سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: روح رهاڻ

باب: --

صفحو :10

 

مورڙو ميربحر

راجا دلوراءِ(1) جي زماني ۾ سون مياڻي(2) ۾ اوڀائي نالي ھڪ مھاڻو رھندو ھو. کيس ست پٽ ھئا، جن مان مورڙو مڙني کان ننڍو ۽ البت منڊو ھو. ٻيا ڇھھ ئي ڀائر جنگ جوان ھئا، ۽ مڇي مارڻ جي فن ۾ استاد ھئا. ڪوتاھي مورڙي ۾ بھ ڪانھ ھئي. جي جسم جو جڏو ھو، تھ عقل ۾ وري اڪابر ھو. پر ڀائر کيس بيڪار سمجھي، پٺ جي سنڀال سڙيءَ لاءِ گھر ڇڏي ويندا ھئس. ھڪ لڱا ڇھھ ئي ڀائر مڪڙيون موڙي، ڪلاچيءَ جي ڪن(3) وٽان اچي نڪتا. ھن ڪن ۾ اھڙو تھ قھر لڳو پيو ھوندو ھو، جو غورابن جا غوراب منجھس غرق ٿي ويندا ھئا. ازانسواءِ، منجھس ھڪ پربت جيڏو مانگر مڇ رھندو ھو. شال نھ ڪو ڪمبخت سندس ور چڙھي! جي چڙھيو، تھ نھوڙي نيندو ھوس. تڙ جي ملاحن ڀائرن کي گھڻو ئي سمجھايو تھ ھتان ڀڄي پاسو ڪريو. پر ھي يار مڙن ئي نھ. اڃا رڇ وجھي اڳتي وڌيا ئي ڪين تھ ڪن بھ ڀريون پائي، آڻي اونھي ۾ ھنين. کن ۾ ٻيڙي اونڌي ٿي وڃي سرن درياءَ ٿي. مڇ کي بھ لڳي ساڄي، سو ھڪ ئي لقمون ڪري ڳڙڪائي وين.

ويل ٽري ويئي، گھاتو گھر نھ موٽيا. گھر جا ڀاتي سڀ فڪر ۾ پئجي ويا. آخر مورڙو ھڪ مڇئو وٺي، اٿي سندن ڪڍ پيو. تڙن تان تلاشون ڪندي، پتو پيس تھ ھن جي ڀائرن سان ڪھڙو ويل وھي چڪو ھو.

پوءِ تھ موٽي ماڳ آيو، جتي مٽن مائٽن کي ميڙي، ڀائرن جي بدلي وٺڻ جون سٽون سٽڻ لڳو. آخر ھڪ لوھي پڃرو تيار ڪرايائون، جنھن کي ٻاھرئين پاسي ڪيترا ڪنڍا ۽ تکا ڪيل لڳل ھئا، ۽ ھر ھڪ ڪنڍي ۾ ريشمي رسو پيل ھو، جنھن جي ٻي پڇاڙي ھڪ پاڃاري سان ٻڌل ھئي. اھي ساز سامان ساڻ ڪري، سڀ ڪلاچيءَ جي ڪن تي ڪاھيندا ويا. اتي پھچڻ شرط مورڙو پڃري ۾ ٿي ويٺو ۽ ھمراھن کي چيائين تھ ھاڻ پڃري کي کڻي ڪن ۾ ڦٽو ڪريو. جڏھن رسا لڏندا ڏسو، تڏھن پڃري کي ڇڪي ٻاھر ڪڍجو. پوءِ تھ پڃري کي حفاظت سان لاھي پاڻيءَ ۾ وڌائون. مانگر مڇ بھ وات ڦاڙيو ويٺو ھو، سو پڃري کي ويو ڳڙڪائيندو پر پڃري جا ڪيل وڃي سندس ڄاڙين ۾ اٽڪيا. جيئن ان کي ڳھڻ جي ڪوشش ڪيائين، تيئن ڪيل ويس زور سان کپندا. آخر چوکنڀو جڪڙجي پيو. پوءِ تھ مورڙي وٺي رسا لوڏيا، تنھن تي پاڃارين ۾ سان جوٽي، انھن جي پٺن تي مئا رکي، کڻي باھھ ڏنائون. تو تي سان اٿي ڀڳا ۽ مانگر مڇ کي گھلي، سڪيءَ تي آندائون. بس، ھاڻ بُري تي بڇ ٿي ويئي، ھڻي ساھھ ڪڍي وڌائونس. مورڙو پڃري مان صحيح سلامت نڪري آيو. پوءِ تھ مڇ جو پيٽ چيري، منجھانئس ڀائرن جا ڪرنگر ڪڍي، آڻي ڪلاچيءَ جي اتر اولھھ طرف، جبل جي پاڙ وٽ دفن ڪائين، باقي حياتيءَ جا ڏينھن مورڙو مقام جو مجاور ٿي گذارڻ لڳو.(4)

ھن قصي ۾ سمايل تمثيل

سر سريراڳ ۾ شاھھ ھن جھان کي مھراڻ سان مشابھت ڏيئي، ان جا خوف خطرا بيان ڪري، انسان کي خدا جي طلب ۽ توه جي ھدايت ڪئي آھي. يوناني فيلسوفن دنيا کي عالم اڪبر ڪري سڏيو آھي، ۽ انسان کي عالم اصغر، ڇو تھ جيڪي بھ شيون دنيا ۾ موجود آھن، تن مڙني جو اختصار انسان جي جسم ۾ سمايل آھي. انھيءَ لحاظ تي، جي دنيا مھراڻ مثل آھي، تھ انسان وري ڪن سمان آھي. ھتي انھيءَ ڪن جو خاص ذڪر ڪيل آھي. انسان جي اندر ۾ جي غيبي خزانا موجود آھن، تن جو نھ آھي انت نھ پار. طرح طرح جا روحاني راز منجھس لڪل آھن. پر انھيءَ ڪن ۾ ھڪ ھيبتناڪ مانگر مڇ پڻ وات ڦاڙيو ويٺو آھي، ڪن ۾ ڪو گھڙيو نھ آھي، تھ ان کي ڳڙڪايو ڇڏي. جي روحاني امل ماڻڪ ھٿ ڪرڻا آھن، تھ اول انھيءَ مڇ کي ماري مات ڪرڻو آھي. پر اھا جھڙي تھڙي ڳالھھ نھ آھي. ھن نگري گھڻن گھاتن جون متيون منجھائي، کين نھوڙي نيو آھي. مانگر مڇ مان مراد آھي: نفس، جو ڪڏھن بھ راضي ٿيڻ جو نھ آھي. انسان کڻي ڪيترا بھ مال اسباب گڏ ڪري ۽ ڪيترا بھ مان مرتبا حاصل ڪري، تھ بھ نفس پل پل پيو پڪاري تھ آڻ ۽ آڻ. روميءَ انھيءَ ڳالھھ ڏي اشارو ڪري، مثنويءَ ۾ چيو آھي:

صورت نفس از بجوئي بي پسر،

قصئھ دوزخ بخوان باھفت در،

ھر نفس مکري و در ھر مکر زان،

غرق صد فرعون با فروعونيان،

يعني: اي ٻچا! جي نفس جي صورت ڏسڻي اٿئي، تھ ست دري دوزخ جو قصو وڃي پڙھھ، پل پل نئون نئون مڪر پيو ڪري، ۽ ھر ھڪ مڪر سان سوھا فرعون جماعتن سميت غرق ڪيو ڇڏي.

جيئن سمنڊ جي مانگر مڇ کي مارڻ لاءِ رواجي ڄاريون ۽ ڪنڍيون ڪنھن نھ ڪم جون آھن، تيئن نفس جھڙيءَ رپ کي نگونسار ڪرڻ لاءِ بھ فقط رواجي روزا ۽ نمازون ڪارگر نھ آھن. ان کي نھوڙڻ لاءِ زبردست مجاھدن ۽ رياضتن جي ضرورت آھي. جو انسان اھڙا اپاءَ وٺي ٿو، سو مورڙي وانگر مڇ جھڙي نفس کي ناس ڪري، ھميشه سک ماڻي ٿو.


 

 

 

حوالا

1.           خبر نٿي پوي تھ دلوراءِ ڪھڙي زماني ۾ سنڌ جو حاڪم ھو. پر تاريخ طاھري ۾ ايترو ذڪر ڪيل آھي تھ ھو ڏاڍو ظالم ۽ زاني ھو، ۽ برھمڻ آباد جو شھر سندس ئي ڪڌن ڪرتوتن ڪري خدائي قھر سان ناس ٿي ويو. سنڌي قصھ نويس اڪثر ڪري ھر ڪا ڳالھھ، جنھن جي پوري سڌ پئجي نھ سگھندي اٿن، سا دلوراءِ جي زماني تي مڙھيندا آھن.

2.          سون مياڻي لس ٻيلي جي سرحد تي ھڪ ننڍو ڳوٺ آھي. ڪراچيءَ کان اٽڪل سٺ ميل پري اتر الھندي طرف آھي.

3.          ڪلاچيءَ جو ڪن ڪلفٽن ۽ منھوڙي جي وچ ۾ ھوندو ھو. اِھو نالو مٿس انھيءَ ڪري پيو جو دودائي بلوچن جي ھڪ ذات جا ڀاتي، جن کي ڪلاچي ڪري سڏيندا ھئا، سي ان جي نزديڪ اچي ڳوٺ ٻڌي رھيا ھئا. انھيءَ ڳوٺ کي بھ ڪلاچي ڪري سڏيندا ھئا، جنھن ڪري ھاڻوڪي ڪراچيءَ جي شھر تي بھ اھو نالو پيو آھي.

4.          اھو مقام اڄ ڏينھن تائين بيٺو آھي ۽ ان کي مورڙي جو مقام ڪري سڏيندا آھن. ڪراچيءَ کان ٻھ ميل پري، ھندن جي مساڻي کان سڏ پنڌ تي آھي. مورڙو بھ منجھس دفن ٿيل آھي.
 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com