سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: روح رهاڻ

باب: --

صفحو :6

 

  نوري ۽ ڄام تماچي

سمي گھراڻي (1) جي ھاڪاري حاڪم ڄام تماچيءَ جي ڏينھن ۾، ڪينجھر ڍنڍ(2) تي ڪي مھاڻا رھندا ھئا. کين نڪي ڪي ھيون اڏيل جايون، ۽ نڪي ڪي ھئن مال اسباب، اٿڻ ويھڻ، کائڻ پيئڻ، سڀ ھوندو ھئن ٻيڙين تي. مرد ماڻھو مڏ مڪڙا موڙي يا ٻانڌين تي ويھي، مڇيون ماري، رڇن جا رڇ ڪلھن تي ڍوئي، آڻي مياڻين تي ڍير ڪندا ھئا. مھاڻيون وري مڇين کي کارين ۾ کڻي، واٽن تي وڃي وھنديون ھيون، جتي انھن کي چيري، ٻيرا ٻيرا ڪري، گراھڪن کي وڪڻنديون ھيون. سندن ٻار نڌڻڪا ٿيو، سارو ڏينھن لڌڙن وانگر پاڻيءَ ۾ پيا تڙڳندا ھئا. ڀلا، جن جو رات ڏينھن وھنوار ئي ککين سان، تن وٽ اڇائي اجرائي ڪٿان آئي؟ اٽلو، وٽن گند جا گدام لڳا پيا ھوندا ھئا. ڪير جو سندن ڀر ۾ بيھي سگھي؟ قضاني، جي ڪنھن ڪمبخت جو پاند سندن پاند سان لڳي ويو، تھ گگر گگر پنڊا اڙيا، بدبوءِ بنھھ نھ لھي. جھڙا ھئن جسم گدلا، تھڙا ھئن ھڏ ھيڻا، مھانڊن ۾ اھڙا ڪارا ۽ ڪوجھا ھئا، جو ڏٺي ڪرھت وٺيو وڃي، مگر وٽن ھڪ نينگر ھئي، جنھن جي سونھن جي ڪھڙي ساراھھ ڪجي! شڪل شبيھھ توڙي ھلت چلت ۾ مھاڻي مور نھ ھئي، ويتر انھيءَ ڪن جي ڪن ۾ امل ماڻڪ ھئي. منھن مان اھڙو تھ نوراني حسن پيو بکندو ھوس، جو کيس سڏيندا ئي نوري ھئا.

ڄام تماچي شيل شڪار جو نھايت شوقين ھوندو ھو.

ھڪ لڱا جيئن ٻيڙيءَ ۾ چڙھي، ڪينجھر ڍنڍ جو سير پئي ڪيائين، تيئن اوچتو سندس نظر وڃي نوريءَ تي پئي. نوريءَ جي نيڻن ۾ اھڙو تھ ڪو ڪامڻ ھو، جو کيس ڏسندي ئي، ڄام مورڇا ٿي ويو. جڏھن موٽي محلات ۾ آيو، تڏھن کيس ڪي بھ نھ ٿي اڄھيو، نوريءَ جي ناز اھڙو تھ سجھائي وڌو ھوس، جو ان کانسواءِ کن بھ آرام نٿي آيس. آخر ذات پات جا وھم ڦٽا ڪري نوريءَ جي مائٽن کي سڏائي، کانئن سندن سڱ گھريائين. مھاڻن جي تھ الله ٻڌي، سو وڏيءَ خوشيءَ سان قبول ڪيائون. (3) پوءِ تھ شادمانا ٿي ويا. خزانن جا دروازا کلي ويا. سون ۽ رپي جون رانديون لڳي ويون. ھزارن جا ھيرا ۽ لکن جون لعلون لٽجي ويون. مھاڻن جو بھ بخت وري ويو. ڍلون ۽ محصول مڙئي معاف ٿي وين ۽ ساري ڪينجھر ڍنڍ مٿن امداد ٿي وئي. آخر ڄام نوريءَ جي ٻانھن ۾ ٻيڙو ٻڌي، آڻي کيس راڻين جي راڻي ڪئي. محالت ۾ ساڻس ڏاڍا سھج ڪندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن تھ سندس محبت ۾ اھڙو مست ٿي ويندو ھو، جو مورڇل کڻي، بھي مٿانئس ھڻندو ھو. وقتي تھ کيس ساڻ ڪري، ڪينجھر ۾ مڇيءَ جو شڪار پيو ڪندو ھو. نوريءَ کي ايڏي اوج تي ڏسي، وٽس سوين سلاميءَ تي ايندا ھئا. خود سميون جي ھٺ ۾ پيون ڇڄنديون ھيون، تن کي بھ سندس اڳيان سيس نوائڻو پوندو ھو. پر اھڙي سھاڳ ھوندي بھ، نوريءَ جو من نھ وڌيو. جي ناز ھوس تھ نياز جي بھ منجھس ڪمي ڪانھ ھئي. گيرب ۽ گاءَ جي تھ بوءِ بھ ڪانھ ھيس. ڄام کي ھميشه ائين ئي پيئي چوندي ھئي تھ آءٌ عيبن ڀري مسڪين مھاڻي آھيان. پنھنجا وڙ ڪري، مون نيچ کي نوازيو اٿئي. شال ڌڻي ڪندو جو تنھنجو نينھن نت نيبھھ ٿيندم!

چون ٿا تھ ھڪ ڀيري ڄام تماچيءَ جي دل ٿي تھ نوريءَ جي نياز ۽ نئڙت جي پرک لھان، سو حويليءَ تي چوائي مڪائين تھ اڄ شام جو سڀئي سھي سنڀري ويھجو، پوءِ آءٌ اوھان مان، جنھن کي چت چاھيم، تنھن کي پاڻ سان گڏ گاڏيءَ چاڙھي، گھمائڻ وٺي ھلندس. ھي نياپو سڻي، سميون سينڌ سرما ڪري، پاڻ کي سينگاري ويٺيون ۽ ھر ھڪ ائين پئي سمجھيو تھ ڄام مون کي نوازيندو. نوريءَ نڪو ڪيو ھو ھار، نڪو سينگار، اٽلو پنھنجو اباڻو وڳو اوڍي، نماڻي ٿي ويھي رھي. ڄام مقرر ڪيل وقت تي حويليءَ اندر گھڙي آيو. سميون اوچا ڳاٽ ڪري، سندس آجيان لاءِ اڳتي وڌيون، ۽ ناز نخرا ڪري، کيس ريجھائڻ لڳيون، پر وريو ئي ڪين. نوريءَ تھ ڪنڌ ھيٺ ڪري، نھٺائيءَ سان پئي نھاريو. ڏسڻ شرط ڄام وڌي وٽس ويو، ۽ ٻانھن کان وٺي وڃي گاڏيءَ ۾ چاڙھيائينس. رات جو، جڏھن گھمي ڦري گھر موٽيا، تڏھن سڀن راڻين جي روبرو کيس پنھنجي پٽراڻي پڌرو ڪيائين.

ھن قصي ۾ سمايل تمثيل

ھن سر ۾ شاھھ وري بھ انھيءَ الٽي طلب جي اپٽار ڪئي آھي، جنھن جو ذڪر سر مومل راڻي ۾ اڳي ئي ڪيو ويو آھي. تفاوت رڳو ھيءُ آھي جو نوريءَ کي مومل وانگر ظاھر زينت ڪابھ ڪانھي. نھ اٿس حسب نھ نسب، نھ مال نھ اسباب، نھ ھار نھ سينگار. مومل راجڪماري آھي ۽ نوري مئڪي ڌيءُ آھي، مگر اندر آئيني کان بھ اوجل اٿس. مومل ھٺ ۾ پيئي ڇڄي، ۽ ڪنھن کي بھ پاڻ جھڙو نٿي سمجھي، نوري پنھنجو پاڻ پسي، لڄ ۾ پيئي لڪي. اھڙي ميري ماڻڪ ڏي اشارو ڪندي، روميءَ مثنويءَ ۾ چيو آھي:

آن گل سرخ ست، تو خوش مخوان

مست عقل ست او، تو مجنونش مخوان

يعني ھوءَ گلاب جو گل آھي، متان کيس رت سڏيو اٿيئي، ھوءَ الاھي عقل ۾ مست آھي، متان کيس متوالي سڏيو اٿيئي.

دنيا ڀل تھ اھڙي امل ماڻڪ ڏي نفرت جي نظر سان نھاري، مگر خدا جو دلين جو دانا آھي، سو مٿس مفتون آھي. ان الله جميل، يحب الجمال يعني خدا خود سھڻو آھي ۽ سونھن تي عاشق آھي. جنھن انسان جي اندر ۾ سونھن ۽ سرت آھي، تنھن کي پاڻيھي ڳولي ڦولھي، وڃو پنھجيءَ گود ۾ ويھاري.

جيڏانھن ناھھ گمان، تيڏانھن سڄڻ سامھون.

 

حوالا

1.           سما اصل جادو گھراڻي جا راجپوت ھئا. 1053ع ڌاري، جڏھن سنڌ سومرن جي ھٿ ۾ آئي، تڏھن ھو سمن کي ڏاڍو ستائڻ لڳا. انھيءَ ڪري ڪيترائي سما سنڌ ڇڏي، ڪڇ ڏي ڀڄي ويا. اتي 1320ع ڌاري، پنھنجو راڄ کڙو ڪيائون. اڄ ڏينھن تائين، سندن پويان جي پاڻ کي جاڙيجا سڏائين ٿا، اھي ڪڇ تي حڪومت ڪندا اچن. باقي سما جي سنڌ ۾ رھيا، تن سڀني اسلام قبول ڪيو. 1333ع ڌاري، علاءُالدين خلجيءَ سومرن جي پاڙ پٽي ڦٽي ڪئي، ۽ ٺٽو پنھنجي گاديءَ جو ھنڌ مقرر ڪيائون. ڄام انڙ ھن گھراڻي جو پھريون حاڪم ھو. کانئس پوءِ سندس ڀاءُ ڄام جوڻو گادي نشين ٿيو. سگھو ئي فيروز تغلق سنڌ تي ڪاھي آيو، ۽ ڄام جوڻي ۽ سندس ڀائٽي بابيني کي نظربند ڪري، دھليءَ وٺي ويو. پوءِ حڪومت جون واڳون سندس ٻئي ڀائٽي تماچيءَ جي ھٿ آيون. پر ھن تغلق گھراڻي جي برخلاف بغاوت ڪري، پاڻ کي خودمختيار ڪيو. ڄام تماچيءَ کان پوءِ ڏھن ٻين ڄامن ھڪ ٻئي جي پٺيان حڪومت ڪئي. انھن مان ڄام نندو مشھور ۽ جبرو حاڪم ٿي گذريو آھي. ڄام فيروز آخرين حاڪم ھو. ھن 1520ع ڌاري شاھھ بيگ ارغون، قنڌھار جي امير کان شڪست کاڌي، ۽ کانئس پوءِ سنڌ ۾ ارغون گھراڻي جي حڪومت شروع ٿي.

2.          ڪينجھر ڍنڍ، ٺٽي ۽ جھرڪن جي وچ ۾، ھيلايا ٽڪريءَ جي ھيٺان آھي. آس پاس گھاٽا ٻيلا لڳا پيا اٿس. چون ٿا تھ ڄام تماچيءَ ھيلايا ٽڪريءَ تي ھڪ عاليشان ماڙي اڏائي ھئي، جتي شڪار ڪري وڃي آرام ڪندو ھو، ۽ ڪڏھن ڪڏھن نوريءَ کي بھ اتي وٺي وڃي ساڻس رھاڻيون ڪندو ھو. اھا ماڙي ھاڻ ڦٽي ويئي آھي، مگر سندس نشان اڃان ظاھر آھن.

3.          ھندن جي مشھور ڪتاب مھاڀارت ۾ بھ اھڙي قسم جي آکاڻي آيل آھي: ھڪ ڏينھن، جيئن راجا پراشر جمنا نديءَ جو ڪنارو وٺيو پئي ويو، تيئن سندس نظر ستيھ وتيءَ نالي ھڪ سندر مھاڻيءَ تي وڃي پئي. ڏسڻ شرط، مٿس موھت ٿي پيو، ۽ ساڻس شادي ڪري آڻي محلات ۾ وھاريائينس. منجھانئس کيس ھڪ پٽ ڄائو، جنھن کي وياس ڪري سڏيندا آھن. ھندن جي عقيدي موجب، چارئي ويد انھيءَ وياس جا جمع ڪيل آھن. راجا پراشر جي مرڻ بعد، ستيھ وتيءَ وري راجا شانتوءَ سان شادي ڪئي، ان مان کيس ٻھ پٽ ڄاوا، جن مان ھڪڙو مشھور ڀيشم، ڪؤرون، ۽ پانڊون جو پڙڏاڏو ھو.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com