سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: روح رهاڻ

باب: --

صفحو :12

 

راڻڪ ديويءَ جو قصو

ڪنھن سمي سنڌ ڏيھھ ۾ راڻو روڙپار سنگ پائر جي ٿر(6) جو حاڪم ھو. سڪي سڪي کيس ھڪ نياڻي ڄائي، جنھن جو حسن ڏسي، سڀيئي حيران ٿي ويا. پر سندس ستاري مان معلوم ٿيو تھ جيڪو بھ راجڪمار ساڻس لائون لھندو، تنھن جو تخت بخت تباھھ ٿي ويندو. نجومين جي ھيءَ اڳڪٿي ٻڌي، راڻي کي ڏاڍو ارمان ٿيو، سو ھن نڀاڳيءَ نينگر کي کاري ۾ وجھي کڻي بن ۾ ڦٽو ڪرايائين. قضا سان، ڪڇ ملڪ جو ھڪ ڪنڀار، ھرمتيئي نالي، ان جھنگ مان اچي لانگھائو ٿيو، ۽ اوچتو سندس نظر وڃي کاري تي پيئي. ويجھو وڌي ڏسي تھ ھڪ سدا سھڻي نينگر منجھس ستي پيئي آھي. اھڙيءَ من موھڻيءَ معصومڙيءَ کي ھيئن نڌڻڪو ڏسي، کڻي ڇاتيءَ سان لڳايائين، ۽ پنھنجي گھر آڻي کيس وڏي لاڏ ڪوڏ سان نپائڻ لڳو. نينگر جا روش راجڪمارين جھڙا ھئا، سو ھن مٿس راڻڪ ديويءَ، يعني ننڍڙي راڻي نالو رکيو. جڏھن عمر رسيدي ٿي، تڏھن سندس سوڀيا سج کي بھ شه ڏيئي ويئي، ۽ سندس حسن جي ھاڪ ڪڇ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ھلي ويئي. اتي جو حاڪم لاکو ڦلاڻي اڻ ڏٺي مٿس موھت ٿي پيو، ۽ ھرمتيئي کان سندس سڱ گھريائين، پر ھن نابري واري. پوءِ تھ لاکي جي ڊپ وچان ديس پرديس ڪري، جھونا ڳڙھھ جي ڇڪ ۾، مجيوڙيءَ نالي ھڪ وسيءَ ۾ وڃي وطن ڪري ويٺو.

ساڳئي زمين ۾ گجرات جو حاڪم راجا سڌراج(7) ھو، جنھن جو تخت گاھھ انھلواڙ پاٽڻ ھو. ھڪ لڱا سندس درٻار جا چارڻ گھمندا ڦرندا، اچي مجيوڙيءَ ۾ نڪتا. اتفاق سان راڻڪ ديويءَ کي ڏسي ورتائون. سندس لاثاني جمال ۽ جوڀن پسي، سڀني جي دلين ۾ اھا آرزو اتپن ٿي تھ اھڙي پدمڻي اسان جي راجا جي ئي راڻي سونھي. جڏھن موٽي ملڪ آيا، تڏھن راڻڪ ديويءَ جي حسن جي ڳالھھ راجا کي سربستي ڪري ٻڌايائون. راجا پھريائين تھ ڪنڀار جھڙي ڪمذات جي ڌيءَ سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيو، پر چارڻن کيس سمجھايو تھ راڻڪ ديوي ڪنڀار جي ڄائي نھ آھي، مگر ڪنھن راجائي ڪل جو وياءُ ٿي ڏسجي.

انھيءَ تي ھرکجي، سندن رٿ قبول ڪيائين. پوءِ کين حڪم ڪيائين تھ وڃي ڪنڀار کان سڱ جي گھر ڪريو. چارڻ موٽي مجيوڙيءَ ۾ آيا، ۽ ڪنڀار کان قبوليت وٺي، ٻن مھينن اندر شاديءَ ملھائڻ جو ٺھراءُ ڪري اٿيا.

انھيءَ وقت جھوناڳڙھھ جو حاڪم راءِ کنگھار چوڙا سمو ھو.(8) سندس ھڪ ڀيڻ سڌراج جي ڀاءُ سان پرڻيل ھئي، جا ڪنھن گھرو اڻبڻت ڪري، ڳچ مدت کان پنھنجن ٻن پٽن ڏيجل ۽ ٻيجل سميت جھوناڳڙھھ ۾ پيڪي گھر ٽڪيل ھئي. ھڪڙي ڏينھن ڏيجل ۽ ٻيجل شيل شڪار ڪندا، مجيوڙيءَ جي ڳوٺ مان اچي لنگھيا. ڏسن تھ ڳوٺ ۾ شادمانا لڳا پيا آھن. پڇا بعد معلوم ٿين تھ راڻڪ ديويءَ کي سڌراج سان پرڻائڻ جا سانباھا ٿي رھيا آھن. جڏھن جھونا ڳڙھھ موٽيا، تڏھن راءِ کنگھار سان اچي احوال ڪيائيون تھ، مجيوڙيءَ جي ڳوٺ ۾ راڻڪ ديوي نالي ھڪ حور جھڙي حسين نينگر آھي، جنھن کي سڌراج سان پرڻائڻ جون تياريون ٿي رھيون آھن. اھڙي من موھڻي مورت اسان کان ڇٽي، پرديس پرڻجي وڃي، سا ڳالھھ اسان جي شان وٽان نھ آھي. اسان جي اوھان کي استدعا آھي تھ ڪيئن بھ ڪري انھيءَ ٻانھيءَ سان اوھين پاڻ شادي ڪريو. راءِ کنگھار کي ھيءَ صلاح ڏاڍي وڻي، سو ڀاڻيجن کي چيائين تھ ڪنڀار کان وڃي منھنجي پاران سڱ گھرو. پوءِ ٻئي ڀائر موٽي مجيوڙيءَ ۾ آيا ۽ ڪنڀار کان سڱ جي تقاضا ڪيائون. پر ھن صفا انڪار ڪري چيو تھ ڇوڪريءَ جي مڱ سڌراج سان اڳي ئي ٿي چڪي آھي، سو ھاڻ جي آءٌ مائٽي ڇنندس تھ ھڪڙو تھ لوڪ ۾ لڄارو ٿيندس، ۽ ٻيو تھ راجا سڌراج منھنجي کل لاھي ڇڏيندو. ھنن کيس گھڻي ئي دم دلاسا ڏنا، پر ڪنڀار نھ مڙيو. آخر راڻڪ ديويءَ کي زوريءَ کڻي، اچي، کنگھار سان شادي ڪرايائونس.

جڏھن سڌراج کي ھن ماجرا جي معلوميت ٿي، تڏھن وڏو ڪٽڪ سنڀرائي، جھوناڳڙھھ تي ڪاھي ويو. ساندھھ ٻارھن سال اپرڪوٽ تي گھيرو ڪري ويھي رھيو، پر وريو ئي ڪين. انھيءَ وچ ۾ راءِ کنگھار کي اچي شڪ جاڳيو تھ سندس ڀاڻيجي ڏيجل جي راڻڪ ديويءَ ۾ بري نظر آھي. ڏيجل کي انھيءَ جي کڙڪ پئجي ويئي، سو پنھنجي ڀاءُ ٻيجل کي ساڻ ڪري راتو واھھ اٿي ڀڳو. جڏھن قلعي جي دروازي وٽ پھتا، تڏھن دربانن کي چيائون تھ اڄ مالوا کان راءِ کنگھار جو ھڪ ساٿ اچڻو آھي، جنھن جي استقبال لاءِ اسان کي روانو ڪيو اٿس. آڌيءَ رات جو ساٿ اچي سھڙندو، سو اوھين ھڪيا ھوشيار رھجو. پوءِ سڌو آيا سڌراج جي ڇانوڻيءَ تي، جتي ھن سان ملي ملاقات ڪري، چيائونس تھ اسان کي بنھھ ھاڻ خبر پئي آھي تھ اوھين اسان جا چاچا آھيو. جي اھا سڌ اڳي ئي ھجي ھا تھ راڻڪ ديوي زوريءَ کڻي کنگھار کي ھرگز نھ ڏيون ھا. ھاڻ تھ اسان سان نيڪي برباد گناھھ لازم وارو قصو ٿيو آھي. کنگھار اسان تي الزام مڙھي رھيو آھي تھ اسان راڻڪ ديويءَ ۾ بڇڙي اک رکي آھي. انھيءَ بھتان ڪري اسين کانئس رسي، اوھان وٽ اجھي لاءِ آيا آھيون. جي اسان ساڻ گڏجي ھلو تھ کنگھار کي پورو ڪري، راڻڪ ديوي اوھان جي پلءِ پايون. پوءِ سڌراج سئو کن چونڊ پھلوان پالڪين ۾ ويھاري، ساڻن گڏ قلعي ڏانھن وڌيو. دربانن ڀائرن کي سڃاڻي، سمجھيو تھ شايد مالوا کان ساٿ اچي سھڙيو آھي، سو قلعي جو دروازو کولي ڇڏيائون. سڌراج جا سورما دربانن کي ماري، شاھي محلات ڏي ڌوڪيندا ويا، ۽ اوچتو وڃي کنگھار جي مٿان ڪڙڪيا. سڌراج ڪڍندي ئي ترار کنگھار جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيو. پوءِ راڻڪ ديويءَ کي ساڻ ڪري، ڇانوڻيءَ ۾ وٺي آيو. گھڻو ئي ستايائينس تھ ھاڻ تون منھنجي پٽ راڻي ٿي ويھھ، پر ھوءَ بلڪل باز نھ آئي، ۽ وڃي ڏاگھھ چڙھي.

ڏيجل ۽ ٻيجل سڌراج کان انجام ورتو ھو تھ راءِ کنگھار کان پوءِ، جھونا ڳڙھھ جي حڪومت جون واڳون کين سونپيون وينديون، سو ھاڻي انھيءَ انجام جي يادگيري ڏياريائونس. پر سڌراج چين تھ اوھان جھڙن نمڪ حرامن تي ڪھڙو ڀروسو ٿيو! اڄ پنھنجي مامي سان ڊوھھ ڪيو اٿو، ڪھڙي خبر تھ سڀاڻي مون سان ڇا ڪندا؟ ائين، ترار ڪڍي، ٻنھي جون سسيون ڪپي ڇڏيائين.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com