‘Tauheed’
in
1943 Maulana Wafai resigned from ‘Al-Waheed’ but
continued to write for the “Tauheed” a monthly
journal dedicated to the task of propagating the
true spirit of Islam among the tradition ridden
Sindhi Muslims. Through his columns in ‘Tauheed’,
Maulana badly attacked the depravity and
immorality of his times which were taking roots
among the Muslim society. He also criticized the
superstitious and false customs that had
penetrated into the Muslim society through
Hinduism. He tirelessly attempted to awaken the
Sindhi Muslims to make them conscious of the
fresh currents of social, religious and
political thoughts that were sweeping the
Sub-Continent.
Maulana Din Mohammad Wafai died on 10th of April, 1950. with
his passing way sind lost one of its great
servants. His whole life had been devoted to the
cause of the Sindhi Muslims trying to better the
social, moral and material condition of the
people. His love for his people is ensconced in
the pages of history which along is the judge of
his greatness.
Maulana din Mohammed Wafai wrote over 50 books, mostly on history and
religion. Significant amongst his works are;
1.
Ilham Bari in five volumes. This is the Sindhi
translation of Sahi Bukhari and is said to be
the only of its kind in Sindhi language.
2.
Lutf-e-Latif. This again is an original work on the
life of great sufi poet of Sind Shah Abdul Latif
Bhitai, it has details which are no where to be
found in any other work.
3.
Tazkara Mashahir-i-Sindh in four volumes.
4.
Shah Jo Risalo.
5.
Zindagi Jo Maqsad.
It is a tragedy that such rare and rich knowledge about the
Indus valley lies buried in manuscript form in
the shelves of the publishing
house
of his son Ali Nawaz Wafai, and no institutional
effort has been made to augment the wealth of
knowledge for the benefit of posterity.
His son Ali Nawaz Wafai has, within his limited resources, endeavoured to
keep the light of knowledge set by his great
father, kindled, and was able to bring first
editions of some of Maulana’s works. But the
scope of knowledge enshirned in the sheaths of
manuscripts calls for concerted efforts by the
Government to unravel the hidden wealth of
knowledge for the jet-age Sindhis.
As said, his son has followed his father’s tread and, in 1948, founded
Wafai Publishing House in memory of his father.
He is also editing the Weekly Azad in Sindhi
which is more a views paper than a newspaper.
(Daily Leader April 1975)
فصل پهريون
شاهه صاحب جي وقت ۾ سنڌ جي انقلابي حالت
حضرت شاهه عبداللطيف ؒ جو زمانو سنڌ ۾ هڪ وڏو ڳرو
انقلابي زمانو آهي، سلطان عالمگير جي وفات وقت
شاهه صاحب جي ڄمار سورنهن سالن جي هئي ۽ مغلي
سلطنت جا گورنر اڪبر اعظم جي زماني کان وٺي جو سنڌ
۾ مقرر ٿيندا ايندا هئا، تن جو سلسلو شاهه صاحب جي
سامهون ڪپجي ويو هو ۽ سنڌ جي حڪومت جا سمورا
اختيار ميان نور محمد ڪلهوڙي جي حوالي ٿي چڪا هئا.
ميان نور محمد پنهنجي طاقت سان سموري سنڌ تي قبضو
ڪري ورتو هو، جنهن ۾ هاڻوڪي بلوچستان جو سبي تائين
حصو به اچي وڃي ٿو. هوڏانهن سلطان عالمگير جي وفات
سن 1706ع 1118هه کان پوءِ عالمگير جي همہ گير
انتظام کي سندس پويان نه سنڀالي سگهيا ۽ نه وري
هنن ۾ اها لياقت ئي هئي.
اڪبر اعظم جي زماني کان وٺي جو ”همہ اوست“ جو
فلسفه هندستان ۾ پکڙجي رهيو هو، تنهن مان ڪي بي
سمجهه غلط معنائون ڪڍي گمراهه ٿيڻ لڳا ۽ اسلامي
واٽ کان ڀٽڪڻ لڳا، انهي ساڳئي صوفيانه فلسفه جي
مقابلي ۾ امام رباني جي فرزندن ”همہ از اوست“ جو
فلسفو پيش ڪيو، عالمگير اورنگزيب عام رعايا جو
لاڙو امام رباني جي فلسفي ڏانهن ڏسندي پنهنجي
حڪومتي انتظام کي قائم رکڻ لاءِ هن پوئين فلسفي جي
تائيد ڪئي. انهيءَ فسلفي وارا يعني نقشبندي طريقي
جا پوئلڳ ۽ سندن اڳواڻ ظاهري شرعي حڪمن جا ڏاڍا
پائبند هئا ۽ بادشاهه به هڪ وڏو ديندار ماڻهو هو،
جنهن ڪري هڪ طرف هندن کي اها ڳالهه ڳري لڳي ٿي جو
سندن دل گهريو ويدانت فلسفو يا همہ اوست واري خيال
کي ڌڪ لڳي رهيو هو ۽ ٻئي طرف کان ايراني (شيعن)
اميرن ۽ توراني (حنفي سنبن) سردارن جو اختلاف وڌي
رهيو هو، بادشاهه عالمگير جي پوين ۾ ايترو حوصلو
ئي ڪو نه هو جو سموري هندستان جي انتظام کي سنڀالي
قابو ۾ آڻي سگهن، جنهن ڪري ايڏو جلد ڦيرو اچڻ لڳو
جو اورنگزيب عالمگير کان وٺي سلطان محمد شاهه جي
وفات 1747ع 1161هه تائين ڪل 41 سالن ۾ 3 مغل
بادشاهه ختم ٿي ويا، مغلن جي ڪمزوري مان سنڌ ۾
ميان نور محمد پورو پورو فائدو ورتو ۽ پنهنجي طاقت
کي وڌائيندو ۽ وڌيڪ مضبوط ڪندو رهيو. مغلن جي
ڪمزوري مان فائدو وٺندي نادر شاهه ايراني دهلي تي
ڪاهي آيو ۽ اتان موٽندي اچي سنڌ تي مارو ڪيائين،
1739ع 1152هه ۾ دهلي مان واپس ٿيندي سنڌ ۾ ميان
نور محمد کان 20 لک رپيا سالانه نذر مقرر ڪرائي
سندس 3 فرزند ميان مرادياب خان، ميان غلام شاهه ۽
ميان عطر خان پاڻ سان وٺي ايران روانو ٿي ويو.
جڏهن نادر شاهه کي شهيد ڪيو ويو تڏهن هنن ٽنهي
نينگرن جي جند آزاد ٿي ۽ هو 1747ع 1150هه ۾ ايراني
نار جي رستي کان ڪراچي بندر تي لهي اچي پنهنجي
والد سان مليا.
نادر شاهه جي شهيد ٿيڻ کانپوءِ احمد شاهه ابدالي
خراسان ۽ ايران جي سلطنت تي قبضو ڪيو ۽ ڪلهوڙن کي
دستور موجب ڍل ڀرڻ لاءِ لکيو، هڪ سال ميان نور
محمد ڍل ڏيڻ ۾ گس گساءُ ڪرڻ لڳو ته احمد شاهه
1747ع 1160هه ڌاري سنڌ تي ڪاهي آيو، ان کانپوءِ
افغاني بادشاهه ٻئي دفعي 1754ع 1162هه ۾ سنڌ تي
ڪاهي آيو ۽ ميان نور محمد ڊپ کان ٿرپارڪر ڏانهن
ڀڄي نڪتو ۽ اتي ئي خناق جي بيماري ۾ وفات ڪري ويو.
انهن انقلابي طوفانن سان گڏ سنڌ ۾ انگريزن جي ايسٽ
انڊيا ڪمپني جون اکيون به هيون. هنن پهريون دفعو
1635ع 1045هه ۾ ٺٽي ۾ ڪوٺي کولي هئي مگر پوءِ ستت
ئي کانئن کڻائي وئي، ان کانپوءِ وري 1757ع 1072هه
۾ ميان غلام شاهه جي زماني ۾ ٺٽي ۾ ٻيهر ڪوٺي
کوليائون، ان وچ ۾ انگريز واپاري ڪلهوڙن جي دربار
۾ ايندا ويندا هئا ۽ پنهنجي ڪم ڪڍڻ لاءِ حيلا
هلائيندا رهندا هئا. هوڏانهن عربي سمنڊ م پورچو
گيز ڌاڙيل به پيا لامارا ڏيندا هئا ۽ جيڪو ٻيڙو
ڄار ۾ هٿ ايندو هون تنهن کي ڦري ڦوڪ ڪري ڇڏيندا،
شاهه صاحب پورچو گيزي ڌاڙيلن ڏانهن اشارو ڪندي
فرمايو آهي ته:
معلم ماڳ نه اڳئين ڦلنگي منجهه ڦريا
ملاح تنهنجي مڪڙيءَ اچي چور چڙهيا
جتي ڍينگ ڍريا، تتي تاري تنهنجي
ڦلنگي يا فرنگي جي معنى آهي يورپ جو رهاڪو، اهو
لفظ فرنڪ جو بگڙيل آهي. شاهه صاحب جي سامهون سنڌ
هڪ وڏي انقلابي اوڙاهه جي آويڙ ۾ آيل هئي، سنڌ تي
مغلن جي راڄ ۽ ايرانين ۽ افغانن جي ڪاهن سندس ٻولي
۽ تهذيب کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو هو، ٻئي پاسي يورپين
تاڪوبه کيس تيز نگاهن سان تڪي رهيا هئا، سنڌ سرڪار
جي دفتري زبان ورهن کان وٺي فارسي هئي، ويچاري
سنڌي لاءِ چيو ويندو هو ته ”سنڌي وائي قلمه آئي“
ان رنگ ۾ سنڌي زبان کي هڪ علمي زبان بنجڻ کان صفا
روڪيو ۽ رنڊيو ويو ٿي. اهو ساڳيو زمانو آهي، جڏهن
مرهٽا ڏکڻ هندستان مان دهلي تي ڪاهي آيا ۽ هندو
مسلم اختلاف جو انهي زماني ۾ بنيادي پٿر رکيو ويو.
هيڏانهن اسان جي سنڌ ۾ به ڪن مخدومن بزرگن جي زور
آوريءَ سبب ڪن هندن کي زوري مسلمان بنائڻ جو ڪم به
چالو ڪيو ويو هو، جنهن ڪري هندن جون دليون سنڌي
مسلم راڄ کان تنگ ٿي رهيون هيون، مگر هنن لاءِ ٻي
ڪابه واهه ڪانه هئي ته اوڏانهن ويهي واجهائين.
اهڙي زماني ۾ حضرت شاهه عبداللطيف پنهنجي وطن جي
ايڏي خدمت ادا ڪئي آهي، جنهن جو مثال پيش ڪري نٿو
سگهجي.
شاهه صاحب سنڌ جي قوميت ۽ سنڌي تهذيب ۽ سنڌي تمدن
سنڌي رهڻي ڪهڻي، سنڌي تصوف، سنڌي ٻولي جي بچاءُ
لاءِ اهو املهه ڪم ڪيو آهي، جو سموري هندستان ۾
ڪنهن به شاعر انهي انقلابي زمانه اندر ڏيهي ٻولي ۾
ڪو نه ڪيو آهي. هي ئي هڪ صوفي بزرگ شاعر آهي، جيڪو
پنهنجي زبان ۾ سنڌ کي ڌاري تهذيب ۽ ڌارين جي غلبي
کان بچائڻ لاءِ پنهنجي شاعري جي وسيلي هڪ امر يا
لافاني امانت اسان وٽ ڇڏي ٿو.
شاهه صاحب جي سامهون فقط سنڌ آهي، سنڌ جون وٿون
آهن، سنڌ جا نظارا آهن، سنڌي زبان وارا پرڳڻا آهن،
انهن کي سامهون رکي ٿو ۽ انهي ئي دائري اندر هو
پنهنجي مٺي سر ۾ مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري ٿو.
شاهه صاحب واري سنڌ ۾ سنڌي ٻولي جدا جدا حصن ۾ جدا
جدا لهجي ۾ ڪجهه سنڌي سيڙهي سان ڳالهائي ويندي
هئي.
1.
سرائڪي ويندي سنڌ جي اڀرندي ڀاڱي ۾ بهاول پور ۽
سبزل ڪوٽ تائين ڳالهائڻ ۾ ايندي هئي. ڪلهوڙن جي
درباري يا گهرو زبان به سرائڪي هوندي هئي، ٻي عام
سنڌي جا سنڌ جي هيٺين ڀاڱي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، جنهن
کي پوءِ علمي زبان جو چولو ڍڪايو ويو ۽ اهائي زبان
آهي جنهن ۾ شاهه صاحب پنهنجي شاعري جا جوهر پيش
ڪيا آهن، ان کانسواءِ سنڌ جي ٿرپارڪر ضلعي جي
ريگستاني ڀاڱي جي ٻولي جو ٻين حصن کان ڪجهه فرق
آهي.
ڪڇ ڀڄ رياست ۾ ڪاٺياواڙ يا سورٽ علائقن ۾ به سنڌي
ڳالهائي وڃي ٿي مگر ان جو گجراتي سان چڱو چوکو
ڳانڍاپو آهي، هيڏانهن هاڻوڪي بلوچستان جا ڪي حصا
جن ۾ ناڙي جو علائقو جيڪب آباد کان وٺي سبي تائين،
هوڏانهن رياست لسٻيلي ۽ ايراني نار جو اهو ڪنارو
جو پنج ڪور مڪران تائين هليو وڃي ٿو سو سنڌ ۾ داخل
هو، اڄ تائين اتي جي رهاڪن جي ٻولي سنڌي آهي. بلوچ
قومون جيتوڻيڪ پنهنجون ٻوليون بلوچي ۽ براهوئي
ڳالهائين ٿيون پر عام طرح ڏيتي ليتي ۽ بازار ۾ وري
به سنڌي ڪم آڻين ٿا.
شاهه صاحب سنڌ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ملڪ جي حصن جو
سفر ڪري ٿو ۽ سنڌي زبان ۽ سنڌي تهذيب تي ڳوڙهو
ويچار ڪندو رهي ٿو ۽ ان کانپوءِ انهن جي بچاءَ ۽
حفاظت لاءِ پورهيو ڪرڻ گهري ٿو. شاهه صاحب ڌاري
ٻولي ڳالهائيندڙ ۽ ڌارين ماڻهن ۾ ڪابه نيڪي جي
اميد نٿو رکي، هنن کي خود مطلب سمجهي ٿو، انهي
پنهنجي دلي مطلب کي سسئي جي واتان سندس ڌارين
پرديسي ڏيرن جي ڊوهه واري واقعي جي رنگ ۾ بيان
ڪندي فرمائي ٿو ته:
1-
پييم پٺاڻن سين ٻولي جي نه ٻجهن،
آءٌ سنڌي جو سعيو ڪريان، هو پارسيون پڇن،
مون پڻ مُلا تن، سرتيون سور پرائيو.
2-
برو فازان بات جن جي ٿانگوروان ٿيشي،
ڏين پارسيون پاڻ ۾ ايزا ابليشي،
ليڙا رات لطيف چئي، نڌايون نيشي،
پنهون پرويشي، ڪج پيادن پنڌ ۾.
3-
برو بگيرد بام بليخا، مون نه پروڙين مام،
ٿودئي، ٿومان خشتگان، ڇلي ڇپر جي لام،
اچي پئي تنهين سام، دراه، دراه ڪن جي.
4-
برو بگيرد جي، ٿا ڏين پارسيون پاڻ ۾،
مون لوڏان ئي لکيا، ته هاڃو ڪندا هي،
ماريندا مونکي، پنهون نيندا پاڻ سين.
شاهه صاحب جي انهي انداز مان معلوم ٿئي ٿو ته هو
ڌارين ماڻهن ۽ ڌاري ٻولي ڳالهائيندڙن مان هاڃي ۽
هچا جي اميد رکي ٿو، اگرچه هنن جي سام پئجي، هنن
جي غلامي ڪجي پر جيڪڏهن غافل رهبو ته جيئن ستل
سسئي کان سندس پنهون کسي ويا هئا تيئن غافل سنڌين
کان سڀڪجهه کسيو ويندو، انهيءَ ئي شئي کي سامهون
رکي شاهه صاحب سنڌين کي سجاڳ ٿيڻ لاءِ سڏي ٿو.
شاهه صاحب پنهنجي عاشقانه يا صوفيانه شاعري جو
دائره سنڌ ۾ محدود ڪري ٿو، هو سنڌ کان ٻاهرين قصن
ليلى مجنون، شيرين خسرو، هير رانجهو ۽ ٻين کي هٿ
ئي نٿو لائي، هو سنڌ جي ڪهاڻين کي پنهنجي پياري
ٻولي ۾ هڪ خاص رنگ ۾ بيان ڪري ٿو، هن جي سر زمين
سنڌ جون مشهور آکاڻيون آهن، سسئي پنهون، سهڻي
ميهار، مومل راڻو، عمر مارئي، تماچي، نوري، ٺٽي جي
وڻجاري ۽ وڻجارو.
بهادريءَ جو بيان ڪري ٿو ته مورڙي ميربحر جو قصو
آڻي ٿو، قرباني ۽ سخاوت ۾ سخي سپڙ ۽ جادي سمي جا
گيت ڳائيندي سورٺ جي راءِ ڏياج کي وڃي ايتري لاتو
اٿس جو منگتي کي سر ڏيئي سرهو ٿيو.
وٺ سر ٿيءُ سرهو مڪي گهاء م کاء،
جاجڪ تو مٿاءُ، ملڪ مڙوئي گهوريان.
شاهه صاحب هڪ فطرتي شاعر آهي، شاعر جيڪي اکين سان
قدرت جي ڪتاب ۾ ڏسندو آهي، سوئي بيان ڪندو آهي، هن
جي سامهون سنڌ هئي. سنڌ ۾ ئي جيڪي ڏٺائين يا
پسيائين سوئي هڪ خاص انداز ۽ خاص رنگ ۾ سنڌين جي
سيکت لاءِ پيش ڪيائين. سنڌ کان ٻاهر ڇا وهيو ڇا
واپريو ۽ ڇا ٿي گذريو، ان سان هن فطرتي عاشق شاعر
جو ڪهڙو لاڳاپو آهي، جڏهن پنهنجي سنڌ ۾ اهو سڀڪجهه
ملي سگهي ٿو جو ٻهرين ڏيساورن ۾ به ڪونهي ته پوءِ
ڇو ويهي سنڌين کي ڌارين جي قصن يا ڪهاڻين سان
ريجهائجي ۽ سندن صاف ذهنيت کي ڌارين جي غلامي هيٺ
آڻجي.
شاهه صاحب عام شاعرن وانگي ڪنهن به عاشقانه قصي کي
ترتيب وار بيان نٿو ڪري، منڍ کان وٺي پڇاڙي تائين
جيئن قصو ٿي گذريو آهي تئين نٿو ٻڌائي پر هڪ نئون
۽ نرالو رستو وٺي ٿو، سنڌ جي ماڻهن کي ڄڻ هڪ واقعو
پوري طرح ڄاڻ ۾ آيل آهي، هو چڱي ريت هن کان سڄاڻ
آهن، شاهه صاحب انهيءَ اڳ ۾ ئي ڄاتل ڪهاڻي کي نظم
جي لڙهي ۾ پوئڻ شروع ڪري ٿو، ڪٿي سهڻي جي سهاڳ ۽
ڏهاڳ ۽ لس لهرين ۾ لڙهڻ جو بيان ڪندو وڃي ٿو، ڪٿي
سسئي جي جهنگ جبل جالڻ ۽ فراق جي ڦوڙائن جو
دردمندانه داستان آڻي ٿو، ڪٿي مارئي جي سيل ۽ ست ۽
عمر جي پاڪ حياتيءَ جو اهڙي انداز ۾ ذڪر ڪري ٿو جو
ڄڻ اهي ڪهاڻيون اڳ ۾ ئي تفصيل وار ماڻهن کي معلوم
آهن ۽ شاهه صاحب ٻڌل ۽ ڄاتل شئي جو هڪ نرالي انداز
۾ نروار ڪري رهيو آهي، قرآن مجيد جو به ساڳيو
انداز بيان آهي. گذريل زماني جي قومن ۽ ماڻهن جي
افعالن ۽ ڪرتوتن جي ڪهاڻي ۽ ان جي نتيجن جو بيان
اچي ٿو. نمونو اهڙو رکيل آهي ڄڻ اهي واقعا اڳ ۾ ئي
ماڻهن کي معلوم آهن، هاڻي فقط هنن کي نيتجن کان
خبردار ڪيو وڃي ٿو، ان رنگ ۾ ڪنهن ڳالهه جو بيان
ڪرڻ ۾ علم بلاغت يا فصاحت جو وڏو راز سمايل آهي،
جنهن جو بيان اسان اڳتي هلي ڪنهن ٻئي هنڌ ڪنداسين.
شاهه صاحب جو سندر ڪلام سندس حياتيءَ ۾ ئي هنڌين
ماڳين هلي ويو ۽ سڀڪنهن صحبت ۽ سنگت ۾ هي ڪلام
ڳائڻ ۽ مثال طور پيش ڪرڻ ۾ آيو ٿي، سنڌوارن جون
اکيون کلنديون رهيون ته اسان ڌارين جي ڪاهن ڪري جو
پاڻ کي وساري ويٺا هئاسين، سي ڪيڏانهن وڃي رهيا
آهيون. سنڌ ئي آهي جنهن ۾ سچي عشق جون آکاڻيون
آهن، جنهن کي پنهنجي تهذيب آهي، جنهن ۾ صحيح تصوف
آهي ۽ پنهنجي پريم واري مايه دار ٻولي آهي، پنهنجي
شاعري آهي. سنڌ ۾ جو فارسي جي رواج ڪري سنڌي زبان
ڏانهن هڪ نفرت پيدا ٿيل هئي سا شاهه صاحب جي ڪلام
واري ڪرامت سان محبت سان بدلجڻ لڳي. |