سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: بيان العارفين

 

صفحو :6

هر روز لکين انسان خدا جي طلب ڪن ٿا، پر انهن مان ڪو هڪڙو قبوليت جي درجي تي پهچي ٿو. ٻيا سڀئي ان ڪارڻ محروم رهجي وڃن ٿا جو اهلِ عيال جي شغل ۽ دنيا جي محبت مٿن غالب آهي.

نقل آهي ته هڪ ڏينهن حضرت جن جي مجلس ۾ ويٺا هئاسون ته هڪ مريد اچي کين نڪاح ۾ شريڪ ٿيڻ جي التجا ڪئي. ان تي کيس چيائون ته اسان کي توهان مان اها اميد نه هئي ته تون پاڻ کي کوهه ۾ اڇلائيندين ۽ اسين اچي تنهنجو ڀت کائينداسون. اهو فقير ڪوشش ڪندو رهيو ته پاڻ راضي ٿي هلن، پر پاڻ نه ويا. حالانڪ چون ٿا ته جڏهن به ڪو کين هلڻ لاءِ چوندو هو ته پاڻ هليا ويندا هئا. پر هن فقير جي نڪاح تي ڪو نه ويا.

چون ٿا ته هڪڙو مجذوب درويش هو جو چئي رهيو هو ته اي خداوندا، جيڪي مون کان اڳ ٿي گذريا انهن کي توڙي هينئر وارن کي نه بخش. ڪنهن ماڻهوءَ پڇيس ته هي ڇا چئي رهيو آهين.؟ ورندي ڏنائين ته، اڳيان ان ڪري جو مون کي گهر ٻار نه ڪرڻ جي نصيحت نه ڪيائون ۽ هينئر وارا ان ڪري جو مون کان اهو نه ٿا پڇن ته نڪاح ڪريون يا نه.

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ ڏينهن حضرت جن جو هڪڙو مريد وقت جي عالم مولانا محمد صدر وٽ ويو، جيئن هو گهر کان ٻاهر نڪتو ڇا ڏسي ته سندس منهن ڪارو لڳو پيو هجي ۽ انهيءَ حالت ۾ هو وچ بازار ۾ اچي بيٺو. تڏهن ماڻهن ان کان سوال پڇيو ته منهن کي ڪارو ڇو ڪيو اٿو.(47) جواب ڏنائين ته جيڪو شخص اهل دنيا جي آستاني تي پهتو ۽ اتي ئي پلٿي هڻي ويٺو، ان جو مثال اجهو ان ريت آهي.

ڪافي وقت گذرڻ کان پوءِ انهيءَ مريد نڪاح ڪيو، تڏهن پاڻ پنهنجي ڳوٺ ۾ ترسيل هئا. جڏهن پاڻ اها خبر ٻڌائون ته مون کي چيائون انهيءَ فقير کي وڃي ٻڌاءِ ته جڏهن پهريون دفعو منهن ڪارو ڪيو هيئي، تڏهن اهل دنيا وانگر پاڻيءَ سان ڌوئڻ بعد صاف ٿي پئي سگهيو، پر هاڻي ته دل کي به ڪارو ڪيو اٿئي، جيڪا ڪنهن به شيءِ سان پاڪ نه ٿي سگهندي.

چيائون ته فقير جڏهن پنهنجي زال سان همبستري ڪري ٿو تڏهن ڄڻڪ اهڙي سوراخ ۾ پيشاب ڪري ٿو، جنهن منجهان پوءِ ڪيترا ماڪوڙا ۽ ماڪوڙيون ٻاهر نڪرن ٿا.

نقل آهي ته هڪ ڏينهن ڪنهن اچي کين ٻڌايو ته فلاڻي مريد نڪاح ڪيو آهي. جيئن اها خبر ٻڌائون ته ڏاڍو غمگين ٿيا ۽ چيائون ته هو اڄ اسان لاءِ مري ويو ۽ هن دنيا مان ڪوچ ڪري ويو.

چون ٿا ته هڪ پٽ پيءُ کي چيو ته مون کي ٻه زالون پرڻاءِ. جڏهن پهرين نڪاح کي ڳپل عرصو گذري ويو ته پيءُ پٽ کي چيو ته هاڻي ٻي شاديءَ جي تياري ڪجي. تڏهن پٽ وراڻيو ته اها هڪ ئي ٻنهي کان زور آهي.

هڪڙي مريد کان نقل آهي ته هڪ ڏينهن اسان حضرت جن جي ڳولا ۾ هڪ مريد جي شاديءَ جي دعوت ۾ ويا هئاسون. واپسيءَ ۾ ٺٽي جي ڪن ڳوٺن کان ٿيندا آياسون، تان جو سندن ڳوٺ اچي پهتاسون جتي پاڻ هئا.(48)  قدمبوسيءَ جي سعادت حاصل ڪري اڃا مس ويٺاسون ته چوڻ لڳا، ان شخص کي کوهه ۾ ڦٽو ڪري آيا آهيو. عرض ڪيم ته سائيجن بلڪل صحيح ٿا فرمائين. اها رات اسان اتي رهياسون. تان جو ٻئي ڏينهن صبح جو وري سندن سج جيان چمڪندڙ چهري کان منور ٿياسون. وري ويٺائي هئاسون ته پاڻ ساڳي ڳالهه ڪيائون ته ان فقير کي کاهي ۾ اڇلائي آيا آهيو، شايد سندس پٽ اچي کيس ان مان ڪڍي !

هڪ شخص وعظ ۾ حورن ۽ غلمانن جو ذڪر پئي ڪيو ۽ چيائين پئي ته مسلمانن کي بهشت ۾ خدمت لاءِ پڻ حورون ۽ غلمان ملندا. اتي ڪو فقير ويٺو هو تنهن چئي ڏنو ته هي ڪهڙا ملان آهن جو هتي به جماع جي خواهش ڪن ٿا ته اڳي به کين اهو ئي اونو آهي.

هڪ مريد کان نقل آهي ته آءٌ حضرت جن جي صحبت ۾ هوس ۽ سندن خدمت چاڪريءَ جي سوچ ۾ غلطان هوس جو پاڻ مون ڏي نهاري چوڻ لڳا ته هن ويچاري تي الائي ڪهڙو بار کڻي وڌو اٿن. اهو چئي مثال ڏنائون ته ڇڙن جو عيالدارن کي ڏسي شادي ڪرڻ ائين آهي جيئن ڪا مڇي ڄار ۾ ڦاسي لڇي ۽ ٽپڪا ڏئي، پر ٻيون مڇيون سمجهن ته ڪا چيز ملي اٿس(49). پوءِ انهيءَ اميد تي اهي به ان طرف رخ رکن ۽ پاڻ کي ڦاسائي مارائي وجهن.

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪڙي مريد ارادو ڪيو ته نڪاح ڪريان. حضرت جن کي جڏهن اها خبر پئي ته چيائون ته ڇڏي ڏيوس ڀلي نڪاح ڪري ته خبر پويس. پوءِ هي مثال ٻڌايائون. چون ٿا ته ڪنهن بادشاهه کي هڪڙو پٽ هو، هڪ ڏينهن ان پٽ پيءَ کي چيو ته مون کي ست زالون پرڻاءِ، پر ان ڪم ۾ جلدي ڪريو. پڻس چيس ڪجهه صبر ڪر. پهرين زال سان سڄي رات شب باشي ڪرڻ کان پوءِ صبح جو جڏهن ٻاهر آيو ته ٿڪ ۾ چور چور اچي هڪ هنڌ ويٺو. اوچتو هڪ مک اچي سندس ڏاڙهيءَ کي چنبڙي پئي. پر عجب اهو جو ان کي هڪلي ته وڃي ئي ڪا نه. آخر ايترو تنگ ٿيو جو ان مک کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته خدا جي واسطي مون کي ڇڏ، نه ته آءٌ بابا کي چوان ٿو ته اهو تنهنجو نڪاح ڪرائي ته تنهنجي اها عادت ختم ٿئي !

هميشه ٻڌو اٿئون ته جيڪي خدا جا طالب ٿيا تن الله ڪارڻ پنهنجا گهر ٻار ڇڏي ڏنا، تڏهن ئي اهي ڪماليت کي پهتا ۽ يڪتا ولي ثابت ٿيا. انهن پنهنجي ماءُ پيءُ هجڻ وارا حق ئي ختم ڪري ڇڏيا ۽ اسان ڪڏهن نه ٻڌو ته اهي انهيءَ واٽ کان وري واپس ٿيا.

هڪڙي مخلص کان نقل آهي ته هڪ ڏينهن آءٌ ۽ ٻيا مريد خادم گڏجي حضرت جي خدمت ۾ وياسين. جڏهن اتي پهتاسون ته ٻيا خادم جلد ئي پنهنجن ڪمن ڪارين سانگي ٽڙي پکڙي ويا. ليڪن آءٌ ۽ هڪڙو ٻيو مريد ان حجري طرف آياسون جتي پاڻ آرامي هئا.(50) سندن منهن تي ڪپڙو پيل هو ۽ پاسي ڀر ليٽيل هئا. پورا ٽي ڏينهن اتي ويٺا رهياسون، پر ان دوران پاڻ ڪجهه به نه ڪڇيا. بلڪ محبت جي موجن ۾ مستغرق ۽ شهادت جي دريا ۾ ايترو ته ٻڏل رهيا جو اسان ڏانهن متوجه ڪو نه ٿيا ۽ نه پڇيائون ته ڇو آيا آهيو.؟ آخر لاچار ٿي اندر گهڙي ويس ۽ سوچيم ته پيرين پئي موڪلايان. اوچتو منهن تان پلاند لاٿائون ۽ منهنجو هٿ هٿ ۾ وٺي منهنجي ڇڙائي جي تعريف ڪرڻ لڳا. ان کان پوءِ چيائون ته مون ٻڌو آهي ته هو فقير جيڪو توسان گڏجي آيو هو، ٻي شادي ڪرڻ وارو آهي. طالب کي پرڻجڻ نه گهرجي. انهيءَ وقت هي بيت پڙهيائون:

[19]

مَتارَڪا ڳڀرو گَرٿ نه ٻڌن ڳوڏ،
آيا اڱڻ هوڏ، ِسرُ ڏئو سرو ِپيَنِ.

]”همٿ وارا جوان پنهنجي گوڏ ۾ چيلهه سان پئسا ٻڌي ڪو نه هلن، پر اڱڻ تي پهچڻ کان پوءِ مست ٿي سر جو سودو ڪري شراب پئن.“ فارسي بيت:[

اي جواني تا تواني زن مکن
چنبري پر خاک را بر سر مکن.

”اي، جوان جيستائين ٿي سگهي زال نه پرڻج پنهنجي مٿي تي خاڪ ڀريل ٽوڪري نه کڻ.“

اهو پڻ فرمايائون ته ”من اراد صاحبہ فالله يکفيہ“ ”يعني جيڪو دوستي رکڻ گهري ته پوءِ الله ان لاءِ ڪافي آهي.“ وڌيڪ اهو به چيائون ته فقير کي قرآن پاڪ جي هن آيت تي هن دنيا ۾ ئي عمل ڪرڻ گهرجي. ”يوم يفرالمرءُ من اخيہ وامه وابيہ وصاحبتہ وبنيہ لکل امريءِ منهم يومئذشان يغنيہ“ (سورةِ عبس ،34-37) يعني ”جنهن ڏينهن سڀڪو ڀڄي پاسي ٿيندو، ڀاءُ کان، ماءُ کان، پيءُ کان، زال کان ۽ پٽ کان انهيءَ ڏينهن هر شخص پنهنجي حال کان بي خبر هوندو.

فقير کي انهيءَ آيت تي غور و فڪر ڪرڻ گهرجي ته ائين واقعي آهي يا نه، حضرت جن اها نصيحت ڪندي پاڻ زار زار روئي رهيا هئا ۽ آخر ۾ چيائون ته جيڪڏهن ڀانيو ته نڪاح ڪرڻ سان خدا جي ذڪر ۾ خلل نه پوندو پوءِ ڀلي نڪاح ڪريو(51) پر جيڪڏهن سمجهو ٿا ته نڪاح ڪرڻ سان خدا جي ياد کان محروم ٿي ويندا ته پوءِ نڪاح نه ڪريو. ان نصيحت کان پوءِ اسان کي اجازت ڏنائون ۽ اسين ٺٽي اچي پهتاسون.

ڳچ مدت کان پوءِ جڏهن پاڻ ٺٽي آيا ته مان پيغمبر عليہ الصلواةِ والسلام جي هيءَ حديث ڪاغذ جي ٽڪري تي لکي وٽن کڻي ويس –”ماتُرکتَ بَعدي فتنہ اضر علي الرجال من النساءِ“ يعني اسان کان پوءِ مردن لاءِ ڇڏيل وڌيڪ نقصان ڏيندڙ فتنو عورتن منجهه آهي. پاڻ اها حديث ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيا، بلڪ ان کي بار بار ورجائڻ لڳا، ايتري قدر جو معلوم پئي ٿيو ته ڄڻ وجد ۾ اچي ويا آهن.

فقيرن تي جڏهن نفس غالب پوي ٿو ته نڪاح ڪن ٿا پوءِ چون ٿا ته سنت ٿا ادا ڪريون. هڪ دفعي چيائون ته جيڪڏهن ڪنهن فقير تي نفس جو ايڏو غلبو ٿي پوي جو هو ڪنهن عورت سان زنا ڪري وجهي ته بيشڪ انهيءَ عظيم گناهه ڪيو، پر اميد آهي ته هو جلدي تائب ٿيندو ۽ خدا تعاليٰ انهيءَ توبہ سبب کيس بخشي ڇڏيندو. پر جيڪڏهن نڪاح ڪيائين ته ڄڻ پاڻ کي هلاڪت ۾ وڌائين ۽ پاڻ کي خدا کان محروم ڪيائين. ائين چئي پاڻ فرمايائون ته جڏهن منهنجي شادي ڪرائي وئي ته مون کي ڪا خبر نه هئي ته ايندڙ رات ڇا ٿيڻو هو؟

ان کان پوءِ هيءَ حڪايت ٻڌايائون ته هڪ ڏينهن مٽيارين جي شهر ۾ آءٌ سماع ۾ مشغول هوس جو اوچتو منهنجو وڏو ڀاءُ ميان سيد جلال اتي اچي نڪتو ۽ مون کي ٻانهن کان پڪڙي گهر وٺي آيو(52) جتي اڳيئي قاضي ۽ ٻيا سادات ويٺا هئا. مون کي انهن جي اڳيان کڻي ويهاريائون. آئون حيران پريشان هيس ۽ ڪا خبر نه ٿي پيم هي سڀ ڪجهه ڇا هو. تان جو قاضي پڇڻ شروع ڪيو ته ”هنن چئن شرعي شرطن موجب تو فلاڻيءَ ڌيءَ فلاڻي جي کي قبول ڪيو“؟ اهو ٻڌي ڄڻڪ منهنجو هوش خطا ٿي ويو ۽ آءٌ بلڪل چپ ٿي ويس. آخر شرم وچان ۽ ايترا سادات جيڪي اچي گڏ ٿيا هئا انهن سڀني جو لحاظ ڪندي، لاچار کڻي هائوڪار ڪيم، پر هاڻي جو آءٌ پنهنجي فقيرن کي منع ڪندو ٿو رهان ان جو سبب فقط اهو آهي ته مون کي جيڪو نقصان نڪاح مان پهتو آهي، مبادا اهو ٻين کي به پهچي.

ڪي ماڻهو چون ٿا ته نڪاح ڪرڻ سنت آهي ۽ ان ۾ پيغمبر عليہ الصلواةِ والسلام جي پيروي آهي. پر عجب جهڙي ڳالهه آهي ۽ سڀني کي خبر آهي ته پاڻ سڳورا رات جو عبادت ۾ ايترو ته بيهندا هئا جو سندن پير مبارڪ به سڄي پوندا هئا. پوءِ اهڙي عبادت تي ته عمل پيرا ڪو نه ٿا ٿين، باقي ڳالهيون گهڻيون ٿا ڪن.

نقل آهي ته مولانا بهاءُ الدين گودڙيو شادي کان اڳ ڪڏهن به پنهنجن هٿن سان پئسا نه وٺندو هو ۽ نڪو ڏيندو هو. شاديءَ کان پوءِ جڏهن ڪنهن ماڻهو کيس پئسا ڏنا ته اهي وٺي ڏندن سان جهلي پنهنجي پڳ ۾ رکيائين. ميان ابراهيم مخدوم نوح عليہ  الرحمةِ جو پٽ جيڪو ان وقت موجود هو، ٻڌائي ٿو ته مون اهو سڄو لقاءُ ويٺي ڏٺو.(53) مون کي اها ڳالهه ڏاڍي گران گذري ۽ دل ۾ عجيب بيقراري ۽ بي آرامي محسوس ڪيم. آخر اتان اٿي حضرت جن جي خدمت ۾ آيس ۽ ان فقير جي سڄي حقيقت حال کين عرض رکيم. ٻڌي چوڻ لڳا ته دنيا واقعي هڪ مڪار ۽ غدار ڪراڙي عورت جيان آهي، جيڪا ٻين کي هميشه فريب ڏئي پاڻ ڏي مائل ڪري ٿي، خاص طرح اهڙن فقيرن کي جيڪي زهد تقويٰ جي لباس ۾ آهن ۽ پاڪائي جي پڳ مٿي تي پهرين ٿا. اهي گفتا ٻڌي اندر کي ڏاڍو سڪون اچي ويو ۽ پوءِ آءٌ موڪلائي هليو آيس.

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ دفعي حضرت جن ڪنهن مريد جي نڪاح ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ويا ٿي ۽ واٽ تي هي ٻه بيت پئي پڙهيائون:

[20]

جا تو گهيڙي گَهٽ، مانگرياڙي مڇڙا ،
ا
ِن ڪُنڍيءَ ڪڍي ڪيترا، نيئي پڇاڙيا پَٽِ.

]اي مڇڙا هي مانگرياڙي ڪنڍي جيڪا تو پنهنجي نڙگهٽ ۾ گهيڙي آهي، تنهن ڪيترن ئي کي ڪڍي پٽ تي هنيو آهي.[

[21]

ڏورا پسي ڏور، جو وئين وهرو نڪري ،
مانگرياڙي مڇڙا، هڏ نه وڌين هورِ.

 ]جيڪڏهن پري کان ئي ڏور يعني ڄار کي ڏسي تيزيءَ سان نڪري وڃين ها، ته پوءِ اي مڇڙا، ڪڏهن به ان مانگرياڙيءَ ڪنڍيءَ جي خوف ۾ نه هجين ها![

جڏهن جوان مرد ۽ عورت اڪيلائي ۾ گفتگو ڪن ٿا ته ان وقت شيطان شهوت جي سرمي جي سرائي ڀري انهن جي اکين ۾ وجهي ٿو ۽ پوءِ هو پاڻ ۾ گڏجن ٿا. اهڙيءَ طرح شيطان ٻنهي کي فريب ڏيئي وڏي مصيبت ۾ وجهي ٿو.(54)

چيائون ته ”العلم نقطة و کثرهِ الجاهلين (ہ)“ يعني ”علم ٿورو آهي پر جاهلن ان کي وڌائي ڇڏيو آهي.“ علم وارا ۽ دانشمند جڏهن توڙ تي پهچن ٿا تڏهن الله کي ياد ڪن ٿا، هوڏانهن فقير شروع کان ئي انهيءَ نالي کي وٺيو ويٺا آهن. مطلب ته عالمن جي انتها فقيرن جي ابتدا برابر آهي. جيئن قول آهي ته ”شمةِ من المعرفةِ خيرمن کثرة العلم“ يعني معرفت جو ذرو به ظاهر علم جي گهڻائي کان بهتر آهي.“ اهڙيءَ طرح قرآن جا حافظ ته گهڻا آهن پر حدن جا حافظ يعني حدود الله جي نگهباني ڪرڻ وارا گهٽ آهن. علم جا طالب به جهجها آهن پر عليم يعني ذات خداونديءَ جا طالب اڻ لڀ آهن.

[22]

ڪنز، قدوري، ڪافيا، جي پڙهي پروڙين سڀ،
ته ڪر منڊي ماڪوڙي کوهه ۾، پيئي ڪڇي اڀ .

]توڙي جو تون ڪنز، قدوري ۽ ڪافيا جهڙا سڀ ڪتاب پڙهي ۽ سمجهين وڃين - پر پوءِ به تنهنجو مثال ائين آهي جيئن ڪا منڊي ماڪوڙي کوهه ۾ اندر پئي آسمان کي ماپڻ جي دعويٰ ڪري.[

فرمايائون: ”العلم بلاعمل کالشجر بلاثمر“ يعني ”علم عمل کان سواءِ ائين آهي جيئن وڻ ميوي کانسواءِ“. چيائون ته عالمن ۽ فقيرن ۾ اهو فرق آهي ته پهريان خلق جي وچ ۾ پردو ڪندڙ آهن ۽ فقير انهيءَ پردي کان الڳ آهن.

فرمايائون ته فقير کي گهرجي ته سيپاري جو چوٿون حصو يعني فقط ايمي پڙهي. ڇو ته اهو فرض آهي، باقي سڄي عمر ويٺو خدا کي ياد ڪري. دنيا واسطي علم حاصل ڪرڻ کان بهتر آهي ته ماڻهو ڪورڪو ڌنڌو ويهي ڪري. چيائن ته علم بهشت تائين پهچائي ٿو، پر ذڪر خدا تائين رسائي ٿو. ان کان پوءِ قاضي قادن رحمة عليہ جيڪو پنهنجي وقت جي وڏن عارفن مان هو، ان جا هي بيت پڙهيائون:

[23]

ڪنز قدوري ڪافيان، ڪي ڪو نه پڙهئوم،
سو پاڙهه ُ ئي ڪو ٻئو، جئان پرين لڌوم.

ڪنز، قدوري ۽ ڪافيہ(ڪتابن) مان مون ڪجهه به ڪو نه پڙهيو، اهو پڙهڻ(پاڙهه) ئي ڪو ٻيو جنهن مان پنهنجي پرينءَ کي ڳولي لڌم.(55)

ٻيو  بيت

[24]ٻيو

لوڪان نحوُ صرفُ، مون مطالع سپرين،
سوئي پڙهئو سو  پڙهان، سوئي سو حرف.

]ماڻهو ته صرف ۽ نحو(ڪتابن) کي پڙهڻ ۾ لڳا پيا آهن پر آءٌ محبوب جي مطالعي ۾ مشغول آهيان. مان ته ورائي ورائي اهو ساڳيو(محبوب) حرف پيو پڙهان.[

چون ٿا ته جيڪڏهن ڪو طالبعلم هڪ دفعو پنهنجي ارادي سان حضرت جن جي مجلس ۾ شريڪ ٿيندو هو ته وڌيڪ پڙهڻ کان هٿ کڻي ڇڏيندو هو. نقل آهي ته هڪ مريد هڪ طرف قرآن جو سبق وٺندو هو ته ٻئي طرف وري سندن مجلس ۾ ايندو هو. هڪ ڏينهن ميان عيسيٰ رحمةِ الله عليہ جيڪو پاڻ حضرت جن جي عقيدتمندن مان هو، آخر ان مريد کي چئي ڏنو ته جيڪڏهن تون حضرت جي صحبت مان ڪجهه پرائين ها ته جيڪر پوءِ اهو پڙهڻ بند ڪرين ها.

چيائون ته علم سواءِ عمل جي ائين آهي جيئن ڪو ماڻهو اُڃايل هجي پر رڳو پاڻي پاڻي ويٺو پڪاري، پر جيستائين پاڻي نه پيئندو، ايستائين سندس اڃ ڪو نه لهندي.

نقل آهي ته هڪ عالم سڳورو جيڪو مشڪواةِ شريف ۽ ٻيا ڪيترا ڪتاب پڙهيل هو ۽ وڏا بحث ڪندو هو ۽ ٻين کي انهن جي تشريح ڪري ٻڌائيندو هو، هڪ ڏهاڙي حضرت جن جي محفل ۾ شريڪ ٿيو. چون ٿا ته حضرت جن جي منهن مبارڪ ڏسڻ کان پوءِ مٿس ايڏو اثر ٿيو جو اهي سڀ ڪتاب کڻي اچي حضرت جن جي آڏو رکيائين. پاڻ اهي سڀ ڪتاب وڪڻي فقيرن جي لنگر ۾ خرچ ڪري ڇڏيائون. چون ٿا ته انهيءَ کان پوءِ وري ان شخص ڪڏهن ڪتابن جو منهن نه ڏٺو، البت هو پوءِ حضرت جي خاص ويجهن ماڻهن ۾ شمار ٿيڻ لڳو.(56)

فرمايائون ته علم هڪ ڏيئي وانگر آهي ۽ عمل ان جي وٽ ۽ تيل جيان آهي. ڪو به ڏئيو تيل ۽ وٽ کان سواءِ ڪا روشني نٿو ڏئي سگهي يعني ڪنهن ڪم جو ناهي.

هڪڙي مخلص کان نقل آهي ته هڪ ڀيري ميان محمد جيڪو وقت جي عالمن ۽ دانشمدن مان هو، ان جو ناٺي حضرت جن جي خدمت ۾ اچڻ لڳو. جلد ئي مٿس ايڏو فقيري رنگ غالب پئجي ويو جو پڙهڻ پڙهائڻ کي بلڪل ترڪ ڪري ڇڏيائين. ايتري قدر جو هڪ ڏينهن ميان محمد حضرت جن کي چورائي موڪليو ته ”تون فلاڻي کي پڙهڻ کان منع ڪئي آهي ڇا؟ بلڪ کيس هدايت ڪريو ته جيڪي پڙهيو اٿس تنهن کي ضايع نه ڪري“. انهيءَ وقت اهو شخص حضرت جن وٽ بيٺو هو. پاڻ کيس مخاطب ٿي چوڻ لڳا ته ڪهڙي سبب کان پڙهڻ ترڪ ڪيو اٿئي ! جواب ڏنائين ته ”جيڪڏهن علم ٿو پڙهان ته فقيرن جي صحبت کان محروم ٿو ٿيان. پر جيڪڏهن فقيرن سان ٿو ويهان ته علم ميسر نه ٿو ٿئي“. حضرت جن اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيا ۽ از راه عنايت فرمايائون ته جيڪي عالمن کان علم ذريعي حاصل ٿئي ٿو، سو توهان کي بنا پڙهڻ جي حاصل ٿيندو. کيس چيائون ته آءٌ فقط قرآن پاڪ جا ٻه سيپاره پڙهيو آهيان ۽ وڌيڪ پڙهڻ جي مون ڪڏهن ڪوشش نه ڪئي آهي.

ڳالهه ٿا ڪن ته ڪيترا ڀيرا وقت جا مشهور عالم ۽ دانشمند جهڙوڪ: مولانا صدر، مخدوم حامد ڏاڏوڻائي ۽ مولانا داؤد مفتي سندن مجلس ۾ ايندا هئا. پر جڏهن پاڻ معنيٰ جا موتي ۽ دقيق نڪتا بيان ڪندا هئا ته اهي سڀ سمجهڻ کان عاجز ٿي پوندا هئا ۽ حيرت جو اظهار ڪندا هئا.(57)

(چيائون ته) هڪ دفعي خيال آيو ته ڪتاب ”ڪشف الاسرار“ جو مطالعو ڪجي. صابو سومرو رحمة الله عليہ جيڪو وقت جي عارفن مان هو تنهن منع ڪئي ته اهو خيال لاهي ڇڏيو، بلڪ خدا کي ياد ڪريو ۽ ان جي نالي جو ورد ڪريو. مون لاءِ اها نصيحت ڏاڍي فائديمند ثابت ٿي. ان کان پوءِ قاضي قادن جو هي بيت پڙهيائون:

[25]

سيئي سيل ٿيام، پڙهيام جي پاڻ لئه،
اکر اڳيان اڀري، واڳو ٿي وريام.

]اهي ئي منهنجي لاءِ زنجير بنجي پيا جيڪي آءٌ پڙهندو هوس. اهي ساڳيا حرف واڳونءَ وانگر اُڀري مون کي وارئي ويا.[

فرمايائون ته شريعت خدا جي واٽ جو دروازو آهي، پوءِ جيڪو ان دروازي مان داخل نه ٿيندو ته اهو گمراهه ٿيندو. اهڙيءَ طرح جيڪو بادشاهه جي درٻار ۾ حاضر ٿيڻ گهري ته اهو مقرر دروازي کان داخل ٿئي ته پوءِ کيس اچڻ به ڏيندا ۽ انهيءَ شخص کي ڪو به بي ادب نه چوندو، پوءِ جيڪڏهن ديوار ٽپي داخل ٿيندو ته اهو بي ادب چئبو ۽ سزا جي لائق پڻ.

فرمايائون ته ڪي شخص هن دنيا ۾ قرآن پاڪ جي هڪ لفظ جون لک معنائون ڪن ٿا، پر جڏهن قيامت جي ڏينهن خدا جي آڏو حاضر ٿيندا ۽ پنهنجي پروردگار کان معنيٰ ٻڌندا ته کين يقين ايندو ته پاڻ ڪجهه نه ٿي ڄاتائون.(58) بلڪ کين احساس ٿيندو ته ماليخوليا جهڙي مرض ۾ مبتلا هئاسون ۽ اجايون ڳالهيون ٿي ڪيون سون.

هڪ مريد کان نقل آهي ته هڪڙي رسمي طالبعلم اهو گفتو ڪڍيو ته جيڪي ماڻهو حضرت جن جي خدمت ۾ اچن ٿا. اهي علم کان محروم ٿي پون ٿا ۽ شريعت تي عمل ڪرڻ به ڇڏي ڏين ٿا. مون اها ڳالهه حضرت جن کي اچي ٻڌائي. هڪ ڏينهن حضرت جن ان طالبعلم جا مهمان ٿيا. ان ڏاڍي تعظيم و تڪريم ڪئي ۽ وٽس جيڪي هو سو آڻي حاضر ڪيائين. هڪ ٻيو مريد جنهن مون کان اها ڳالهه ٻڌي هئي ۽ اهو پڻ اتي موجود هو، تنهن اهو ساڳيو ذڪر ڇيڙيو. پاڻ اهو ٻڌي ڪاوڙ ۾ اچي ويا ۽ ان کي مخاطب ٿي چوڻ لڳا ته اسان شريعت جي خلاف ڪهڙي ڳالهه ڪئي آهي. اسان وٽ ته جيڪي فقير اچن ٿا، ان کي اها نصيحت ڪريون ٿا ته ٿورو کائو، گهٽ سمهو، خلق سان گهٽ ملو، خدا کي گهڻو ياد ڪريو. ڇا اهو سڀ ڪجهه شريعت جي خلاف آهي؟ تڏهن اهو طالبعلم ڏاڍو شرمندو ٿيو ۽ اهڙي هيبت اچي مٿس طاري ٿي جو هڪ حرف به نه ڪڇيو. بلڪ ڳچيءَ ۾ ڳارو وجهي حضرت پير جي پيرن تي ڪري پيو ۽ زمين تي هيٺ ويهي ڏاڍيون ليلڙاٽيون  ڪرڻ لڳو. چوڻ لڳو ته مون اهي لفظ ڪڏهن به نه ڪڍيا آهن ۽ اها مون تي تهمت آهي. پر جيڪڏهن ڀل ۾ چيا اٿم ته توبہ ٿو ڪريان ۽ ٻيهر ڪڏهن به نه چوندس. ان کان پوءِ حضرت جن اتان روانا ٿي هڪ ٻي ڳوٺ ۾ آيا. اهو شخص ڪافي وقت ساڻن گڏ رهيو ۽ هر وقت زاري ۽ پشيمانيءَ جو اظهار ڪندو رهيو.(59)

فرمايائون ته اصل ڳالهه عمل جي آهي. عمل کان سواءِ هر شيءِ بيڪار آهي. مثلاً: ڪو شخص ڏاڙهي ڪوڙائي، شراب پيئي، پر پاڻ کي پڙهيل ۽ داناءَ سمجهي ته ”فصوص“ ۽ ”لمعات“ جهڙا ڪتاب سندس نظر مان گذريا آهن، ته انهن سڀني ڳالهين مان ڪهڙو فائدو! مطلب ته عمل کان سواءِ علم بيڪار آهي.

چيائون ته جيڪو ماڻهو دنيا واسطي علم پرائي ٿو، اهو ڪافر آهي جيڪو آخرت واسطي حاصل ڪري ٿو، اهو وري منافق آهي، البت جيڪو الله واسطي حاصل ڪري، اهو مؤمن آهي. طالب کي گهرجي ته پير جي حاضريءَ ۾ رهي يا بزرگن جي ڪتابن مان مستفيد ٿئي.

فقير کي گهرجي ته ٿورو کائي، بک لڳيس ته رڳو پنج گرهه کائي. ڇو ته کائڻ حياتيءَ واسطي آهي ۽ نه نفس جي لذت لاءِ. پر جيڪڏهن فقير بک جي ڪري پيٽ ڍؤ ڪري کاڌو، تنهن ڄڻ حرام کاڌو. عام ماڻهن جو روزو اهو آهي ته اسر ويل نيت ڪن ۽ سانجهيءَ ٽاڻي افطار، پر خواص جو روزو اهو آهي ته جڏهن مٿس اڃ ۽ پياس اچي غلبو ڪري ته ان وقت چند قطرا پاڻيءَ جا پين ته جيئن پياس برقرار رهي. ساڳيءَ طرح جڏهن بک اچي کين بيحال ڪري ته چند گرهه کائين پر ڍؤُ نه ڪن ۽ بک کي بلڪل ختم نه ڪن. فقير کي گهرجي ته پيٽ بکيو، انگ اگهاڙو ۽ جگر اڃيو رکي. فقير جو مرتبو تڏهن وڌندو جڏهن خلق سان گڏ هوندي جدائي اختيار ڪندو ۽ کائڻ پيئڻ ۾ گهٽتائي قبول ڪندو.(60)

فقير کي گيهه به نه کائڻ گهرجي، ڇو ته سڻڀ اندر کي ڪارو ڪري ٿو. فقير کي اڪيلائي پسند هجڻ گهرجي. طعام جي خيال کي به دل کان پري رکي، ڇو ته شيطان هميشه انهيءَ فڪر ۾ رڌل رهي ٿو. البت خلق کي خبر ڪري ته جيئن کيس اهي کاڌو رسائين. ڪافرن جو طعام هرگز نه کائڻ گهرجي، ته ڇو ته ان سان دل ڪاري ٿئي ٿي. انهن جي کاڌي کان ايتري قدر پاسو ڪريو جيتري قدر هو پاڻ ڪن ٿا. جڏهن کان اها خبر پئي اٿم ته ڪافرن جي کاڌي کائڻ سان اندر ڪارو ٿئي ٿو ته اهڙو طعام ڪڏهن به فقيرن کي نه کارائيندا آهيون، بلڪ آءٌ پاڻ اهو کائي ڇڏيندو آهيان ته جيئن منهنجو نقصان ڀلي ٿئي. پر انهن جو فائدو نه وڃي. چيائون ته گهڻا ماڻهو اهڙا آهن جيڪي فقيرن کي صرف ان ڪري کاڌو کارائيندا آهن ته جيئن سندن نالو مشهور ٿئي ۽ ماڻهن ۾ عزت وارا ليکجن يعني هر ڪو سندن تعريف ڪري. بک کان سواءِ کاڌو کائڻ خدا واسطي آهي ته بک لڳڻ سان کاڌو نفس واسطي آهي. فرمايائون ته مهمان واسطي گهڻا طعام تيار ڪرايو، پر ٿورو ٿورو ڪري سندس آڏو پيش ڪريو ته جيئن جلدي کائي ڍؤ نه ڪري.

ڪي صوفي سڳورا کائڻ کان پوءِ جڏهن گرڙي ڪن ٿا ته ان سان گڏ کاڌي جا ذرڙا به ٻاهر ڪڍي ڦٽي ڪن ٿا ته جيئن ڪوليون ماڪوڙا کائن. ٻيا وري پهرين گرڙي کي ٻاهر بجاءِ اندر نين ٿا ته جيئن کاڌي جا بچيل ذرڙا هيٺ زمين تي نه ڪرن ۽ بي ادبي نه ٿئي.

فرمايائون ته طالب کي گهرجي ته اڪيلو ٿي سفر ڪري. پر جيڪڏهن ڪي چار ڄڻا سمجهن ٿا ته هڪ مانيءَ تي گذر ڪري سگهبو ته پوءِ ڀلي گڏجي سفر ڪن.(61) چون ٿا ته هڪ ڏهاڙي ڪو مريد پنهنجي ڳوٺان هلي حضرت جن جي خدمت ۾ آيو کيس رڌل چانور کائڻ لاءِ آڻي ڏنائون. جنهن تي ان شخص چيو ته سائين مون ههڙو کاڌو ڪڏهن نه ڏٺو آهي. پاڻ پڇيائونس ته تڏهن واٽ تي ڇا کاڌءِ؟ هن وراڻيو ته ڪجهه جون جو اٽو ساڻ هو، تنهنجي ماني پچائي کاڌي اٿم. ان تي پاڻ ڏاڍو خوش ٿيا ۽ هي بيت پڙهيائون:

[26]

اسين تتان آئيون، جتي کهنبو ناه،
جي وڃون(ڪنہ)ِوياهه، ته پڻ مٿي لوئيُون.

]اسين ان هنڌان آيا آهيون، جتي کهنبو ڪپڙو ناهي - توڙي جو اسين ڪنهن شاديءَ ۾ وڃون، ته به اسان جي مٿي تي کٿيون هونديون آهن[

فرمايائون ته فقيرن جي دنيا ڪرامت ۽ پيٽ ڀرڻ نه آهي. فقيرن جو کائڻ پيئڻ پوشاڪ پهرڻ، کلڻ ۽ ملڻ جلڻ ٻين کان مختلف هجڻ گهرجي.

جيڪڏهن ڪو دوست اچي مهمان ٿئي ته پني يا قرض کڻي به ان جي خاطر ڪجي، پر جيڪڏهن اهي ٻئي ڳالهيون نه ڪري سگهي، ته پوءِ اهو سمجهبو ته ڪوڙو آهي يا ان وٽ ڪو مال متاع آهي.

نقل آهي ته هڪ ڏينهن ٻاهر ڪي مهمان آيا ۽ پاڻ اڃا ان وقت حجري ۾ هئا، وٽن ڪافي طعام پڻ موجود هو جو سندن فرزند اچي کين چيو ته اهي اسان جا مهمان آهن. انهيءَ طعام مان ڪجهه حصو ڏيو ته کين پيش ڪجي. پاڻ خاموش رهيا ۽ طعام کڻڻ نه ڏنائون(62) سندن پٽ منجهي پيو ته اڄ ڇا ٿي ويو جو طعام کان منع ٿا ڪن. چوڻ لڳا ته اسان طعام ڏيڻ ۾ بخيلي نٿا ڪريون، پر اسان چاهيون ٿا ته توهان اها آشنائي ترڪ ڪيو ۽ اهو ميل ميلاپ ختم ڪريو. پوءِ ڀلي ٻي آشنائي پيدا ڪريو.

چيائون ته اهڙي دوستي ۽ مهماني هرگز اختيار نه ڪريو جنهن ۾ فقر کي قبول نه ڪيو وڃي. اهڙي ياريءَ کي ڇڏي ڏيو، ڇو ته اها ڳالهه ياري دوستيءَ جي مسلڪ سان لڳي ئي ڪو نه ٿي. فرمايائون ته پنڻ خدا جو خزانو آهي، ان کي هٿان ڪڏهن به نه ڇڏيو. باقي جيڪو توهان وٽ آهي، اهو سڀ فاني آهي.

جيڪڏهن ڪو فقير اچي مهمان ٿئي ته ڀلي قرض کڻو، پوءِ کڻي هڪ درهم عيوض لک درهم ڏيڻا پون. ان ۾ به فائدو آهي، اهو هڪ درهم هٿ ضرور ڪجو.

[27]

پنجين ڊمين ڊم، ڪڍجي کي سڄڻين،
ته پڻ توئي کٽيو، جي سو سرءِ ڪم.

]سڄڻ جي لاءِ هڪ درهم جي جڳهه تي پنج درهم ڪڍڻا پون تڏهن به سجايا، پوءِ به ڄڻ ته تو کٽيو، بشرطيڪ اهو ڪم پورو ٿئي.[

چيائون ته هڪڙي جماعت رزق جي طالبو آهي ته ٻي جماعت اهڙي به آهي، جنهن جو رزق خود طالبو آهي ۽ اهي اُهي آهن جيڪي خدا جي طلب ۾ آهن. نيڪبخت اهو آهي، جيڪو رزق ڳولهي ٿو ۽ بدبخت اهو آهي جيڪو هڪ هنڌ ٺڪاڻو ڳولهي ٿو ۽ اتي ويٺو رهي ٿو، جيڪڏهن فقير کي طعام جي مٿان ڌونرو، سڻڀ يا کيرو وجهي ڏين، پر اهو فقير ان ڌونري کي ٻين لاءِ ڇڏي نه ڏئي ۽ پاڻ چٽ ڪري وڃي.(63) ته دنيا به ان کي ڇڏي ويندي. فرمايائون ته جيڪڏهن رڳو بک سبب ڪو خدا کي پهچي ها ته  پهرين شينهن ئي هجن ها. چيائون ته طالب کي ايستائين کاڌو کائڻ نه گهرجي، جيستائين بک مٿس ايترو غلبو ڪري جو خدا جو ذڪر نه ڪري سگهي. اهڙي طرح پاڻي به تيستائين نه پيئي جيستائين پياس کيس بيحال ڪري، ايستائين نه سمهي، جيستائين سمجهي ته زمين تي ڪري پوندس، ۽ ايترو ڳالهائي جيترو ضروري هجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com