جي حالت ۾ آيا، ۽ زماني
جي انقلابن ۽ سنڌي زبان جي غلبي سبب، هو اهڙا ته جهُري، جهُور ٿي ويا، جو هنن جي اصليت معلوم ڪرڻ ئي مشڪ ٿي پئي. جهڙيءَ طرح ”عماري“ مان
”هنڀاري“، ”قاطع“ مان ”ڪاتي“، ”فوطه“ مان ”پوتي“، تَلــّہ“ مان ”ٿَلهو“ وغيره. انهن لفظن جي اها حالت خودنشاني آهي، هِن ڳالهه جي ته عربي
لفظ سنڌيءَ ۾ مسلمانن جي اچڻ کان به گهڻو اڳ اچي چڪا هئا، جئن تاريخي ٿابتين سان مٿي ڄاڻايو ويو آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻين ٻولين مان آيل
لفظن جي صورتخطي، اعرابون ۽ اُچار
مٿي اوهين معلوم ڪري آيا آهيو ته سنڌي جيتوڻيڪ بنيادي طرح سنسڪرت مان نڪتل آهي. پر سنديس پَروَرش ۽ پالنا، سڌارو ۽ واڌارو ٻين ٻولين جي مدد سان ئي ٿيل آهي. جنهنڪري هوءَ هاڻي
علمي ۽ ادبي ٻولين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي، بيهي سگهي ٿي ۽ بيهي سگهي آهي. البت افسوس هن ڳالهه جو آهي، جو هن کان اڳ سنڌيءَ ۾ ٻين ٻولين جي
صحيح صورتخطي، صحيح اِعرابن ۽ صحيح اُچارن لاءِ ڪو به ضابطو ۽ انتظام نه رکيو ويو آهي، جنهنڪري ٻين ٻولين جا لفظ پنهنجي سچي صورتخطيءَ،
صحيح اعرابن ۽ صحيح تلفــُّط (اُچار) ۾ ادا نٿا ڪيا وڃن. نتيجو انهيءَ جو اِهو نِڪتو آهي، جو هاڻي غلط اچارن، غلط اعرابن ۽ غلط صورتخطيءَ
کي صحيح سمجهيو وڃي ٿو. اِهو قصور اڳين ادب دانن، ادب نويسن ۽ ساهت جي ڄاڻُن جي بي پرواهيءَ جو آهي، سنڌي ٻوليءَ يا سنڌي ڳالهائيندڙن جو نه
آهي. اهو ڪم گهڻي کان گهڻو اڳ ڪنهن مُستند ۽ مُڪمل لغت لکڻ سان ٿي سگهيو ٿي.
اهڙي لغت سنڌي زبان لاءِ هڪ سند ۽ اَٿارٽي ۽ سنڌي خواندن لاءِ رهنما ۽ رهبر ٿي سگهي ها. تنهن کان سواءِ، صحيح اُچارن ۽ اعرابن وغيره بابت تحقيقات ڪري، ڪي ضابطا ۽ قاعدا گهَڙَڻ
گهرجن ها، تا ته اُنهن قاعدن جي ڪسوٽيءَ تي ئي ٻوليءَ جي کرائي ۽ کوٽائي وقت بوقت پرکي سگهجي ها.
جڏهن ته انهن ضرورتن جي ضرورت اڃا باقي آهي، تڏهن آءٌ انهيءَ ڏس ۾ قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. دنيا جي سڌريل ٻولين جي اديبن اهڙن قاعدن ۽ ضابطن ٺاهڻ سان پنهنجي ٻولين جي وڏي خدمت
ڪئي آهي. اسان کي به علمي ڪشاده دليءَ ۽ ادبي دماغ کان ڪم وٺي، پنهنجي ٻوليءَ جي اهڙي خدمت ڪرڻ گهرجي.
سنڌيءَ ۾ ٻين ٻولين جي لفظن جي صورتخطيءَ ۽ اُچار جي حالت
جاچ ۽ تحقيقات مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌيءَ ۾ ٻين ٻولين جا لفظ يا ته ساڳيءَ صورت، ساڳئي اُچار ۽ ساڳين اِعرابن سان موجود آهن، يا ته سنڌي زبان انهن ۾ تَصر ُّف ڪري، کين اصلي
حالت کان بدلائي ڇڏيو آهي. اهڙن لفظن کي ”مسنـَّد“ چئبو آهي، جئن ”تسنيد“ جي بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي.
مٿي جيڪي لفظ عربي، فارسي، ترڪي ۽ انگريزي وغيره لفظن جي لسٽن ۾ لکيا ويا آهن، سي گهڻو ڪري اهڙائي آهن. البت عربي، فارسي ۽ ترڪيءَ جا ڪي ڪي لفظ اهڙا اهن، جن جي فقط اعرابن ۾ بي
پرواهيءَ سببان ئي ٿورو ڦيرڦار ٿيل آهي. جن لفظن جي صورتخطي، اعرابون ۽ اُچار اصلي حالت تي قائم آهن، سي بحث هيٺ اچي نٿا سگهن، مگر جن جون
اِهي حالتون ڦريل آهن، تن تي ئي ڌيان ڏيڻو آهي.انهيءَ لاءِ ٻه رستا يا ٻه ضابطا آهن: (1) هيءُ ته جيڪي لفظ اصلي حالتن ۾ موجود آهن، سي اصلي
صورتخطيءَ، اصلي اِعرابن ۽ اصلي اُچارن سان ئي اُچارجن ۽ لکجن. مثلاً عامل کي عامِل، اصلي کي اصيل، قاعِده کي قاعدو، فائده کي فائدو، قانون
کي قانُون، ڪاغَذ کي ڪاغَذ، قلم کي قلم، وَرق کي وَرق، صفحه کي صفحو، اِنصاف کي اِنصاف، انقلاب کي انقلاب، وَعده کي وَعدو، صُوفيءَ کي
صُوفِي، نَفع کي نَفو، نصيب کي نصيب، قسمت کي قسمت، انعام کي اِنعام، اِستعِفا کي اِستِعفا. اِنهن ۽ اهڙن لفظن کي انهيءَ ئي صورت حال ۾
رکجي، جا هن جي اصلوڪي زبان آهي. اُنهن جي صورخطيءَ ۽ اُچارن ۾ ڪابه ڦيرڦار نه ڪرڻ گهرجي. يعني عامل کي آمل، اصل کي اسيل، قاعده کي قاعدو،
فائده کي فائدو، قانون کي ڪانون، ڪاغز کي ڪاغز، قلم کي ڪَلَم، ورق کي ورڪ، صفحه کي صفو، انصاف کي انساف، انقلاب کي اِنڪِلاب، وقعده کي
واعدو يا وادو، صوفي کي سوفي، نَفع کي نفعو، نصيب کي نسيب، قسمت کي ڪست، انعام کي انعام، چقمق کي چڪمڪ، قابو کي ڪابو، استِعفا کي اِستِيفا
ڪري نه لکجي ۽ نه پڙهجي.
اهڙيءَ طرح ڪن عربي لفظن جي اعرابن م ڪي ماڻهو انهن جي اصلي اعرابن کان بي خبر هجڻ سبب ڦيرڦار ڪندا آهن، ته اها ڦيرڦار نه هئڻ گهرجي. اها ڦيرڦار فقط ڪن ماڻهن جي چئبي، نه پرڳڻي
جي سڀني پڙهندڙن جي. مثلاً اَشراف کي اِشراف، اَسباب کي اِسباب، حَل َّ کي حِل َّ، شَرارت کي شِرارت، تَندُرستِي کي تُندُرستي، خودڪُشي کي
خودڪَشي، فَساد کي فِساد، جَذبه کي جذبو ڪري، نه پڙهبو.
اعرابن جي استعمال وقت، وڏو ظلم انهن لفظن سان ٿيل ڏسجي ٿو. جن جي ڪنهن وچين حرف تي شد َّ، يا پوئين حرف تي تنوين هوندي آهي. مگر نه اها شد َّ اچاري ويندي آهي ۽ نه اها شد َّ
اچاري ويندي آهي ۽ نه اها تنوين لکي ويندي آهي. شَند َّ جي نه اچارڻ واريءَ حالت ۾ اڪثر اهو لفظ ٻاتِڪو لفظ پيو ڀانبو آهي، يا ته منجهانس
هڪ جِي ٻي معنيٰ پئي نڪرندي آهي. جهڙي طرح مُدَبـّر کي مُدبِر پڙهيو ويندو آهي. مُدبَـّر (بي جي شَند سان) وڏي سياست دان کي چئبو آهي، ته
مُدبِر (دال جي جزم ۽ بي زير سان) جِي معنيٰ آهي بدبخت، نڀاڳو، بدقسمت، بدنصيب، پوئين پير ڀڄندڙ.
ساڳيءَ طرح تنوين کي سنديس بنيادي عربي صورتخطيءَ ۾ ئي لکجي، يعني مثلاً کي لام پويان الف وڌائي، مٿس ٻه زبرون ڏئي ڇڏجن ۽ پڙهڻ مهل نون ساڪن جو اچار ڪڍجي. مثل ّ يا اهڙن ٻين
تنويني لفظن کي پڇاڙيءَ ۾ صفا نون لکڻ- هن طرح ”مِثلن“- صفا غلط آهي.
ساڳيءَ طرح جن عربي لفظن مٿان الف ۽ لام (اَل) هوندا آهن، انهن جي مٿان جيڪڏهن اسم يا حرف ايندو آهي، ته پڙهڻ مهل الف جو اچار نه ڪبو ۽ لکڻ مهل الف ضرور لکبو. جهڙيءَ طرح
”عبدالڪريم“ پڙهبو ”عَبدُ-اَل ڪريم“ ۽ لکبو ”عبدالڪريم“. باقي ”عَبدُ- اَل، ڪَريِم“ ڪري پڙهڻ غلط آهي. البت ڪي عربي لفظ ”اَل“ وارا آهن، جن
جي لکڻ مهل به الف نه لکڻ جو رواج پئجي ويو آهي. جهڙيءَ طرح ”بلڪل ۽ بلفعل“، جي اصل ۾ آهن، ”بلڪل ۽ بلفعل“. اهڙن لفظن جو عام رواج پٽاندر
لکڻ کڻي ”غلط العام“ جي قاعدي ۾ داخل ٿي سگهي ٿو، ته به چڱو ائين آهي ته اصلي صورت خطيءَ موجب ”بلڪل ۽ باالفعل“ ڪري لکجي.
ڳالهه ڪن ٿا ته هڪڙي ٿرينڊ ماستر، هڪڙي دفعي، هڪڙو ڪتاب پئي پڙهيو. جنهن ۾ ”بلڪل“ جو لفظ اصلي صورتخطي ۾ ”بِالڪُل“ لکيو هو. جڏهن ماستر صاحب ”بلڪل“ لفظ تي خير سان پهتو، تڏهن
اِهو لفظ ”بِلڪل“ اُچارڻ بدران ”بِل- ڪُل“ ڪري اُچاريئين ۽ ”بالِ ڪُل“ جي معنيٰ ۾ صفا مُنجهي پيو.
اهڙيءَ طرح ”آل“ وارن لفظن مٿان جيڪڏهن ”حرف علت“ (واو- الف- ي) اِهو مان ڪوبه حرف ايندو ته ”اَل“ جي الف سان گڏ اِهو ”حرف علت“ به پڙهڻ مهل ڪِري پوندو ۽ لکڻ ۾ قائم رهندو. جهڙو
”اَبُوالڪلام“ پڙهڻ مهل ”اَبُل ڪلام“ ڪري پڙهبو، مگر لکڻ ۾ ”اَبُوالڪلام“ ڪري لکبو. ساڳيءَ طرح ”اَبِي القلسم“ ۽ ”اَبَالحسَن“ کي ”اَبِل
قاسم“ ۽ ”اَبَل حسن“ ڪري پڙهبو، مگر لکبو ”اَبي القاسم“ ۽ اَبَالحسن“. اڪثر ڪي ڏسڻا وائسڻا ماڻهو اهڙن اُچارن کي غلط اُچاريندا آهن.
”ابوالڪلام“ کي ”اَبُو- اَل- ڪلام“، اَبِي الحَسَن“ کي ”اَبِي- اَل- حسن“ ۽ ”اَبَو لحسن“ کي اَبا- اَل حَسَن“ ڪري پڙهندا آهن، جو بلڪل غلط
آهي. جڏهن ته سنڌيءَ ۾ عربيءَ جي صورتخطي رواج ۾ آيل آهي، تڏهن اسان کي عربي صورتخطي ۽ عربي اِعرابن کان بي پرواهه رهڻ جو ڪيتري قدر حق
آهي؟ سو اوهين انگريزي اسپيلنگن (Spellings)
جي نموني مان سمجهي سگهو ٿا. مثال لاءِ انگريزيءَ ۾ ”سِين“ جو اُچار ڪاٿي ”اٿس“ (S) سان ۽ ڪاٿي (ي سِي) (C) سان ايندو
آهي. ساڳيءَ طرح ”ڪاف“ جو اُچار ڪاٿي ”ڪي“ (K)
سان ته ڪاٿي ”سي“ ۽ ”ايڇ“ (CH) سان ۽ ڪاٿي ”سي“ ۽ ”ڪي“ (CK)
سان ايندڙ آهي. اسان کي ضرور ائين ئي لکڻو ۽ اُچارڻو آهي، جيئن انگريزيءَ جي مقرر صورتخطي آهي. اسان کي ڪو حق ڪونهي، جو انگريزيءَ جي
صورتخطي پنهنجي مرضيءَ سان لکون ۽ اُچاريون. انگريزيءَ جي ابجد (Alphabet)
لئٽن صورتخطيءَ ۾ لکي وڃي ٿي. انگريزيءَ کي ڪا پنهنجي ابجد، يا صورتخطي ڪانهي، بلڪ ٻئي هنڌان جهٽُ هڻي، هَٿِ ڪئي اٿس؛ انهيءَ ڪري لئٽن
صورتخطيءَ جي اصولن موجب ئي لکڻي ۽ اُچارڻي پوي ٿي. جيڪڏهن اِئين نه ڪجي، ته ڪيترن ئي هنڌ هوند معنيٰ ۾ ئي رولو پئجي وڃي. جهڙو ”سن“ جو لفظ
آهي. ”سن“ جي لفظ جون ٻه معنائون آهن، هڪڙي ”پٽ“، ٻِي ”سج“. پٽ جي معنيٰ ۾ ”او“ (C) سان لکبو، ۽ سج جي معنيٰ ۾ ”يو“ (U) سان. ڇا اسان کي انگريزي اسپيلنگن ۾ ڦيرڦار ڪرڻ؛ يا پنهنجي مرضيءَ موافق لکڻ جو ڪو حق آهي؟ جيڪڏهن نه، ته عربي، فارسي، ترڪي وغيره جي صورتخطيءَ ۾ ڦيرڦار ڪرڻ، يا پنهنجي مرضيءَ
موجب لکڻ جو به اسان کي ڪو حق ڪونهي.
هان، جيڪڏهن عربي ۽ فارسي وغيره جا ڪي لفظ سنڌ ۾ گهر ڪري ويهڻ سبب صفا سنڌي ٿي ويا آهن؛ ته پوءِ ڀلي انهن کي سنڌي صورت ۾ چٽجي. مگر جيڪي لفظ پنهنجي اصلي صورت تي رهيل آهن ۽ هنن
سنڌي پوشاڪ نه پهري آهي، ته زبردستيءَ سان انهن جي صورت مٽائڻ انصاف جي برخلاف آهي.
هي به ڏٺو ويو آهي، جو ڪيترائي مسلمانَ چِند سنسڪرت لفظن کي اَڻَ ڄاڻائي سبب غلط اِعرابن سان اُچاريندا آهن. جهڙيءَ طرح ”سُڀاوِيڪ“ کي ”سَڀاوِيڪ“، ”نَرنءَ کي نِرنَءِ“،
”اُلنگهڻ“ کي اَلنگهڻ“، سُمرن“ کي ”سَمرن“، وِويڪ“ کي وَوِيڪ“. اهڙا غلط اُچار سڄيءَ سنڌ لاءِ مثال ئي نٿا سگهن، نڪي سنسڪرت ڄاڻندڙن کي
مجبور ڪري سگهجي ٿو ته هو انهن غلط اُچارن کي صحيح تسليم ڪن.
عروضي شعر جي قافين ۾ اِعرابن وغيره جي غلطي بلڪل ناجائز آهي
عروضي شعر باقاعده بحر ۽ پوري وزن تي ٻڌل آهي. هن جو لفظ لفظ، بلڪ حرف حرف تُريل تڪيل هوندو آهي. هن جي هر هڪ حرف جون حرڪتون ۽ سُڪُونَ ’سچي سون وانگي بحر جي ترازيءَ ۾ توري
ڏسبا آهن. ڪاٿي به ڪا اُٽل ۽ ڪاڻِ ٿي ته اهو شعر غير موزون، ناقص ۽ اڻ پورو چئبو. سون جي اُٽل به رتي ٻه رتيون کڻي سهي سگهبيون، مگر شعر جي
وزن ۾ ذرڙي به کوٽ ۽ واڌ برداشت ڪري نه سگهبي آهي. قافيي بابت ته اهڙا سخت قاعدا آهن، جي هر حالت ۾ صحيح طرح بجاءِ آڻڻا ۽ پوريءَ پابنديءَ
سان پورا ڪرڻا آهن. قافيي واري لفظ جو پويون حرف هڪ جهڙو هجي- ”زي“ ئي هئڻ گهرجي؛ ”ضاد“ نه هجي، نه ”طُئي“؛ ”ڪاف“ هجي ته ”قاف“ نه هجي.
پوئين حرف کان اڳئين اکر تي جهڙي اِعراب پهرئين شعر جي قافين ۾ هوندي، اُهائي سڀني شعرن جي قافين ۾ قائم رکبي- زير، ته زبر، پيش ته پيش،
زير، ته زير. زبر جي جاءِ تي زير، زير جي جاءِ تي زبر ۽ پيش جي جاءِ تي زير يا زير هرگز جائز نه آهي. مثلاً ”عادِل جي قافيي سان ”بُلبُل“
جو قافيو نه مِلائبو. ”بادَل“ جي قافيي سان ”بيدِل“ جو قافيو نه آڻبو. ”سالِڪ“ جي قافيي جي قافيي سان ”تدارُڪ“ نه ايندو. اهڙيءَ صورت ۾
اُهي لفظ، جن جي پوئين حرف کان اڳئين حرف جو اُچار ڪي ماڻهو غلط طرح اُچاريندا آهن، سي صحيح اعرابن سان ئي اُچارڻ واجب ۽ فرض آهي. مثلاً
جيڪي ماڻهو ”مَنزل“ کي مَنزَل“ (زي جي زير سان) چوندا آهن ته شعر ۾ مَنزِل (زي جي زير سان) ئي آڻبو ۽ بيدِل جي ئي قافيي سان مِلائبو.
نثر ۾ به اهڙن لفظن جون غلط اِعرابون درست ڪري پڙهڻيون آهن. البت جن لفظن جون اِعرابون ”غلط العام“ جي قاعدي موجب سنڌ جي سڀني رهاڪن وٽ عام طرح غلط اُچارن ۾ اچن ته اُهي ائين
پڙهڻ درست آهن، جهڙو ”غَرَض“ ۽ مَرَض“، جو اصل ۾ ”ري“ جي زير سان آهن. مگر عام طرح ”ري“ ساڪن سان ڳالهايا وڃن ٿا. مُقابلو، مُناظرو به
ساڳيءَ طرح ”غلطالعام“ ۾ داخل آهن. انهن ۽ اهڙن لفظن جو حرف نمبر چوٿون اصل ۾ زير سان آهي؛ مگر ”غلط العام“ طرح، زير سان پڙهيو ۽ ڳالهايو
ويندو آهي، ۽ زبر سان جائز آهي.
نه لفظ سنڌيءَ ۾، بلڪ برج ڀاشا ۽ هنديءَ ۾ به انيڪ عربي ۽ فارسي لفظ صدين کان آيل آهن.
سنڌي ته عراق، عرب ۽ ايران جي پاڙيسرڻ آهي ۽ سنڌ جا هندو
واپاري هزارن سالن کان واپار سانگي انهن ملڪن ۾ ويندا ۽ اتاهون جا عرب ۽ ايراني سنڌ ۾ ايندا هئا، پر وچ هندستان جو ٻنهن ملڪن سان گهڻو
ايرڀير هئوئي ڪونه، ته به سن 1192ع جي ڳالهه آهي ته جڏهن ”شهاب الدين غوري“، ”راءِ پتورا“ تي فتح حاصل ڪئي، تڏهن ”چند ڪوي“ هنديءَ جي مشهور
شاعِر هڪڙو ڪتاب نالي ”پرٿي راج راسا“ لکيو، جنهن کي جن پڙهيو آهي، تن جي راءِ آهي ته منجهس عربي ۽ فارسيءَ جا لفظ ڀريا پيا آهن؛ هر هڪ
صفحي ۾ ڪيترائي عربي ۽ فارسي لفظ آهن. انهيءَ ڪتاب ۾ ڪي جنسي ڪم آيل عربي ۽ فارسي لفظ پيش ڪجن
|