سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جي رسالي جو مطالعو

 

صفحو :7

هن بيت ۾ چيٽ جي بهاري مند جو بيان ٿيل آهي جو شاهه صاحب مارئي واتان ٿر جي واهوندن يا بهاري جي ٿڌي هير جو بيان ڪندي فرمائي ٿو ته سيءُ لٿا آهن رڍن ٻڪرن جا ڦر جي سيءَ ۾ سڪا پيا هئا تن ڦڻ ٻڌو آهي، يعني تازا متارا ٿيا آهن، ان موسم ۾ گهٽن ۽ ٻڪرين ۾ ڪاتر به پوندي آهي، مارو لوڪ به انهي گلابي اُن ۾ پنهنجين سسن يعني ننڍڙن گهيٽن جي ڪؤنري اُن ڪتري رهيا آهن. عمر کي ته منهنجي هر هڪ ساهيڙي هن مند ۾ جهجهي اُن پنهنجي ڪانڌ جي ڪڇ ۾ ويهي ڪتيندي آهي. مطلب آهي ته شاهه صاحب جي سنڌ ۾ سياري گذرڻ کانپوءِ ٻاڪري ۽ ريڍي مال وارا ماڻهو جو ڪجهه پنهنجي مال سان پورهيو ڪندا هئا سو هن بيت ۾ ڄاڻايل آهي. ڪڏهن ڪڏهن سنڌ جي برساتي ڀاڱي ۾ مندائتو وسڪارو نه ٿيندو هو ته هو مال ڪاهي وسندي واري سائي حصي ڏي ويندا هئا اتي وڃي مال تاتيندا ۽ تڳائيندا هئا، سندن پراڻا وٿاڻ ڀڙڀينگ لڳا پيا هوندا هئا.

ٻري نه ٻڪر دانهن، ان جي ڀڻڪو نه سڻان،

ميان! ماروئڙن جا اونهان ڏٺم آنهن،

پکا کڻي پرانهن، جيڪس لڏيو لوئڙيارين.

هن بيت ۾ مالدار ماروئڙن جي لڏڻ جو ورتاءُ ٿيل آهي. هن جي لڏڻ کان پوءِ کوهن جو پوڻ يا گرڻا چڙهيل هوندا هئا ۽ مال کي پاڻي پياريندا هئا تن جو آواز ڪو نه اچي ٿو ۽ نه ٻڪرين جي ٻيڪ ڪا ٻري ٿي، اوڏانهن هنن جي کوهن جا آنهن يا هوض به وڏا هوندا هئا، شايد هو پکا کڻي پري هليا ويا آهن جو لوئڙ يا لويون ڍڪيندڙ ڏسڻ ۾ ئي نٿا اچن. ڪيڏانهن هليا ويندا هئا، ان جو بيان هيٺئين شعر ۾ ڪيل آهي:

جهڙ ڦڙ جت ٿيان، اُت اڏايائون پکڙا.

ڌراڙ (ڌنار) يا مالدار ماڻهو گهڻو ڪري پاڻ ۾ هڪ هنڌ وٿاڻ ڪري ويهندا هئا، ڇو ته سنڌ ۾ چوپائي مال جي چوري جو تمام جهونو رواج آهي. مالدار جو گڏجي رهڻ گهربل هوندو هو ته جيئن وقت سر هاڻن (چورن يا ڌاڙيلن) سان هاڃي هڻڻ ويل مڙس ٿي مڙي مقابلو ڪري سگهن. شاهه صاحب انهيءَ حقيقت کي سامهون رکندي فرمائي ٿو ته:

ڌڻ ڌارڻ ڌار رهڻ، اي نه سنگهارن سٽ،

ڪاهي ايندا ڪڏهين، مٿي وانڍ وهٽ،

جي هاڻو هون مٽ، ته به اوڊو نه لاءِ ان جو.

يعني ڌڻ به ڌارجي پوءِ به ڌنارن کان ڌار رهجي، اها سنگهارن يا سانگين جي سٽ يا رسم نه آهي، ڇو ته ڪڏهن به چور وهٽن تي سوار ٿي وانڍ (مالدارن) جي واهڻ تي ڪاهي اچي سگهن ٿا. جيڪڏهن ائين ڪو سمجهي ته چور يا هاڻو منهنجا دوست يا مِٽ آهن ته انهن کان بي خيالو يا ويسلو ٿي نه ويهجي. چوڻي آهي ته:

چوران پت نه ڪائي، توڙي هون سڳا ڀائي.

کيتي

سنڌ ۾ گهڻو ڪري جوئر، ٻاجهر ۽ ڪڻڪ جي کيتي ٿيندي هئي، ان زماني ۾ پاڻي ترتيب سان نه ملندو هو، جنهن ڪري سارين يا چانورن جي پوک ايتري گهڻي ڪانه ٿيندي هئي. کيتي جو ڪم هاري مندائتن ڏينهن ۾ ڪندا هئا. ڪتي جي فصل کي نر فصل ڪري ليکبو آهي، جنهن ۾ سانوڻي جي پاڻيءَ جا وهڪارا ۽ برسات جا وسڪارا ٿيندا آهن. شاهه صاحب هارين جي حالت کي سامهون رکندي فرمائي ٿو ته:

سارنگ کي سعيو، توکي سعيو نه ٿئي،

گڙي ٿو گمان ۾، آيو ڪي آيو،

هارين لاءِ هرجاءِ ۾، هادي هلايو،

متان ائين هلايو، ته بادل آهي بس ڪئي.

مطلب آهي ته سارنگ مينهن وسڻ جا سعيا ڪري رهيو آهي پر توکي ڪم ڪار جو ڪو سعيو ئي ڪو نه آهي. برسات يا سارنگ فقط هن لاءِ هاديءَ هلايو آهي ته هاري هر ڪاهي آبادي ڪن ۽ سنگهاريون سکي ٿي رهن.

مند ٿي منڊل وڄيا، تاڙي ڪئي تنوار،

هارين هر سنباهيا، سرها ٿيا سنگهار،

اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻجا ويس ڪيا.

تاڙو هڪ ننڍڙي پکيءَ جو نالو آهي جو برسات پوڻ کان اڳ ۾ تنواريندو ۽ لنؤندو آهي، جنهن جي لات مان اندازو لڳايو ويندو آهي ته اجهو ڪي اجهو مينهن آيو. هاري موڪن يا واهن تي به آبادي ڪندا هئا ۽ هرلا يا ايٽ به چاڙهيندا هئا. سانوڻي جي ٻائڙ ٻوڙ ارلي کي ڏسندي شاهه صاحب فرمائي ٿو:

سورن سانگهاهو، ٻائڙ ٻڌو ٻوڙوهي.

ٻائر چئبو آهي هرلي جي سموري ڍينگي جي سامان کي جهن ۾ ڦرهيون ۽ اوڀارا ۽ ارڙين سان اٽڪيل مالهه به هوندي آهي. مالهه ۾ لوٽا ٻڌل هوندا آهن. سانوڻي جي ڪچن ڪوهاڏن جو پاڻي اچي انهيءَ ٻائڙ تائين پهچي ان کي به ٻوڙي ڇڏيندو آهي، جنهن کي ڏسندي شاهه صاحب فرمائي ٿو ته مون کي سورن ايڏو سان گهاؤ ڪيو آهي، جيئن سانوڻي جو پاڻي ٻائڙ کي به ٻوڙي ڇڏيندو آهي. پڪن کوهن تي به نار چاڙهيا ويندا هئا.

جيئن سي کوهي نار، وهن واريءَ گاڏئان.

انهي زماني ۾ ڪي مسڪين هاري پورهيت به هوندا هئا، جن کي ڏسندي شاهه صاحب فرمائي ٿو:

ڇنا ڇڄ هٿن ۾، ڪلهن ڪوڏارا،

پورهيي خاطر پنهنجي اُٿن سوارا.

ٻهراڙيءَ جا سهندي وارا آبادگار اوطاقون ۽ وٿاڻ به اچي ارلن يا نارن تي اڏائيندا هئا. پاڻي ملڪ ۾ مئو هوندو هو پوءِ ان وقت جيڪا لئي لڳندي هوندي تنهن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي.

اڱڻ تازي، ٻهر ڪنڍيون، پکا پٽ سونهن،

سرهي سيج پاسي پرين، مر پيا مينهن وسن،

اسان ۽ پرين، شال هون برابر ڏينهڙا.

هن بيت ۾ ساون ستابن ڀاڳين جي ٻهراڙيءَ جي حياتيءَ جو ڪهڙي نه سهڻي نموني ۾ نقشو ڪڍيو ويو آهي، اڱڻ ۾ گهوڙا بيٺل آهن ۽ ٻاهر ڪنڍيون مينهيون، رهڻ لاءِ وڏا لانڍ يا پکا لڳل آهن. موسم سانوڻي ۽ مينگهه ملهار جي آهي، سيج وڇايل آهي ۽ پاسي ۾ پريتم ويٺل آهي، ان حالت ۾ جيڪا سرهائي سرير ۾ سامائجي سگهجي ٿي ان جي بچاءَ لاءِ دل مان آواز نڪري ٿو ته:

اسان ۽ پرين، شال هون برابر ڏينهڙا.

سنڌ ۾ جهونو رواج آهي ۽ شاهه صاحب جي سنڌ ۾ ته اهو رواج چوٽيءَ تي پهتل هو ته ٻهراڙيءَ جا ڀاڳيا ماڻهو واٽهڙن کي ماني ٽڪر کارائيندا هئا ۽ پاڻي بدران لسيءَ جو وٽو ڀري ڏيندا هئا. سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ اڄ تائين اهو رواج هلندو اچي. اڳئين زماني ۾ سنڌ وارا لسي ۽ کير وڪڻندائي ڪو نه هئا، پر مکڻ وڪڻڻ هنن وٽ عيب نه هو. لسي وڪڻندڙ کي ميتڙو يا ڪنجوس ڪري سمجهندا هئا. لسي ولوڙڻ کانپوءِ پاڻ پيئندا هئا يا وري ڪو سنگيت ساٿي يا ڪو واٽهڙو لسي چڪو گهرندو هون ته وڏي خوشيءَ سان ان کي ڀانڊو ڀري ڏيندا هئا. شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:

ساٿين کي سيد چئي ڀري ڏين ڀاڻ.

ڀاڻ يا ڀاڻو جي معنى آهي وڏو وٽو يا ڪٽورو، مطلب ته شاهه صاحب واري سنڌ ۾ لسي جام هوندي هئي ۽ ٻين کي به ڀاڻ ڀري پياريندا هئا. شاهه صاحب پاڻ به ڏاڍو لسي جو پياڪ هوندو هو، جنهن جو ورتاءُ ڪتاب لطف اللطيف ۾ ڪيل آهي. مينهن يا ڳئون جي لسيءَ کان سواءِ ٻاڪري لسي به سنڌ ۾ ٿيندي هئي جا مينهن جي لسي جهڙي گهاٽي نه ٿيندي آهي پر ڇڊي يا پٽڙي ٿئي.

پهي پاکي پٽڙي، پرينءَ ساڻ پيان.

پہ معنى پهرون، ٻڪري يا رڍ، پاکي لسي، ڪيترا ٿري ماڻهو پاکي يعني ٻاڪري لسيءَ کي باهه تي ٽهڪو ڏياري گهاٽو بڻائي پوءِ پيئندا آهن. اها هنن ڏوٿين لاءِ ڄڻ کيرڻي آهي.

شاهه صاحب کي سنڌ سان محبت آهي، الفت آهي، هو سنڌ کي سدائين سائو ستابو ڏسڻ گهري ٿو. سارنگ جي موسم ۾ کنوڻ ملڪ ۾ چؤطرف کنوي ٿي ته ان حالت ۾ به شاهه صاحب کي سنڌ ياد پوي ٿي. فرمائي ٿو:

 

کنوي خراسان، سک وسايو سنڌڙي.

هڪ ڊگهي بيت ۾ فرمائي ٿو:

موٽي مانڊاڻن جي واري ڪيائين وار،

وڄون وسڻ آئيون، چوڏس ۽ چوڌار،

ڪي دهلي، ڪي دکن، ڪي گڙن مٿي گرنار،

ڪنهن جنبي جيسلمير تان ڏنا بيڪانير بهار،

ڪنهين ڀڄ ڀڄائيو، ڪنهين ڍٽ مٿي ڍار.

ڪن اچي عمرڪوٽ تان وسايا ولهار،

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،

دوست تون دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

شاهه صاحب جي ڪلام مان پروڙي سگهجي ٿو ته هو دنيا جي جاگرافي، شهرن ۽ ملڪن جي نالن کان چڱي طرح سڄاڻ هو. ان زماني ۾ ايشيا کنڊ تي مسلماني راڄ هو مگر وطنيت جي لحاظ سان هن کي جيڪا سنڌ جي ساڻيہ سان پريم آهي، ان جو ڪاٿو ئي نٿو ڪري سگهجي. هو سنڌ جي ساوڪ ۽ مالدارن ۽ هارين ۽ جهانگيئڙن جون جهوڪون ڏسي پوءِ فرمائي ٿو ته:

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،

دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

شاهه صاحب جي زماني ۾ ڪي اهڙا واپاري به هوندا هئا جو اُن جي اڻاٺ واري وقت ۾ ميڙي ڪري انبار لڳائيندا هئا پوءِ اڻ هوند وارن مسڪينن تي مهانگو وڪڻي هنن جو رت چوسيندا هئا. شاهه صاحب برسات پوڻ ۽ سُڪر سڻائي ٿيڻ جو بيان ڪندي فرمائي ٿو:

وڄون وسڻ آئيون، ٽہ ٽہ مينهن ٽمن،

جن مهانگي لاءِ ميڙيو، سي ٿا هٿ هڻن،

پنجن مان پنڌرهن ٿيا، ائين ٿا ورق ورن،

ڏڪاريا ڏيہ مان، شال موذي سڀ مرن.

هت شاهه صاحب سڪر واري حالت ۾ پنجن مان پنڌرهن بنجڻ جو بيان ڏيندي چور بازاري يا بليڪ مارڪيٽ ڪندڙڻ کي بد دعا به ڪئي آهي ته اهي ماڻهو  جيڪي اسان جي سنڌ ڏيہ ۾ ڏڪار وجهي ان مهانگو ڪري رهيا آهن، سي موذي يعني غريبن کي ايذائيندڙ شال سڀئي مرن ته عام مسڪينن جي جند ته ڇٽي پوي. صوفي انسان ذات جو خادم ٿيندو آهي هن جي سامهون انسانن جي خدمت ۽ سندن پيٽ جي بندوبست جو وڏو اهم سوال رهندو آهي.جيڪي ماڻهو انسان ذات سان ظ:م ڪندا ۽ هنن جي پيٽ تي لت ڏيندا آهن ته اهڙن ماڻهن لاءِ هڪ صوفي عارف جي دل مان ڏڪاريا ڏيہ مان شال موذي سڀ مرن کانسواءِ ٻي ڪهڙي آه نڪري سگهي ٿي.

سيد چوي سڀن، آهي توه تنهنجي آسرو.

فصل ٽيون

سنڌ ۾ اميري ۽ غريبي

دنيا ۾ اميري ۽ غريبي شروعات کان هلندي اچي. جتي شاهوڪار آهن ته اتي نادار به آهن، نادارن ۽ مفلسن جو انگ دولتمندن کان هميشہ وڌيڪ رهندو ايندو آهي. شاهه صاحب واري سنڌ ۾ اهي ٻئي شيون آهن. هن درويش شاعر جو لاڳاپو آهي ٻهراڙيءَ وارن ماڻهن سان، تنهنڪري پنهنجي ڪلام ۾ سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۽ ڳوٺاڻي تمدن ۽ رهڻي جو بيان ڪندو رهي ٿو. جيڪڏهن ڪٿي ڪٿي هوند وارن جي ڳالهه اچي وڃي ٿي ته اها به غريبي گذران وارن جي سلسله بيان ۾ ڳالهه مان ڳالهه ڪندي ايندي رهي ٿي.

سنڌ ۾ شاهه صاحب جي زماني ۾ ماڻهن جي گهرو زندگي ڪهڙي هئي، ان جو تفصيل اوهان هيٺ پڙهي سگهو ٿا.

زالن جا زيور ۽ سندن پوشاڪ

زال ذات جي فطرت ئي ان ريت آهي ته هنن جو هار سينگار ۽ ڳهه ڳٽي ۽ لٽي ڪپڙي سان ڏاڍو پريم ۽ پياس رهي ٿو. زال پنهنجي ڪم عقلي ڪري هڪ ته پنهنجي ڏيکاءَ جي متوالي هوندي آهي ٻيو ته پنهنجي واکاڻ تي مري مٿو ڏيندي آهي. ٻيو ڪو واکاڻ نه ڪندس ته پنهنجو پاڻ کي ويٺي پڏائيندي. اهڙي قسم جي انساني حصي کي سندس ريجهائڻ ۽ پرچائڻ لاءِ زيور ۽ ڪپڙا جنهن سان هوءَ منهن مٿي کڻي مرڪي سگهي، ضروري ٺهرايا ويندا آهن. ڳهن جا قسم هر هڪ ديس لاءِ اتي جي رهاڪن پنهنجي پنهنجي پسنديءَ موجب ايجاد ڪيا آهن، جن جو رواج هن زماني ۾ وڃي ٿو ختم ٿيندو. شاهه صاحب واري سنڌ ۾ امير عورتن جي ڳهن ۽ مسڪين زالن جي زيورن جو جدا جدا پرو پئجي سگهي ٿو. امير عورتون نڪ ۾ جڙاءُ دار نٿون يا بولا پائينديون هيون. سون تي موتين يا ياقوتن جا ٻڙا جڙاءُ ٿيل هوندا هئا.

سڀئي سهاڳڻيون سڀني منهن جڙاءُ

نڪ جو زيور خاص طرح اڳئين زماني ۾ عورت جي سهاڳ جي نشاني سمجهيو ويندو هو. مجال هئي جو ڪابه پرڻيل وريتي گهريتي نٿ کان سواءِ ٻُٽي ٿي هڪ گهڙي ته گهر ۾ گهاري سگهي، پاڙي اوڙي واريون وڏيرڙيون سندس منهن ئي پٽي وينديون هيون. پر هاڻي ڇا آهي جو نڪ ٽوپڻ جو به سنڌ جي پڙهيل ماڻهن مان رواج نڪرندو ٿو وڃي، ڪنن ۾ جهومر ۽ پنڙا پاتا ويندا هئا، ڳچيءَ ۾ هار پهرينديون هيون.

سونا ڪُرّ ڪنن ۾، ڳچيءَ ڳاڙها هار.

هت پنڙن لان ڪُرّ جو لفظ ڪم آيل آهي جو عربي اکر قرط جو بگڙيل آهي، جنهن جي معنى آهي ڪن جو زيور. ڪن جا زيور سون جا به هوندا هئا ۽ چاندي جا به.

سونهن رپي سون سين ڪامڻ سندا ڪن.

جهومر بابت فرمائي ٿو:

جهومر بستر پاس، وسي مينهن پسائيا.

مٿئين بيت ۾ ڳچيءَ جي زيور جو بيان به اچي ويو آهي، يعني ڳچيءَ ڳاڙها هار، شاهه صاحب جي زماني ۾ اميرن جون عورتون سونيون دهريون، سونيون ڪنڍيون ۽ سونا چندن هار ڍڪينديون هيون جن کي ڳاڙها هار سڏي سڀني جو گڏيل بيان فرمائي ويو آهي. ڳچيءَ جي سنڌي زيورن مان هس به هڪ آهي جو ٻهراڙين جون زالون چانديءَ جو جوڙائي ڍڪينديون هيون ۽ هوند وارن وٽ سونا هس به هوندا هئا.

سڀئي سهاڳڻيون سڀني ڳچيءَ هس.

شاهه صاحب جي زماني ۾ هوند وارن گهرن جي زالن ۾ سونين يا عاج جي ٻاهين جو رواج هوندو هو پر غريب گهراڻي واريون  مايون ڪچ جا ڪوڙا چوڙا پائينديون هيون. مارئيءَ جي واتان بيان فرمائي ٿو ته:

ڪراين ڪچ جا چوڙا ڪوڙا جن،

سومرڪ ماروئڙن، جئان لوڪ لڄ ٿئي.

چوڙن کان سواءِ ٻانهوٽا به پائينديون هيون.

ٻانهوٽا ٻانهن ۾، سينڌ سڻڀا وار.

زالون پنهنجن وارن جي سنڀال لاءِ گهڻا جتن ڪنديون آهن. ڳتن کي جدا جدا مصالحن سان ڳنڍائينديون آهن، جن ۾ اڳ سڳيون وجهي ڇڏينديون هيون ۽ هاڻي ربينن جو رواج پيو آهي. شاهه صاحب جي زماني ۾ امير زالون خوشبودار تيلن سان وارن کي مڙهائينديون هيون جو هاڻي اهو رواج سنڌ مان نڪرندو وڃي ٿو.

مڙهيا گهڻي مشڪ سين، چوٽا ساڻ چندن.

غريب عورتون سڳيون ميريون ٿين ته وري ڌوئي سنڀالي ڪم آڻين ۽ ٿري زالون سڳين کي ڌاڳا سڏين.

اُٺا مينهن ملير ۾ ڌاڳا ڌٻر ڌئندي.

ٿر ۾ برسات پوندي آهي ته ترايون تليون ڀرجي وينديون آهن، انهيءَ پاڻي مان ٿريليون پنهنجا ڌٻڙ (رلڪا ۽رليون) به ڌوئن ۽ چوٽيءَ جا ڌاڳا به ڌوئي اُجاري وري ڪتب آڻينديون آهن. شاهه صاحب جي سنڌ۾ امير عورتن ۽ غريب گهر وارين جي لباس ۽ لٽي ڪپڙي ۾ وڏوئي فرق هوندو هو، جيئن اڄڪلهه هلندو اچي ٿو. ڪن ويچارن کي ڪلهن ڦاٽو ڪنجرو، مٿو اگهاڙو ته ڪن کي ريشمي گهگها هوندا هئا.

جن پوتا پٽ جا گهگها ساڻ گلن.

جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس،

چوٽا تيل چنبيليا، هاهاهو هميس.

گوري رنگ واري گجر کي هلڪي سائي رنگ وارو ڪپڙو ڏاڍو ٺهندو ۽ موهيندڙ ٿيندو آهي. شاهه صاحب هت پان جي پن سان ويس کي تشبيہ ڏئي ڪمال بلاغت جو مظاهرو ڪيو آهي، ڇو ته پان پن جو رنگ نه گهرو سائو ٿيندو ۽ نه وري ڦڪو سائو پر وچٿرو هلڪو سبز ٿيندو آهي، جوئي هڪ چاڳلي جي بدن تي سونهندو آهي.

شاهه صاحب جي زماني ۾ ريشمي روا، شالون يا پَٽ جون شالون، الاچي نالي هڪ ريشمي پٽاپٽي ڪپڙو به هوندو هو. بخمل ۽ بافتن جا قسم ارنچ ۽ ٻين نالن سان به اوڍبا هئا. ارم هڪ قسم جي فلالين يا باريڪ لسو اُوني ڪپڙو ۽ پٽ چيرو ۽ عبير نالي جنهن کي انبر به سڏيندا آهن. هڪ ريشمي ڪپڙو جنهن تي وڏا گل ٻوٽا ٿيندا آهن، اهي به امير عورتون استعمال ڪنديون هيون. ازانسواءِ کهنبا ۽ کٽين جون ٻانڌوڻيون يا ڇريل چادرون به هونديون هيون. اهي سڀ ڪپڙن جا قسم ڪلن جا جڙيل ڪو نه هوندا هئا پر هٿ جا اُڻيل ۽ آڏاڻن جا اڏايل هوندا هئا.

شاهه صاحب مارئي جي واتان ڪيئن نه انهن شين جي صنعت تضاد جي رنگ ۾ بيان ڪري ٿو:

پٽولا پنهواريون، مور نه مٿي ڪن،

جي لاک رتائون لوئيون، ته سالنئا سونهن،

اُن ايلاچين اڳري، بخمل بافتن،

سکر ڀايان سومرا، کٿي کان کهنبن.

ارم هڏ نه اوڍيان پٽولا پٽ چير،

ٻانڌوڻيان ٻن ڏيان، ارنچ ۽ عبير،

ماروءَ سان شل ماڻيان، کٿيون جهڙيون کير.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com