اڄوڪي زماني ۾ سنڌ اندر ڪي کاهوڙي ۽ ڏوٿي منهن لٿل
مسڪين کٿل کيٿرن سان لڀندا، مگر شاهه صاحب جي
زماني وارا ماڻهو جن ڏانهن اشارا ڪري ٿو، ڪٿي ٿا
لڀن. اهي جهنگل ئي سڃ ٿي سڙي کامي لوٺ ٿي ويا، جتي
اهي بريان (سين سان عشق جي داغ وارا) بابو (فقير)
ملندا هئا. اڄ ته:
ڏونگر نه ڏوٿي، ڏونگر سڃو ڏوٿين ريءَ،
پڇان پَرو ٿي، ڪ ڏوٿي ڏٿ اچڻا؟
سنڌ جا واپاري
سنڌ ۾ هڪ طرف کاهوڙي ۽ ڏوٿي به هئا ته ٻئي طرف وري
وڏا وڏا واپاري ۽ جواهري به هئا، جن جي موتين جو
ڌنڌو ملڪان ملڪ هلندو هو. شاهه صاحب پنهنجي
صوفيانه رمزن کي سامهون رکندي صرافن ۽ وڻجارن جو
بيان ڪيو آهي، جنهن مان انهيءَ زماني واري سنڌ جي
تجارتي تمدن تي به روشني پئجي سگهي ٿي. اسان جي
اڳيان سنڌ جي تمدني تاريخ جو شاهه صاحب جي هٿان هڪ
نئون باب کلي پوي ٿو.
سنڌ جي جهوني کان جهوني تاريخ تي نظر ڪجي ٿي ته
ديبل بندر جو واپار ايران، عراق، عرب ۽ هندستان
سان سمنڊ جي رستي کان ڳنڍيو پيو هوندو هو. اسلام
جي اچڻ کانپوءِ ڪنهن زماني تائين ديبل بندر آباد
هو ۽ واپار جي وڏي منڊي هو. ان کانپوءِ انهي بندر
جي ڦٽڻ بعد ساڳئي هنڌ تي مٺي ۽ کاري درياءَ جي
ميلاپ وارن هنڌن تي ننڍا ننڍا بندر قائم رهندا آيا
ٿي، جن ۾ لاهري وڏو هاڪارو بندر ٿي گذريو آهي.
شاهه صاحب جي زماني ۾ ٺٽو وڻج واپار ۾ تمام زور
هو، ڏورانهن ڏيساورن تي ٺٽي جا وڻجارا ٻيڙا ڇوڙائي
واپار سانگي ويندا هئا. ٺٽو اڳ موتين جي واپار کان
ڏاڍو مشهور هو. شاهه صاحب جو ٺٽي ۾ گهڻو اچڻ وڃڻ
ٿيندو هو. ان موتين جي وڻجارن جي سفر جون حقيقتون
اکين سان ڏٺيون ۽ ان جو بيان سُر سراڳ ۾ ڏنو اٿس ۽
وڻجارن جي سفر تي وڃڻ کانپوءِ سندن گهر وارين جي
وڇوڙي ۽ ڦوڙائي ۾ جيڪا حالت ٿيندي هئي، ان جو
ورتاءُ سر سامونڊي ۾ ڪيو اٿس. سنڌ ۾ شاهه صاحب جي
سامهون ڪهڙو واپار ٿيندو هو، ان بابت فرمائي ٿو:
قرڦل، ڦوٽا، پارچا، پاڻيٺ پاتائون،
ڪوٺيون قيمت سنديون، تڙ ۾ تاڪيائون.
قرڦل – قرنفل معنى لونگ، پارچا، ڪپڙا. پاڻيٺ –
آبدار موتي، لونگ، الاچي، ڦوٽا سنڌ جي پيداوار نه
آهن پر سنڌ جا وڻجارا اهي شيون هڪ ڏيساور تان
گهرائي ٻين ڏيساورن ڏانهن موڪليندا هئا، باقي ڪپڙو
ته ٺٽي ۾ اڄندو ٺهندو هو. ريشمي ڪپڙن جي پيداوار
انهيءَ زماني ۾ ٺٽي کانپوءِ بس هئي. موتي به هن
سنڌ واري عربي سمنڊ ۽ ايراني نار مان ايندا هئا.
اڄ تائين ڪراچي ڪسٽم وارا موتين جي واپارين کي
ٺيڪو ڏيندا آهن جو نئين نموني ٽوٻا موتي ڪڍي اچن
ٿا. شاهه صاحب پنهنجي زماني ۾ سنڌ واري سمنڊ مان
موتي ڪڍندي ڏٺا آهن جو منهن تي شيشي جو خول يا ٽوپ
پائي سمنڊ ۾ لهي ويندا هئا، شيشي مان سمنڊ جي صاف
پاڻيءَ ۾ سندن آرپار نظر پوندي رهندي هئي، جنهن
ڪري سچن موتين واريون سپون جهلي ايندا هئا.
ويا جي عميق ڏي منهن ڪائو ڏيئي،
تنين سپون سوجهي ڪڍيون پاتاران پيهي،
پسندا سي ئي، امل اکڙين سين.
عميق معنى اونهون سمنڊ، امل، جنهن موتيءَ جو ملهه
ئي نه ڪٿي سگهجي.
سنڌ جا ناکئا اڄ تائين ملبار ۽ بنگال پاسي سڙهن جي
ٻيڙين تي مال لڏي ويندا آهن. شاهه صاحب جي زماني ۾
اهي ڪهڙي ڪهڙي پاسي ويندا هئا:
سودي ڪارڻ سنبهي ويهون وڻجارن،
ويا چين بنگال ڏي، رکي ماڻڪ من.
سنڌ جو چين ۽ بنگال سان واپار هوندو هو سا هڪ
تاريخي ڳالهه آهي. انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پنج
سال اڳ ۾ 1838ع ڌاري سنڌ ۾ جيڪو واپار هليو ان جو
بيان سنڌ گزيٽر ۾ ڄاڻايل آهي، جنهن مان معلوم ٿئي
ٿو ته فقط بنگال ۽ چين مان بي انداز ريشم سنڌ ۾
آيو. انهيءَ سال 21 لکن جو سنڌ ۾ واپار هليو. سنڌي
وڻجارا سلون يا لنڪا به ٻيڙا ٻار ۾ وجهي سون جي
واپار لاءِ هليا ويندا هئا.
لنڪا لنڪا ڪن، لئي لنڪا جي اوهريا،
سڻي سون لنڪا جو، سک نه سامونڊين.
سون جي سودڻ ۽ پرکڻ جو ڪم به ٿيندو رهندو هو. ٺٽي
۾ صرافن جا دڪان جام هوندا هئا. شاهه صاحب هڪ
صوفيانه مام ۾ انهيءَ معاملي کي بيان ڪندي فرمائي
ٿو ته:
سون ونئن صراف سئين، ڀڃي ڇڏي بازي،
چاندي ڪيو چلائين، رپو روازي.
ساڳيءَ ريت انهيءَ زماني ۾ جواهرن جا پارکو به
هوندا هئا، جن کي شاهه صاحب پارکو، وينجهار، صراف
۽ جوهري سڏي ٿو، جي ڪنير يا عينڪون اکين ۾ پائي
ماڻڪن جو ملاحظو ڪندا هئا.
ڪنير پايون اکين لهن سڀڪنهن سار،
موتيءَ جي مزاج جو قدر منجهه ڪنار.
شاهه صاحب پنهنجي زماني جي سنڌ ۾ ڏسي پسي ڇاٿو ۽
ان مان معرفت واريون معنائون ڪهڙيون ڪڍي ٿو، عميق
يا سامونڊين جي سفر ۽ موتين ۽ ماڻڪن مان سندس
ڪهڙيون مرادون آهن، هت انهن معنائن جو بحث نه آهي
پر هت ڏيکارڻو آهي ته شاهه صاحب جي زماني ۾ سنڌ ڇا
هئي ۽ سندس تهذيب، تمدن ۽ ريتون رواج ڪهڙا هئا ۽
هن وقت تائين انهن ۾ ڪهڙو ڦيرو آيو آهي ۽ ملڪ
ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي.
فصل چوٿون
سنڌ جا پکي
سنڌ جي سچي عاشق حضرت عبداللطيف ڀٽائيءَ سنڌ جي هر
هڪ نظاري ۽ ڏيک کي پنهنجي سامهون رکندي انهي مان
معرفت جون جيڪي مامون معلوم ڪري وري سنڌ وارن کي
تعليم ڏني آهي، تنهن کي ڏسندي حيرت وٺيو وڃي ٿي.
ٻيو ته ٺهيو پر سنڌ جي پکين کي ڏسي ٿو ته ان مان
هو پنهنجو مطلب ڪڍي ٿو. هو باز به ڏسي ٿو ۽ شڪرو
به ڏسي ٿو ۽ ڳجهه جهڙو ماس کائو پکي به پسي ٿو.
سڀني جي عادتن کي سامهون رکي فرمائي ٿو:
کڻ بورائو
باز کي ڳجهه جي ڪج م ڳول،
ڊوڙ جنهن جي ڍونڍ ڏي، رڻ ۾ وتي رول،
جو ٻهون پاري ٻول، سو هٿان ڇڏ م شڪرو.
……
کڻ بورائو باز کي، ڳجهه کي ڏي م ڳل،
هماء ڏي تون هل، شڪرو ساڻ کڻي.
هماء هڪ پکي جو نالو آهي جو گهڻو ڪري اکين کان
غائب رهي ٿو ۽ ڪنهن به جانور جو شڪار ڪري نه
کائيندو آهي، فقط هڏين تي گذران ڪندو آهي، شيخ
سعدي فرمائي ٿو ته:
هماء برسر مرغان ازان شرف دارد،
کہ استخوان خورد طائري نياز آرد.
باشاهه جهانگير پنهنجي روزنامچه ”توزڪ جهانگيري“ ۾
لکيو آهي ته هڪ دفعي چڙي مار هماء پکي ڦاسائي
منهنجي خدمت ۾ کڻي آيا. تجربو ڪيو ويو ته هو
پنهنجي چهنب سان هڏيون سنهيون ڪري کائي رهيو هو.
ايراني شاعرن جو خيال آهي ته هماء پکي جو جنهن
ماڻهوءَ جي مٿان پاڇو پوندو آهي سو بادشاهه ٿيندو
آهي يا ولي خدا جو ٿي ويندو آهي ۽ ان ماڻهوءَ جي
دنيا تابع ٿي رهندي آهي. غياث اللغات ۾ لکي ٿو ته:
”برسر هر کہ سايہ او افتد بدولت و سلطنت رسد“
شيخ سعدي شيرازي ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪندي فرمائي
ٿو ته:
کس نيايد بزير سايهءِ بوم،
ور هما از جهان شود معدوم.
يعني ته جيڪڏهن هماء جهڙو برڪت ڀريو پکي دنيا ۾
ناياب به کڻي آهي ته ان هوندي به ڪو به ماڻهو چٻ
جي پاڇي هيٺان ڪو نه اچي بيهندو.
شاهه صاحب هماء جي انهي عام تصور کي سامهون رکندي
فرمائي ٿو ته شڪري جهڙو سچو شڪاري ساڻ ڪري هماء ڏي
هل جتان تنهنجي من جون مرادون پوريون ٿين. ڳجهه،
جو ڍونڍ ڍونڍيندڙ پکي آهي تنهن جي ويجهو نه وڃ.
هماء پکي اگرچه سنڌ جي سر زمين تي ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿو
اچي پر عام خيال آهي ته هو لامڪاني پکي آهي ۽ هوا
۾ اڏرندو رهي ٿو. اهوئي سبب آهي جو شاهه صاحب ان
جو ذڪر ڪيو آهي.
سيچاڻو: هڪ شڪاري پکي شڪري وانگي باز جي قسم مان
آهي، شاهه صاحب سيچاڻي جي خصلتن کي ڏسي پوءِ
فرمائي ٿو ته:
نينهن، سيچاڻي، شينهن، ٽنهي قصد ڪباب سين،
کائن راتو ڏينهن، توءِ ڀوڻن بکيا.
يعني ته عشق، سيچاڻو پکي ۽ شينهن ٽنهي جو ڌنڌوئي
آهي ماس کائڻ. رات جو ڪباب کڻي کائيندا ته ڏينهن
جو ساڳي ريت بکيا هوندا. باز يا سيچاڻي کي گرمي جي
مند ۾ ڪريز ۾ وهاريندا آهن. سندس پَر ڪتري هڪ
ڪوٺيءَ ۾ پوري بند ڪري ڇڏيندا آهن. اتي ئي باز پال
ماڻهو سندن خدمت چاڪري ڪندا رهندا آهن پوءِ جڏهن
سياري جي موسم گذرندي آهي ۽ واڻڪي ڏياريءَ جو ڏيو
ڏسبو آهي، تڏهن هو نوان پَر ڪڍي ايندا آهن ۽ کين
ڪريز مان ڪڍيو ويندو آهي. شاهه صاحب ڪريز جو
معاملو ڏسي فرمائي ٿو:
آهي عشاقن کي ڪاڙهو منجهه ڪريز،
جي مٿي وڃي ڳيجهه، توءِ نهاري ڍونڍ ڏي.
شاهه صاحب سيچاڻي کانسواءِ شڪاري پکين مان بحري
شهباز، شڪري جا نالا به آندا آهن. شهباز جي معنى
آهي بادشاهي باز، اهو پکي ڏاڍو سوڌيل ۽ شڪار ڪرڻ
جو تکو ٿيندو آهي، ڪن جو چوڻ آهي ته باز پکي جي
مادي کي شهباز سڏيو ويندو آهي.
مور پکي کي ڪارايل به چوندا آهن، مور پکي پاڻي جي
ڪنارن سان رهندو آهي، هو پکين جو شڪار ڪو نه ڪندو
آهي پر نانگ بلائون ناس ڪري ڇڏيندو آهي. سنڌ ۾ مور
پکي جام ٿين ٿا، خاص ڪري ٿرپارڪر ضلعي ۾ جهنگلن جا
جهنگل جهنگلي مورن سان ڀريا پيا آهن. شاهه صاحب
مور جو بيان ڪندي فرمائي ٿو ته:
سر ۾ سانجهيءَ وار، مورن مانڊاڻا ڪيا،
سٽون ڏين سپن تي، ڪئين ڪارايل ڪڻدار،
ماري نانگ اپار، وه پيتائون وٽيين.
……
موران موٽڻ مهڻو، نوڻي نانگ نه ڪن،
ڪارايل ڪارن کي، ڳارا ڪيو ڳهن،
وٽئين وه پين، سڪ سرڪين نه لهي.
نوڻي – نوڙت، نياز. ڪارن – ڪارا نانگ. ڳارا ڏيڻ-
همت سان اڳتي وڌڻ.
سنڌ ۾ چتون، طوطا، چٻون، چيها جهنگلي پکي هوندا
هئا. سسئيءَ جي سر ۾ وڻڪار يا جهنگل جو بيان ڪندي
فرمائي ٿو:
وڏا وڻ وڻڪار جا، جت چتون چانگارين.
……
وڏا وڻ وڻڪار جا، چٻون جت چيها.
-
ڪڪڙ کان ننڍو پکي چٽ ڪمرو ٿيندو آهي، گهڻو ڪري
ويران پٽن، جهنگلن ۽ قبرستانن ۾ رهندو آهي، ان جو
ٻيو قسم چٻرو ٿيندو آهي جو سرڻ کان ٿورو ننڍو ٿئي
ٿو ۽ سندس شڪل ٻليءَ جهڙي ٿيندي آهي. هن کي منحوس
يا چنڊو سمجهيو ويندو آهي. ڪنهن گهر ۾ اچي لنوي ته
ماڻهو سمجهندا آهن ته ندورو پکي لنوي ويو خدا ڪو
خير ڪري.
چيهو – جهرڪي کان ننڍو پکي رنگارنگ ٿئي ٿو. سندس
ٻوليون ڏاڍيون مٺيون ٿين، گهاٽن وڻن ۽ ساون جهنگلن
۾ پاڻي جي ڪنارن سان رهندو آهي. فارسيءَ ۾ ان کي
سرخاب سڏيندا آهن. سرخ آب – ڳاڙهو پاڻي. غياث
اللغات ۾ لکي ٿو ته اهو نالو هن ڪري پيو اٿس جو
سندس ماديءَ کي ٻين پکين جي برخلاف حيض ايندو آهي،
جنهن ڪري سرخ آب جي معنى ٿي ڳاڙهي پاڻيءَ جي
ڌياڻي.
پاڻي جا پکي
پاڻيءَ جي پکين جو ذڪر شاهه صاحب هڪ جدا سر ڪارايل
۾ آندو آهي. هنج ۽ للو پکي پاڻيءَ وارن پکين ۾
ڏاڍا مهانڊي وارا ۽ وڻندڙ پکي ٿيندا آهن.
ڪنگ ۽ ٻگهه ٽنگن ڊگها اڇا پکي به آهن، جي جيتن ۽
سنهي مڇيءَ تي گذران ڪندا آهن پر هُنن ۽ هنن پهرين
پکين جي ڊيل ڊول ۾ گهڻو فرق آهي.
شاهه صاحب پنهنجي ديس ۾ پکين جا اهي قسم ڏسي ٿو،
هنج کي خاص انداز ۾ نصيحت ڪندي فرمائي ٿو ته:
هاريا هنج، ٻگهن سين ڪيهي ٻڌين ٻيلهه؟
ميرو مٽائج تون، اڇي ڪر اُڪيل،
ڪنگن سان ڪويل، للا جم لڙ پئين.
هاريا- بيڪار. ٻيلهه- دوستي. اڪيل- اڪلائڻ. ڪويل-
بيوقتو. جم- ڇو. لڙ پوڻ- پاڻيءَ ۾ ترڻ.
هنج جي عادت بيان ڪندي فرمائي ٿو:
ماڻڪ چوڻو جن جو، هنج حضوري سي،
چلر ۾ چهنب هڻي، مڇي کين نه اي،
لوڪ نه لکا ٿي، جيلانهن ڀوڻن ٻگهن گڏيا.
ڍنڍ جي پکين ۾ ڪانگن جهڙا ڪارا پکي به ٿيندا آهن،
جن کي ڪانئيرو سڏيندا آهن، انهن جون عادتون نه
هنجن جهڙيون هونديون آهن نه وري للن جهڙيون. مڇيءَ
جي ورن لاءِ پاڻيءَ کي ميرولڙو ڪري ڇڏيندا آهن.
سر وڃايو سرڪ، وڙن ڪانيرن،
آڌيءَ رات اٿي ڪري، ددا دانهون ڪن،
سندي ذات هنجن، منهن کوڙي موتي چڻي.
سَر – تلاء يا چشمہ. سُر- رنگ يا نمونو. بي وڙو،
بي ڍنگو. دد- فارسي لفظ آهي، جنهن جي معنى آهي
جانور. ڪانؤ جو رات جو لنَوڻ سنڌي رسمن موجب بد
سوڻ آهي. هن بيت ۾ شاهه صاحب ان ڏانهن اشارو ڪندي
ڪائيرن جي بد ذات ڏانهن اشارو ڪري رهيو آهي.
سنڌ ۾ تاڙو پکي برسات جي موسم ۾ ٿيندو آهي، جنهن
مان گمان ڪڍيو ويندو آهي ته اجهوڪي اجهو برسات
آئي. شاهه صاحب تاڙي کي ڏسندي فرمائي ٿو:
اڄ پڻ اتر پار ڏي تاڙي ڪئي تنوار.
يعني ته سارنگ پوري ساز سامان سان اچي رهيو آهي،
ڇو ته تاڙو تنوارون ڪري رهيو آهي:
سارنگ کي سارين، ماڻهو مرگهه، مينهيون،
آڙيون ابر آسري، تاڙا تنوارين.
مِرگهه- هرڻ. آڙي- پاڻيءَ جو پکي آهي، جنهن جا
ڪيترائي قسم آهن. جن مان ٽيٽا ۽ اسناف مشهور آهن،
جنهن جو ماس شڪاري ڏاڍي شوق سان کائيندا آهن. هڪ
پڙهڻي ۾ آڙيون جي بجاءِ اڙون لفظ آيل آهي، اڙون
جمع آهي اڙ جو.
”اڙ“ هڪ تمام ننڍو ڪارانجهڙو پکي آهي پر هن جو
آواز تڏ وانگي ڏاڍو تکو ٿيندو آهي. ماڻهو چوندا
آهن ته اڙ پکي مينهن لاءِ تنواري ٿو پر مينهن جي
پڪ تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن تاڙو تنواريندو آهي. رات
ڏينهن سندس ڌم لڳي ويندي آهي ته برسات پوي، برسات
پوي.
تاڙو پکي ڪڻڇي پکي کان ٿورو وڏيرو ٿيندو آهي. هن
جو پڇ به ڊگهو ٿئي ٿو. سنڌيءَ ۾ ميهڻ چوندا اٿس جو
برسات جي موسم ۾ اچي پر گهٽ ٿيندو آهي. سارنگ،
چانڪ، ٻاٻيهو به کيس سڏيندا آهن. چون ٿا ته هو
هميشہ برسات جي پاڻيءَ تي گذران ڪندو آهي ۽ ڌِر
جيتري به گرمي سهي نه سگهندو آهي. شاهه صاحب سسئي
جي سر حسينيءَ ۾ انهي ئي ڏانهن خاص بليغانه انداز
۾ اشارو ڪيو آهي:
منجهان منهنجي روح، جي وڃي ساجن وسري،
ته مَرُ لڳي لوه، ٿر ٻاٻيهو ٿي مران.
پاڻيءَ جي پکين مان هڪ ڪائو به آهي، جنهن جي لات
لنوڻ سان پاڻي پويون ٿيندو ۽ سانگارا ڪري لهڻ
لڳندو آهي:
سڪي ڍور ڍيون ٿيون، ڪنڌي ڏٺو ڪائو،
پاڻي پٽيهل ۾، اڳيون نه آيو،
ماڙهن ميڙائو، ڪنهين ڪنهين ڀيڻيين.
ڍور- ڍورو يا ڍنڍ. ڍيون ٿيڻ – تري ۾ وڃي پوڻ.
پٽيهل هڪ ڍوري جو نالو. هن شعر جي هڪ ٻي پڙهڻي هن
ريت آهي:
سڪي ڍور ڍيون ٿيون، ڪنڌيءَ ڏنو ڪائو.
هت ڪائي ڏيڻ جي معنى ٿيندي لهي وڃڻ. ڪنڌيءَ کان
پاڻي هيٺ لهي ويو آهي. درياءَ جي پکين کي پاريڙي
يا شڪاري جن اٽڪلن سان شڪار ڪندا هئا، تن مان شاهه
صاحب جي زماني ۾ هڪ هي ڍنگ هوندو هو جو ڪاٺ جو
موئرو ٺاهي مٿس پک يا کنڀ چنڀڙائي پاڻيءَ ۾ آڻي
تاريندا هئا. ٻيا پکي سمجهندا هئا ته شايد اهي به
سچ پچ اسان جا ساٿي آهن، جڏهن انهن وٽ اُڏي اچي
ويهندا هئا تڏهن پاريهڙي، جو وجهه وٺيو ويٺو هوندو
هو سو هنن کي امالڪ ڦاسائي پنهنجي ڦندي ۾ آڻيندو
هو:
پکيءَ جنهن پڄائيا، تنهن ۾ ساه نه ماه،
منجهه ڪرنگهر ڪاٺ جو، مٿي پکين چاه،
ويچارن ويساه، مٿن پکين آئيو.
-
پهچائڻ. ماه- ماس. ڪرنگهر-بوتو، جسم. پک- کنڀ.
دلبو منجهه درياءَ، پکي پسي آئيا،
ويچارا ويساه، آڻي ات اڙائيا.
دلبو- ٺڳي، ڌوڪو، پر شڪارين جي اصطلاح ۾ خود انهن
مؤرن کي به دلبو چئبو آهي، جيڪي پکين ڦاسائڻ لاءِ
پاڻيءَ ۾ تاربا آهن. ڪڏهن ڍٻين يا دامن ۾ به پکين
کي ڦاسايو ويندو هو. شاهه صاحب هنج پکيءَ کي هن
دنيا ۾ هلت بابت فرمائي ٿو:
جئن قطر چڻيو ڪڙ ڀرين، ٻول ٻجهندين هنج،
موتي جي مهراڻ جا، پورا چڻج پنج،
اڄ ڪ صباح سنجهه، ٿو ڍٻين ۾ ڍير ٿئين.
قطر- داڻا. چڻڻ- چونڊڻ. ٻول ٻجهڻ- وعدو ڪرڻ.
هيءَ دنيا هڪ ساگر آهي، سالڪ هن هنج پکي مثل آهن.
هن دنيا ۾ نفساني خواهشن جا موئرا ۽ ڪاٺ جا ڪرنگهر
ٺاهي نيڪ انسانن جي ڦاسائڻ لاءِ جتن ڪيا وڃن ٿا.
تنهن ڪري شاهه صاحب انهن حالتن ڏانهن پنهنجي شعر ۾
اشارا ڪيا آهن.سالڪ کي چوي ٿو ته دنيا جي گندگين
کان جند ڇڏائي اڳتي وڌ نه ته شڪارين جو طعام ٿي
ويندين:
آءُ اڏامي هنجڙا، سَر ۾ سارينئي،
متان مارينئي، پاريهڙي پہ ڪري. |