ڪتاب لکڻ جو مقصد
اسان جي مادري زبان، دنيا جي سڌريل ٻولين وانگي، هڪڙي چڱي سڌريل ٻولي آهي. منجهس ادبي ۽ ساهتيه ٻولي هجڻ جون به چڱيون ئي لياقتون ۽ خوبيون آهن. اهڙي سڌريل زبان جي خدمت ۽ سنديس
ترقيءَ جي ڪوشش جيتريقدر ڪرڻ گهربي هئي، اوتريقدر هن کان اڳ نه ٿي آهي. هندستان جي هر ڪنهن پرڳڻي جي زبان جي ترقيءَ لاءِ، خانگي توڻي
سرڪاري طرح چڱيون چڱيون ڪوششون ٿي چڪيون ۽ ٿي رهيون آهن. هاڻي جڏهن عام طرح سنڌيءَ جي عالمن ۽ خاص طرح سرڪار پاران، سنڌيءَ کي ترقي ڏيارڻ ۽
اُن کي ڪنهن اوج تي پهچائڻ جو تحرڪ ۽ هلچل ٿيڻ لڳي آهي، تڏهن مون مناسب سمجهيو ته سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب جي واڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ جيڪو
سرمايو مون وٽ موجود آهي، سو ڪتابي صورت ۾ آڻي، سنڌيءَ جي پريمن ۽ ترقي چاهيندڙن اڳيان رکان.
آءٌ جيڪي هن ننڍڙي ڪتاب ۾ لکي پيش ڪريان ٿو، سو ورهين کان وٺي، مون نوٽن طور گڏ پئي ڪيو آهي؛ مگر ڪتابي صورت ۾ هاڻي آڻيان ٿو. آءٌ اها دعويٰ نٿو ڪريان ته جيڪي هن ڪتاب ۾ آهي، سو
سنڌي ٻوليءَ، سنڌي ساهت ۽ سنڌي ادب لاءِ ڪو ڪافي آهي. هي انهيءَ ڏَس ۾ هڪڙو پهريون قدم آهي. اميد ته سنڌيءَ جا ٻيا عالم ۽ ماهر انهيءَ کي
وڌائي، پورو ڪندا. ممڪن آهي، جو منهنجن خيالن ۽ منهنجي تحقيقات سان ڪن عالمن ۽ ماهرڻ جو متڀيد ٿئي. مون کي انهيءَ جو ڪو خيال ڪونهي. منهنجي
معلومات ۽ تحقيقات موجب جيڪي آهي، سو پيش ڪريان ٿو. ڀلي انهيءَ تي ٻيا بزرگ روشني وجهن. انهيءَ طرح ئي علمي ۽ ادبي ڳالهيون ڇنڊجي ڇاڻجي،
آخرين طرح مُڪَمــّـل صورت اختيار ڪنديون.
ڏُک هن ڳالهه جو آهي، جو سنڌ جا مسلمان هڪ طرف ويچاريءَ سنڌيءَ کي رسو گردن ۾ وجهي، پاڻ ڏي ڇڪي رهيا آهن، ۽ سنڌ جا هندو ٻئي طرف نوڙي ڳچيءَ ۾ وجهي پاڻ ڏي گهلي رهيا اٿس. ويچاري
سنڌي وچ ۾ انهيءَ ڇِڪتاڻ جي ڪري، گهوگهاٽجي، اَڌ مُئي ٿي رهي آهي.
اسان جي سنڌي زبان اسان سڀني سنڌين جي آهي. اسان سنڌين کي گهرجي ته پنهنجي سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ ’سنڌي‘ ٿي، ڪوشش ڪريون، نه هندو ۽ مسلمان ٿي. سنڌيءَ سان اهم وڏو ظلم
ٿيندو، جيڪڏهن سندس ڳچيءَ ۾ هندڪو ٽوڙهو، يا مسلمانڪو نوڙ وجهي، کيس گهلي گينداڙي، ساهه ڪڍبو. منهنجو عرض آهي ته سنڌيءَ جي خيرخواهن ۽ سڄڻن
کي عالماڻي عينڪ اکين تي چاڙهي، سنڌيءَ جي مقيم حالت جو ڪو چاڙهو ڪرڻ گهرجي.
هي ڪتاب اهو ئي آهي لقطهء نگاهه ۽ اصول اکين آڏو رکي، لکيو ويو آهي.
24- ڊسمبر 1940ع -حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
ڪچهري روڊ- ڪراچي
نحمده و نصلي علي رسولہ الڪريم
اڄ منهنجي لاءِ وڏي خوشي ۽ مسرت جو موقعو آهي، جو ورهين جي آرزو ۽ تمنا پوري ٿي رهي اٿم. اها تمنــّا ۽ آرزو هيءَ هئي ته منهنجي والد مرحوم و مغفور حڪيم فتح محمد سيوهاڻي صاحب
جن تصنيف ”آفتاب ادب عرف ساهت جو سج“ نالي ڇپجي شايع ٿئي ۽ قارئين جي هٿن ۾ پهچي. اها تصنيف نه صرف منهنجي لاءِ، بلڪ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي زبان
ڳالهائيندڙن ۽ لکندڙن لاءِ، بلامبالغي هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿي. منهنجي لاءِ تاريخي حيثيت هيئن رکي ٿي، جو مرحوم والد صاحب جن پنهنجي
حياتيءَ جي آخري وقت ۾ بيماريءَ جي بستري تي ليٽئي ليٽئي ۽ صاحب فراش هوندي هيءُ ڪتاب تصنيف ڪيو. جن جن مرحلن مان هيءُ ڪتاب ان وقت گذريو،
سي سمورا منهنجي اکين اڳيان اڄ به ائين ئي پيا گهمن، جيئن ان وقت، جڏهين والد صاحب مرحوم جن ان جو قلمي نسخو سپرد قلم ڪري رهيا هئا. پاڻ
ليٽيا پيا هوندا هئا ۽ لکندا رهندا هئا. انهيءَ وچ ۾ ملاقاتي ساڻن ملڻ ايندا هئا، ته لکڻ بند ڪري، ساڻن ڳالهيون ٻولهيون ڪندا هئا. اُهي
ويا، ته وري قلم برداشته، لکڻ شروع ڪندا هئا. انهيءَ ڪري مون لاءِ، جنهن هن تصنيف کي بلڪل ابتدا کان وٺي ڏٺو هجي ۽ انهيءَ سان مانوس هجي،
اڄ انهيءَ کي انتهائي ڪڙيءَ ۽ تڪميل تي پهچندو ڏسڻ ۾ ڪيڏي نه روحاني خوشي ۽ حقيقي مسرت جو سامان هوندو- انهيءَ جو اندازو قارئين ڪرام بخوبي
ڪري سگهن ٿا.
لله الحمد هر آن چيز که خاطر ميخواست-
اَخر آمد زپس پردهء تقدير بديہ.
سنڌي زبان جي ڄاڻن ۽ گهڻگهرن لاءِ هن ڪتاب جي اشاعت تاريخي حيثيت هيئن رکي ٿي ته هڪ ناياب ۽ قيمتي قلمي نسخو سندن هٿن ۾ پهچي رهيو آهي. هن ڪتاب جو موضوع ۾ عنوان اهڙا ته آهن، جن
تي غالباَ سنڌي مصنفن هن کاڻ اڳ خير ڪا طبع آزمائي ڪئي آهي_ ڪم ازڪم ههڙي معياري تصنيف انهيءَ موضوع تي نه منهنجي نظر مان ئي هن کان اڳ
گذري آهي ۽ نه پروڙ ۽ ڄاڻ ئي اٿم ته ڪا موجود آهي. ممڪن آهي ته ڪن صاحبن ۽ سنڌي ادبين هن موضوع تي قدم کنيو هجي، پر آءُ رڳو ايترو عرض ڪرڻ
تي قانع ٿو رهان ته ”مشڪ آنست که خود ببويہ نه که عطار بگويد“.
اڄڪالهه اسان جي مٺڙي مادري ٻولي جنهن نازڪ دؤر مان لنگھي رهي آهي، اهو اسان سڀني تي روز روشن وانگيان عيان آهي. انهيءَ ڪري، ههڙي ڪتاب جي اشاعت واقعي ٻوليءَ جي حق ۾ هڪ خدمت
آهي، ۽ جيتوڻيڪ هي ڪتاب والد صاحب مرحوم جي وفات تاسف آيات ــــــ جا ڊسمبر سنه 1942ع ۾ ٿي ــ کان اڳ تصنيف ٿي چڪو هو ۽ قدري غير مڪمل صورت
۾ موجود هو؛ تنهن هوندي به اسباب اهڙا پيدا ٿيندا رهيا، جو هن کان اڳ طباعت ۽ ڇاپي هيٺ اچي نه سگھيو. ممڪن آهي ته مشيــّـت ايزدي ئي اِها
هجي ته اڄڪالهه جڏهين سنڌي ٻولي هڪ نازڪ دؤر مان گذري رهي آهي، تڏهين ئي هي ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿئي؛ تا ته اُن جي واسَ سان ادبي ڦلواڙي واسجي
وڃي، ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪي گونا گون خوبيون ۽ خاصيتون آهن، انهن ساڻ پڙهندڙ روشناس ٿيڻ.
پڙهندڙ ڏسندا ته ”آفتاب ادب“ جو موضوع آهي سنڌي ٻولي، انهيءَ جون
نيڪ خوبيون، سنڌيءَ جي ترقيءَ جون منزلون طي ڪري، هڪ ادبي ۽ عملي ٻوليءَ جي جاءِ حاصل ڪرڻ، علم معالي، صنائع و بدائع ۽ علم عروض- ظاهر ته
ههڙي وسيع مضمون لاءِ هيءُ مختصر ڪتاب ڪافي ڪينهي ۽ نڪي جامع ۽ مالع- جيئن ته شاعر چيو آهي:
”دامانِ نِگه تنگ و گل ِ حسن ِ تو پيسيار،
گلچينِ و بَهارِ تم ز دامان گا دارد“.
ان هوندي به مون کي يقين محڪم آهي ته ”آفتاب ادب“ ان ڏس ۾ خشتِ اولين ثابت ٿيندو ۽ اُن واٽ جي پانڌيڙَن لاءِ هڪ سنگ ميل جو ڪم ڏيندو، سنڌي مصنف ۽ اديب صاحبن جي خدمت ۾ منهنجو
عرض آهي ته اڻ موضوع تي قلم کڻن ۽ ٻوليءَ جي خوبين ۽ ان جي مختلف پهلوئن تي ريسرچ ڪن: ڇاڪاڻ ته ڪنهن به انساني علم وانگيان ڪابه ٻولي هڪ
مڪمل ۽ آخري طرح ترقي يافته شئي ڪانهي. سنڌي ٻولي به انهيءَ قاعدي ڪليه کان مستشنيٰ ڪينهي- منجهس هميشه ترقي ۽ واڌاري لاءِ وسعت ۽ لياقت
هئڻ گهرجي. جيڪڏهن ٻولي وڌندڙ ۽ وهندڙ درياءَ وانگر روان ۽ دوان نه رهندي، ۽ منجهس زماني جي نون نون مطلبن ۽ معنائن بيان ڪرڻ لاءِ اکر ۽
اُچار پيدا نه ڪيا ويا، ته ياد رکڻ گهرجي ته اُها ٻولي جلد ئي هڪ پراڻي کوهه جي بيٺل پاڻيءَ جيان ٿي پوندي، جو نڪي حياتِ نم لاءِ ڪار آمد
ٿي سگهندو ۽ نڪي ئي بقاي زندگيءَ لاءِ موزون. اهو ئي فرق آهي هڪ زندهه ٻوليءَ (جيئن ته سنڌي زبان) ۾، ۽ هڪ مرده ٻوليءَ (جيئن ته سنسڪرت ۽
هيبريو) ۾. مون کي ياد آهي ته هڪ دفعي آمريڪا ۾ مون کي هڪ اخبار ڏسڻ جو موقعو مليو، جا ’يِڊِش‘ ٻوليءَ ۾ شايع ٿيندي هئي. پڇڻ تي معلوم ٿيو
ته اها ٻولي بني اسرائيلي ٻولي ’هيبريو‘ جي هڪ شاخ آهي. ايڊيٽر صاحب ڳالهين ڳالهين ۾ تسليم ڪيو ته کين زماني جي رفتار سان هلڻ ۽ همقدم رهڻ
۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿئي ٿي؛ ڇاڪاڻ ته ان زبان ۾ مختلف معنائن ۽ مطلبن ادا ڪرڻ لاءِ اکر ئي ڪونهن. چئبو ته اها ڪجهه عرصي اندر محض آثار صناديہ
وانگيان رهجي ويندي، ۽ هن وقت به امريڪا ۾ بني اسرائيل ۽ يهودي النسل باشندا صرف تَبرڪ طور اها ٻولي ڳالهائيندا آهن ۽ بڊش ٻوليءَ ۾ اخبار
جي اشاعت به صرف انهن تائين ئي محدود آهي.
هن پيش لفظ ۾ هڪ حقيقت عرض ڪرڻ آءٌ ضروري ٿو سمجهان- اُها هيءَ آهي ته هي ڪتاب والد صاحب مرحوم جن پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان گهڻو اڳ تصنيف ڪيو هو، انهيءَ ڪري ئي ڪن ڪن هنڌن تي
اُن وقت جي سياسي ۽ سماجي حالتن ڏانهن اشارا ٿيل آهن. جيتوڻيڪ اُهي سياسي حالتون هن وقت گهڻي ڀاڱي موجود ڪينهن.
ناسپاسگذاري ٿيندي، جيڪڏهين آءٌ هن موقعي تي ”سنڌي ادبي بورڊ“ ۽ پنهنجي پراڻي همسبق ۽ رفيق مسٽر محمد ابراهيم جويي جو ذڪر نه ڪريان. سنڌي ادبي بورڊ جو اِيراهتمام هيءُ ڪتاب شايع
ٿي رهيو آهي. محمد ابراهيم صاحب هن جي طباعت ۽ اشاعت ۾ عملي طرح وڏو حصو ورتو آهي. آءٌ ان عملي خدمت لاءِ بورڊ جو ۽ سندس ممنونِ احسان
آهيان ۽ هن حقيقت جو به معترف آهيان ته شايد ٻنهي جي انهيءَ دلچسپيءَ کان سواءِ هِن ڪتاب جي اشاعت ممڪن ٿي نه سگهي ها.
پڇاڙيءَ ۾ قارئين ڪرام جي خدمت ۾ منهنجو التماس آهي ته منهنجي والد مرحوم مغفور جن جي حق ۾ دعاي خير ڪرڻ فرمائين- پاڻ زماني ۾ پنهنجن گوناگون مشغولين جي باوجود ۽ پنهنجن سياسي ۽
سماجي خدمتن هوندي به پڇاڙيءَ وقت تائين، سنڌي ٻولي ۾ سنڌي ادب جي خدمت ڪندا رهيا. خدا تعاليٰ شال کين غريق ِ رحمت ڪري، آمين!
بنا ڪرلہ خوش رسمي بخاڪ و خون غلطيدن-
خد رحمت ڪنہ ابن عاشقان پاڪ طنيت را.
76، اسٽريچن روڊ
ڪراچي.
حڪيم محمد احسن
12- مارچ 1956ع
سابق ميئر- ڪراچي
آفتاب ادب
عرف
ساهت جو سج
(ڀاڱو پهريون)
ٻولي
ٻولي ڇا آهي؟
پهريائين سمجهڻ گهرجي ته ٻولي ڇا آهي؟
ٻولي چئبو آهي ي ”اهڙا تَلفــُّظي ۽ معنيٰ دار آوازن کي، جن جي وسيلي هڪڙو ماڻهو پنهنجي ٻئي هم زبان (ساڳئي ٻولي ڄاڻندڙ) کي پنهنجو مطلب ۽ مراد سمجهائي سگهي.“
ٻين اکرن ۾، ٻولي چئبو آهي ”اهڙي ڳالهين کي، جو ڳالهائيندڙ ڳالهائي ته سندس هم زبان ٻڌندڙ اُن جو مطلب پوريءَ طرح سمجهي سگهي.“
عام ٻولي
جيڪڏهن هڪڙو ماڻهو اهڙي ٻولي ڳالهائي ٿو، جو ٻڌندڙ جيتوڻيڪ اها ٻولي ڄاڻندڙ آهي، ته به اُن جو مطلب سمجهي نٿو سگهي، ته اُن کي عام ٻولي نه چئبو. ڀلي اُنهن ڳالهايل لفظن ۽ جُملن
۾ ڳالهائيندڙ جي مطلب ۽ مراد موافق معنيٰ رکيل هجي، مگر جڏهن ته ٻڌندڙ ڪجهه به نه سمجهيو، تڏهن انهيءَ کي عام ٻولي سڏي ئي نه سگهبو. اهڙو
ڳالهائيندڙ ”گونگو ڳالهائيندڙ“ چئبو. گهڻي ۾ گهڻو اهڙي ٻولي فقط اهڙي ڳالهائيندڙ جي حق ۾ ٻولي چئبي، مگر ٻڌندڙ جي حق ۾ نه؛ پر جيڪڏهن ٻڌندڙ
به اها انوکي ٻولي سمجهي سگهندو هجي، ته به اها ٻولي بلڪل محدود دائري جي ٻولي چئبي، جا عام ٻوليءَ جي حاطي اندر اچي نه ٿي سگهي. وڌيڪ
صفائيءَ لاءِ سمجهڻ گهرجي ته سچ پچ ٻولي اُها آهي، جا ننڍو ڳالهائي ته وڏو سمجهي، وڏو ڳالهائي ته ننڍو سمجهي؛ شهري ڳالهائي ته ڳوٺاڻو
سمجهي، ڳوٺاڻو ڳالهائي ته شهري سمجهي؛ زال ڳالهائي ته مڙس سمجهي، مڙس ڳالهائي ته زال سمجهي؛ پڙهيل ڳالهائي ته اَڻ پڙهيل سمجهي؛ اَڻ پڙهيل
ڳالهائي ته پڙهيل سمجهي؛ هندو ڳالهائي ته مسلمان سمجهي، مسلمان ڳالهائي ته هندو سمجهي (هيءُ فقرو خاص هندستان جي ٻولين سان لاڳو آهي، جن ۾
سنڌي به اچي وڃي ٿي). اِها آهي نج ۽ اصلي ٻولي ۽ انهيءَ جو ئي نالو آهي ”عام ٻولي“.
انسان پهريائين عام ۽ نج ٻولي
ٻولي ٿو ۽ پوءِ ادبي ٻولي سگهي ٿو.
ٻارُ جنهن وقت ماءُ جي گود ۾ ٽنگون ۽ ٻانهون هڻي ٿو، پياري ماءُ پنهنجن پستانن مان پيار ۽ پِريم جي ٿُڃ پياريس ٿي، تنهن وقت هو گونگن وارا اشارا ڪري ٿو ۽ انهن اٻوجهاڻن آوازن ۽
اشارن سان گڏ مِٺي ماءُ ڏي نماڻا نيڻ کڻي، نهاري ٿو، ۽ روئي رڙي، بک جو اطلاع پنهنجي جيجل ماءُ کي ڏئي ٿو. هو اهڙيءَ طرح پنهنجي بُکئي پيٽ
لاءِ ماءُ کان قُوتَ لايَمُوتَ جِي طلب ڪري ٿو. اِهڙي وقت ٻار جيڪي آواز ڪري ٿو، انهن آواز کي ٻولي نه چئبو.
جڏهن هو ڳالهائڻو ٿئي ٿو؛ تڏهن پنهنجي آسپاس جي ڳالهائيندڙن جا آوازَ جهٽڻ لڳي ٿو ۽ قدرت جي ڏنل ڏاتِ سان هُن جي زبانَ آهستي آهستي حرفن ۽ لفظن ڳالهائڻ تي هري ٿي. هو پهريائين
ٻاتي ٻولي ڳالهائڻ لڳي ٿو، توتلي زبان سان صحيح حرفن کي غلط ۽ بگڙيل صورت ۾ ادا ڪري ٿو. جِئن جِئن هن جي زبان ۾ طاقت وڌڻ لڳي ٿي، تئن تئن
گويائيءَ جي قُوت َّ به ڪامل ٿيڻ لڳيس ٿي. تان جو هو گونگي مان ڦِري، ”اِنسان ناطِق“ (ڳالهائيندڙ انسان) بنجي پوي ٿو.
جڏهن ٻار پنهنجي آسپاس ۽ آڙي پاڙي مان اِنسان ڪلام جا آواز جهٽي، ”انسان ناطق“ بنجي ٿو، تڏهن هو پنهنجي ڪلام ۽ گويائيءَ ۾ ڪابه رنگيني ۽ ادبي خوبي ڪم ڪانه آڻي ٿو. هو اُها ٻولِي
ٻولي ٿو، جنهن سان پنهنجون خواهشون ۽ اِڇائون، پنهنجون ضرورتون ۽ پنهنجون تمنائون پوريون ڪري ۽ ڪرائي سگهي. هو پنهنجي ٻوليءَ سان، پنهنجي
من جي مراد ۽ لِڪل خيال کان، اڳلي کي واقف ڪري ٿو. سنديس زبان فقط ايترو ڪم ڪري ٿي، جنهن سان فقط سندس خيالن ۽ جذبن جي ترجماني ٿئي. ٻار
جڏهن پنجن سالن تائين پنهنجي انهيءَ مشق ۾ ماهر ۽ پختو ٿئي ٿو، تڏهن هن لاءِ به رستا کُليل رهن ٿا: 1، يا ته هو تعليم حاصل ڪري؛ 2، يا
ڪوريجو ڪورو رهي.
ادب ۽ ساهت جي شروعات
جڏهن ٻار پهريون رستو اختيار ڪرڻ لڳي ٿي، تڏهن هو ڄڻ ته ادبي ميدان ۽ ساهتي کيتر ۾ قدم رکي ٿو. اتي هن جي ٻوليءَ ۾ ترقي اچڻ لڳي ٿي ۽ هو درجي بدرجي پنهنجي ٻوليءَ ۾ انقلاب ايندو
ڏسي ٿو. هن کي ائين محسوس ٿئي ٿو ته هاڻي هو عام ماڻهن کي ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ اوچو ۽ ترقِي يافتو ٿيو آهي.
سنڌي ٻار جو مثال وٺو- تعليمي سرشتي جو موجدن ۽ تعليمي فلسفي جي ماهرن به انهن لاءِ درجي بدرجي ادبي زبان سيکارڻ جو نظام مقرر ڪيو آهي. هُنن ڪچڙن ٻارن، يا تعليم شروع ڪندڙن لاءِ
پهريائين ٻاراڻو ڪتاب ۽ ٻاراڻي سمجهه واري عام ۽ نج ٻولي مقرر ڪئي آهي. انهيءَ کان پوءِ ٻار جي ڄمار مان جيئن هڪڙو سال وڌي ٿو، تئن انهيءَ
لاءِ پهريون ڪتاب رچيو ويو آهي ۽ ان جي ٻولي به ڪجهه قدر درجي ۾ وڌائي وڃي ٿي. اهڙيءَ طرح، سال بسال تعليم جي ذريعي، ادبي زبان جو واڌارو
ڪري، ستين درجي سنڌيءَ تائين، سنڌي تعليم جو نصاب (ڪورس) مقرر ڪيو ويو آهي؛ پر اهو ڪورس به سنڌي علم ادب يا ساهت جي ڪماليت لاءِ ڪافي نه
سمجهيو ويو آهي. اڃا به وڌيڪ ادبي ڪمال حاصل ڪرڻ لاءِ شاگرد ”ٽريننگ ڪاليج“ ۾ موڪليا وڃن ٿا، جتي هو طريقه تعليم جي تعليم حاصل ڪرڻ کان
سواءِ، سنڌي ساهت ۾ ترقي ڪرڻ جي به سکيا وٺن ٿا. جڏهن هو انهيءَ درجي کي پهچي ٿو، تڏهن پنهنجي ٻوليءَ ۾ اوچا اوچا ۽ وزندار لفظ ڪم آڻڻ لڳي
ٿو. هو ڪوشش ڪري ٿو ته سنديس ٻولي اڻ پڙهيل ماڻهن کان نرالي ۽ اوچي سمجهي وڃي. اهڙي جذبي پيدا ٿيڻ کان پوءِ هو پنهنجي ڪلام ۽ گويائيءَ ۾
شيريني ۽ رنگيني، فصاحت ۽ بلاغت، ڪماليت ۽ قابليت، خاص قسم جو لُطف ۽ لذت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هو هڪ معنيٰ لاءِ ڪيترائي لفظ ڳولي ڪڍي
ٿو ۽ ڳالهائڻ توڻي لکڻ ۾ ساڳيءَ طرح ٻوليءَ جي ڪيترن ئي لفظن ۾ جدا جدا رکيل معنائن جِي کوجنا ڪري ٿو، ۽ انهن هڪڙن ئي لفظن کي ڳالهائڻ ۽
لکڻ وقت، جدا، جدا جدا معنائن ۾ ڪَتَب آڻي ٿو.
نظم يا شعر جو بنياد
هو اڳتي هِلي، ٻوليءَ ۾ ڪيترائي هم وزن ۽ هم قافيه يعني تُڪدار لفظ ڏسي ٿو. هو محسوس ڪري ٿو ته جيڪڏهن هنن کي هڪٻئي پٺيان ڪم آڻبو، ته ڪلام ۽ گويائيءَ ۾ هڪڙي قسم جو خاص لطف ۽
لذت، خاص مزو ۽ ميٺاج، خاص سونهن ۽ سينگار پيدا ٿيندو. انهيءَ احساس کان پوءِ هو تڪبند ڪلام ڳالهائڻ ۽ لکڻ ڏانهن لڙي ٿو.
جيڪڏهن قدرت طرفان طبيعت ۾ موزوني ۽ رواني، شاعرانو مادو ۽ مڻيا مليل اٿس ته هو هم قافيه ۽ تُڪ دار لفظ هڪ لائين ۾ بيهاري ٿو. لفظ لفظ تارازيءَ ۾ توري، زبان مان ٻاهر ڪڍي، يا
قلم جي نوڪ سان ڪاغذ تي لکي ٿو.
انهيءَ طرح هو پهريائين ڪچو، پوءِ آخر پڪو شاعر ٿئي ٿو. شعر سان هو موسيقيءَ ۽ راڳ کي مدد ڏئي ٿو. هو زبان ۾ سريلپڻي جو سواد ۽ ترنم جي تنوار پيدا ڪري ٿو. شعر جي وسيلي پنهنجي
خيالن ۾ بلندي ۽ بلند پروازي، پنهنجي جذبات ۾ جوش ۽ تيزي، پنهنجن امنگن ۾ اعليٰ طاقت آڻي ٿو. هو پنهنجي شعر ۾ اثر تاثير پيدا ڪري، قوم کي
قوي، بزدلن کي بهادر ۽ ڪانئرن کي همت وارو بنائي سگهي ٿو. جيڪڏهن طبيعت ۾ شاعِرانو مادو ڪونهيس ۽ لفظ لفظ تارازيءَ ۾ تورڻ جو ڏانءُ به نه
اٿس، ته پوءِ هو رنگين ۽ شيرين لفظن، چيده ۽ سنجيده جُملن جي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح هو دل آويز نثر ۽ دلپذير تقرير يا تحرير تي
قدرت حاصل ڪري ٿو.
جيڪڏهن اها لياقت ۽ قابليت قدرت منجهس نه رکي آهي، ته به هو جيڪي چوندو يا ڳالهائيندو، سو اڻ پڙهيل عوام کان مڙيئي نرالو ۽ اوچو هوندو.
هتي هيءَ ڳالهه به سمجهِي ڇڏڻ جهڙي آهي ته ڪيترائي اڻ پڙهيل، ڏاتار جي ڏات ۽ قادر جي قدرت سان عجيب ۽ غريب شعر چوندا آهن، جنهن ۾ ادب ۽ ساهَتَ جي رنگيني ۽ رونق بيحد ڀريل هوندي
آهي. اهو انهيءَ ڪري آهي جو هو استاد ازل جا پڙاهايل هوندا آهن. اهي به هڪ قسم جا عالم ۽ اديب چئبا.
اَدبي ٻولي
ادبي ٻوليءَ جو درجو ”عام“ ٻوليءَ کان بالا ۽ برتر آهي. انهيءَ درجي جي ٻوليءَ کي ادب ۽ ساهت سڏبو آهي. ٻولِي انهيءَ درجي ۾ اچِي، هڪ گلزار پربهار بنجيو پوي ٿي. ٻوليءَ جي
اِنهيءَ ادبي گلستان ۾ قسمين قسمين چمن ۽ ٻارا ٻڌجن ٿا؛ گوناگون گل ۽ گلبن پوکيا وڃن ٿا، طرحين طرحين واس ۽ سڳند ڦهلجن ٿا، ڀانت ڀانت جون
رونقون ۽ رنگ پسجن ٿا، پري پري کان ادبي گلن ۽ ڦُلن جون چڪيون، ادبي وڻن ۽ ٻوٽن جون جنسون آڻي پوکجن ٿيون. يعني اهو سڀڪجهه سامان موجود
ڪرڻو پوي ٿو، اُهي سڀ مانڊاڻ منڊڻا پون ٿا، جن سان ادب جي گلزار ۾ سدا بهار اچي. عاشقاڻا امنگ هجن، يامُجاهدانه جذبا؛ عيش پرستيءَ جا اسباب
هجن، يا محنت ڪَشِيءَ جا اوزار؛ سرمايه داريءَ جو سامان هجي، يا مزوريءَ جو مانڊاڻ؛ شاهيءَ جو تخت هجي، يا غريبت جو تختو؛ بادشاهيءَ جو تاج
هجي، يا گدائيءَ جو پيالو؛ سڪندري بخت هجي، يا دارا جو اقبال؛ محتاجيءَ جو حال هجي، يا اڪبري جلال؛ ابوالفضل جو ڪمال هجي، يا علم ۽ ڪمال جو
ڪال- انهيءَ هر هر حالت جي پرزور بيان ۽ اثرائتي اظهار لاءِ ادب ۽ ساهت ئي هڪ بهترين وسيلو آهي.
ادب زبان جو زيور آهي ۽ ساهت، ٻوليءَ جو سينگار، ادبي رنگ ۾ وِويڪ جِي واڻي ۽ ضمير جو آواز وڌيڪ زوردار، وڌيڪ اثرائتو ۽ وڌيڪ ڪارگر ٿئي ٿو. ادب ۽ ساهت جو جوهر شمشير جوهردار کان
به وڌيڪ آهي.
دنيا جي انقلابن ۽ صحيح انقلابن- ۾ تيغ برهنه کان وڌيڪ ادبي ڪلام ۽ ساهت جي سخن جو هٿ رهيو آهي. تاريخ جي ڪتابن ۾ ڄاڻايل آهي ته دنيا جون حڪومتون ترار کان ايترو ڪَؤ ڪونه
کائنيديون هيون، جيترو قلم کان. قلم ادب نويسيءَ جو تيز آوزار آهي؛ انهيءَ ڪري ئي کيس ”شمشير قلم“ سڏيو ويو آهي.
ياد رکڻ گهرجي ته دنيا جي ڪابه سڌريل ٻولي. ادب ۽ ساهت جي خزاني کان ڪڏهن به خالي نه هوندي. جيڪڏهن ڪابه ٻولي ۽ ساهت جي موجودات ۾ سُڃي آهي، ته پوءِ هوءَ سڌريل ٻولي ئي نه چئبي.
”عام“ يا ”نج“ ٻوليءَ جي خدمت
عام ٻوليءَ ۾ رنگيني ۽ بوقلموني نه هوندي آهي. هن کان فقط مطلب ۽ مراد سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جوئي ڪم ورتو ويندو آهي. اهڙي ٻولي هندو ۽ مسلمانن جي مجلسن، شهر ۽ ٻهراڙيءَ وارن جي
ملاقاتن، گهرن ۽ بازارين، ڌنڌي ۽ واپار جي منڊين ۾ عام طرح ڳالهائي ويندي آهي. اهڙي ٻولي سوچ ۽ ويچار کانسواءِ اوچتوئي اوچتو واتان نڪرندي
آهي. اهڙي ٻولي ڳالهائيندڙُ، ڳالهائڻ وقت پاڻ کي نه هندو سمجهندو آهي ۽ نه مسلمان، هو اهڙي وقت پاڻ کي فقط سنڌي سمجهندو آهي. اهڙي ٻولي،
ڳالهائيندڙ ۽ ٻڌندڙ جي وچ ۾ گڏيل ملڪيت وانگي معلوم ٿيندي آهي. ”عام“ ۽ ”نج“ ٻولي، ٻوليءَ جو هيٺيون درجو آهي ۽ ادبي ٻولي، ٻوليءَ جو مٿيون
درجو. جيتوڻيڪ اسان جي نج يعنيٰ عام سنڌي ٻولي به ٻين ٻولين جي مِلاوٽ کان ڇٽل ڪينهي؛ اگرچ هندو توڻي مسلمان، شهري توڻي ڳوٺاڻا جيڪا عام
ٻولي ڳالهائين ٿا، انهيءَ ۾ به ٻين ٻولين جي آميزش آهي؛ پر ته به گهڻو گهٽ. انهيءَ ڪري ئي اهڙي ٻوليءَ کي عام ۽ نج ٻولي سڏي سگهجي ٿو.
باقي، ادبي ٻولي ”نج“ ٻولي ٿي نه ٿي سگهي. روز بروزحالت هيءَ ڏسجي ٿي، جو ادبي ته ادبي، پرنج ۽ عام ٻولي به نت نوان لفظ جهٽيندي رهي ٿي.
شهري ته ٺهيو، پر ڳوٺاڻا به وقت بوقت دنيا جا ڪيترائي ڌاريان لفظ قبول ڪندا ۽ ڪم آڻيندا رهيا آهن، ۽ ڪم آڻيندا رهندا. اِهو سلسلو ختم
ٿيڻوئي ڪينهي، جيسين دنيا جو سلسلو قائم هوندو.
عام طرح تعليم ڪتابن ۽ خاص طرح ڪاليجي ڪتابن ۾ عام ۽ ”نج“ ٻوليءَ جي رواج ڏيارڻ تي زور ڏينداسين، ته پنهنجن تعليم يافتن کي زوريءَ پئتي هٽائي، کين ٻوليءَ جي ترقي واريءَ منزل تي
پهچڻ کان محروم رکنداسين. جيڪڏهن ڪاليجن ۾ به اُها سادڙي سنڌي (”نج“ سنڌي) پڙهائجي، جا ننڍڙَن ٻارن کي پڙهائي وڃي ٿي، ته پوءِ پروفيسرن ۽
ليڪچرارن مقرر ڪرڻ جو ڪهڙو ضرور؟ ”نج“ ۽ ”عام“ ٻوليءَ وارا ڪتاب ته ڪاليجي شاگرد پاڻهئي پڙهي سگهندا. ڇا انگريزي به وڏن درجن ۽ ڪاليجي
ڪلاسن ۾ اُهائي پڙهائي وڃي ٿي، جا پهرين درجن ۾ پڙهائجي ٿي؟
جيڪڏهن اسان پنهنجي سنڌيءَ لاءِ اهڙو قدم کنيو ته ڄڻ سنڌيءَکي سڌارڻ ۽ وڌائڻ بدران، تنگ ۽ محدود بنائي، دنيا جي ترقي پذير ٻولين جي قطار مان ئي گهِلي ٻاهر ڪڍنداسين. اِها اسان
جي نه وطن دوستي چئبي، نه علم دوستي ۽ نه زبان دوستي.
ڇا جيڪي تعليم يافته جنٽلمين اهڙا دقيانوسي خيال ٻوليءَ بابت رکندا، سي انهن شين کان به نفرت ڪندا، جي هن کان اڳ هن ملڪ ۾ ڪين هيون؟ ڇا ڌوتيءَ ۽ انگر کي جي بجاءِ ڪوٽ ۽ پتلون
پائڻ پاپ سمجهندا؟ سٿڻ ۽ پهراڻ بدران سوٽ بوٽ ڍڪڻ گناهه سمجهندا؟ ٽوپيءَ ۽ پڳ جي عيوض هيٽ زيب سر ڪرڻ بي زيب ۽ سراسر عجيب سمجهندا؟ ڇا اِهي
صاحب، بجلي بتيءَ جي بجاءِ ٺيڪري ڏيو ٻاريندا؟ ريل ۽ هوائي جهاز جي سواري پنهنجي لاءِ خواري ڄاڻندا؟ سائنس ۽ نئين فلسفي جي تعليم حرام ڪري
ليکيندا؟ تڏهن آخر ويچاريءَ سنڌي ٻوليءَ ڪهڙو گناهه ڪيو، جو کيس وڌڻ ويجهڻ ۽ نون لفظن ۽ جديد اصطلاحن قبول ڪرڻ کان روڪيو وڃي؟
جيڪڏهن نج ٻوليءَ جي اِها معنيٰ وٺبي ته ٻين ٻولين جي مِلاوٽ کان صفا آجي هجي، ته اِها بي حقيقت معنيٰ چئبي ۽ اِها ڳالهه ناممڪن آهي، بلڪ اُن جي ابتڙ ٻين ٻولين جا لفظ قدرتي طرح
وقت بوقت وڌندائي رهندا، جن کي ڪوبه روڪي نٿو سگهي.
ڪتابي ۽ اخباري ٻولي؛ علمي
۽ مذهبي يا ڌرمي ٻولي
عام طرح هندو ۽ مسلمان اهل قلم جيڪا ڪتابي ۽ اخباري ٻولي لکندا آهن، تنهن ۾ هو جدا جدا واٽ وٺندا آهن. مسلمان اهڙي زبان لکندا آهن، جو ڄڻ ته خاص ملسمانن لاءِ لکن ٿا. هندو اهڙي
ٻولي ڪم آڻيندا آهن، جو ڄڻ هندن لاءِ ئي لکي رهيا آهن. سنڌيءَ جون اخبارون ۽ ڪتاب سنڌ جي سڀني رهاڪن لاءِ هڪ جهڙا هئڻ گهرجن تان ته سڀني
لاءِ هڪ جهڙا ڪمائتا ٿي سگهن. اهو ئي سبب آهي، جو هندو، مسلمانن جي ڪتابن ۽ اخبارن کي گهٽ ڇُهَن ٿا، ۽ مسلمانَ، هندن جي ڪتابن ۽ اخبارن کي
گهٽ هٿ لائين ٿا، جنهنڪري ٻنهي ڌرين جي اهل قلم ۽ ليکڪن جا ٺهيل ڪتاب اڪثر گهٽ وڪامندا آهن، ۽ ڪتب فروشن وٽ ڍيرن جا ڍير ٿيا پيا هوندا آهن.
ڪتابن توڻي اخبارن ۾ اهڙي ٻولي لکجي، جا ٻنهي قومن جا خواندا سَولائيءَ سان سمجهي سگهن. ادبي رنگ به اهڙو ڏجي، جو ٻنهي جي نظر ۾ سُهائيندڙ ۽ سيبائيندڙ هجي.
هان- علمي ۽ مذهبي يا ڌرمي ڪتابن جي لکڻيءَ ۽ طرز تحرير ۾ ضرور فرق ٿيندو. اِهو فرق جدا جدا اصطلاحن سببان ئي ٿيندو آهي. علمي ڪتابن ۾ اهڙا اصطلاح ايندا، جي عام ماڻهو سمجهي ڪين
سگهندا. اهڙا ڪتاب عام ماڻهن لاءِ لکيا به ڪين ويندا آهن. اهڙا ڪتاب يا عالمن لاءِ هوندا آهن، يا علم پڙهندڙن لاءِ. ساڳيءَ طرح، مذهبي يا
ڌرمي ڪتاب به سڀڪو پنهنجي پنهنجي قوم يا فرقي لاءِ ئي لکندو آهي. اهڙن ڪتابن جي ٻولي هن بحث کان ئي خارج آهي. هان- هيءَ ڳالهه مناسب آهي ته
سڀڪنهن سنڌيءَ کي هڪٻئي جا مذهبي يا ڌرمي اصطلاح ۽ ورجيسون به معلوم ڪرڻ گهرجن. هندو، مسلمانن جي مذهبي اصطلاحن کان باخبر هجن، ۽ مسلمان
هندن جي ڌرمي ورجيسن کان واقف. اهڙن اصطلاحن کي به ادب ۽ ساهت ۾ دخل آهي. هڪ ادب دان لاءِ ادب جي هر پهلوءَ کان واقف هجڻ ضروري آهي. ساهت
جا پريمي اِهو خيال ئي نه ڪندا آهن ته ڪرڻ گهرجين ته ساهت ۾ جيڪي مذهي يا ڌرمي لفظ آهن، سي ڏسجن ئي نه ۽ انهن جي معنيٰ ۽ مطلب سمجهجي ئي
نه. اهڙن لفظن ۽ اصطلاحن کان پري ڀڄڻ ۽ غير واقف رهڻ ادبي ڪماليت جي بلڪل برخلاف آهي.
جيڪڏهن هندو پنهنجي ڌرم جي فلسفي جو ڪو پُستڪ رچين، ساڳيءَ طرح جيڪڏهن مسلمان پنهنجي مذهب جي نڪتن ۽ حڪمتن جو ڪو ڪتاب لکن، ته ڪهڙو نه هوند چڱو ٿئي، جو ٻئي ڌريون هڪٻئي جي مذهب
۽ ڌرم جي فيلسوفيءَ کان واقف ٿين! انهيءَ طرح ئي هڪٻئي جي ڌرم ۽ مذهب جي عزت جا جذبا ڌرين ۾ پيدا ٿي سگهن ٿا ۽ بي خبريءَ سبب جيڪا بُڇان ۽
نفرت ڦهليل آهي، سا دُور ۽ ڪافور ٿي سگهي ٿي. |