ڇپائيندڙ
پاران
سڌريل ٻولين جي شاهوڪار ادب ۾ ٻاراڻي ادب جي
تحريرن/ لکڻين کي هڪ ڌار ۽ خاص اهميت حاصل آهي.
جهڙي طرح ڪنهن به عاليشان عمارت جي تعمير جو خواب
تيستائين پورو ٿيڻ ممڪن ناهي. جيستائين پڪي پيڙهه،
مضبوط اوسر ۽ ڌيان سان ڀرپور ڪاريگريءَ جو ان ۾
دخل نٿو هجي. ساڳيءَ ريت ڪنهن به خطي جو ادب
شاهوڪار علمي ورثو رکندڙ ٻولين سان ڪلهو ڪلهي ۾
ملائي بيهي نٿو سگهي. جيستائين منجهس ٻاراڻين
تحريرن/ لکڻين جا مڻيادار موتي اسري نٿا اچن.
جيتوڻيڪ سنڌي ادب جي ٻاراڻي ڀاڱي جو ڪم جنهن
معيار سان ٿيڻو کپندو هو، اهو ته نه ٿي سگهيو آهي،
پر تنهن هوندي به هن سلسلي ۾ جن ليکڪن، قلمڪارن
پنهنجون تخليقي صلاحيتن بروءِ ڪار آڻيندي عالمي
گهرجن ٽان ٻاراڻو ادب سرجڻ جي ڪوشش ڪئي منهنجي نظر
۾ ان کي يڪسر رد ڪري ڇڏڻ به بيقدريءَ جو مظاهرو
ٿيندو.
زير مطالع ڪتاب ”تياريون وٿون“ بابت هاڪاري
راءِ ڏيڻ رڳو ”لفظي معيار“ لاهڻ جي برابر ئي ناهي،
بلڪ ڪتاب ۾ ليکڪ جنهن شاندار نموني روزمره جي
زندگيءَ ۾ وساريل/ غير اهم ڄاڻائي نظرانداز ڪيل
شين جي اهميت نصيحت آموز انداز ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي. ان سان ٻارڙن جي ذهني پرورش ۽ معلوماتي
سگهه ۾ اضافو ٿيڻ کان سواءِ وڏڙن جي ذهن ۾ ڪيترن
ئي وساريل شين جا عڪس ۽ اهميت اڀري اچڻ جي اميد پڻ
آهي. ڪتاب ۾ جيڪا نج، ڏاري ٻوليءَ جي اثرن جي
گدلاڻ کان آزاد سنڌي ٻولي ڪتب آندل آهي. سچ ته ان
کي ڏسي دل ٺري پوي ٿي.
ڪتاب جي اهيمت جو اندازو ان حقيقت مان به
لڳائي سگهجي ٿو ته 1980ع ۾ هن ڪتاب جي پهرين ڇاپي
طور ڇپرايل ٽي هزار ڪاپيون ڪجهه وقت اندر ئي هٿوهٿ
وڪامي ويون. ڪافي وقت کان ان کي ٻيهر ڇپرائڻ جي
رٿا بورڊ انتظاميه جي ويچار هيٺ هئي. آئون پاڻ کي
ڀاڳوند ڀانيان ٿو جو ڌڻي تعاليٰ هڪ نيڪ ڪم کي مڪمل
ڪرڻ جي سعادت جو شرف بخشيو اٿم.
ڄام شورو سنڌ
انعام الله شيخ
10 جنوري 2005ع
سيڪريٽري
سنڌي ادبي بورڊ
مهاڳ
هيءُ ”نياريون وٿون“ نالي سان ڪتاب جنهن ۾
ڪُل هڪ سؤ هڪ ننڍڙا ليک لکيا اٿم، سو پڙهندڙن جي
اڳيان آهي.
سنڌي ساهتيه جي گهڻگهرن کان گهڻو ڪري اهوئي
ٻول ٻڌڻ ۾ ايندو آهي، ته اسان کي پنهنجي لکيتن ۾
نج سنڌيءَ لکڻ گهرجي، پر وري به جڏهن لکندا آهن ته
اها ئي ڌارين ٻولين جي اکرن جي ڀرمار هوندي آهي.
جي، ان کان سواءِ اسان جا لکيل ٻُسا ٿيو پون. ائين
به چوندا آهن ته؛ نج سنڌي لکڻ ۾ اسان کي ڏاڍي
اهنجائي ٿئي ٿي ۽ لکت جي ٻولي به سهڻي نٿي ٿئي، ان
ڪري لاچار آهيون.
پر مون جيڪي ڪجهه لکيو آهي ان ۾ نج سنڌي
ٻوليءَ جو ڌيان رکيو اٿم. رڳو اسم خاص، پهاڪا،
چوڻيون يا بيت جيئن آهن تيئن لکيا اٿم، ٻيو سڀ
ڪجهه نج سنڌي ٻولي آهي. مون کي ته سلوڻي ڏسڻ ۾ اچي
ٿي ۽ نه ٻُسي يا الوڻي. پڙهندڙ هن ڏس ۾ پاڻ پڙهي
نياءُ ڪن. ڪي ڪي اکر جهڙوڪ زور (ٻل) خبر (ڪَل)،
خير (سک)، شيءِ (وٿ) ۽ اهڙا ٻيا اکر جي سنڌي
ٻوليءَ ۾ اهڙا ته گڏ سڏ ٿي ويا آهن، جي نج کان به
نج ڏسڻ ۾ اچن ٿا، انهن جي لکڻ کان به نه مڙيو
آهيان. ”شيءِ“ اکرن نج عربي آهي، پر اسان جا ننڍا
ٻار به شيءِ شيءِ چوندا آهن. پر ”وٿ“ اکر سمجهندا
ئي ڪونه. ان طرح ”وقت“ اکر سولائيءَ سان
اُچاريندا، پر ”ٽاڻو“ نه سمجهندا ۽ نه چوندا. اهڙا
اکر ”نياريون وٿون“ ۾ ڳاڻ ڳڻيا مس لڀندا. جن جا نج
سنڌي بدل به آيم ٿي، پر انهن جي لکڻ ۾ ڪوبه ڀولو
نه ڄاتم. ان هوندي به منٿ ٿو ڪريان ته جيڪڏهن ڪا
ڀل چُوڪ ڏسڻ ۾ اچين ته پنهنجا ڀال ڀَلائي اُها
ليکي ۾ نه آڻين. چوندا آهن ته ”ڀُلئي چُڪئي مار
ڪانهي!“
هن ڪتاب ۾ جيڪي ليک ڏنا ويا آهن، سي سڀ هڪ
يا ٻن نمونن جا مس ٿيندا. انهن ۾ رڳو ٻارن سان ٻه-
چار ٻول ڪيا ويا آهن. هي سڄو ڪتاب ٻارن جي ڄاڻ
وڌائڻ لاءِ سٽيو ويو آهي، پر آس اٿم ته وڏن کي به
ان مان گهڻوئي لاڀ پراپت ٿيندو. مون کي هن ڪتاب
لکڻ ۾ڪا گهڻي ويرم ڪانه لڳي آهي، ڏهاڙي پنج- ڇهه
ليک لکندو هوس ۽ منهنجو پُٽڙو اعجاز، اهي سٺن اکرن
۾ اتاريندو هو. اهڙيءَ ريت هڪ مهيني ۾ هيءَ سوکڙي
لکي وڃي پار پيس.
هن ڪم ۾ منهنجي ڀاڻيجي شمس الدين عرساڻيءَ
مون سان ساٿ ڏنو آهي، ان جو ٿورائتو آهيان.
جيڪڏهن منهنجو پورهيو پڙهندڙن کي وڻيو ته
ڏاڍي سرهائي ٿيندم ۽ ڌڻي سڳوري جا ٿورا مڃيندس،
جنهن هيءَ همٿ ڏني. اڳتي به اُن ننگيءَ تي ننگ
آهي!
ننگ ننگيءَ تي ننگيءَ نار.
ڪيئن وساريان سو سردار!
جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جي پارکن کي منهنجون
پچارون وڻيون ته مون لک کٽيا. هن اگهائيءَ جي سَمي
ويهي وندر ڪئي اٿم ۽ رنڍا روڙيا اٿم. هاڻي به:
جي اگهي نه ڪائو ڪچ.
نه ته ماڻڪن موٽي ٿئي!
محمد اسماعيل عرساڻي
حيدرآباد سنڌ
آڪٽوبر 1979ع
آءٌ هيءُ ننڍڙو ڪتاب ”نياريون وٿون“ وڏيءَ
سڪ سان سنڌي ٻوليءَ جي سڀني سڄڻن اڳيان جهوليءَ ۾
جهلي آڇيان ٿو، پوءِ کڻي اُهي هن ڌرتي جي ڪهڙي به
ڀاڱي ۾ وسندا هجن:
پلئه پايو ڪچ، آڇيندي لڄ مران!
نياريون وٿون
-1ڪک
ڪنهن ڪويءَ جو ٻول آهي ته:
فريدا ڪک به نه نِندجي، ڪک به وڏي وٿ،
اُڏي پيو جي اک ۾ ته ڏئي گهڻو ڏک.
ڪيڏو نه سچ چيو اٿس؛ ڪک ڪهڄر کان اسين ته بروبر ڦون ڦون ۽ ڇون
ڇون پيا ڪندا آهيون، پر اُن جي ڪارائتي هئڻ جو
ڀلجي به ويهي وستار نه ڪيو اٿئون ته اهو ڪک ڪو
ڪارائتو آهي.
اوهان اهو ٻڌو هوندوته ”ادا، ڪک هيٺان لک لڪل آهي.“ انهيءَ
پهاڪي تي ڪڏهن سمجهه ويڙهائي ويچار ڪيو ٿاَ ته ان
جو ارٿ ڇا آهي؟ ڏٺو ويندو ته اسين پنهنجي گهر مان
ڪک پن ميڙي سيري ڪڍندا آهيون ته گهر سٿرو رهي، پر
ڪک پن ميڙيندا ڇا سان آهيون؟ اوهين چوندا ته ٻهاري
سان. ڀلا ٻهاري ڪکن جي جڙيل نه آهي ته ڇا جي ٺهيل
آهي؟
بُهه ڇا آهي، ڊَڀ ڇا آهن، انهن جا ڪک ئي ته آهن جي مٽيءَ کي پڪي
ڪرڻ لاءِ گڏبا آهن، نه ته لنب ۾ سيرون ۽ ڦوٽون
پئجي ڪين وڃن! گارو ڀلا ڪکن کان سواءِ به ڪڏهن
ٺهيو آهي؟ پيش ۽ مُڃ جا پن جيستائين سٽي ڪٽي ڪک نه
ڪجن؛ تيستائين انهن مان ڪوڙو ۽ سچو واڻ ڪيئن ٺهي ۽
اسان جون کٽون کٽولا ڪيئن مڙهجن. جن تي اسين سمهي
سک ڪريون. نوڙيون ۽ رسا به ته انهن ئي ڪکن جي
سوکڙي آهن.
هي ڀانت ڀانت جا وڃڻا، پرنڊيون يا دٻڪيون، ٽٻڻيون ڇٻا ڇٻيون،
سُپ يا ڇڄ ۽ ٻيون سوين هٿ جي هنرن جون شيون، جن کي
ڏسي وات ڦاٽي ٿو وڃي، اهي سڀ نيٺ ته انهن ڪکن مان
جڙيل آهن. ماڻهو جو هٿ ڇا ڇا نٿو ڪري- آهن ته ڪڻڪ
جون تيليون ۽ سَرن جا تيلا به ڪک، هڻي انهن ڪکن جو
مُلهه ڪَٿي ڏسو.
سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ”ٻڏندو ماڻهو ڪکن جو سهارو ڳولهي.“ هن
پهاڪي جي ڀڃ گهڙ ڪبي ته سجهه ۾ اهائي ڳالهه ايندي
ته ماڻهوءَ کي ڪڏهن ڪڏهن ڪک به سهارو ڏئي ٿو. اهو
به ٻڌو هوندوته سياڻن چيو آهي ته، ”جو ڪک جو چور
سو لک جو چور.“
هن جي مراد به اها ئي ٿيندي ته جيڪو ڪک جهڙي بروبر ملهه واري
شيءِ چوري ڪندو، سو لک جي چوري ڪندي به نه گُسندو.
جيترو لک جو چور ڪپتيو سڏبو، ڪک جو چور به اوترو
ئي ويساهه کان ڪِريل هوندو. ڪک جي اکر کي ڏاهن
ڪيترو نه پهاڪن ۾ آندو آهي ۽ ان مان ڪيترا نه ڳڻ
ڳولي ڪڍيا اٿن.
ماڻهو ته پنهنجي جاءِ تي، پر پکي پکڻ به ڪکن سان ئي پنهنجا
آکيرا ٿا جوڙين. جهرڪين جا آکيرا ڏسو ۽ رنگارنگي
ننڍڙن چيهن جي گهرن تي نرت وجهو، اهي ڪهڙا نه سهڻا
۽ سوڀياوان هوندا آهن. وڻن ۾ لڙڪندا پيا آهن ته
اهي ڪيئن نه پيا من کي موهيندا ۽ سيبائيندا آهن.
اهي ويچارا نه ته سرون گڏ ڪن ٿا نه لوهه جون
سيخون_ اهي ڪک ئي ته آهن جي انهن جي مانجهاندي جو
ماڳ آهن_ پکي پکڻ جڏهن آنا لاهين ته انهن کي ڦوڙڻ
تائين انهن ڪکن جي وڇاڻي تي ئي رکندا آهن. سکين
ستابن جا هند وهاڻا برابر ملهائتا آهن پر هي ڪک ڇا
۾ گهٽ آهن.
هيءَ پرٿوي رڳو سوچڻ جي جاءِ آهي_ اهي شيون جن کي اسين ڪي ڪين
ٿا سمجهون، انهن تي ويچار ڪرڻ سان اسان کي ڏسڻ ۾
ايندو ته خدا هر هڪ شيءِ کي ماڻهو ۽ ٻين ساهه وارن
لاءِ هڪ جهڙو املهه ڪري جوڙيو آهي_ پوءِ اسان کي
مُورهين نٿو جڳائي ته ڪک کي لک کان ۽ هيڻي کي ڏاڍي
کان گهٽ سمجهون. خدا جي جوڙيل شين کي هڪ ٻئي کان
گهٽ وڌ ڇو ڄاڻجي؛ ڇو ته سڀني شين کي هڪجهڙو
مانائتو سمجهون ۽ خدا جي هنن سڀني شين جا هڪجهڙا
ٿورا ڳايون.
ڌڻي جا اسيـــن گيت ڳايــــون ســـدا،
اڳيان تنهن جي سر پڻ نمايون سدا.
ٿر جا اٻوجهه ماڻهو ويچارا ته مال جي گاهه کي، جڏهن اهو وسڪاري
ڦٽي نروار ٿئي ته چون ئي ائين ته ”ادا، هن ڀيري ڪک
جام ٿيو آهي.“ اسان جي ٿر لاءِ ڪک ئي ته جياپو
آهي، ڪک آهي ته_ ڏُڌ، لسي، گيهه، مکڻ، مَئُو آهي
نه ته اسين مارو ماڻهو نه مُئن گڏ نه جيئرن ڀيڙا.
ڀلائي ڪري ڪک کي ڪڏهن به نڪمي شيءِ نه سمجهندا
ڪريو. ائين ڪرڻ سان ڌڻيءَ جو ڏمر پراپت ٿيندو،
جنهن کان بچندا رهو. منهنجي اها وياکياڻ اٿوَ جنهن
کي سدائين چت تي رکو ۽ وساريو نه.
”اها سگهڙ سُمَتء، چوکي رک تون چت ۾!“
2- مٽي
واءُ لڳي ٿو، مٽي اُڏامي ٿي، اسان جو ڏِيل يا بُت مٽيءَ سان
ڀرجي وڃي ٿو، هنڌ ٽپڙ، ڪپڙا لٽا، گهرگهاٽ ڌوڙ ٿيو
وڃي. اسين پنهنجو پاڻ کي پيا ڇنڊيون ڦوڪيون، ٽپڙ
ٽاڙي ڇنڊيون ۽ گهر کي ٻهاري ڏيئي اڇو اجرو ڪريون،
وهنجي سهنجي پاڻ کي اُجرو ڪريون. ڳالهه جو وٺ ڳاٽو
ته مٽيءَ کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ سڀئي جتن ڪريون.
سائينءَ کي ٻاڏايون ته اي ڌڻي، مٽيءَ کان ڇوٽڪارو
ڏي، مٽيءَ ڏاڍو ڏکيو ڪيو آهي. ڏسوته مٽيءَ کان
ڪيتري نه بُڇان ٿي اچي! پر اڙي آدم جا پُٽڙا، ڪڏهن
ان ڳالهه تي به سوچيو اٿئي ته مٽي ڪهڙي نه
مُلهائتي وٿ آهي، جنهن کي تون هڪ نڪمي شيءِ سمجهين
ٿو اها ڪيتري نه ڪمائتي آهي. هن ڳالهه تي سوچ
ويچار ڪر ته ڏندين آڱريون اچي ويندءِ ۽ اهو چوڻو
پوندو ته هاءِ آءٌ ڪيترو نه ڀليل آهيان.
اها جانچ ڪئي اٿئي ته تون ٺهيل ڇا مان آهين! مٽيءَ جو پتلو نه
آهين؟ قرآن پٽي پڙهي ڏس، سياڻن ۽ ڏاهن کان پڇا ڪر
ته پڪ ٿيئي، آخوند محمد قاسم ڪين چيو آهي ته:
ڪين آهين، نيٺ ٿيندين ڪين، ڪو ڪارج ڪماءِ،
جو اچيئي ڪم سڀان، ٻيو سڀ ڦٽو ڪر ڪار ڪم.
اوهان ٻڌو هوندو ته مٽيءَ کي خاڪ به چوندا آهن ۽ ماڻهوءَ کي
خاڪي يا خاڪ جو پتلو به، انهيءَ ڪري ئي سڏيندا
آهن. اها ڳالهه ته توکي مڃڻي ئي پوندي ته ٺهيو به
مٽيءَ مان آهين ۽ مرڻ کان پوءِ به مٽيءَ يا ڌوڙ ۾
ئي لَٽيو ويندين. مان سمورو مٽيءَ کي مليل آهي. نه
کَل ۽ هڏن کي. اِهي ته سڙي وري به مٽي ٿي ويندا.
مٽيءَ ۾ ڪجهه ته آهي جو مري ويلن جي بُٺيءَ تي
سڀڪو اچيوسلامي ٿئي. لطيف سائين ڪين چيو آهي ته:
ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو
ان جي عبداللطيف چئي، مٽيءَ لڌو مان،
ڪوڙين ڪن سلام، اچي آسڻ ان جي.
لطيف سائين به مٽيءَ کي مان ڏنو آهي، نه چم هڏن يا ساهه کي. ڪن
الله وارن به چيو آهي ته ابا پٿر نه ٿيو پر مٽي ٿي
رهو، ڇو ته اها مٽي ئي آهي جنهن مان گل ڦل ڦٽن ٿا،
پٿر تي ڀلي ته ڪيترائي ڪڪر وسن پر ان مان ڪجهه به
ڪين اڀرندو. مٽيءَ واري ڌرتيءَ تي سڀ ڪو اوڀر:
اناج، ميوا ۽ وڻ ٽڻ اُسرن ٿا، جنهن مان ڏسبو ته
مٽي ڪيتري نه لاڀ واري آهي.
اڻ هوند وارن جا اَجها به مٽيءَ مان ته ٺهندا آهن. گنب جي مٽيءَ
جون ڀتيون يا ڪچين سرن جي اوساري به مٽيءَ جي ئي
ڀلائي آهي. لنب ڇنڀ به مٽيءَ مان ئي ٿئي، مٽيءَ جا
ٺهيل ٿانو وري آويءَ يا نهائينءَ ۾ کڻي پچايو ته
اهڙا سهڻا ٿيو پون جو ڏٺي اکيون پين ٺرن: ڪُنا،
دانگيون، پاٽيون، پاٽوڙا، ڦيلهيون، جمنيون، ڪونڊا،
ٽڀا، دکيون، دلا، مٽ، گگهيون، جنڊڙيون ۽ ٻيا ڀانت
ڀانت جا رانديڪا. اسان کي اهي مٽيءَ جي مهر سان ئي
ملن ٿا. مٽي ڌرتي آهي ۽ ڌرتيءَ کي ماتا يا ماءُ
سڏيو ويو آهي. موٽي ان جي پيٽ ۾ ئي وڃڻو آهي. هن
مٽيءَ مان الائي ڪيترا ساهه وارا بنيا ۽ موٽي ان ۾
ويا، پر اُن اُمڙ جو پيٽ اڃا نه ڀريو آهي، ڪنهن
ڏاهي چيو آهي ته:
وئي خاڪ کائي گهڻن جو مٿو،
اڃا خاڪ جو پيٽ ڀرجي نٿو!
مٽي ماتا، نه رڳو ماڻهن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ وٺي ٿي، پر سڀ ساهه
وارا مرون، ڪيڙا، ماڪوڙا، منجهس ڏرون کوٽي پنهنجي
لاءِ اجهو ٺاهين ٿا ۽ مرڻ کان پوءِ به مٽيءَ سان
مٽي ٿي ملي وڃن ٿا. پاڻيءَ جا درياءَ ۽ ٻيا واهڙ
به انهيءَ مٽيءَ مان ئي پنهنجون واٽون گهڙي وهن ٿا
۽ سڄيءَ ڌرتيءَ کي ڦلواڙي بنايو ڇڏين. انهن ندين
۽ واهن جي پوتر پاڻيءَ سان جو وري مٽي گڏجي ٿي سا
پوکن لاءِ ڏاڍي ملهائتي آهي. مٽي نه هجي ته ماڻهو
۽ ٻيا ساهه وارا نه هجن، اهي نه هجن ته سارو آڪاس
مندل جو منديو ويو آهي سو نه هجي.
هرڪنهن وٿ جو ٻج به ته مٽيءَ ۾ ئي ڇٽجي ٿو. ٻيا سمورا ڌاتو به
ته مٽيءَ مان ئي کوٽي ڪڍجن ٿا. باهه به ته انهن
ڪاٺين مان ملي ٿي. سئو ورهيه لڳن يا هزار ورهيه
لڳن، نيٺ ڪاٺيون، پن، ٻوٽا ۽ ڌاتو ڪنهن نه ڪنهن
صورت جو روپ وٺي وري به نيٺ وڃيو مٽي ٿين. جڏهن
ائين آهي ته پوءِ مٽيءَ کان ڪهڙو مهڻو آهي، مٽيءَ
جا به مالڪ سائين ڪيترا الڳ الڳ ڪڙم بنايا آهن؛
ڪاري مٽي، جنهن کي ڪلر ٿا ڪوٺيون، چيڪي مٽي، جنهن
مان سرون، ڪاشيءَ جا ٿانوَ ٿپا ۽ ٻيو سامان ٿو
ٺهي، ڳاڙهي مٽي، جنهن کي ريج واري مٽي يا لَٽُ ٿا
چئون. اڇي مٽي، جنهن کي واري ٿا سڏيون، بس هرهڪ
نمونو جدا جدا ڪم ڏئي ٿو. ڪڻڪ جي پوک ڪلر ۾ ڇٽ ڪبي
آهي ته ڀلي ٿئي. ان مان کارو لوڻ ملي، منجهن لاڻا
ٿين جن مان ڪپڙن ڌوئڻ جي کار جُڙي. اوٺو مال هيءُ
چهرو ٻوٽو کائي ڍؤ ڪري. واري پوسل وارن هنڌن تي
ڇٽي آلاڻ سڪائجي، منجهس ٻاجهريءَ جي باراني پوک
ٿئي ۽ ٿر ۾ ان کي ڇيڻي سان گڏي اوٽو ڏين ۽ ٻين
ڪيترن ڪمن ۾ اچي. ڇا اهڙي ڪا شيءِ آهي به ڇا، جا
سواءِ ڪم جي ڌڻيءَ اپائي هجي. مصحف شريف ۾ آهي ته
’ماخلقت هــٰــذا باطلا‘. ڌڻي سائين ڪابه وٿ اجائي
نه بنائي آهي. جڏهن مٽيءَ تي مينهن پون ته سوڪ
کائڻ کان پوءِ جيڪو تهه ٻَڌي ويندي آهي، ان مان
سرهاڻ اچڻ لڳندي آهي، ان ڪري ماڻهوءَ پنهنجي سمجهه
هلائي ان مان مٽيءَ جو عطر به ٺاهيو آهي. هونءَ به
مٽيءَ ۾ هرڪا سڙيل ۽ ڳريل شيءِ جيترو پراڻي ئي
اوترو سٺي ڀاڻ جو ڪم ڏئي ۽ پوکون ڀليون ٿين. ڏسو
ته سهي سڀ ڪا شيءِ مٽيءَ مان اُڀري اُسري ۽ وري
موٽي مٽيءَ ۾ وڃي. سبحان الله! سڀڪا واکاڻ ڌڻي
سڳوري کي آهي. اڳياڙيءَ ۾ به مٽي ۽ پڇاڙيءَ ۾ به
مٽي. جڏهن اڳ به اها مٽي ۽ پوءِ به اها مٽي ته
پوءِ ان کان ڪهڙو اَهم ٿو لڳيو جو ڇرڪ ٿا ڀريو؟
3- ڇيڻو
ننڍا هوندا هئاسين ته شهر جي گهٽين ۾ سوير ئي مايون ڪاڇاڻيون
هوڪا ڏينديون ڦرنديون هيون ته ”مائي ڇيڻا ڀتر
وٺو.“ کارو مٿي تي هڪ پاسي کان ڀتر ۽ هڪ پاسي کان
ڇيڻو. هڪ_ ٻه گهٽيون ڦري آيون ته سمورو مال کتو.
ان سمي هندو هوندا هئا، جي اهو وکر وهائيندا هئا. مون کي ماٺ
اچي ويندي هئي ته نيٺ هي واڻيا ڇيڻا ۽ ڀتر ڏهاڙي
ڇو ٿيون وٺن! گهران امڙ کان پڇندو هئس ته چوندي
هئي ته ابا ڳئون هندن جي ماتا آهي، ان جو ڇيڻو هو
پوتر ڀائين ٿا ۽ گهر کي ڏهاڙي ڇيڻي ۽ ڀتر جو راڳو
ڏيڻ هو پوترتائي سمجهن ٿا.
وڏو ٿيس ۽ ٿر ۾ نوڪريءَ سانگي ويس، اتي ڏٺم ته برهمڻ ۽ ڪراڙ
پنهنجي رڌڻن کي ڇيڻي مٽيءَ جي راڳي ڏيڻ کان سواءِ
رڌ پچاءُ ئي نه ڪندا هئا. جڻيون پائي، چاکڙيون
لاهي، پوءِ رڌڻي جي پوٿي تي پير رکندا هئا ۽ روٽي
به انهيءَ راڳي تي ويهي ٿالهيءَ ۾ رکي کائيندا
هئا.
ڏياريءَ جي ڏڻ تي خرارن جا منهن اهو ڇيڻو کپندو هٿو. خرچ به ڪو
نالي ماتر ٿيندو هو. هتي اسان جي سنڌ ۾ هندو مايون
ته ڇڏيو پر مسلمان زالن به ڇيڻي يا لِڏ مٽيءَ سان
گهرن جو پٽ لنبنديون هيون. رڳي مٽي ڪم نه ڏيندي
هئي. ڇيڻي يا لِڏ سان مٽي پڪي ٿيندي هئي ۽ سڄو سال
گهر جو پٽ ڏنل ليپي سان لوهه ٿي ويندو هو. ٿر ۾
مٽي ملڻ ڏکي هئي، ان ڪري واري ڇيڻي ۾ ملائي مايون
گهر جي پٽ کي اوٽو ڏيئي ڇڏينديون هيون. سندن
لانڍيون، چؤنرا ۽ چونڪيون سڀ انهيءَ اوٽن سان سهڻا
۽ سٿرا پيا لڳندا هئا.
ٿر ۾ ته ڪاٺيون به ڏکيون هٿ اينديون هيون. ڦوڳن ۽ ٻائريءَ جي
سنهين ڪاٺين کان سواءِ ٻيو سک. ان ڪري رڌپچاءَ
لاءِ به ڇيڻن جا مُٺيا ۽ ٿاڦون ٺاهي سڪائي رکبا
هئا، جي رڌڻي جي چُلهه جي سونهن بنبا هئا، نه خرچ
نه کاٻار، ڪاٺي مفت، ٻارڻ مفت، پاڻي مفت ڪهڙي
ڳالهه ڪجي.
حيدرآباد جهڙن شهرن ۾ اڄ به ڏسبو ته پورهيت مايون مينهن ۽ گائين
جي پٺيان ٿالهه مٿي تي رکي، لڳيون اينديون.
گُوهَرَ ۾ وڃڻ وقت اهي گهٽين ۽ رستن ۾ بوسا
لاهينديون وينديون هيون ۽ هي مايون ميڙينديون
وينديون، جتي گوهر گڏ ٿيندي، اتي ته ساجهر سوير
اهي مايون لوهي ٿالهه کڻيو هڪيون تڪيون بيٺل ڏسڻ ۾
اينديون آهن. اهڙيءَ پر ڇيڻو گڏ ڪري ان جا لولا
ٺاهي ڌرتي تي ٿڦينديون وينديون ۽ ڪجهه ڏينهن سڪائڻ
کان پوءِ ان جو وڪرو ڪندي گهڻا ڪجهه ڏوڪڙ
ڪمائينديون آهن. هن وقت جڏهن ڪوئلا چاليهه رپيا مڻ
۽ ڪاٺيون ويهه رپيا مڻ ملن ٿيون ته ڇيڻا ماڻهن کي
رڌپچاءُ لاءِ گهڻي اوڄ ڏين ٿا ۽ سهانگي ۾ سهانگو
ٻارڻ اهوئي آهي.
اها ته ٿي پڪن ڳوٺن جي پَرِ، پر ٻهراڙيءَ ۾ جتي مال مئو ٿئي ٿو
۽ ڇيڻو گهرو گهرجن کان گهڻو وڌيڪ ٿئي ٿو، اتي ته
وٿاڻن ميڙڻ کان پوءِ ان جا ڍڳ لڳائي ڇڏيندا آهن،
جو نيٺ سڪي سڙي ڀلو ڀاڻ ٿي پوي ٿو، جو پاڻ به ٻنين
کي ڏين ۽ ٻين کي به وڪڻن ۽ چڱي اُپت ٿئين.
ڇيڻي کان سکر ماڻهن کي بُڇان ٿي اچي. نه رڳو ان جي ڪم آڻڻ کان،
پر ڏسڻ کان به. پر ڪڏهن گهرو ۽ اونهو ويچار ڪري
ڏٺو اٿو ته اها شيءِ، جنهن کان بُڇان ٿي اچيوَ،
اهو ڪيترو نه ڪارائتو آهي، سون کان به وڌيڪ
ملهائتو آهي، سوچڻ ۽ لوچڻ وارن لاءِ هن شيءِ ۾
سُڌٻُڌ جا انبار ڀريا پيا آهن.
اُپائڻهار جيڪي بنايو ۽ اُپايو آهي، سا هر ڪا شيءِ لاڀ کان
پالهي نه آهي. ماڻهوءَ لاءِ اهڙيون شيون به پنهنجي
اندر ۾ گهڻو ئي سمو سانڍين ٿيون. مالڪ سائينءَ
ڪابه اهڙي شيءِ نه اُپائي آهي، جا ماڻهوءَ لاءِ
ڪمائتي نه هجي، ان ڪري ڪنهن به وٿ کي تڇ نه
ڀانئجي.
ڇيڻي مان جيڪا گئس نڪري ٿي، جنهن لاءِ سائنس جي ڄاڻن هاڻي هڪ
وڏو ڳجهه ڳولي ڪڍيو آهي. اُهو ته اسان جون اکيون
کولي ڇڏي ٿو ته جنهن شيءِ کان اسان کي بڇان اچي
ٿي، سا ڪهڙي نه ڪمائتي ۽ ملهائتي آهي. اسان کي خدا
جي اُپايل هر هڪ شيءِ مان سکيا وٺڻ گهرجي. ڪنهن
ڪويءَ چيو آهي ته:
ڪنهن کي گهٽ نه ڄاڻ، جي ڀانئين ڀلو پانهنجو.
4- ڏهيون، کُونڌا ۽ ناوا
اهو پهاڪو ته پڙهندڙن ٻڌو هوندو ته ”ڪوري ڏهي ڇڏي، پر هن اها به
ڪانه ڇڏي.“ ڪوري ويچارا هٿ جي اَڏاڻن تي سوسيون،
گربيون، لونگيون ۽ ٻيو ڪپڙو، جهڙوڪ ڪپڙ جو ٿلهو
ڪپڙو اُڻندا آهن. آڏاڻن تي پَلؤ چاڙهڻ کان اڳ
ڪيترائي ڪم ڪرڻا پوندا آهن. سُٽ جا جوٽا ڳنهي
ايندا، جي مايون ڦوريون ۽ ڦورا ڪري، اوبرن تي
چاڙهينديون آهن ۽ هڪ ڪاٺ جي اڏي، جا نجو ان ڪم
لاءِ هوندي آهي، ان تي تاڃيون ڪڍنديون آهن. جڏهن
ڪم پورو ٿيندو آهي، تڏهن اهي اوبيل تاڃيون پيڻ ۾
پسائي، تندن کي ڪَلف ڏيئي، انهنکي پڪو ۽ کهرو ڪندا
آهن، پوءِ اهي تاڃيون جُتَن تي چاڙهي، پيڻ جي وَڪ
۾ ڳنڍجي ويل تندون سوئي جدا جدا ڪندا آهن ۽ ائين
ڪندي، تندون اَلاڻ ڇڏي سڪي وينديون آهن. جڏهن تند
تند کان جدا ٿي ويندي ۽ کهري ٿي ڇڄڻ کان پڪي ٿي
ويندي، تڏهن ان کي آڏاڻن تي چاڙهي، اُڻن جهڙو
بنائيندا آهن. آڏاڻي تي تاڃي چاڙهڻ کان اڳ ان جي
ڳنڍڻي ٿيندي آهي، جنهن ۾ اوزار سان جدا جدا رنگن
جا پٽا پٽا ٺاهي، اُميرين سان تندون ڳنڍيندا آهن.
اها ته ٿي تاڃي، هاڻي پيٽي جو وارو ايندو، جنهن
لاءِ نڙا کپن. اهي نڙا به مايون ارٽ تي ويهي
نڙانڊين تي ڀرينديون آهن. ٽَڪُ ۾ نڙانڊي وجهي ارٽ
ڦيرائڻ سان پاسي ۾ رکيل اوبري مان تند نڙي تي
ويڙهبي ويندي ۽ سوين نڙا ڀري وڃي پار پونديون آهن.
اهي نڙا ڪوري کڻي ويندو. پهريائين انهن کي ڀر ۾
رکيل ڪونڊي ۾ پُسائي ڇڏيندو ۽ پوءِ هڪ هڪ ڪري ڪم
آڻيندو. هڪ پيٽيءَ تي چڙهي ويندو ۽ ان کي هٿئي سان
ٺوڪ ڏيئي ٻيو نڙو کڻندو. هڪ پَهروُ پورو ٿيو ته
اهو ٺوڪ ڏيئي تُرائي سان ڦيرو ڏئي تُرُ تي
چاڙهيندو، پر ان کان اڳ ۾ ان کي کنؤنر جي پوٿي سان
پسائيندو آهي ته ڪپڙو سپڪ رهي. اهڙيءَ پَرِ جڏهن
تاڪيو، جو گهڻو ڪري ٽيهن هٿن جيترو هوندو آهي، سو
اُڄي تيار ٿيندو ته پڇاڙيءَ ۾ سُٽ جون پوڇڙيون، جن
کي ”ڏهيون“ چئبو آهي، سي بچي پونديون آهن، جي وڍي
ڦٽيون ڪبيون آهن.
جڏهن سڄو تاڪيو اُڻجي ويندو آهي ته تُرِ کي اُسَ تي سڪائي، پوءِ
ڪپڙو تُر تان لاهي، تاڪيي وانگر ويڙهندا آهن ۽
پڇاڙيءَ ۾ باقي نائو بچندو آهي، ان جا ڌاڳا مايون
ڪيترن ئي ڪمن ۾ ڪم آڻينديون آهن ۽ ڇوڪرا به انهن
مان ڌاڳا ڪڍي، کينهوڙن تي ويڙهي، سٺا کينهوڙا تيار
ڪندا آهن ۽ ڏهين جي ڌاڳن سان ئي کينهوڙن کي ڄاري
ٻڌندا آهن. ناوا وري چلم جي نڙ ۽ گوءِ تي ويڙهي،
انهن کي پسائي، نڙ تازو ڪبوآهي ته چلم جي ڦوڪ ٿڌي
نڪري.
باقي رهيا کُونڌا. انهن مان به ڪيترا ڪم ورتا وڃن ٿا. مُنجهيل
سُٽ کي کونڌا چئبو آهي. مايون جڏهن نڙا ڀرينديون
آهن ته ڪڏهن ڪڏهن سٽ مُنجهي پوندو آهي ته اهو
منجهيل سٽ ڇني، اڇلي ڇڏينديون آهن، جن کي کونڌا
چئبو آهي. اهي کونڌا ۽ ناوا گڏ ڪري، مايون جنڊن جو
تار، پُڙ ۽ ڪلي (ڪِير) وغيره اگهي صفا ڪنديون آهن،
کونڌن جو ڳوڙهو ٺاهي، پوءِ انهن جي مٿان گولائيءَ
۾ نڙن جون تندون ويڙهبيون آهن ته کينهورن ٺهڻ ۾
وڏي ڀرتي ڏيندا آهن. هن مان مراد اها نڪتي ته ڪابه
شيءِ ڪم کان وانجهي نه آهي، سڀ ڪنهن شيءِ مان ڪارج
سري ٿو. شهرن ۾ اسين ڏسون پيا ته ٽين جا پراڻا
ٽُڪر، لوهه، جست يا ٻين ڌاتن جون پراڻيون ٽڪريون،
پلاسٽڪ يا ڪافور جون ڀڳل ٽٽل ڦڻيون، ٿانوَ، ڀڳل
ڪائي جا ٽڪر، رانديڪا ۽ ٻيو ڇا ڇا نٿو وڪامي. اهي
شيون گهورڙيا ڳنهي، وري وڃي ڪاٻاڙين کي وڪڻن؛ جي
وري پگهاري انهن مان نيون شيون جوڙين. ان ريت نار
وارو ڦيرو لڳو پيو آهي. جو ڪنگر يا لوٽو کوهه مان
ڀرجي نڪري، سو وري خالي ٿئي ۽ جيڪو خالي ٿئي، سو
وري ڀرجي نڪري. هن جڳ جهان جو ڦيرو گهيرو به ائين
هلندو ٿو رهي. ڪڏهن ڇٽ ڌڻي ته ڪڏهن پينو. جو ڄائو
آهي سو مرندو. جا شيءِ اڄ نئين آهي سا سڀاڻي پراڻي
ٿيندي. جي ڪنهن سمي وسندي هئي اتي هاڻي سُڃ آهي ۽
جتي سُڃ هئي، اُتي وسندي آهي. ڪنهن ڪويءَ چيو آهي
ته:
ڏسون ٿا چرخ جا ڦيرا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا.
مون جيئن مٿي ڪک، ڇيڻي ۽ اڳڙين ٿڳڙين بابت ويهي ٻه_ چار سٽون
لکيون آهن، اهڙيءَ ريت هنن کونڌن، ڏهين ۽ ناون، جن
کي به هڪ نڪمي شيءِ سمجهيو وڃي ٿو، تن بابت به ٻه_
چار ٻول ٻڌائڻ هڪ وڏي گهرج سمجهيم. جهڙو حال
حبيبان تهڙو پيش پريان.
5- اڳڙيون ٿڳڙيون
اڳڙيون ٿڳڙيون به هڪ اهڙوئي وکر آهي جو اسين نڪمو سمجهي، بي
ڌيانيءَ سان اڇلي ڦٽو ڪندا آهيون. مگر ۾ اهي ڪنهن
ٻار آڻي ڦٽيون ڪيون ته ڪاوڙجي پوندا آهيون ۽ ٻارن
کي سٺيندا آهيون ته گهر ۾ ڪن ڪچرو نه ڪريو. اها
ڳالهه پنهنجيءَ جاءِ تي ٺيڪ آهي، پر اهي اڳڙيون،
جيڪي ڪم ڏين ٿيون، انهن تي اسان ڪڏهن به هڪ مَنو
ٿي ويهي، ويچار نه ڪيو آهي ته اهي ڪيتريون نه
ڪمائتيون آهن.
سگهڙ ماين وٽ انهن اڳڙين مان جيڪي ڪارج سَرَن ٿا، اهي وستار
وهيڻا نه آهن. ڪِڪا ڪِڪيون جي اڃا پسونئڙا آهن، تن
جي وِهڪ واري جاءِ جهاڙي اُگهڻ لاءِ ۽ انهن جا
رلڪا ۽ رلڪيون ٺاهڻ ۾ اهي اڳڙيون ئي ته آهن، جي
اسان جي واهر ڪن ٿيون. جيسين ٻارڙا سمجهه ڀريا
ٿين، تيسين انهن اڳڙين جا ٿُٻن جا ٿُٻا ٿا کپن، نه
هڪ ٻه اڳڙي. ان ڪري ويم کان اڳ مائرون وينديون آهن
اڳڙيون گڏ ڪنديون. هينئر ته کڻي سُئانجي ۾ ڪپهه ڪم
اچي ٿي، پر بي پهچ ماڻهن لاءِ ايترو خرچ ڪٿان اچي
جو ڪپهه جا ٿٻا، جن جو ملهه هينئر اُڀ سان ڳالهيون
ٿو ڪري، سي ڳنهي سگهن. سڄو سئانجو اهي اڳڙيون ئي
ٻهراڙين جون مايون ۽ داين ڪم آڻين.
ڪپڙو لٽو پراڻو ٿيو ته شهري زالن وانگر نڪي اهو وڪڻي ڇڏين، نڪي
ان جي بدلي ٿانوَ ٿپا وٺن، پر اهڙا پُراڻا سُراڻا
ڪپڙا وينديون آهن گڏ ڪنديون. گهر جي ڪم ڪاج کان
واندڪائي ملين ته انهن اڳڙين مان ڪيئي ڪم وٺن.
اوهين رليون جيڪي ڏسو ٿا ۽ سمهڻ مهل مٿان ڍڪيو ٿا،
يا هنڌ تي وڇايو ٿا، سي انهن اڳڙين مان ئي ته سگهڙ
زالون جوڙينديون آهن. اهي پراڻا ڪپڙا چڱا چڱا ٽڪر
ڪتري، انهن کي جدا جدا رنگ ڏيئي، سڪائي، چورس ٽڪر
ٺاهي يا انهن مان ٽُڪَ ڪري گل ڦل ڪتري، پوءِ رنگ
برنگي چورس ٽڪرن کي سُئي ۽ ڌاڳي سان سبي، جوڙ ڪري
رلين لاءِ مٿيون تهه (پُڙ) اهڙو ته ٺاهي وٺن، جو
نيڻ پيا ٺرن. رليءَ جو هيٺيون تهه (لِيهه) به ڪن
ڦاٽل ٽٽل چادرن يا اجرڪن مان سڄا سڄا ٽڪر ڳنڍي
تيار ڪن. نئين ڪپڙي تي پئسو ڪونه وڃائين. رلين جو
وچ به ڪپهه سان ڪونه ڀرين، پر اهي ئي اڳڙيون
(پُچَ) انهن ۾ سياڻپ سان سَٿي، سئيءَ جو اهڙو ته
سيبو ڪن، جو چپ چپن سان ۽ ڏند ڏندن سان لڳيو وڃن.
درزين جي دڪانن تي اها ڪاتر جام هوندي آهي، جا هو پنهنجا دڪان
اڇي اجري ڪرڻ لاءِ ميڙي سيڙي کڻي ڦٽي ڪن. اها ڪاتر
به مايون منٿون ڪري انهن کان وٺن. درزين کي چون ته
ابا ڪاتر ڦٽي نه ڪجو، اسان کي ڏجو ته اسان کي ڪم
ايندي. انهيءَ ڪاتر مان وهاڻا ڀرين، جي ڪپهه جي
جاءِ وٺن. مايون چونديون آهن ته ”ابا، ڪم سان ڪم،
سمهڻ مهل مڙئي مٿو مٿڀرو هجي. اسان کي هي اڳڙين
جون رليون ۽ وهاڻا ڄمار گذارڻ لاءِ بس آهن. وڌيڪ
اسان کي ڇا گهرجي. شاهوڪار ڀلي ته پَٽَ جي هنڌن تي
سمهي کونگهرا هڻن، اسان کي هي پٽ پٽيهرن کان وڌيڪ
ڀلا آهن. وڏن ماڻهن کي ته ڪپهه ۽ پَٽ جي هنڌن ۾ به
ننڊ نه اچي ۽ پيا پاسا ورائيندا آهن، پر اسان کي
ته ڪنڊن تي گَهري ننڊ اچيو وڃي، دهل پيا وڄن ته به
سجاڳي نه ٿئي_ شاهوڪارن جي ننڊ جهرڪيءَ جي چون چون
به ڦٽايو رکي.“
پِيرن يا خدا وارن جي آسڻن تي به جهنڊون لاهرائي، ماڻهو اڳڙيءَ
۾ مٿن تان ڪوڙيل وار ڳنڍ ڏيئي، ڪنهن وڻ ۾ ٻڌي
ڇڏيندا آهن. انهيءَ ڪم لاءِ به ته اڳڙيءَ ٽڪر ئي
ڪم اچي. ٻارن کي ٿڌ تپ ٿئي ته ڪاڙهو ڪاڙهي اڳڙي
ٽڪر ۾ ئي ته ڇاڻبو آهي. ڪنهن لڱ تي ڌڪ لڳي ۽ رت
نڪري پوي يا ڪٿي ڦٽ ڦرڙي ٿي پوي يا ڪنهن کي اک تي
پٽي ٻڌڻي هجي ته اڳڙيءَ جي پٽي ئي ته ڪم اچي. ڪا
بتي ميري ٿئي يا لالٽين يا چمني ڪاري ٿئي، ڪٿي ڪو
ميرو دُٻو ٿي پوي، ڪٿي ڪو سڻڀ يا مس جو چٽو ٿي
پوي_ ڪلڪ تان مس اُگهڻي هجي ته بس اها ئي دانهن
ڪبي ته ”اري ڪو اڳڙيءَ ٽڪر ڏيو ته اُگهي اجرو
ڪريان. اڳڙيون يا ڪاڳر ڳچ ڏينهن پسائي ڀَت ڪري،
ڪُٽي سَٽي ڪِرت وارا همراهه انهن مان اهڙا ته رليف
مئپ (نقشا) ٺاهي، انهن کي رنگ روپ ڏئي پهاڙن،
ڍنڍن، سمنڊن، اپ ٻيٽن، اپ سمنڊن، ندين ۽ نارن،
راسين ۽ ٻيلن جا اهڙا ته نشان ٺاهي وٺن، جو واهه
واهه! جا آواز چپن تي پهچيو وڃن.
اڙي مايون اڳڙيون، اوهان کي جڏهن ڪو نڪمي وٿ ڪوٺيندو آهي ته مون
کي ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي. اوهان جي مُلهه جو ڪاٿو
لڳائيندو آهيان ته اوهين سون کان سوايون ڏسڻ ۾
اينديون آهيو. اوهان جي هوند سان اڻ هوند وارن جا
ڪيترا نه ڪاج ٿا سَرن. ٻارن جي راند روند ۽ وندر
جون گڏيون ۽ انهن جا ڪپڙا به ته توهان اڳڙين مــان
ئي ٿا ٺاهيو! اڳڙيون بلي بلـــي!
6- کُنڀيون
سٻاجهي سائين جيڪي ڪروڙين اوڀر هن ڌرتيءَ مان اڀاريا آهن، تن ۾
کُنڀي به هڪ انوکو اوڀر آهي. سڀني سَلن ۽ ٻوٽن جو
ٻج هوندو ئي هوندو آهي، ٻج کان سواءِ ڪابه شيءِ
ڌرتيءَ مان نه ڦٽندي آهي، کڻي ڌرتيءَ تي پاڻيءَ
جون نديون ليٽائي وجهو ته ڪوبه ڦُل ڪنڌ نه ڪڍندو.
رڳو کُنڀي ئي آهي جنهن جو نڪو ٿئي ٻج نه پاڙ. نڪري
به رڳو تڏهن جڏهن مينهن وسن ۽ ٻوٽا ساوا ٿين.
وارياسي ۽ مِٺي ڌرتيءَ ۾ ئي کُنڀيون جنم وٺن. رات
جو مينهن وسي بس ٿئي ته سج اڀرڻ سان ساجهر سوير
کُنڀيون ڪَر کڻي ٻاهر نڪرن، پوٺا ۽ پٽ انهن کنڀين
سان کلندا ڏسڻ ۾ اچن. آهن ڀلا اڇيون کير جهڙيون سو
جڏهن ڌرتيءَ مان منهن ڪڍن ته اڇن ڏندن وانگر
ڌرتيءَ جي وات مان کلنديون نڪري نروار ٿين.
کُنڀيون آهن موسمي ڀاڄي ۽ هنن جي ڄمار به ٿئي هڪ ٻه ڏهاڙا. سَڄر
کُنڀي هتان ڪڍي، هُتان کاڌي ته واهه نه ته ٻئي
ڏينهن ڌپ ڪري وڃي ۽ کائڻ جهڙي نه رهي. کُنڀين جي
ڀاڄيءَ جي مند آهي سانوڻ جي، ڀاڳ سان ملي ۽ کاڌي
ته واهه نه ته وري ٻارهن مهينا ماڻهو سِڪيو.
کُنڀين جي انهيءِ مند ۾ گهُر به ڏاڍي ٿئي. جهنگن
جا جهانگي توڙي شهرن جا سکر ماڻهو به هن جي سڪ ۾
رهندا آهن ته ڪڏهن ٿو سانوڻ وسي ۽ ڪڏهن ٿا کُنڀيون
کائون.
ڪن اڀرن سڀرن لاءِ ته پورهيو به نڪري پوي ۽ کُنڀين جي وڪري مان
چڱا ڏوڪڙ ڪمائين: ڇا ڪندا آهن جو ڪنهن وڻ جي هڪ
سنهي ڏانڊي ڪپي ان ۾ کُنڀيون هار يا سَنَگهر وانگر
پوئيندا ويندا آهن ۽ جڏهن لار ٺهي وڃي، تڏهن هٿ ۾
کڻي شهرن ۾ اچن. وڪري مان چڱو ڪجهه پراپت ٿئين ۽
انهن ڏوڪڙن مان ٻيون جياپي جون گهرجون پوريون ڪن.
شهر جا ماڻهو ته کُنڀين لاءِ آتا ويٺا هوندا آهن،
سي ڪيتري به مُلهه سان هيءَ ٻارهن ماهي سوکڙي
ڳنهندا آهن. پوءِ انهن کُنڀين کي شهري توڙي
ٻهراڙيءَ جون مايون ڌوئي ڌمالي ڳترا ڳترا ڪري ڏاڍا
گيهه جا داڳ ۽ ڀُڃڻيون ڏئي اهڙو ته سوادي ٻوڙ تيار
ڪن، جو هٿ ۽ چپ چٽيندا رهجو وڃون. کنڀيون جيڪڏهن
ٻين ڀاڄين وانگر ٻج ڇٽڻ سان پوکيون وڃن ته سندن
ايڏو مانُ ٿيئي ڪين يا ڪا کُنڀين کي پاڙ هجي ته به
جوئر جي کيتن وانگر ڦٽي پون، پر سٻاجهي سائينءَ
هنن جو ٻج ئي نه اُپايو آهي ته ڀلي سندس ٻانها
انهن جي سڪ ۾ سال گذارين ۽ منهنجا ٿورا ڳائيندا
رهن ۽ سوال ڪن ته سائين سانوڻ آڻ.
7- ڪِيولِيون يا ماڪوڙيون
ڪِيولِيون ڪنهن نه ڏٺيون هونديون؟ گهٽين ۾ گهرن ۾ جتي ڪٿي سندن
واسو آهي، ڌرتيءَ ۾ سنها سنها ٻِر ٺاهي انهن ۾
هزارن لکن جي ڳاڻيٽي ۾ رهن. ماڪوڙيون آهن ته هڪ
ننڍڙو جيوُ پر ڪم وڏا ٿيون ڪن. سندن پاڙا به ٽي
آهن: هڪڙيون تمام ننڍيون سنهيون ڳاڙهيون ڄئين
وانگر، ٻيون وڏيون پيٽ پُٺي ڪاريون ٿين ۽ ٽيون
اڇيون. انهن اڇين کي اڏوهي به ڪوٺين؛ انگريزيءَ ۾
کين ”وائيٽ ائنٽس“ چون. پهريون ۽ ٻيو پاڙو هرڪا
اها شيءِ، جا ماڻهو کائين، سي سڀ شيون کائين. باقي
اڇيون ماڪوڙيون يا اڏوهي ڪاٺ ۽ ڪاڳر کائين. ڪاٺ ۽
ڪاڳر جي دستين سان هاڃا ڪريو ڇڏين. درن دروازن جو
ستياناس ڪريو ڇڏين ۽ ڪتاب ٽُڪي ڇيهون ڇيهون ڪريو
ڇڏين، اُن ڪري اُنهن جي بچاءَ لاءِ ڪتابن ۾ نم جا
پن ۽ تماڪ جا پن وجهبا آهن، درن درين کي ڏامر
لڳائبو آهي ۽ دفتر جي ڪاٺ جي گهوڙن جي پيرن هيٺان
پاڻيءَ جون ڪونڊيون ڀري رکبيون آهن ته ڌرتيءَ تان
مٿي چڙهڻ ته پاڻيءَ جي ڪونڊين ۾ ٻڏي وڃن.
سنهيون ڳاڙهيون ماڪوڙيون ته جنهن شيءِ تي چڙهيون، ان جا ڀاڱا
ڪڍيو ڇڏين. کنڊ ۽ ٻين مٺين شين جهڙوڪ ماکيءَ جون
ته ويري آهن، ڪنهن جي ڪپڙي يا هنڌ تي ڪا مٺي شيءِ
ڪِري ته اتي به چڙهي وينديون۽ ماڻهوءَ کي چڪن سان
سُڄائي ڊٻڙ ڊٻڙ ڪريو ڇڏين. وري جڏهن اهي هنڌ يا
ڪپڙا اُس ۾ سڪائجن، تڏهن وڃي ڀرم ڀري ٿئي. وڏيون
ڪِيوليون وري اناج لاءِ ڪال آهن، سندن ٻِر کوٽي
ڏسبا ته اندر ڍڳ اَن جا گڏ ڪري رکنديون آهن. اهو
سڀ اَن ڍوئي اچي پنهنجي ٻِرن ۾ ڏکئي ٽاڻي لاءِ گڏ
ڪري رکنديون آهن،. جڏهن مينهن جي موسم ۾ يا سياري
جي سيءَ ۾ ٻاهر نه نڪرن ته پوءِ پنهنجو گڏ ڪيل اَن
ويهي چس سان کائين. هي ماڪوڙيون اورچ به هڪڙيون ئي
آهن. اورچائي ته اسان ماڻهن کي به انهن کان سکڻ
گهرجي. ڪم ڪرڻ کان بنهه ٿڪجن ئي ڪين. سارو ڏهاڙو
توڻي رات پيون اَنُ ڍوئينديون آهن.
اسان پنهنجي سنڌي ڪتاب ۾ هنن ماڪوڙين بابت هڪ بيت پڙهيو آهي، جو
هت لکان ٿو:
گُڻ عجب آهي اورچائيءَ سندو،
آدمي جيڪو اورچائي ڪندو.
من گُهريا مطلب انهيءَ ٿيندا نصيب،
هن اورچائيءَ جو ڦل آهي عجيب.
ٿوري ٿوري ڪم منجهان ٿيندو گهڻو،
جيئن ٿو بڻجي ڍڳ، رکي هڪ هڪ ڪڻو.
جيتڙن ۾ پڻ اورچائي ڏسو،
ٿا ذري مان ڪيو وجهن ڪيڏو قصو.
ڏِس اورچائيءَ ۾ ماڪوڙين جو حال،
هڪڙي ماڪوڙي سندو ٻُڌ جو مثال:
هڪڙو واريءَ جو دڙو ڪٿ هو پيو،
تنهن کي ننڍڙي ڪِئُليءَ پئي ڍوئيو.
ڪنهن ماڻهوءَ چيس اي ڪئلي غريب!
ڇو پئي ڪرين تون هي پورهيو عجيب؟
چيائين مون کي دل گهرئي سنگتيءَ چيو،
اُن چوڻ تي هي اٿم پورهيو ڪيو.
تنهن تي ماڻهوءَ کي لڳو ڏاڍو عجب،
چيائين اي ڪئلي، سُڻج تون هي سبب:
وات ۾ تون ٿي کڻين ٿورو ذرو،
ڪيئن کُٽائيندينءَ ڀلا ايڏو دڙو؟
تنهن تي ڪئليءَ چيس هيءَ ڳالهه سُڻ:
مون ۾ ته آهي اورچائيءَ جو گُڻ.
ڪم ڪرڻ کان ٿينديس ڪڪ مُور ڪين،
جي مُيس ته به چوندم آفرين!
هي ماڪوڙيون وري وير_ وٺو به ڏاڍيون ٿينديون آهن. اوهان ٻي هڪ
آکاڻي به پڙهي هوندي، جا آهي ”نانگ ۽ ماڪوڙيون.“
هڪ نانگ ڏهاڙي ماڪوڙين جي ٻرن وٽ اچي ماڪوڙيون
کائيندو هو. هڪ ڀيري اهو نانگ در مان ٿي لنگهيو ته
رهڙجي پيو، کل ڇيلجي پيس ۽ رت وهڻ لڳس. ماڪوڙين کي
به سُڌُ پئجي وئي. هنن کي به هئا ساڙ، سي چڙهي ويس
۽ چڪي چڪي ساهه ڪڍي ڇڏيائونس. چوندا آهن ته ”ڪنهن
به ساهه واري کي نه ڏکوئجي.“ ڪڏهن انهن جي بُلَ ۾
اچي وڃبو ته اڳيون پويون ڪسرون ڪڍي ڇڏيندا،
تنهنڪري ڪنهن کي به نه ڏکوئجي. ڏسو ته ماڪوڙيون
ويچاريون ڪيڏيون نه ننڍڙيون آهن ۽ اسان جي پيرن ۾
پيون لتاڙجن. اسان جا ٻار به چِچي، ٽِنڊڻ يا
ڏينڀوءَ کان ڊڄندا، پر ويچاري هيڻي ماڪوڙيءَ کي
مارڻ ۾ دير ئي نه ڪندا. سچ ته هيڻن تي سڀڪو ايندو
ٿو رهي، پر پاڻ کان ڏاڍي سان هٿ ئي نه اٽڪائيندو!
ويچارين ماڪوڙين کي اکيون ٿين ئي ڪونه. سندن سنگهڻ واري اندري
ڏاڍي تکي هوندي آهي. هلنديون وينديون ۽ گهر جي ڇت
تي به جيڪڏهن ڪا شيءِ سنگهيائون ته هڪٻئي پٺيان
ڊهاڙا ڪري ناسون هڻنديون وينديون ۽ اتي وڃي
پهچنديون. سنگهر ڪري هلڻ ماڪوڙين کان ته ڪو سکي.
ڏسڻ جي سگهه نه اٿن، ته سُنگهڻ جي سگهه خدا ڏاڍي
ڏني اٿن. چوندا آهن ته ”نانگ جو پير، ڪيوليءَ جي
اک ۽ ملان جي دان پُڃ، ڪنهن به نه ڏٺو آهي!
اسان کي هرهڪ ننڍڙي شيءِ مان ڏاهپ سکڻ کپي. الله سائينءَ ڪابه
وٿ بنا ڪم جي پيدا نه ڪئي آهي. ڪيوليءَ جي ڪمن تي
ڌيان ڏبو ته اسان کي ڪيتريون ئي ڪمائتيون ڳالهيون
ڏسڻ ۾ اينديون.
8- ڪوريئڙو
ڌڻيءَ سڳوري هن پرٿويءَ تي جيت ته ڀانت ڀانت جا لکن جا ڳاڻيٽي ۾
اُپايا آهن. هر هڪ جيت جا پنهنجا پنهنجا گُڻ آهن.
ڪوريئڙو به انهن مان هڪ آهي. هن کي ڪوريئڙو ان ڪري
چون ٿا، جو هو ڄاري اُڻندو آهي ۽ ڪوري ڪپڙو اُڻندو
آهي. ڪوريءَ کي ته ڪپڙي اُڻڻ لاءِ سُٽ کپي، هٿڻ
کپن ۽ ٻيو سامان کپي، پر هن ويچاري ڪوريئڙي کي سڀ
ڪجهه پنهنجي مٿي ڪرڻو ٿو پوي. ڪنهن به شيءِ جي
گهرج ٻئي هنڌان پوري ڪرڻ جي ڪاڻ ڪڍڻي ڪانه ٿي
پويس. وري جيڪا ڄاري اُڻندو آهي، سا اوهان پنهنجي
گهرن ۾ گهڻو ڪري ڏٺي هوندي؟ سوين ڪوري مِڙن ۽ سُٽ
جا ڌاڳا ڪٺي ڪن، پر ڪوريئڙي جي ڄار سان ڪٿي ٿا
برميچين! ڪوريئڙي جي ڄار جون تندون وارن کان به
سنهيون هونديون آهن ۽ پَٽَ کان به ڪونئريون
ٿينديون آهن. ڪنهن به ڏورانهين ڏيهه مان اهڙو پَٽ
ڪيتري به ملهه تي ملي نه سگهندو_ ته پوءِ ڪوريئڙو
اهڙيون تندون ڪٿان ٿو آڻي؟ اوهان کي ٻڌي ڏندين
آڱريون اچي وينديون ته ڪوريئڙو اهي تندون پنهنجي
گِگَ مان ٺاهي ٿو. پنهنجي اندر مان پَٽ_ ڪينئين
وانگر اهي تندون ڪڍي، ۽ پاڻ ئي اُڻي پنهنجي ڄاري
ٺاهي ٿو. پاڻ ٽنڊڻي جيڏو، ڊگهين ٽنگن سان پنهنجي
ڄاريءَ ۾ تڪڙو تڪڙو هلي، ته به ڄاريءَ کي ڪجهه به
جوکو ڪين ٿئي، پر ڪو ماڻهو ڄاريءَ کي هٿ لائي يا
ڪک سان ڇُهي ته اک ڇنڀ ۾ ڄاري ويڙهجي سيڙهجي ناس
ٿيو وڃي، ۽ هٿن يا ڪک کي چنبڙي پوي. مَکَ يا مَڇَر
جون ٽنگون ڪهڙيون سنهيون ۽ هلڪيون آهن، پر ڪوريئڙي
جي ڄاريءَ ۾ ويا ته ڦاٿا، ڪوريئڙو ڄار ٺاهيندو ئي
آهي پنهنجي پيٽ گذر لاءِ. جيڪي جيت ڦاٿا، انهن تي
وارو ڪري وٺندو ۽ ڳڙڪائيندو ويندن. ڪوريئڙي جي
ڄاري، جا هونءَ ته بنهه سنهي آهي، پر ڌڻيءَ جي جوڙ
ته ڏسو، جڏهن واچون اينديون آهن، تڏهن پٿر جون
سگهاريون جايون ۽ انهن جا منگهه؛ ٿُلها ٿُلها وڻ
به پاڙؤن پٽجي ويندا آهن، پر ڪوريئڙي جي ڄار کي
ايڏيون وڏيون واچون به ڪو جوکو رسائي نه سگهن.
ڪوريئڙي جي ڄار جهڙي سا تهڙي لڏندي پئي، پر پٽجي
اُڏامي پَٽ ڪونه پوندي. ڪري ٿي ڪا اتي اسان جي
سمجهه ڪم! ته هي سڀ الله سائينءَ جي جوڙ آهي، جنهن
تي جيئن ويچار ڪبو، تيئن سمجهه دنگ رهجي ويندي.
اسان جي قرآن سڳوري ۾ به هڪ سورت سڳوري آهي، جنهن جو نالو
”عنڪبوت“ آهي، يعني ”ڪوريئڙو“. ها ها، اهوئي
ڪوريئڙو جنهن جي ڳالهه پيا ڪريون. قرآن جهڙي خدا
جي ڪلام ۾ ڪوريئڙي جي سورت لکڻ به ڏاهپ کان ٺلهي
ته نه هوندي! اسان جو رب سائين به اسان کي ان مان
اها ساڃهه ڏسي ٿو ته اي ڪار مٿا، اُڀا ٻه پيرا،
ساهه وارا ماڻهو! ڏسو ڏسو، سوچيو ۽ ويچار ڪريو ته
مون ڪهڙي نه انوکي جوڙ جوڙي آهي. منهنجي هر هڪ ڪم
۾ اوهانجي ڌيان ڏيڻ لاءِ هڪ وڏي ساڇاهه سمايل آهي.
تنهن ڪري منهنجي ساراهه ڪريو ۽ وڏائي ڳايو، مون کي
سڀ ويل ساريو ۽ منهنجا ڳڻ ڳايو.
پڙهندڙ ڀائرن رابرٽ بروس راجا جي ڳالهه ته پڙهي هوندي ته هن کي
ڪوريئڙي ڪهڙي ساڃهه سيکاري: هڪ ڪوريئڙو هو جنهن هڪ
ڀِت تي چڙهڻ جي لاءِ ڇهه ڀيرا ڪاهه ڪئي. ڀيري ڀيري
سان ان تان ڪري ٿي پيو ۽ نيٺ ستين ڀيري ڀت جي
چوٽيءَ تي چڙهي وڃي پار پيو. رابرٽ بروس سارو رنگ
ويٺي ڏٺو ۽ پاڻ همٿ نه هاريائين ۽ ويرين تي جُلهه
ڪري ويو ۽ سوڀ کٽيائين. ان ڳالهه تي هڪ بيت به چيل
آهي، جو اوهان پڙهيو هوندو، جنهن جون سِٽون اوهان
جي ڄاڻ لاءِ لکان ٿو:
ليٽي لعل پلنگ تي، ڪنهن ملڪ جو شاهه،
اوريو پئي اندر ۾، ڪجي ڪا صلاح،
رعيت پڻ راضي ٿئي، سڀڪو چوي واهه،
ڪانه سجهيس ڪا راهه، تيلهن مڙس موڳو ٿيو.
موڳو ٿي هي رهيو، وائي نه آڻي وات،
سج لهي سانجهي ٿي، مٿان پئي رات،
هي پنهنجي اندر سان، اوري اهائي بات،
مٿان ٿي پرڀات، ڄائو سج پڻ ڄام تي.
سج ڄائو، ٿيو سوجهرو، پلنگ نه ڇڏيائين،
ڳڻتي انهيءَ ڳالهه جي، پئي پل پل ڪيائين،
ڪرندو ڪنهن مهل ڪوريئڙو، پَٽ تي ڏٺائين،
ڪوريئڙو اُتائين، پوءِ چُري چڙهيو ديوار تي.
ڪوريئڙو ڪاهي هليو، چڙهيو مٿي ديوار،
ڪِري پئڙو پٽ تي، موٽي سو تنهن وار،
همٿ نه هاري تنهن ذري،ڪوشش ڪيائين ٻيهار،
البت هٿ ٻه چار، چڙهي سو مٿي ٿيو.
چڙهي سو مٿي ٿيو، وري ڪِريو پٽ،
تڏهن انهي شاهه کي، کِل ڇڙي جهٽ پٽ،
چي، ويچاري وڌڻ سان، ڪانه ڪئي ڪا گهٽ،
تڪڙ جنهين وٽ، سو مور نه پهچي ماڳ تي.
ڇهه ڀيرا هي ڪِريو، سنڀريو ستينءَ وار،
ڪي ڌيرو ڪي تڪڙو، چڙهي پيو ديوار،
پرو پنڌڙو ناهي ڪي، باقي هٿ ٻه چار،
پهتو جڏهن پار، تڏهن شاهه شرمندو ٿيو.
اهو سو بيت ڪوريئڙي جي اورچائي بابت آهي.
9- ٻُڙي
ٻڙيءَ کي ڪي صفر چون، ڪي زيرو، ڪي پائنٽ، ڪي ڊيسيمل، ڪي ناٽ ۽
ڪي ڪجهه! پر ٻُڙي چوڻ سڀ کان وڌيڪ وڻندو اٿوَ.
هيءَ ٻڙي جنهن کي نه آهي ٿولهه، نه آهي ڊيگهه، نه
آهي ويڪر، نه آهي گهاٽائي، نه آهي منجهس ٻيو ڪو
گڻ. ان جا ڪم ته ڏسو! ايڪو لکي ان جي کاٻي پاسي
ٻڙي ڏيو ته هڪ جو ملهه ڏهه ٿي وڃي، ٻي ٻڙي ڏيو ته
سؤ، ٽي ڏيو ته هزار. ائين ڪروڙن تائين وڃيو پهچي.
پر وري جي ان کي ايڪي جي ساڄي پاسي رکوس ته سؤ
ٻڙيون کڻي ڏيو پر ايڪي جو اگهه اوتري جو اوترو، هڪ
تِرُ به نه وڌي. ٻڙيءَ جو اهو جادو منتر به عجيب
آهي. جَسُ هجي ان ماڻهوءَ جي کوپڙيءَ کي، جنهن
هيءَ ٻُڙي ڳولي لڌي، ليکي چوکي جي ڪم ۾ سولائي ڪري
وڌي ۽ هاڻي ساري جڳ جو ليکو انهيءَ ٻڙيءَ تي آڌار
رکي ٿو. ٻڙي نه هجي ته ڏهه ايڪا، سؤ ايڪا ۽ هزار
ايڪا ڪڍي، اسان جا هڏ ئي ڳري وڃن ۽ جڏهن انگ پڙهون
ته ايڪا ڳڻي ڳڻي اڌمُئا ٿي پئون. ڳڻپ ۾ ڪو ايڪو
ڀلجي وڃون ته وري ڳڻيون ۽ ڪم سڄو هيٺ مٿي ٿي پوي.
جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو هاج ڪم رُلي ويندو آهي ته
سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ”بس ٻڙي اچي ويس.“ شاگرد
ويچارا ته ٻڙيءَ سان مٿو به گهڻو کپائين، پر ان
کان ڀڄن به اهڙو جهڙو ”ڪانءُ ڀڄي کاريءَ کان.“ شل
نه ڪنهن کي ڪنهن پيپر ۾ ٻُڙي مارڪون ملن ته سندس
ڪارپَت ڌوپي ويندي، ۽ روئي ڏيندو. پاڙهيندڙن جي اک
۾ هڪ پاسي، هڪ جيڏن جي اکين ۾ ٻئي پاسي، مائٽن جا
موچڙا مار يا ڇنڀ ٽئي پاسي، ڄمار ئي وِهُه. سچ پچ
ته ٻڙي آهي سا ننڍڙي پر آهي وِهُه جي ڳنڍڙي.
ڪنهن به ٻوليءَ جا اکر ۽ ٻول تيستائين سڃاڻي نه سگهبا، جيستائين
ٽُٻڪا ڏنل نه هجن. اهي ٽٻڪا وري ڇا آهن، اهي ئي
ٻڙيون آهن، جي نه ڏجن ته ٻولي پڙهي نه سگهجي. دمن
جون نشانيون به اهي ئي ٻڙيون آهن، سڄو دم رڳو هڪ
ٻُڙي، اڌ دم ننڍڙي ابتي واءُ مٿان ٻڙي ۽ ”ٻٽي دم“
۾ اُڀيون ٻه ٻڙيون. جيستائين اهي اهڃاڻ لکت ۾ نه
ڏبا، تيستائين ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي، لکڻ پڙهڻ ۽
پرجهڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي.
مون مٿي چيو آهي ته ٻُڙيءَ کي نه ڪا ڊيگهه نه ڪا ويڪر. ڪنهن به
هنڌ جو وچ لهڻو هوندو ته اهائي ٻُڙي ڪم ايندي.
ڊرائنگ ڪڍڻ لاءِ ته ليڪون کپن، پر ليڪون به ٺهيل
انهن ئي ٻڙين مان آهن. هڪ ٻڙيءَ کي ٻي ٻڙيءَ سان
ملائبو ته سڌي ليڪ ٺهي پوندي. ڪنهن شڪل، جهڙڪ
ٽڪنڊي چوڪنڊي وغيره جون ڪنڊون ماپڻيون هونديون ته
اهائي ٻڙي ڪم ايندي، جنهن تي ڪنڊ ماپ رکي ڪُنڊ جا
درجا لهبا. ڇا ٻڙين مان ڪا ڊرائنگ نه نڪرندي؟ ڪير
ٿو چوي. ٻڙين جي ميلاپ سان اهي ڊرائنگون نڪرن
ٿيون، جي ڏسي کڻي چُپ ڪر.
ڀرت جي ڪم ۽ ڇُرَ جي ڪم ۾ به ٻُڙيون ڪم اچن. پهريائين ٻڙين جي
پور سان ڪپڙي تي ڇاپو ڪڍي، پوءِ اچي پَٽ جي ڌاڳي
سان انهن مان گل ڦل ۽ ٻيا جيڪي ڀرت جا نمونا ڀرڻا
هجن، سي ڀرين.
واهه مائي ٻُڙي، تنهنجون اوجون ويهي لکان ته پوريون نه ٿين.
توکي ماڻهو تِڇ سمان ٿا ڀانئن، پر اهي پاڻ ڀُليل
آهن. تو جهڙي نه ڪا ٿي، نه ڪا ٿيندي، جنهن جي
توسان بان آهي.
10- ڪانءُ
مون کي ماڻهن ننديو به چڱيءَ پر آهي. چيو اٿن ته ”اندر ڪارو
ڪانءُ، ٻاهر ٻولي هنجهه جي.“ مون کان بُڇان به
اچين ٿي. ڪنهن جي گهر جي ڀِت تي ويهي ٻولي ڪريان
ته ”ڀڳو ڀڳو، لِڪو لِڪو“ ڪري ڊوڙائي ڪڍندم، چي:
نڀاڳي ڪن ئي کائي ڇڏيا آهن، هڪليونس ٿا ته وري وري
اچيو ويهي، گليل کڻي پٿر چُٽيوس، کاري هيٺان داڻا
وجهي کارو مَنڊي رکو ته ڦاسي مطلب ته مون سان ڀانت
ڀانت جون جُٺيون جودڙيون ڪندا ته ڪيئن به ڪري کيس
ڀڄايون، جو وري نه اچي،. ڏسو، مون سان ڪهڙو نه
بڇڙو سلوڪ ڪيو ٿو وڃي. ڪو سائو چَتون ڀلجي گهر آين
ته پيا ٽڙندا ۽ گد گد ٿيندا ۽ چوندا ته مِٺُو پُٽ
آيو آهي_ ڀلي ڪري آيو_ ساوا کنڀ، ڳاڙهي چهنب،
ڳچيءَ ۾ ڪئنٺي! مئو ڪانگ ڪارو ڪنو، اسان جي ٻارن
کان لولا کسي، چور ڦورو، مئو ڪٿي جو! چَتون
ڦلواڙين ۾ رهي، مِٺا ڦل کائي ۽ هيءُ ڪارو دانگيءَ
جهڙو سارو ڏينهن وتي اسان جي ننڊ ۽ سک ڦٽائيندو.
واهه واهه، اوهان کي جس هجي!
اهو ٽاڻو ياد نٿو اچيو، جڏهن ڪنهن جي اچڻ جي يا ڏسڻ جي سڪ هوندي
اٿوَ ته پوءِ مون کي ڪيئن ياد ڪندا آهيو! ڌر تتيءَ
جو به جڏهن ڪنهن وڻ تي ويهي ٽان ٽان ڪندو آهيان ته
ائين ڪونه چوندا آهيو،. ڪوڙ ته ڪونه ٿو ڪريان:
”آءُ کيانتا خير جا، ڏي ٽِپڪي، ڏيانءِ مٺي ٽِڪي،
ڪير ٿو اچي، فلاڻو ڪي فلاڻي؟“ پوءِ جي آءٌ اُڏامي
ويس ته جنهن جي نالي وٺڻ کان پوءِ اڏاڻس ته اوهان
کي پَڪ ٿي ويندي ته هيءُ يا هوءَ پَڪ اچي ٿو سهڙي.
ڪوي پنهنجي ڪوتائن ۾ مونکي پنهنجي پرين ڏي نياپو يا سنيهو ڪونه
ڏيندا آهن؟ ۽ چوندا آهن ته:
وڻ چڙهي وائي مِٺي، ڪانگل ڪئي تو ڪالهه جا.
۽ مون کي منٿون ڪندا آهن ته اسان جو نياپو نينهن جو نيئي سڄڻن
ڏي ڏيج. ائين به ڪين چوندا آهن ته:
آءُ ڪانگل تو ڏيان، هينئون ساڻ هٿن،
وڃي کاءُ ولات ۾، مهندا محبوبن،
من پرين پاڻ پڇن، ته هيئن قربان ڪير ٿيو!
آءٌ اوهان جا نياپا سنيها سواءِ ڪنهن لالچ جي، وڃي اوهان جي
پيارن کي پهچايان، اوهان کي سُک جا سنيها رسايان،
اوهان کي آسيسون ڪرايان ته ڌڻي ڦُٽ ڏيوَ، جن جي
هٿن مان آ لولا کسيان، ڏينهن تتي نڀاڳي ننڊ ويڙهي
وڃيو ته اوهان کي اونگهه ۽ آرس مان جاڳائي، ڌڻي
ياد ڏياريان. ڪارو آهيان ته ڇا ٿي پيو؟ اوهين پاڻ
ڪونه آکيندا آهيو ته ”ڪارو الله جو پيارو، اڇو ڪڪڙ
جو ٻچو.“
ڇا پکين ۾ منهنجي سڃاڻپ جي هاڪَ نه آهي؟ اوهين سنڌيءَ ۾ پهاڪو
ڪونه ڏيندا آهيو ته ”هيءُ اهڙو سياڻو، جهڙو
ڪانءُ.“ چتون هڪ موڳو پکي، ٻولي اٿس ’ٽيون ٽيون‘.
هاري پوک تان هڪلينس يا مالهي ميون تان ڊوڙائي
ڪڍنس ته کيس کاناڻي ڦيرائي هڪل ۾ چون ته ”ٻلو،
ٻلو“. طوطو پڃرن جو باندي آهي ۽ آءٌ آجو پکيئڙو
آهيان. ٻوليءَ جا ڪا ٻول ٻولي ٿو ته ڇا ٿي پيو.
مٺايون، چُوريون ۽ ڦل ڦول به ته مِٺُوءَ کي کارايو
ٿا، مون کي رڳو گوشت جو هڏو ڀاڳ ۾ آهي، سو به جڏهن
اڇليو. اوهين پاڻ ڪونه چوندا آهيو ته ”هي شاگرد
سمجهي ڪونه ٿو، رڳو طوطي وانگر ياد ڪريو اچي. هاڻي
اهڙي بي سمجهه طوطي جي ٿا مون سان ڀيٽ ڪريو! واهه
واهه، مون سان هاڻي نه ڳالهائو ۽ پنهنجا سنيها
انهيءَ چتونءَ کي ڏجو ته ڏسان ڪيئن ٿو اوهان جي
پرين کي پڄائي_ بس بس!
11- جُتي
ڇا مان ڌريئون جُتي هيس! نه نه مان هڪ پوتر ساهه وارو هيس، جنهن
کي هندو ۽ برهمڻ پوڄيندا هئا. مان سندن ڳئو ماتا
هيس. منهنجو امرت جهڙو مٺو کير پيئندا هئا، منهنجي
شيوا ڪندا هئا. مون کي ماتا سمجهي، منهنجو وڏو مان
رکندا هئا. هزارين ورهيه اڳ ڪرشن ڪنئيو اسان گانين
جو گرڌاري هو سندس پوتر گوپيون منهنجي ٽهل ڪنديون
هيون. برهمڻ، جي برهما جي مک مان نڪتل آهن، سي
اسان جي وڏين ماتائن جا ٽهليا هوندا هئا. منهنجو
جنم هڪ ڪلال جي گهر ۾ ٿيو. خبر نه آهي ته ڪنهن جي
جوڻ وٺي آيس. ننڍي گابي هيس، مون کي پيار سان
پاليو پئي ويو، وڏي ٿيس ته ڏاڍي سهڻي ۽ متاري ٿيس.
مون کي سائو گاهه، کَڙ ڪُتر ۽ ڏارو ملندو هو. نيٺ
نڌان وڏي ٿيس ۽ پاڻ ماءُ ٿيس ۽ ٻچن کي جنم ڏنم.
هرڪو ننڍي مان وڏو ٿئي، ٻلوان مان ٻڍو ٿئي. منهنجو
ٻڍاپڻ به اچي سهڙيو، اگهي رهڻ لڳيس. منهنجي مالڪ
ڪلال دوا درمل، سُتيون ڦڪيون به گهڻي ئي ڪيون، پر
موت اچي ڪنڌ تي ڪڙڪيو، مُئس ته ڪلال ڪاتي وڌي،
سندم ڇوڙو لاهي سڪايو ۽ لوڻ ٻُرڪي بانس وڃايائين،
پوءِ اڪ جو کير مکي، وار ڌار ڪيائين، پوءِ منهنجي
اُجري چمڙيءَ کي اڌوڙ تي چاڙهي روز ڏاڍو ڪُٽيندو
هوم. ٻٻرن جي ڇوڏن مان مون تي رنگ چاڙهيائين. رات
جي تارن جي مٿم جوت پئي ۽ ڌَپ مان ڦري، مون ۾ سڳنڌ
آئي. جڏهن منهنجو چمڙو هرهڪ جي ڇهڻ جهڙو ٿيو، تڏهن
مون کي چڱي مُلهه ۾ وڪيائين. پوءِ ته وري اچي ڀاڳ
کليو. مون مان مهانگين ۽ مُلهائتيون بيگون ٺهيون،
جوتا ٺهيا ۽ ٻيون اهڙيون ڪيئي شيون جڙيون ۽ ٽڪر
منهنجو ڪنهن موچيءَ ڳنهي، مون مان سنڌي جُتي ٺاهي،
جا هڪ سکر ماڻهوءَ کي وڪيائين. هن پنهنجي جتيءَ تي
چانديءَ جي تارن جو ڀرت ڀرايو ۽ هرڪو مون کي هٿ ۾
کڻي، پنهنجي اڳيان چتائي ڏسندو ۽ وهسندو هو. ٿوري
به مون ۾ دز پوندي هئي ته يڪدم ڇنڊيندو هو ۽ سٿرو
رکندو هو. ڪڏهن ڪا لِڦ منهنجي مالڪ جي پيرن ۾ وڌي
هونديم ته مون کي تيل مکيو ويندو هو ۽ ڪونئرو ڪيو
ويندو هو. چوري چڪاريءَ جي ڊپ کان منهنجي ڏاڍي
سنڀال ڪئي ويندي هئي ۽ سدائين مون کي بيلائتو ڪري
رکيو ويندو هو ته متان ڪنهن جي بڇڙي اک نه لڳي ۽
بدسوڻي نه ٿئي. مسجد ۾ نماز لاءِ منهنجو مالڪ ڪڏهن
مون کي پير ۾ پائي ويندو هو ته ڪڏهن مون کي لاهي
اندر وڃي رکندو هو ته متان جتين جي چور جي ورَ نه
چڙهي وڃان. پاڻ ته وڏو جتن رکندو هو، پر ٻين کي به
چوندو هو:
پنهنجي جُتين کان رهو سڀئي نمازي هوشيار،
سوي مسجد پيو اچي هڪڙو خضر جي صورت.
ڏسو هن جڳت جا لاڙها چاڙها، هيٺ مٿاهيون. ڪڏهن پوڄا جي شيءِ
هيس، ڪڏهن منهنجو کير امرت ڌارا هو_ ڪڏهن ڪلال جي
ور چڙهيس، جا منهنجي سِسِي برهمڻ چمندا هئا، ان تي
ڪلال جي ڪاتي وهي، هڏ ماس کان منهنجو چمڙو جدا
ٿيو_ مون تي لوڻ ٻرڪيو ويو، اڌوڙ تي ڪُٽيس، ڪو ٽڪر
ڪيڏانهن ويم ته ڪو ڪيڏانهن. مون مان ڇا ڇا نه
ٺهيو، ڪهڙن ڪهڙن جي پيرن جي سوڀيا ٿيس. هاءِ هاءِ،
اڄ به اها ساڳي جتي آهيان، جنهن کي ڇنڊيو ڦوڪيو ٿي
ويو. جڏهن پراڻي ٿيس ته مون کي منهنجي مالڪ جي
نوڪرن پاتو. چَتيون چَتيون ٿي ويس ۽ نيٺ نڪمي ٿي،
اچي هن گند جي ڍير تي پئي آهيان. ڪو اک کڻي ڪونه
ٿو ڏسي ۽ نه ئي ڪير منهنجي اتاهين تي سوچي ٿو ۽ نه
ڪير منهنجي هي دکدائڪ ڪٿا تي ويچار ڪري ٿو. هن
پرٿويءَ جو نالو ئي نانهه جو گهر آهي، ان تي بانور
ڪهڙو ڪبو!
12- ڀنڀوري
اجهو هڪ ٻيو جيت، هن جي سونهن ۽ سوڀيا ته ڏسو ۽ پوءِ پنهنجي من
۾ نياءُ ڪري ڏسو ته ڌڻي پاڻ سهڻو آهي ۽ کيس ان ڪري
سونهن ڪيترو نه وڻي ٿي. سونهن جي خبر ڀيٽ سان
پوندي، ان ڪري ڪيترا گدلا جيت به اُپايا اٿس، جن
جي ڏسڻ سان نيچ ۽ اُتم شين جي ٻوجهه پوي ٿي. هونءَ
ته ڌڻيءَ جي جوڙ ۾ ڪابه وِڏ ڪانهي ۽ نه ڪا شيءِ
بنا ڪم جي ٺهي آهي، پر سونهن ۽ اسونهين وٿن جو ڦير
سمجهه ۾ اچيو وڃي.
اي ڀنڀوري، تنهنجي ڪهڙي واکاڻ ڪريان، تنهنجو اُڏامڻ، ڪنهن اُڀي
ڪاٺيءَ جي چوٽيءَ تي ويهڻ، لڏڻ لمڻ ڪيڏو نه پيارو
آهي! من گهرندو اهي ته توکي اندر ۾ جاءِ ڏيان،
اکين تي رکان، سيني سان لايان ۽ تنهنجو سرير
چُمان.
ڀنڀوريءَ جا ڪل ٽي قسم ٿين ٿا: هڪڙيون ساديون ڀنڀوريون، جي پيلي
رنگ جون ٿين، ٻيون ڳاڙهيون ڀنڀوريون، جن کي لال
ڪنوار ڪوٺين ۽ ٽيون نر ڀنڀوريون، جن کي حجامڙا
ڪوٺيندا آهيون. سڀني ۾ سهڻي لال ڪنوار ٿئي، ٻار
پاڻ کي تسيا ڏيئي لال ڪنوار ڦاسائڻ جي ڳڻَ ڪندا
آهن ۽ پير پير ۾ لڪندا ڇپندا لال ڪنوار جي پٺيان
اوچتو ئي اوچتو وڃي سندس بول کي پڪڙيندا آهن،
ويچاري ڦٿڪندي ۽ پَرَ گهڻائي هڻندي آهي پر ڪٿي ٿا
ٻار جند ڇڏينس! ٻارن کي وڻندو آهي سندس اُڏامڻ، سو
ڇا ڪن جو سندس چيلهه وٽ ڍيريءَ جو ڌاڳو ٻڌي، ڌاڳي
جي ٻئي ڇيڙي کي هٿ ۾ جهلي پوءِ کڻي اُڏائيندا اٿس.
هوءَ ويچاري ڀائيندي آهي ته مون کي بند مان
ڇوٽڪارو مليو، پر ٻار به هن جي پويان ڌاڳي کان
جهلي وٺي ڊوڙندا آهن ۽ وري جڏهن ڪٿي هلي ويئي ته
هن جو ڀوڳ ڏسندا آهن.،
حجامڙا ڏاڍا لُچ ٿيندا آهن، انهن کي ٻار پڪڙي هڪ ٻئي سان
ويڙهائيندا آهن. ويڙهو ڏاڍا ٿين، هڪ ٻئي جي ڳچيءَ
۾ اهڙو ته چڪ پائيندا آهن، جو ڪڏهن ڪڏهن ڳچي ڪپجيو
پوي ۽ ڌڙ کان ڌار ٿي ويندي اٿن. پهريون نمبر
ڀنڀوري ويچاري سياڻي ٿيندي آهي، نه ڪنهن سان وڙهي
نه وڳي، پنهنجي من مستيءَ ۾ ئي من هوندي. ٻار جڏهن
ڀنڀورين راند لاءِ نڪرن ته پوءِ پهرين انهيءَ ڌنڌي
۾ هوندا آهن، ماني ٽڪي به وسري ويندي اٿن، نيٺ
جڏهن گهر ورن ته پنج_ چار ڀنڀوريون پاڻ سان ڪنهن
نه ڪنهن پر آڻين ئي آڻين.
13- کُڙکُٻيتو
کُڙکُٻيتي کي ٽانڊاڻو به چوندا آهن، پاڻي وهي ايندا ۽ پوکون
سايون ٿي مٿڀريون ٿينديون ته اِجهي کڙکٻيتا آيا.
ڌڻيءَ جي جوڙ آهي، الاجي ڪٿان نڪريو نروار ٿين،
ساين ٻنين ۽ آسپاس جي پوٺن ۾ رات جي ٽاڻي چمڪاٽ
لڳا پيا هوندا. هڪ ڪارو ننڍڙو جيت، سندس پول ۾
مالڪ سائينءَ اهڙي ته جوت رکي آهي جو رات جي
انڌيري ۾ اُڏامندا ويندا ته ڄڻ جوت جا ڏيئا جڳ مڳ
ڪري رهيا آهن.
اوهان کي سُڌ آهي ته ڪابه جوت جهڙوڪ: باهه، بجلي، گاسليٽ جون
بتيون، سئي گئس ۽ ٻيون جلائو شيون گرم هونديون آهن
۽ انهن کي هٿ لائڻ سان هٿ سڙي پوندو آهي، انهن جي
جوت جي ڄَر جايون، جڳهيون، لانڍيون ۽ لوڙها ساڙي
رک ڪريو ڇڏي، پر هيءَ هڪڙي ئي جوت آهي جا ٿڌي
ٿانئري آهي ۽ ان کي هٿ لڳائڻ سان هٿ کي آسيس پئي
ايندي. |