سيڪشن: لطيفيات

ڪتاب: وَکَر سو وِهاءِ

باب:

صفحو:1

وَکَرُ سو وِهاءِ

 

ليکڪ: رضيه شهوڪ

ڇپائيندڙ پاران

سنڌ جي سرموڙ شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي فڪر ۽ فلسفي تي سنڌ جي هاڪارن قلمڪارن مقالا ۽ مضمون لکيا آهن، جيڪي پنهنجي پنهنجي مقام تي وڏي اهميت جا حامل آهن. اهڙي نموني قلمڪارن مان محترمه رضيه شهوڪ صاحبه پڻ نهايت خوبصورت نموني سان شاهه صاحب جي فڪر ۽ فلسفي کي اُجاگر ڪري، سُر ”بروو سنڌي“، “سُر سارنگ“ ۽ ”سُر رامڪلي“ کان علاوه ”برصغير“ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيؓ جي همعصر ”صوفي شاعرن“ تي جامع انداز ۾ تحقيقي مقالا لکيا آهن. شاهه صاحب دنيا جو هڪ وڏو شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ جا ڪيترائي پاسا آهن ۽ هرهڪ پاسي کي ماپبو ته ان ۾ هر طرح نوان رخ ۽ نوان پهلو سامهون ايندا، اهوئي سبب آهي جو اڄ تائين، سندس شاعري، فن، شخصيت، فلسفي ۽ فڪر تي دنيا جي ڪيترن ئي عالمن، مفڪرن سندس ڪلام تي گهڻو ئي لکيو ۽ ڳالهايو آهي ۽ موجوده دور جي نوجوان نسل پڻ لطيف شناسي جي حوالي سان تحقيقي مقالا ۽ ڪتاب لکي، سنڌ جي عظيم شاعر کي ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن.

سنڌي ادبي بورڊ جي اِها شروع کان ئي ڪوشش رهي آهي ته، لطيفيات تي مشتمل اعليٰ درجي جا معياري ڪتاب، اداري طرفان شايع ڪرايا وڃن، ته جيئن سنڌ جي ڪلاسيڪي ادب ۾ واڌاري ٿيڻ سان گڏوگڏ سنڌي اساسي ادب جي تاريخ پڻ محفوظ ٿي سگهي. موجوده وقت ۾ بورڊ جي مانواري چيئرمين مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي خاص دلچسپيءَ تحت اداري طرفان نوان ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن. خاص ڪري بورڊ جي پبليڪيشن شعبي ۾ سالن کان پيل اڻڇپيل مسودا اوليت جي بنياد تي شايع ڪرائي، منظرِ عام تي آڻڻ لاءِ ڪوشان آهن.

هن ڪتاب ”وکر سو وهاءِ“ جو پهريون ڇاپو آءٌ بورڊ جي مانواري چيئرمين عزتمآب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي سرپرستيءَ ۾ بورڊ طرفان شايع ڪري سرهائي محسوس ڪري رهي آهيان.

توقع آهي ته، اسان جي هيءَ ڪاوش لطيف شناسي جي حوالي سان پڙهندڙن وٽ مڃتا ماڻيندي.

19 جمادي الاول 1445هه                      گلبدن جاويد مرزا

04 ڊسمبر 2023ع                               سيڪريٽري

 

پيش لفظ

 

سونهاري سنڌ جي سرموڙ صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو شمار برصغير جي عظيم صوفي بزرگن ۾ ٿئي ٿو. جنهن جي ڪلام جو ذخيرو دنيا جي اڪثر وڏن شاعرن جي ڪلام جي ذخيري جي ڀيٽ ۾ ڪافي وسيع مفهوم رکي ٿو. لطيف سرڪار جي رسالي جو سمورو ڪلام الهامي آهي ۽ هُن پنهنجي بيتن کي ڪڏهن به ڪو ڪارنامو ڪري نه ڄاتو، ڇاڪاڻ جو هن اُهي بيت هڪ اهڙي وجداني ڪيفيت ۾ چيا، جنهن ۾ ڪنهن به ڪوشش يا جدوجهد جي گنجائش ئي ڪانه هئي. انهيءَ ڪري ئي هن پنهنجي شعر کي ”نياپو“ ڪري سڏيو آهي. اِهو ئي سبب آهي، جو هر عام ۽ خاص ۾ سندن چيل هڪ هڪ بيت بنا ڪنهن خاص تاڪيد جي ڳائجي رهيو آهي. جيئن اسين راڳ کي ”آوازن جي تنظيم“ ڪوٺيون ٿا، تيئن هڪ عرب مصنف شعر کي ”لفظن ۾ سمايل راڳ“ ڪري ڄاڻايو آهي، يعني ته هُو انهيءَ نظريي کي ترجيح ڏئي ٿو ته هر مصرع ترنم جي خصوصيت جو هجڻ شعر جو هڪ لازمي جز آهي. بس! دنيا جي سڀني وڏن شاعرن جي ڪلام کي پرکڻ لاءِ اها پهرين ڪسوٽي آهي. ڪو به صاحب انهن کي انهيءَ ڪسوٽيءَ تي ڀيٽي پنهنجو نتيجو ڪڍي سگهي ٿو.

تخليقي توڙي تحقيقي ادب جي هڪ اهم خوبي ان جو نتيجه خيز ۽ سونهن سان گڏ سمجهه لائق هجڻ پڻ آهي، ان ۾ سونهن جو عنصر شرط اول سمجهيو وڃي ٿو. ان اصول موجب  اهو ضروري آهي ته دنيا ۾ موجود شين کي جمالياتي نقطهء نظر سان ڏٺو وڃي. جيڪڏهن ڪو مصنف دنيا ۾ موجود شين کي جيئن جو تيئن پيش ڪندو ته يقينن ادب جو بنيادي پهلو جنهن ۾ جمالياتي تخيل ۽ تصور شامل هوندو؛ اهو متاثر ٿيندو ۽ ادب پنهنجي بنيادي حيثيت وڃائي ويهندو ۽ عالمي منظر نامي ۾ جڏهن ته ثانوي حيثيت جي ڪا خاص حيثيت ناهي. امڪان آهي ته اهڙو ادب تفريحي ادب ٿي وڃي، جنهن ۾ ڪنهن به صورت ۾ زمان ۽ مڪان جون سرحدون اورانگهڻ جي سگهه ناهي ٿيندي. ڇاڪاڻ ته تفريحي ادب صرف حاضر لمحي کي جهٽي سگهڻ جي سگهه رکي ٿو، حاضر لمحو ختم، تفريحي ادب ختم. ٻي پاسي تخليقي ۽ تحقيقي ادب پنهنجي آفاقي سچائي ۽ تخيلاتي سونهن ۽ جماليات جي طفيل صدين تائين ضرور پاڻ موکڻ ۽ ملهائڻ جي سگهه سان نروار رهي ٿو.

جيڪڏهن شاهه جي رسالي جو غور سان مطالعو ڪجي ته، معلوم ٿيندو ته سنڌ جي شاعرن مان رڳو شاهه لطيف ئي هڪ اهڙو شاعر آهي، جيڪو شاعريءَ جي قائم ڪيل معيار تي پورو بيهي ٿو. شاهه صاحب جي ذات اُنهن سڀني ذهني ۽ جذباتي خوبين جي حامل آهي، جيڪا هڪ پخته ڪار شاعر ۾ هجڻ ضروري آهي. انهن ڳالهين ئي اُن جي عالي طبع کي ظاهر ڪيو آهي. شاهه صاحب جيڪي به بيت لکيا آهن تن مان هن جي شخصيت نهايت نمايان طريقي سان نظر اچي ٿي.

شاهه صاحب گهڻي حد تائين آزاد، موجد، فيلسوف ۽ بي تعصب نظر اچي ٿو. هن جي طبع جي رواني مختلف سُرن مان ظاهر آهي. شاهه صاحب جي طبع جي جولاني ۽ تخيل جي قوت جي رسائي جو اُن وقت پتو ٿو پوي، جڏهن اسين ساڳي شيءِ کي هن جي جدا جدا سُرن ۾ استعمال ڪيل ڏسون ٿا. هن جو هر هڪ سُر حقيقت ۾ هڪ نگارخانو آهي جتي عيش ۽ عشرت، آرام ۽ سڪون، مسرت ۽ شادماني جون ايتريون تصويرون نظر ڪو نه ٿيون اچن، جيتريون غم ۽ الم، ڏک ۽ درد ۾ ٻڏل سنڌين جي دل ۽ دماغ جون جيئريون جاڳنديون تصويرون نظر اچن ٿيون.

شاهه صاحب جي تخيل جي گهرائي ۽ بندش جي قوت اهڙي آهي، جو هر هڪ لفظ ٻئي لفظ جي معنيٰ تي روشني وجهي ٿو. ائين برابر آهي ته شاهه صاحب دنيا جي بلند پايه شاعرن مان هڪ ٿي گذريو آهي ۽ سندس رسالي ۾ جيڪو ڪلام موجود آهي، سو هر قسم جي موضوعن سان سرشار آهي. پر ڪٿي ڪٿي شاهه صاحب جي فڪر جي گهرائي ايتري ته اونهي آهي جو الاهي اسرارن جون رمزون رڳو رند پروڙي سگهن يا اُهي غواص جي پاتار ۾ پيهي سمنڊ سوجهين ته ماڻڪ موتي ميڙي سگهن، نه ته گمراهن کي ڪچ ڪوڏين کانسواءِ ٻيو ڪجهه نصيب نٿو ٿئي.

هڪ سٺي شاعر جي هيءَ خصوصيت آهي ته انسان وجد ۾ اچي وڃن ٿا. هڪ حقيقي شاعر جو رڳو شعر ڪيترن مقررن جي ڊگهين تقريرن کان وڌيڪ اثرائتو ٿو ٿئي. جيڪڏهن شاهه صاحب جي بيتن کي انهيءَ نقطهء نظر سان پرکجي، ته معلوم ٿيندو ته شاعري جهڙي طرح قومي جذبات جي نشر ۽ اعلان جي لاءِ هڪ مخصوص ذريعو آهي، تهڙي طرح شاعري مذهب جي اثرات کي سماعت گزين ۽ دل نشين ڪرڻ جو به هڪ خاص وسيلو آهي، تنهنڪري شاهه ڀٽائي به اهو طريقو اختيار ڪيو.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي شاعري جا مختلف پهلو آهن. هن جي شاعري جو هر پهلو نمايان حيثيت رکي ٿو. جنهن به پهلو کان هن جي شاعريءَ کي جانچبو ته ان ۾ جدت نظر ايندي ۽ هن جي طرز ادا جي خصوصيت ئي پنهنجي هوندي. اهو ئي سبب آهي جو شاهه صاحب نه رڳو پنهنجي وطن ۾ بلڪ دنيا جي ڏورانهن ملڪن ۾ به شاعري ۾ بلند مرتبو رکي ٿو. ڊاڪٽر سارلي جهڙو هاڪارو اسڪالر به کيس دنيا جي ستن بهترين شاعرن ۾ هڪڙو شاعر ليکي ٿو ۽ غنائي شاعرن ۾ هن جو شمار ڪري ٿو. جنهن جو  خاص سبب آهي، شاهه جي رسالي ۾ منظر نگاري يا فطرت نگاري. شاهه صاحب منظرنگاري ڪرڻ مهل ڪن ڳالهين تي خاص ڌيان رکي ٿو، جنهن ڪري سندس منظرنگاري نهايت اثرائتي معلوم ٿئي ٿي. جهڙوڪ: جيڪي لفظ منظر چِٽڻ لاءِ پنهنجن بيتن ۾ ڪتب آڻي ٿو، سي رواني، نهايت سادا ۽ عام فهم هوندا آهن. منظر جو نقشو چٽڻ مهل شاهه صاحب خاص طرح ٻن ڳالهين جو گهڻو خيال رکندو آهي، هڪڙو ته هن جي منظر نگاري جو دارومدار حقيقت تي مبني هوندو آهي ۽ ٻيو نقش چٽڻ مهل تخيل ۽ جذبات کان گهڻو ۽ عمدو ڪم وٺندو آهي.

جنهن جي ڪري هن جي منظر نگاري ٻين شاعرن جي ڀيٽ ۾ نهايت وڻندڙ ۽ اعليٰ هوندي آهي:

ڪاري رات، ڪچو گهڙو، اُڻٽيهه اونداهي،

چنڊ نالو ناه ڪو، درياءَ دڙ لائي.

ساهڙ ڪارڻ سهڻي آڌي ٿي آئي،

اي اَمر الاهي، نات ڪُنن ۾ ڪير گهڙي؟

(سُر سهڻي)

هن کي قدرت وٽان اهڙي ڏات مليل هئي، جو هُو هر جنهن ڳالهه جو ڳوڙهو مطالعو ڪندو هو، جنهن جي نتيجي ۾ دنيا جو مشاهدو ۽ تجربو هن ۾ ٻين کان سرس هوندو هو ۽ جنهن وقت پنهنجن تجربن ۽ مشاهدن کي پلٽائي، شعر جو لباس پهرائي پيش ڪندو هو ته بي ساخته وات مان تعريف نڪري ويندي هئي. ان کانسواءِ هڪ ٻي خوبي اِها آهي، جو بيتن جا لفظ عام، رواجي ۽ بامعنيٰ آهن ۽ لفظن جي بياني پوري تڪ تور سان ڪئي وئي آهي، جنهن کي هر عام ۽ خاص سمجهي سگهي ٿو. بيتن کي پڙهي نظارن جي اصليت ۽ حقيقت معلوم ٿيو پوي ۽ شاهه صاحب جي تخيل جو داد ڏيڻ کان رهي نه ٿو سگهجي ۽ مڃڻو ٿو پوي ته شاهه صاحب ڪيترو نه قادر الڪلام شاعر آهي جو پنهنجن بيتن کي اصليت ۽ حقيقت تي پورو بيهاريو اٿس.

شاهه صاحب جي نظارن چٽڻ جي هي عام خصوصيت هوندي آهي جو لفظ سادا ۽ عام فهم هوندا آهن ۽ منظر حقيقت تي ٻڌل هوندو آهي. هاڻي ڏسو سر سارنگ ۾ برسات جو نظارو، جنهن کي شاهه صاحب پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڪيئن ٿو بيان ڪري:

اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، تاڙي ڪِي تَنوارَ،

هارِينِ هَرَ سَنباهِيا، سَرَها ٿِيا سَنگهارَ،

اَڄُ پُڻ مُنهنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪِيا.

(سُر سارنگ)

اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪِريُون ڪارِيُون،

وَسي ٿو وَڏَ ڦُڙو، ٽَهڪَن ٿِيُون ٽاريُون،

لَٿِيَنِ لُکَ لَطِيفُ چَئي، ڍايُون تاسارِيُون،

ڀَڄَندِيُون ڀَٽارِيون، وَري وَٿاڻين آئِيُون.

 (سُر سارنگ)

اسان مٿي جيڪي به مثال ڏيئي آيا آهيون تن جي لاءِ چئي آيا آهيون ته لفظ آسان، سادا ۽ عام فهم هوندا آهن ۽ سڄو منظر حقيقت تي مبني هوندو آهي.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه سنڌ جو اُهو واحد عظيم شاعر آهي، جنهن جي سموري شاعري وجداني ۽ رومانوي عڪسن سان ڀرپور آهي. شاهه جو رسالو اهڙي ئي آفاقي ۽ عالمي تخليقيت ۽ سچائي سان گڏ ڀرپور جمالياتي رنگ ۽ آهنگ سان وقت ۽ هنڌ جون سرحدون لتاڙيندو رهي ٿو. شاهه جو ڪلام اڄ به ايترو ئي ترو تازو ۽ توانو آهي، جيترو اڄ کان لڳ ڀڳ ٽي سو سال اڳ هو. اها شاهه جي شاعري جي آفاقي سچائي ۽ سونهن ئي آهي جنهن جي طفيل اها شاعري وقت، حالتن ۽ هنڌ جي ڦيري سان ذرو برابر به جهيڻي ٿيڻ بدران، چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر چمڪي نروار ۽ نشانبر ٿي رهي آهي. دنيا جي جديد کان جديد ادبي، سماجي توڙي فيسلسوفياڻين تحريڪن پٽاندڙ شاهه جي شاعري ۾ موجود انهن جي عڪسن، اشارن ۽ رنگن جي نشاندهي ڪرڻ جي ڪوشش مون پنهنجي هنن مختصر مقالن ۾ ڪئي آهي.

مقالو ڪيئن لڳو آهي؟ ان ۾ منهنجي رهنمائي محترم مرحوم محمد اسماعيل شيخ جن فرمائي جيڪي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ٻانهن ٻيلي هو، آئون سندس احسانمند رهندس.

آئون شاهه سائين جي حوالي سان اڃا به گهڻي تحقيق ڪرڻ چاهيان ٿي، سردست هيءُ مقالا پيش خدمت آهن، جيڪي مون ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز طرفان ڪوٺايل شاهه عبداللطيف ڪانفرنس ۾ مختلف وقتن تي پڙهيا هئا، جن کي هاڻي يڪجا ڪري ڪتابي صورت ڏني آهي.

رضيه شهوڪ

هالا

برصغير ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جا همعصر صوفي شاعر

 

برصغير پاڪستان ۾ چئني صوبن ۾ تصوف جو ڦهلاءُ پهريائين سنڌ ۾ ٿيو. جڏهن ستين صدي هجري ۾ مخدوم نوح بکري، سهروردي سلسلي جي باني شيخ شهاب الدين سهروردي کان بغداد ۾ علم جي تحصيل ڪري خلافت جو خرقو ڍڪي، وطن موٽي آيو. هو بزرگ سنڌ جي مشهور شهر بکر جو رهاڪو هو تنهن ڪري تاريخ ۾ مخدوم نوح بکري جي نالي سان مشهور ٿيو.

ان کان پوءِ ساڳئي دور ۾ حضرت غوث بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني ۽ بابا فريد گنج شڪر پڻ شيخ شهاب الدين سهروردي کان فيض ياب ٿي ملتان ۾ سڪونت پذير ٿيا ۽ ان بعد تصوف جي ٻئي مشهور سلسلي قادري جا پيروڪار پڻ سنڌ ۽ ٻين صوبن ۾ آيا. تصوف جا اهي ئي مکيه ٻه سلسلا هئا جن جي تعليم ۽ فڪر جو اثر برصغير جي عالمن ۽ درويشن تي گهڻو ٿيو.

تصوف جا باقي ٻه سلسلا چشتي ۽ نقشبندي گهڻو پوءِ جا آهن. ۽ انهن طريقن سنڌ ۾ گهڻو زور نه ورتو، باقي سهروردي ۽ قادري طريقن جا بزرگ پاڪستان جي ٻين صوبن بلوچستان، سرحد ۽ ڪشمير تائين پهتا ۽ اتي تعليم ۽ تبليغ جا مرڪز قائم ڪيائون جن جا سلسلا اڃا تائين سڄي پاڪستان ۾ هلندا اچن ٿا.

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ولادت 1102 هجري ۾ ٿي ۽ وفات 1165 هجري ۾ ڪيائين، انهيءَ دؤر ۾ پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ پڻ مشهور درويش شاعر هئا، جن وٽ بنيادي طور تصوف جي تعليم ۽ تربيت هئي. مون انهن شاعرن کي پنهنجي هن مضمون ۾ سميٽڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيئن ته سندن ڪلام ۽ انهن جي تربيت جي لطيف سائين سان ڀيٽ هن مختصر مضمون ۾ ممڪن نه آهي، تنهن ڪري انهن جا فقط نالا ڳڻائڻ تي اڪتفا ڪجي ٿي.

سنڌ ۾ همعصر صوفي شاعر

شاهه عنايت صوفي

شاهه عنايت ولد مخدوم فضل الله پنهنجي وقت جو هڪ ڪامل ولي ۽ بلند. پايي جو شاعر ٿي گذريو آهي. علم جي تحصيل کان پوءِ اول ٺٽي ۾ رهيو، پر پوءِ عالمن جي مخالفت جي ڪري اچي جهوڪ ۾ رهيو جتي ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي دؤر ۾ کيس 1130 هجري ۾ شهيد ڪيو ويو. سندس سنڌي شعر ته ملي نه سگهيو آهي پر فارسي جو وڏو شاعر هو. چيو وڃي ٿو ته. شاهه لطيف سندس وفات تي ڪجهه بيت چيا جيڪي سُر يمن ڪلياڻ ۾ شامل آهن.

خواجه محمد زمان

خواجه محمد زمان ٺٽي جي بزرگن مخدوم عبدالقاسم ۽ مخدوم محمد جي صحبت ۾ رهي انهن وٽان تصوف ۾ ڪمال حاصل ڪيو. خواجه صاحب طريقت جي راهه ۾ ايڏي وڏي منزل کي پهتل هو جو شاهه لطيف به کائنس وڏي عمر هئڻ جي باوجود وٽس هلي ويو هو ۽ هنن ٻنهي درويشن جي وچ ۾ عارفانه گفتگو هلي.

چيو وڃي ٿو ته هن ملاقات کان پوءِ شاهه صاحب، خواجه صاحب لاءِ چيو ته:

مون سي ڏِٺا ماءِ، جني ڏٺو پرينءَ کي،

تني، سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.

خواجه صاحب، عمر جي پوئين حصي ۾ ٺٽي مان لڏي اچي لنواريءَ ۾ ويٺو ۽ اتي ئي سنه 1188 هجري ۾ وفات ڪيائين.

فقير الله علوي

درويش فقير الله علوي، افغانستان جي جلال آباد شهر ۾ ڄائو هو. سنه 1150 هجري ۾ پنهنجو وطن ڇڏي اچي شڪارپور ۾ رهيو. سندس تعليم مان هزارين طالب فيض ياب ٿيا ۽ سندس مريدن جو سلسلو هند، سنڌ، ايران ۽ افغانستان تائين هوندو هو. هن فارسي ڪلام به چيو آهي. سندس وفات 1195 هجري ۾ ٿي.

پنجاب صوبي جا صوفي شاعر

صوبي پنجاب ۾ شاهه لطيف جي دور جا مشهور صوفي شاعر هن ريت آهن!

1- سيد حيدر ملتاني (1101 هجري کان 1199 هجري ۾ وفات ڪيائين.

2- شاهه شرف بٽالوي (1070 هجري- 1138 هجري)

3- ميان اشرف لاهوري (وفات 1138 هجري)

4- علامه غلام قادر شاهه بٽالوي (وفات 1176 هجري)

انهي دؤر جا پنجاب ۾ ٻيا به ڪيترائي شاعر موجود هئا جن پنهنجي پنهنجي رنگ ۾ تصوف جي نازڪ نڪتن کي پنهنجي شاعري ذريعي اظهار پئي ڪيو ليڪن انهن سڀني مان سلطان باهو ۽ بُلها شاهه ئي اهڙيون شخصيتون آهن جن کي پنجاب جي ٻين سڀني شاعرن کان سنڌ ۾ وڌيڪ مقبوليت حاصل ٿي ۽ سندن دوها ڪافيون اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳايون وڃن ٿيون، سندن نالو سنڌ وارن لاءِ ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي.

بُلها

بُلها شاهه جو اصل نالو عبدالله ولد سخي محمد درويش هو. هو سنه 1103 هجري ۾ اُچ گيلانيان ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم کان پوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ شاهه عنايت قادري جي خدمت ۾ حاضر ٿيو جنهن جي صحبت ۽ عقيدت جي اثر هيٺ ان جو ئي مريد ٿيو. جڏهن سندس استاد ۽ مرشد 1141 هجري ۾ وفات ڪئي ته ان جي مسند تي ويهي مريدن کي تصوف جي دولت سان مالامال ڪندو رهيو. سندس وفات سنه 1171 هجري ۾ ٿي.

سلطان باهو

هن درويش جي ڄم ۽ وفات جي تاريخن ۾ ڪافي اختلافات آهن. ڪن سندس جنم جو سال 1029 هجري ۽ وفات 1102 هجري ۾ ڄاڻايو آهي ۽ ڪن تذڪرهه نگارن سندس ڄمڻ جي تاريخ 1103 هجري ۽ وفات سنه 1181 هجري لکيو آهي. جيئن ته اهو عرصو شاهه واري دؤر سان مطابقت رکي ٿو تنهنڪري سلطان  باهو کي به شاهه عبداللطيف جي همعصرن ۾ شمار ڪرڻ ضروري آهي.

سلطان باهو جا وڏا، اصل عربستان جا هئا جيڪي پوءِ هجرت ڪري اچي شورڪوٽ ۾ سڪونت پذير ٿيا. شاهه باهو جي والد جي مرضي هئي ته شاهه باهو زمينداري وغيره سنڀالي، ليڪن پاڻ سڀ ڪجهه ڇڏي وڃي ملتان ۾ حضرت بهاءُ الحق جي مزار تي چله ڪشي ۾ مشغول ٿيو. اتان امرتسر جي شاهه حبيب درويش سان گڏجي دهلي روانو ٿيو ۽ اتي بزرگ عبدالرحمٰن جي مريدي ۾ داخل ٿيو اتي ئي عربي ۽ فارسي جي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ تصوف ۾ دلچسپي رکڻ لڳو.

چون ٿا ته پاڻ تصوف جي موضوع تي 140 ڪتاب لکيائين سندس مزار ضلعي جهنگ جي شهر شورڪوٽ ۾ آهي.

صوبه سرحد (خيبر پختونخواه) جو شاعر رحمان بابا

في الحال صوبي سرحد (خيبر پختونخواه) جي شاعرن مان هن وقت تائين فقط رحمان بابا ئي اهڙو شاعر آهي، جنهن کي حضرت شاهه عبداللطيف جو همعصر چئي سگهجي ٿو ۽ سندس شاعري برصغير جي ٻين مشهور شاعرن وانگر تصوف جي نڪتن سان ڀرپور آهي.

رحمان بابا جو پورو نالو عبدالرحمٰن ولد عبدالستار خان آهي. پاڻ پٺاڻن جي مهمند خاندان جو فرد هو.

رحمان بابا جي ڄمڻ ۽ وفات جي سالن جي پوري پڪ ڪانهي، پر اندازي موجب سندس ڄمڻ جو سال 1042 هجري چيو وڃي ٿو. ۽ 1118 هجري ۾ وفات ڪيائين. رحمان بابا جي تصنيف مان معلوم ٿئي ٿو ته هو هڪ بلند پائي جو عالم ۽ عابد انسان هو. علم جي حاصلات ۽ درويشي جي راهه ۾ کيس به انهن ڏکين آزمائشن مان گذرڻو پيو جيڪي ٻين صوفي بزرگن کي پيش آيون هيون. رحمان بابا جي درويشي ۽ مقبوليت جو اهو عالم آهي. جو پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو به پنهنجي مشڪل جي حل لاءِ سندس ديوان مان فال وٺندا آهن.

صوبي بلوچستان جي ادبي تاريخ ۽ صوفيانه شاعري متعلق منهنجو مطالعو گهٽ ۽ نه هئڻ جي برابر آهي تنهن هوندي به چئي سگهجي ٿو ته ادب جو مذهب سان ۽ مذهب جو ادب سان تعلق رهيو آهي. خاص ڪري جڏهن مذهب، ثقافت جو حصو بنجي وڃي ته ان کي ادب کان جدا نٿو ڪري سگهجي. تنهنڪري بلوچستان جي سر زمين به تصوف جي شاعري کان ڪنهن به دور ۾ خالي نه رهي هوندي، ڪو نه ڪو شاعر ضرور هوندو جنهن تصوف جي محبت واري پيغام کي عام انسانن تائين پهچايو هوندو. اسان جو ادب اڃا تائين تصوف ۽ اسلامي تصوف واري دور جي نمائندگي ڪري ٿو. البت پاڪستان کان پوءِ جي دور ۾ ڪن شاعرن ۽ اديبن جدا رجحانات جي اثر هيٺ نظم توڙي نثر ۾ ڪافي ڪوشش ڪئي آهي جيڪا اڃا تائين ابتدائي دؤر ۾ آهي ورنه روايتي طور برصغير جي شاعري جو مرڪزي نڪتو توحيد، محبت، اخلاقيات تي ئي هلندو  اچي ٿو.

حيرت جي ڳالهه اها آهي ته، اهي شاعر، جيڪي برصغير جي جداجدا علائقن ۾ رهندا هئا جيڪي هڪ ٻئي کان گهڻو پري هئا. آمدورفت جي ڏکين راهن جي ڪري سندن ملاقاتن جو به امڪان نهايت گهٽ هو، ان جي باوجود سندن فڪر ۽ سوچ ۾ هڪجهڙائي نظر اچي ٿي فقط ٻوليءَ جو  فرق آهي سڀني پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ ۾ خاص انداز سان خدا ۽ ان جي رسول سان عشق، اعليٰ اخلاقي قدرن ۽ ڪردار جي پاڪيزگيءَ جو پرچار ڪيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org