سيڪشن: لطيفيات

ڪتاب: وَکَرُ سو وِهاءِ

باب:

صفحو:5 

جيئن انسان پنهنجي ويلي لاءِ اَنَ کي طلبين ٿا، تيئن خدا وارا انسان رڳو روحاني پنڌ جي پُڇا ڪن ته وڃي راهه ڳولي لهن ۽ مٿانئين سمورو ڪشالو لهي وڃي.

اڳتي فرمائي ٿو:

جِئَن ٿا پُڇَنَ اَنَ کي، تِئن جي پُڇَنَ پَنڌَ،

تَه رِڙهي لَڌائُون رَندَ، لَٿِينِ لک لَطِيفُ چَئي.

 

جا بَرادُ بُتَنِ جِي، سا اُڃَ بُکَ آديسِيَنِ،

روزا رِندُ رَکنِ، عِيد نَه اوڏا ڪاپَڙي.

(سُر رامڪلي)

اڳتي فرمائي ٿو ته، جيڪي مرڻ کان اڳ مري ويا آهن. انهن کي ربّ نٿو وسري ۽ اهي نانگا روحاني راهه ۾ ننڊ نٿا ڪنِ، سدائين جاڳن پيا.

مَرَڻُ مُسَلمُ جَنِ، واحِدُ تَنِ نَه وِسَرِي،

مَٿي سَڳَرَ ڪاپَڙي، ڪا نانگا نِنڊِ نَه ڪَنِ،

نيڻَ سَدائِين تَنِ، اوجاڳن اُجارِيا.

 (سُر رامڪلي)

هن جي مطابقت سان شاهه صاحب وڌيڪ فرمائي ٿو:

ساري راتِ سُبحانُ، جاڳِي جَنِ يادِ ڪِيو،

اُن جِي عَبداللطيفُ چَئي، مِٽيءَ لَڌو مانُ،

ڪوڙيين ڪَنِ سلامُ، آڳھِ اچيو اُن جي.

 (سُر سريراڳ)

شاهه لطيف سُر رامڪليءَ ذريعي هڪ انسان لاءِ اهڙي سهڻي راهه ڏيکاري آهي، جنهن تي هلڻ سان دنيا ۽ آخرت جي منزل ماڻڻ ۾ مدد ملي ٿي. در حقيقت شاهه جي نظر ۾ سچو انسان اهو آهي، جيڪو پنهنجي خالق جي عبادت ۽ خلق جي اصلاح ۽ خدمت ۾ هر وقت حاضر رهي. جوڳيءَ جي منزل کي ”معرفت الاهي“ سڏجي ٿو ۽ ان منزل حاصل ڪرڻ لاءِ جوڳيءَ وانگر مختلف مرحلن مان گذرڻو پوي ٿو.

آخر ۾ اسان کي سُر رامڪليءَ مان اها هدايت ملي ٿي، ته پنهنجو نفس نهوڙي بيراگي بڻجي ربّ پاڪ جي بندگي ڪرڻ روزا رکي رياضتون رچائي، پريتڻو پچائي، من ۾ محبت جو مچ مچائي، ڪشالا ڪاٽي پنهنجو اندر اُجارڻ ۽ واليءَ جي وصال لاءِ ويجهي وڃڻ، اهڙيءَ طرح نه رڳو پنهنجي دنيا پر آخرت به اُجاري سگهجي ٿي.

ان سلسلي ۾ ڀٽائيءَ عام انسانن ۽ سُڪڙيات سالڪن کي سَڏ ڪندي عام دعوت ڏئي ٿو:

ڀِنِيءَ ڀَڙڳ ڪَنِ، باهِيون بيراڳيَن جِيون،

هلو ته سيڪيون هٿڙا، مٿي تِن مَچَنِ،

مُلا سناسين، مون جَڙ لڳي جانِ ۾.

(سُر رامڪلي) 

ببليو گرافي

1. مقالو، سُر رامڪلي، حميد سنڌي

2. مقالو، سُر رامڪلي، رضيه شهوڪ

3. مقالو. سُر رامڪلي، جوهر بروهي

4. احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي، شمس العماءِ مرزا قليچ بيگ

5. مقدمه لطيفي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي

6. شاهه عبداللطيف جي ڪلام ۾ اسلامي قدر- 1966ع 214 هين ورسي.

7. سلڪ لطيف. عبدالقادر ابڙو، 1968ع

8. لطيف سالگره مخزن 1967- 215 هين ورسي، حڪيم محمد يعقوب قادري.

9- شاهه جو رسالو، ڪلياڻ آڏواڻي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org