جڏهن تنهنجو دم پنهنجي بدن مان نڪري ويندو پوءِ
ڪانڌي توکي زمين ۾ دفن ڪري هليا ويندا. اتي صرف
توکي ڪوڏر ۽ ڪانو ڪم ايندو يعني تنهنجا عمل ۽ ربّ
پاڪ ڪم ايندو.
ان لاءِ حُضور اڪرم ﷺ جن فرمايو ته ”دنيا آخرت جي
کيتي آهي اڄ جيڪي پوکبو سو سڀاڻي لڻبو.“
شاعر فرمائي ٿو:
گندم از گندم برويد جو ز جو
از مکافاتِ عمل غافل مشو.
ڪڻڪ پوکي ڪڻڪ لُڻبي، جَوَ پوکي جَوَ لُڻبا، ساڳيءَ
ريت نيڪ عملن جي جزا ربّ پاڪ جي خوشنودي ۽ بهشت
آهي. بُرن عملن جي سزا ربّ پاڪ جو ناراضپو ۽ دوزخ
آهي. شاهه صاحب انسان کي پنهنجي اجائي حياتي وڃائڻ
کان دلنشين انداز ۾ روڪيو آهي:
سي تو ويهي وڃائيا، جن ڪَتَڻَ سَندا ڏينهنَ،
اَرِٽَ اوڏي نه ٿِئين، ڀوري! ڀوري سِيئن،
ڪَنڌُ کڻندِينءَ ڪِيئن، اڱڻ عجيبَنِ جي؟
(سُر ڪاپائتي)
يعني هيءَ ٿورن ڏينهن جي حياتي، نيڪ عمل ڪرڻ لاءِ
آهي مگر تون نيڪ عملن جي اوڏو به نٿو وڃين، سڀاڻي
قيامت جي ڏينهن جڏهن فاني دنيا ۾ ذري پرزي، برابر
ڪيل نيڪيءَ ۽ بديءَ جو اعمال نامون تنهنجي آڏو
هوندو، تڏهن ڪنڌ ڪيئن کڻي سگهندين؟
سُر برِوو سنڌيءَ ۾ شاهه صاحب انسانن کي هن ڪوڙي
دنيا ۾ دوست ٺاهڻ لاءِ به آگاهي ڏني آهي ته ڪهڙي
طريقي سان دوست ٺاهجن ڇو جو شاهه صاحب کي خبر هئي
ته انسان جي مٿان ڪهڙيون به مشڪلاتون ۽ آفتون اچي
نازل ٿين ته کيس ثابت قدم ٿي انهن کي مُنهن ڏيڻ
گهرجي. رڳو خدا تي ڀروسو رکي هٿ، هٿ ۾ وجهي ويهي
رهڻ نه گهرجي پر پنهنجي سِر سعيو به ڪرڻ گهرجي.
” لَّيْسَ لِلْاِنْسَانِ اِلَّا مَا سَعٰى
“
يعني انسان لاءِ سعي کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪينهي،
اول پاڻ تي ڀاڙڻ گهرجي پوءِ خدا تي ڀروسو رکجي.
موقعو هٿان نه وڃائجي، ڇاڪاڻ ته تِر جي گُٿي سَوَ
چوٽون کائي.
شاهه صاحب فرمايو:
آدِميُنِ اِخِلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪيو،
هاڻِ کائي سَڀُڪو، سَندو ماڙُهُوءَ مَاسُ،
دِلبرَ! هِنَ دنيا ۾، وڃي رَهندو واسُ،
ٻئي سَڀُ لوڪ لِباسُ، ڪو هِڪَدِل هوندو هيڪڙو.
(سُر بروو سنڌي)
مطلب ته دنيا ۾ وفائي ۽ محبت جو ڏڪار آهي، ماڻهن
پنهنجو اخلاق مِٽائي ماٺو ڪيو آهي. ماڻهو، ماڻهوءَ
جو ماس پيو کائي. ماڻهن کان وڌيڪ، مِرُن ۽ پکين ۾
ميٺ ۽ پيار آهي، پر تڏهن اڳلي کي کپي ته پنهنجي
وڙان نه وڃي، چڱايون ڪرڻ چڱن جو لائق آهي ۽
بڇڙايون بڇڙن جو لائق آهي. جيڪڏهن تون بُڇڙن سان
بُڇڙو ٿيندين ته پوءِ تنهنجي ۽ هُن جي وچ ۾ ڪهڙو
تفاوت. جيڪڏهن چڱو ماڻهو آهي ۽ توکي خاطري آهي ته
ان جي سُنگ مان تون لاڀ پرائيندين ته ڀل ته هو تو
سان ڪهڙي به هلت ڪري، تڏهن به تون هن جي پاند کي
هٿان نه ڇڏ! جي هو هڪالي ڪڍئي ته به تون ان جي
اڳيان پکڙا اڏي وڃي گهار:
کوڙي کَڻُ مَ سُپرينِ، کَنيئِي تان کوڙِ،
عادَتَ جا اَکيُن جيَ، سا نيئي نِباهِج توڙ،
مُون ۾ عَيبنَ ڪوڙِ، تُون پاڻ سُڃاڻج سُپرين!
(سُر بروو سنڌي)
آخر ۾ عاشق معشوق کي عرض ٿو ڪري، ته مون ۾ ڪيترائي
عيب آهن انهن کي تون نه ڏس، مون سان اچي مِلُ،
مطلب ته شاهه صاحب جو چوڻ آهي ته اي انسان تون
پنهنجي گناهن جي معافي ربّ پاڪ کان گهر. ڇو جو هو
معاف ڪندڙ آهي.
المقصد ته شاهه صاحب بني نوع انسان کي هدايت ڪري
ٿو ته: ”هيءُ دنيا عملن ڪرڻ جي جاءِ آهي، تون الله
۾ توَڪل رک، هر هڪ شيءِ جو مالڪ خود خدا آهي، جيڪي
به گهُرڻو اٿئي ان کان گهُر. هن دنيا ۾ پنهنجي
زندگيءَ کي سنواري، زندگيءَ جي مشڪل مسئلن کي
سمجهڻ جي واٽ ڏيکاري اٿس. اهو به ٻڌايو اٿس ته
زندگي هڪ امانت آهي جنهن جي لاءِ مختصر وقت ڏنو
ويو آهي ۽ اهو وقت انسانن کي بيڪار وڃائڻ نه
گهرجي.
شاهه صاحب اهو به دَرسُ ڏنو ته انسان جي ڪا به
حيثيت نه آهي، پنهنجي پروردگار جي سامهون انتهائي
عاجزيءَ سان پاڻ کي پيش ڪرِ. اُهو پروردگار جنهن
جو ڪو به ثاني نه آهي. هُو هر هنڌ حاضر آهي ۽ کيس
ڪنهن جي به مدد جي ضرورت نه آهي. هُو خالق ۽ مالڪ
آهي.
شاهه صاحب جي هدايت مطابق ته اي انسان! تون ربّ
پاڪ کان اهڙيءَ ريت گهُر جو هو رحيم ڪريم آهي.
آئون شرمسار آهيان.
در حقيقت شاهه جي نظر ۾ سچو انسان اهو آهي، جو
پنهنجي خالق جي عبادت ۽ خلق جي اصلاح ۽ خدمت ۾ هر
وقت حاضر رهي. جوڳي، سسئي، نوريءَ جي منزل کي حاصل
ڪرڻ، سُهڻيءَ وانگر توڪل رکڻ، نوريءَ جي نياز
وانگر مختلف مرحلن مان گذري پنهنجي زندگيءَ کي
سنوارڻ گهرجي.
سُر بَروو سنڌيءَ مان اِها هدايت ملي ٿي ته:
پنهنجو نفس نِهوڙي، ربّ پاڪ جي بندگي ڪري ان کي
ريجهائڻ، پنهنجو پريتڻو پچائي من ۾ محبت جو مچ
مچائي، پنهنجو اندر اُجارڻ، واليءَ جي وصال لاءِ
ويجهي وڃڻ، اهڙيءَ طرح نه رڳو پنهنجي دنيا پر آخرت
به اُجاري سگهجي ٿي.
سارِي رات سُبحانُ، جاڳِي جِنِ ياد ڪيو،
اُنِ جِي، عبداللطيف چئي، مِٽيءَ لڌو مانُ،
ڪوڙين ڪَنِ سَلامُ، آڳھِ اَچيو اُنِ جي.
(سُر سُريراڳ)
سُر سارنگ ۾ سنڌي عورت جا احساس
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح سنه 1689ع ۾ ڄائو ۽
1752ع ۾ وفات ڪيائين. ان وقت سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي
حڪمراني هئي. انهيءَ دور جي سماجي حالتن بابت
ڪيترائي جڳ مشهور عالم گهڻو ڪجهه لکي چُڪا آهن، جن
مان مسٽر ڇٻلاڻي، مرزا قليچ بيگ، مير عبدالحسين
خان سانگي ۽ ايڇ ٽي سورلي مشهور آهن. ميان غلام
شاهه دريائن جي ٻنهي ڪنارن مان وڏا واهه ڪڍائي سنڌ
جو وڏو حصو آباديءَ هيٺ آڻي ڇڏيو هو. جنهن ڪري
لکيو ويو ته اُن وقت سنڌ ۾ خوشحالي، امن ۽ آسودگي
هئي. ليڪن اها آبادي ۽ آسودگي سنڌ جي فقط وچ واري
ميداني علائقي تائين محدود هئي. باقي سنڌ جا ٻه
وڏا حصا ريگستان ۽ ڪوهستان اڄ وانگر، ان وقت به
مينهن جا محتاج هيا.
وُٺو ته ٿر نه ته بَرُ.
اڱڻِ تازي، ٻَهَرِ ڪُنڍِيوُن، پَکا پَٽِ سُنهِن،
سُرَهي سيجَ، پاسي پِريِن، مَرُ پِيا مينِهَن
وَسَنِ،
اَسان ۽ پِرِيَن، شالَ هُوَنِ بَرابَر ڏيِنهَڙا.
بَــــرَ وَٺا، ٿَــــرَ وَٺا، وَٺِيوُن تَرايوُن،
پِرِهَ جو پَٽَنِ تي، ڪَنِ وِلوڙا وايوُن،
مَکَڻَ پِرِين هَٿَڙا، سَنگهارِيوُن سايوُن،
ساري ڏُهَنِ سامُهِيوُن، ٻولايوُن رانيوُن،
ٻانِهِيوُن ۽ ٻايوُن، پَکي سُنهَنِ پانهِنجي.
بَــــرَ وَٺا، ٿَــــرَ وَٺا، وَٺي ڪَڇَ ڪِنارَ،
پونياڙيءَ پَٽَن تي، ڏِسُ! نايائوُن نارَ،
سَٻاجهي سَتارَ، لاٿا ڏُرتَ ڏيھَ تان.
بَــــرَ وَٺا ٿَــرَ وٺَا، وَٺِيوُن تَرايوُن،
پِرِهَ جو پَٽَن تي، ڪَنِ وِلوڙا وايوُن،
مَکَڻَ ڀَرِين هَٿَڙا، سَنگهارِيوُن سايوُن،
ساري ڏُهَنِ سامُهِيوُن، بولايوُن رانيوُن،
ٻانِهِيوُن ۽ ٻايوُن، پَکي سُنهَنِ پانهِنجي.
(سر سارنگ)
انهن علائقن ۾ جيڪا ٿوري گهڻي برسات پوندڙ هئي، ان
تي ئي ماڻهن ۽ مال، پکي پکڻن ۽ آباديءَ جو مدار
هو، سا به ڪڏهن وسي ته ڪڏهن سالن جا سال بس.
خود واهن تي آباد ٿيندڙ زمين ۽ انهن ۾ رهندڙ ماڻهو
۽ مال جو مدار به برسات تي ئي هوندو هو، انهيءَ
ڪري سموريءَ سنڌ کي هر هنڌ مينهن جو ئي انتظار
رهندو هو:
سارَنگَ کي سارِين، ماڙهُو، مرِگهَه مينهُون،
آڙِيوُن اَبَرَ اَسِري، تاڙا تنوارين،
سِپوُن جي سَمُونڊَ ۾، نَئين سِجَ نِهارِينِ،
پَلَرُ پِيارِين، ته سَنگهارَنِ سُکُ ٿِئي.
سارَنگَ! سارَ لَهيجِ، اَللهَ لَڳِ اُڃِيَنِ جي،
پاڻي پوُڄَ پَٽَنِ ۾، اَرزان اَنّ ڪَريجِ،
وَطَنُ وَسائيجِ، ته سَنگهارَنِ سُکُ ٿِئي.
موٽي مانڊاڻِ جي، واري ڪَيائِين وارَ،
وِڄوُن وَسَڻَ آئِيوُن چَـﺆڏِس ۽ چَوڌارِ،
ڪي اُٿي ويئِيوُن اِسِتَنبولَ ڏي، ڪي مَڻِيوُن
مَغَربَ پارَ،
ڪي چِمِڪَنِ چِينَ تي، ڪي لَهَنِ سَمَرِقَندِيُنِ
سارَ،
ڪي رَمي ويئِيوُن رومَ تي، ڪي ڪابُلَ، ڪي قَنڌارَ،
ڪي دَهليءَ، ڪي دَکَنِ، ڪي گُڙَنِ مَٿي گِرِنارَ،
ڪَنهيِن جُنبي جيسَلميِرَ تان، ڏِنا بيڪانيِر
بَڪارَ،
ڪَنهيِن ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنهيِن ڍَٽَ مَٿي ڍارَ،
ڪَنهيِن اَچي اَمَرڪوٽَ تان، وَسايا وَلهارَ،
سانئِيَمِ! سَدائيِن ڪَريِن، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ،
دوسَت! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرين.
موٽي مانڊاڻِ جي، جَڙي ڪَيائيِن جوڙَ،
وِڄوُن وَسَڻَ آئِيوُن، ٻَھِ ٻَھِ ٻَڌائوُن ٻوڙَ،
اَنَنِ جا عالَمَ ۾، لَکين ٿِيا کوڙَ،
سارَنگَ لاٿِي سوڙَهه، ساندَهِ سُهائو ٿِيو.
(سُر سارنگ)
مينهن وٺي کانپوءِ سنڌ جي سماجي تبديليءَ جو احوال
شاهه رح جي هن هڪ ئي بيت مان پروڙي سگهجي ٿو، جنهن
کي سڄي سُر سارنگ جو اختصار چئجي ته بجا ٿيندو:
حُڪُمُ ٿيو بادَلَ کي، ته سارَنگَ ساٺَ ڪَجَنِ،
وِڄُون وَسَڻَ آئيوُن، ٽَھَ ٽَھَ مِينهن ٽِمَن،
جِنِ مَهانگو لَهي ميڙيوم سي ٿا هَٿَ هَڻنَ،
پَنجَن منجهان پَندَرَهن ٿِيا، ائين ٿا وَرِقَ
وَرَنِ.
ڏُڪارِيا ڏيھَ مان، شالَ موُذي سَڀُ مَرَنِ،
وَري وَڏي وَسَ جوُن، ڪَيوُن ڳالهِيوُن ڳَنوارَن،
سَيُدُ چوي سَڀنِ، آهِ توهِ تُنهنجي آسِرو.
اَندرِ جُهڙُ جهوُرِ وَهي، ٻَهَرِ ڪَڪَرُ نه ڪوءِ،
وَسائِيندي وِڄُڙي، حُب جنيِن کي هوءِ،
لالنُ جنيِن لوءِ، تن اوڪاڻِين نه اَکِيُون.
اکيجي آئِيوُن، اُتَران ڪَري اوُرِ،
هي پِرين هُئڙا ڏوُرِ، سي موُن کي ميِنهَنِ
ميڙِيا.
(سُر سارنگ)
انساني سماج جي ارتقا ۾ عورت جو گهڻي کان گهڻو حصو
آهي حيات مسلسل جو باعث به عورت ئي آهي. جيڪڏهن
عورت ۽ مرد جي لازم و ملزوم وجود مان ڪوبه هڪ عنصر
خصوصاً عورت کي ڪڍي ڇڏجي ته پوءِ قدرت جي ڪار گاهه
جو نظام ڪهڙو بيهندو. ان بحث ۾ نه پوندي، آئون
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ آيل عورت
جي ڪردار ۽ اُن جي سماجي ڪارج بابت ڳالهائيندس ته
رسالي ۾ شاهه صاحب به عورت جي ڪردار جا ڪيترائي
مضمون ڏنا آهن، جن کي هُو پنهنجي الهامي شاعريءَ
سان زنده جاويد بنائي ٿو ڇڏي، مثلاً سسئيءَ جي
جهوليءَ ۾ سُورن جون سنگهرون وجهي، پُنهونءَ
پُٺيان پنڌ ڪرائي سندس ڪردار کي محبت جي علامت
بنائي ڇڏيائين. مُومل کي سُونهن سوڀيا جو بي مثال
پُتلو بنائي ڇڏيائين، جنهن جي رڳو گهڙي پل جي
ديدار لاءِ هزارين هاتڪ پنهنجي حياتيءَ تان هٿ کڻي
قربان ٿي چُڪا هئا. ليلان مڻين ۽ موتين تي لالچ ۽
حرِص جو پُتلو بنجي پنهنجو وَر، گهر، مانَ ۽ شانَ
سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيو.
مارئي دغا ۽ دولاب، ڏاڍَ ۽ ڏَمَرَ جو مقابلو ڪندڙ
عورت جي رُوپ ۾ غريب ماروئن ۽ سانگين جي نمائندگي
ڪندي، اخلاقي قدرن کي هٿان نه ڇڏيو. نوري نياز ۽
نوڙت جو مجسمو جنهن پنهنجي نهٺائيءَ واري عمل سان
دائمي زندگي حاصل ڪئي. ليڪن شاهه صاحب جي سُر
سارنگ ۾ عورت جو ڪردار عجيب رنگ ۾ نظر اچي ٿو، هُو
اڪيلي رهي ٿي ويجهڙائيءَ ۾ سندس ڪوبه سڏ ٻُڌڻ وارو
ڪونهي. سندس پنهنجي ڪکن پنن مان ٺهيل جُهوپڙي سندس
ڪُل ڪائنات آهي. سندس ڪانڌ پورهئي سانگي پرديس ويل
آهي، مينهن جي مُند ۾ جڏهن کيس پنهنجي اڀري
جهوپڙيءَ جي ڊهي پوڻ ۽ اُتر جي واءَ کان اولي نه
هئڻ جو ڊپ ٿئي ٿو. تڏهن مَنَ ۾ پنهنجي ڪانڌ کي شدت
سان ياد ڪري ٿي ته:
ڪُڻڪَن ڪانڌُ چِتِ ڪيو، جُهڙُ پَسيو جِهڄَنِ،
وَرَ ري وانڍُين اَڏِيا، پَکا سي مَ پُسنَ،
اُتَرُ ڊاهي اُنِ جا، ته ڪنهن کي ڪارُون ڪَنِ،
وارِثُ وَري تنِ، اچي شال اولو ڪَري.
ڪُڻِڪَن ڪانڌُ چِتِ ڪَيو، جُهڙُ پَسيو جُهڻِڪَنِ،
سُڻِيو رَڙِ رَعدَ جي، ڪَليوُن ٿيوُن ڪَنبنَ،
ڪَلِيوُن ڪِينَ ڪُڇَن، ويچارِيون وَرَنِ وري.
(سُر سارنگ)
سنڌ ۾ سانوڻ جو مينهن عام طرح اُتر کان اچي ٿو،
ڪنهن قضاني ڏکڻ جو به مينهن وسي، چون ته ”ڏکڻ نه
وسي پر جي وسي ته ٻوڙ ٻوڙان ڪري“ اُتر جو مينهن
سخت هوا سان وسي ۽ ٺار به ڪري، اهو مُندائتو
مينهُن آهي، جيڪو سڄي ماحول تي اثر انداز ٿئي ٿو.
خصوصاً هاري ناري ان جا منتظر رهندا آهن. مينهن کي
رحمت چيو وڃي ٿو، جيڪو ماروئن ۽ سانگين لاءِ
خوشحالي آڻي ٿو، انهيءَ ڪري هرڪو ساهوارو خوشيءَ
جو اظهار ڪري ٿو. شاهه صاحب انهيءَ مُند ۾ هڪ عورت
جي احساس جي ترجماني پنهنجي هن بيت ۾ ڪئي آهي ته:
اَڄُ پُڻ اُترَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ٿو ڪَري،
واحِدُ واٽَڙيَن تي، خالق کنڊ ڀري،
پاساڙئان پَري، سانگِ مَ وڃن سپرئين.
اَڄُ پڻ اُتَــرَ پارَ ڏي، تاڙي ڪي تَنوارَ،
هارِيُنِ هَرَ سَنباهيا، سَرَها ٿِيا، سَنگهارَ،
اَڄُ پڻ مُنهنجي يارَ، وَسَڻ جا ويسَ ڪَيا.
اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪارا ڪَڪَرَ ڪيسَ،
وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ڪَري لَعلُ لِبيسَ،
پِرِين جي پَرَديسَ، سي موُن کي مِينهَن ميڙِيا.
(سُر سارنگ)
عورت چاهي ٿي ته انهيءَ مُندَ ۾ سندس پرين شال
پرديس ۾ نه وڃي ۽ وٽس هُجي ۽ اهو انتظار ڪَندي
وِسوسا ڪري ڀانئي ٿي ته شايد مڙس مون کان رُٺو آهي
تڏهن چوي ٿي ته:
اَڄُ پُڻ اُتر پار ڏي، ڪَڪَرَ ڪي چوٽي،
مُندائتي مِينهَن جي، کِنوڻ نه کوٽي،
آءُ لالَڻَ مَوٽي، گهورِئا رُسَڻَ ڏِينهڙا.
اَڄُ پڻ اُميدوُن، آگَمَ سَندِيوُن اُڀَ ۾،
ساوَڻ پَسي، سَرَتِيوُن! سَڄَڻُ سارِيو موُن،
آئوُن آسائِتي آهِيان، مانَ ڀِڄائي ڀوُن،
گهَرِ ته گهُرِجين توُن مُندَ مڙيئي مِينهَن جي.
اُتران ٿي آئِيوُن، ڪَري هَڪَلَ هوُءِ،
وي تَلَ تَرائِيون، جوڙي هَلِيوُن جوُءِ،
پَسو جا پَٽَنِ ۾، کَٿوريءَ خوشِبوُءِ،
اچي روُبروُءِ، اُٺِيوُن روضي تان رَسوُلَ جي.
(سُر سارنگ)
آسمان ۾ ڪَڪر ڇائنيل آهن، انهن مان سج به نظر نٿو
اچي، وڄن جا چمڪاٽ ڏُکائين پيا ته مينهن اِجهو آيو
ڪي آيو! تڏهن عورت چاهي ٿي ته انهيءَ موسم ۾ سندس
ڪانڌ به ساڻس ڀيڙو هجي، پر اهو پرديس ويل آهي،
خيال ڪري ٿي ته هُو به ضرور ايندو، تنهنڪري دل کي
تسلي ڏئي ٿي ته:
سڄو صاف نه اُڀري، سَرَلي وِچان سِجُ،
مُنهُن چڙهيو مَاڙهن کي، ڏئي واڌايوُن وِڄُ،
هِنئڙا کَپَ مَ کِجُ، سِگهَا مَلندَءِ سُپرين.
سَڄَڻَ سانوُڻَ ميِنهَن جِئن، جهُڻڪَنِ پاسي
جهوڪَ،
ڏِيندا پاهُ پَٽَنِ کي، مَنجهان ميِنهَن موڪَ،
لَسَ پِيارِيِن لوڪَ، آگَمَ ڪَيو اَکِيُنِ سين.
واهُندان وِڄوُن ٿِيوُن، کڙِيوُن ڏَنهن کَنڀاتَ،
ڪُنڍِيوُن ڪاهي گَسِ ڪَرِيو، وَڇوُن ڪَرِيو واٽَ،
سنگهارَنِ سُکُ ٿِيو، لَٿي اُڃَ اُساٽَ،
جُهڙ ڦُڙُ ڏيئي جهاٽَ، پُسائيِنديوُن پَٽِيوُن.
(سُر سارنگ)
جُهڙ سندس اندر ۾ احساس پيدا ڪيو ته سندس پريتم
ضرور ايندو، انهيءَ اميد، سندس دل تي چڙهيل وڇوڙي
واري غُبار کي هٽائي ڇڏيو تڏهن چيائين ته:
سارنگُ سينگاري، وِڄوُن وَسَڻ آئيوُن،
مون کي کِنوڻ خوش ڪيو، ڪَڪَرَ ۾ ڪاري،
جُهڙن جهُونگاري، لاٿُم ڪَٽُ قُلوبَ تان.
آئي مُندَ مَلارَ، آئوُن کُهِنبا ڪَندِيَسِ
ڪَپِڙا،
وَسَڻَ جا ويسَ ڪَيا، اَڄُ مُنهنجي يارَ،
لارَ لائِيندي وَڇُڙا، ڀِنَڙَسِ ڀَنڀا وارَ،
پَکي آءُ پِرِين توُن، لَھُ مُنهنجي سَيّدُ! سار.
(سُر سارنگ)
دل ئي دل ۾ پنهنجي ڪانڌ ڏي پيغام موڪلي ٿي ته مُون
آسمان ۾ جُهڙ ڏٺو آهي. وِڄون ۽ واءُ ڪڪرن کي کنيو،
مينهن وسائيندا پيا اچن، تنهن ڪري تون به پنهنجي
لَڏَ کڻي اچي اوڏو ٿيءُ:
”مون جهُڙ ڏٺو اُڀ ۾، ڍولا لَڏ مَ لاهِه،
اچن آبُ اڳي ڪِئو، وِڄون اُتر واءَ،
ڇَنَ ڇڏي پٽِ پاءِ، اڏِ اتانهين پکڙا.
پر سندس ڍولو اچڻ جي وائي ڪانه ٿو واري، تان جو
ڪارا ڪَڪَر اچي ٿا ڪڙِڪن، سندس جُهوپو ڊهي ٿو پوي،
اُتر جو واءُ کيس ڏڪائي ٿو، هنڌ ٽپڙ اوڍي ٿي، پر
سندس اندر مان ڏڪڻي نٿي وڃي، تڏهن به آس نٿي لاهي
۽ چوي ٿي، پر سندس اندر مان ڏڪڻي نٿي وڃي، ته مون
سڄي رات ٺار ۾ ڏڪندي گذاري آهي، هاڻي ته مٿان
پرڀات اچي وئي آهي، پر اڃا به جي اچين ته اِهو
سيءُ آئون وساري ڇڏيان:
”ڪانڌ! تُنهنجي پانڌ ريءَ، سيءَ مران سَڀ راتِ،
ڪامِل! ڪَپاهن ۾، جهپ نه اچي جهاتِ،
اچين جي پرڀات ته آءٌ سيءُ نه سارِيان.
ڪانڌُ! تُنهنجي پاند ريءَ، سَنجهي سيءَ مران،
ڪامل! ڪَپاهُن ۾، پيئي ٺار ٺَران،
تاريءَ تنهن تران، جِئن وَرُ وِهاڻي وارِئين.
(سُر سارنگ)
جيڪڏهن رات گذارڻ کانپوءِ به مونکي وَرُ اچي مليو
ته به آئون ڄڻ ته اولي ۾ آيس، اڃا به وَرُ وٽس نه
آيو آهي، چئي ٿي ته مونکي نه اولو کپي ۽ نه اوڇڻ،
رڳو تون اچين ته ڄڻ مون کي سڀ ڪجهه مليو:
اوڇڻ گهُرجي آجڪو، جهُوپو سهي نه سيءُ،
سُڻائِج سَوڙ کي، حال مُنهنجو هيءُ،
اڱڻ آيو ٿِيءُ، ته ڍوليا! ڪنهن ڍنگ ٿيان.
اڱَڻِ تازي، ٻَــهَرِ ڪُنڍِيوُن، پَکا پَٽِ
سُنهَنِ،
سُرَهي سيجَ، پاسي پِريِن، مَــرُ پِيا مِينهَن
وَسَنِ،
اَسان ۽ پِرِيَنِ، شالَ هُــوَنِ بَرابَر
ڏيِنهَڙا.
(سُر سارنگ)
هُوءَ اڪيلي عورت پنهنجي ڪانڌ لاءِ گهوري نه آهي،
خود غرضي سندس شيوو نه آهي، چاهي ٿي ته سندس
سرتيون جيڪي به پنهنجي ڪانڌ کان وڇڙيل آهن، جن جا
پرين پرديس ويل آهن، اهي به انهيءَ مُند ۾ پنهنجي
پيارن سان گڏ هجن پر سڀ کان وڌيڪ اُنهن لاءِ چاهي
ٿي ته جيڪي هڪ ٻن مُندن کان نه، پر سڄي سڄي ڄمار
کان پنهنجي پريتم پسڻ لاءِ سِڪيل آهن. شال انهن وٽ
به سندن سڄڻ، سانوڻ مينهن وانگر رحمت ٿي اچن:
اَگَمَ ڪيو اَچن، سَڄَڻَ سانوَڻَ مينهن جِئَن،
پاسي تِن وَسَن، جي سَڀَ ڄماندر سِڪِيا.
***
گامَ گُنديءَ گَنجَ، اَبَـــرَ ۾ اُهاءُ ٿِيو،
پَسِي پَرِ پِرِيُنِ جِي، ڏوُر ٿِيا سَڀ ڏَنجَ،
شالَ وَسَندو سَنجَ، عاشِقَ تي اوهِيڙا ڪَري.
(سُر سارنگ)
سارنگ هاڻي ڀٽون ڇڏي وسيع پَٽن ۾ ڪاهي پيو آهي،
هاڻي خوشخبري مليس ٿي ته ڊَٺل جهوپڙي وري اڏي وٺ
جو تنهنجو سڄڻ اجهو آيو ڪي آيو:
ڍٽ ڍري پَٽ پيون، وڄن ڪيو واڪو،
پکو پنهنجي پرين لئي، سِبي ڪر ساڄو،
سڄڻ سٻاجهو، ڀيڄ ڀنيءَ گهر آيو.
آخر سندس اوسيئڙو ختم ٿيو، جاني جُوءِ ۾ آيو ته
سندس غم ۽ وهَمَ سڀ هليا ويا، پريتم پسيائين ته
سارنگ جو نظارو ئي نئون ڏسڻ ۾ آيس اهو مَنُ جيڪو
پِرين جي پَسڻ سان قرار ۾ آيو آهي، اهڙا سوين
سارنگ به پرين جي پسارَ اڳيان ڪجهه به نه هئا:
اگَمِ جي آئِيوُن اُتَران ڪَري اوُرِ،
جي پِرين هُئڙا ڏوُرِ، سي موُن کي ميِنهَنِ
ميڙِيا.
آگم ايءُ نه اَنگَ، جهڙو پَسَڻُ پرينءَ جو،
سيڻنِ ريءَ سَيّدُ چئي، رُوحَ نه رَچَن رَنگ،
سَهَسين ٿيا سارنگ، جاني آيو جُوءِ ۾،
(سُر سارنگ)
جاني آيو جُوءِ ۾، ٿيو قَلبَ قَرارُ،
وَهلو وچائين وِيو، ڪَڍي غَمُ گذُار،
نظارو نروارُ، پي پسايو پانهِنجو.
(سُر سارنگ)
پي پسَايو پانهنجو، نِظارو ناگاهَ،
لَٿو ڪَٽُ قَلُوبَ تان، ٿي وِروُهَڻَ واهَه،
اُميدون اَرواحَ، پي پسندي پُنيون.
(سُر سارنگ)
شاهه صاحب جي هِن سُر سارنگ جو حاصل مطلب ”حُب جو
هجڻ“ آهي. جن کي سِڪَ ۽ حُبَ هوندي، سي ئي
ڪاميابيءَ سان همڪنار ٿيندا، لالڻ به انهن وٽ
ايندو، جن جون اکيون پرين جي انتظار کان نه ڪڏهن
وانديون آهن ۽ نه ڪڏهن ٿڪيون آهن. انهن جي سِڪَ جي
مُند رڳو سانوڻ ۽ سارنگ نه آهي، پر سندن اندر ۾
ٻار هوئي جُهڙ ڦڙ هجي ٿو.
پنهنجي پريتم سان ملڻ جي خوشيءَ جو اظهار سنڌ جي
عورت وٽ ”کُنهبي ويس ڍڪڻ“ سان آهي، ڳاڙهي ڪُنوار
به ڳاڙهي ويس سان ئي سُونهي، تنهن ڪري شاهه صاحب
ملهار کي پنهنجي پرينءَ سان ملڻ ۽ ان موقعي تي
”کُنهبو ويس ڍڪڻ“ جو بيان هڪ وائيءَ جي ٿل ۾ ڪيو
آهي ته:
آئي مُند ملهار، آءٌ کُهِنبا ڪنديس ڪپڙا.
---
مُنهِنجي سَيِّدُ سارَ لَهندو، موُن کي آهِ اُميدَ
اَللهَ ۾،
سَجِدي پئي سُپِرينءَ، زارِيوُن زورِ ڪَريِندو،
اُمَتَ ڪارَڻِ اَحمَدُ اُتِ، پَرِمَلُ پاڪُ
پِنَندو،
صُورَ ڌَڪاءُ ٿيندو، اَکِيوُن سَڀ سِج ڪَڍندو،
ميڙو ٿِيندو مومِنين، اُت مُحَمّدُ مِيرَ
مَلَهندو،
نُفسَاً نَفِسي سَڀڪو ڪَري، داتا دَرِ ڊوڙَندو،
مُھُتَ ڏِيندُسِ مَولو، اُتِ بَدِيوُن
بَخِشائِيندو.
آگَمِيو آهي، لَڳھَ پَسُ! لَطِيفُ چئي،
وُٺو مِينهُن وَڏَ ڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاهي،
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، سَمَرُ سَنباهي،
وِهو مَ لاهي، آسِرو اَللهُ مان.
آگَم ڪَيا اَللهَ، لَڳَھَ پَسُ! لَطِيفُ چئي،
پَلُرَ جي پالوُٽَ سِين، پَٽَنِ جَهلِيا پاهَ،
واحِدَ وَڏائِي ڪَيا، مَٿي گَسَن گاهَ،
سانگِيَنِ وَرِيا ساهَ، اُٺُنِ آبُ
اَگُوندَرو.
آگَمَ اِيئَن نه اَنگَ، جِهَڙو پَسَڻُ پِرِينءَ جو
سيڻَنِ رِءَ سَيِدُ چئي، روُحَ نه رُچَنِ رَنگَ
سَهسين ٿِيا سارنگَ، جانِي آيو جوُءِ ۾.
(سُر سارنگ) |