بهرحال ابن عربيءَ جي حوالي سان سڀني کان وڌيڪ اهم
عبارت جيڪا سندس مخصوص نطريهء وحدت الوجود جو
بنياد آهي ۽ جيڪا بيان العارفين ۾ ملي ٿي، اها
”فسبحان من اظهر الاشياء وهو عينها“ آهي. ليڪن
هيءَ عبارت فصوص الحڪم ۾ نه، بلڪه فتوحات مڪيه جي
ٻئي ڀاڱي ۾ ملي ٿي. اهو هڪ ضخيم ڪتاب آهي، جيڪو
پنهنجي وفات کان فقط ٻه سال اڳ ۾ مڪمل ڪيائين ۽ ان
جي تصنيف تي قريباً پنجٽيهه سال صرف ڪيائين.
انهيءَ ساڳيءَ عبارت سان گڏ سندس هيٺيان اشعار به
آهن:
فما نظرت عيني اليٰ غير وجهہ
وما سمعتہ اذني خلاف ڪلامہ
فڪل وجود ڪان فيہ وجوده
وڪل شخص لم يزل في منامہ
]منهنجي
اک ان جي چهري کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ڏٺو، منهنجي
ڪنن هن جي آواز کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه ٻڌو، پوءِ هر
شيءِ جو وجود هن جي وجود اندر آهي. هر شخص هميشہ
کان وٺي سندس خلوتگاهه ۾ آهي.[
انهيءِ نقطئه نظر جي مزيد وضاحت ڪندي چوي ٿو، ته
محققين وٽ خدا جي وجود کان سواءِ ٻي ڪا شيءِ موجود
نه آهي. جيتوڻيڪ اسين موجود آهيون، ليڪن اسان جو
وجود سندس وجود سان آهي ۽ جيڪو وجود غير جي سبب
آهي، اهو عدم جي برابر آهي، انهيءَ ڪري دل جي اکين
سان ڏسندڙ عارف حق کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ٿو ڏسي.
هن سلسلي ۾ ابن عربي، مشهور عربي شعر:
وفي ڪل شيءِ لہ آيةُ
تدل علي انہ واحد
]هر شيءِ ۾ هڪ نشاني آهي، جيڪا دلالت ٿي ڪري ته اهو واحد آهي.]
کي هن ريت ترميم ٿو ڪري.
وفي ڪل شيءِ لہ آيةُ
تدل عليٰ انہ عينة
]هر
شيءِ ۾ هڪ نشاني آهي، جيڪا دلالت ٿي ڪري ته هو هر
شيءِ جو عين آهي.[
اهڙيءِ طرح خدا ۽ عالم يا حق ۽ خلق جي باهمي نسبت
جي سمجهاڻي ڏيندي چوي ٿو.
ته وجود حقيقي واحد آهي ۽ ان جي مقابلي ۾ اسان کي
جيڪي نظر اچي ٿو يا حواسن ذريعي محسوس ٿئي ٿو، اهي
ٻئي عين واحد جا پهلو آهن.
جيڪڏهن وحدت جي نگاهه ڪبي ته اهي حق آهن ۽ ان کي
حق ڪوٺڻ کپي ليڪن ڪثرت واري نگاهه ڪبي ته اهي خلق
آهن ۽ انهن کي خلق جو نالو ڏيڻ کپي. هن نظريي جي
هڪ فارسي شعر ۾ نهايت سولي سمجهاڻي ڏنل آهي.
صفات و ذات چو ازهم جدا نمي بينم
بهرچه مي بينم بجز خدا نمي بينم.
معنيٰ:
صفات ۽ ذات کي جڏهن آءٌ هڪ ٻئي کان الڳ نٿو ڏسان،
ان ڪري جيڪي ڪجهه ڏسان ٿو ته خدا کان سواءِ ٻيو
ڪجهه نٿو ڏسان.
سنڌ هند ۾ ابن عربيءَ جا نظريات ڪيئن ۽ ڪڏهن
پهتا، هن سلسلي ۾ “گلزار ابرار” ڪتاب مان ڪافي
معلومات ملي ٿي. ڪتاب جي مؤلف غوثي موجب اٺين
نائين ۽ ڏهين صدي هجريءَ ڌاري احمد آباد ۽ گجرات
صوفين جا وڏا مرڪز هئا. خاص طور گجرات چشتي سلسلي
جو وڏو مرڪز هو، جيڪو بختيار ڪاڪيءَ جي زماني ۾
قائم ٿيو. چشتي سلسلي جا بزرگ بنيادي طور وحدت
الوجود ڏي مائل هئا ۽ اهي پهرين ابن عربي جي
تحريرن سان مانوس ٿيا. ڏهين صدي هجري يا سورهين
صدي عيسوي ڌاري سنڌ جي صوفين جي اتي آمد ورفت علمي
۽ فڪري تعلقات کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. گجرات ۽ ٺٽي جي
وچ ۾ عام جام اچ وڃ هئي. شيخ عيسيٰ جندالله
پاٽائي(962/هه 1554ع-1031هه/1621ع) جنهن برهانپور
۾ سڪونت اختيار ڪئي ۽ شاهه ڪريم جو همعصر هو، تنهن
پنهنجي تفسير “انوارالاسرار” لکڻ وقت فصوص الحڪم ۽
ابن عربيءَ جي ٻين تحريرن کي سامهون رکيو آهي.
گلزار ابرار موجب جاميءَ جو ’نفحات الانس‘
’لوايح‘ ۽ ٻيون تصنيفات برصغير ۾ گهڻيو مشهور
هيون، جنهن تي هتي جي ڪيترن عالمن شرحون لکيون،
بيان العارفين مان اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته گجرات ۽
سنڌ جي وچ ۾ عام جام اچ وڃ سبب ئي شاهه ڪريم احمد
آباد ويو هو، جتي سماع جي محفلن ۾ شريڪ ٿيو هو.
لهاذا اهو اتي جو علمي ۽ صوفيانه ماحول هو، جتان
ابن عربيءَ جا اثرات پهتا آهن يا اثرانداز ٿيا
آهن، جن کي وڌيڪ عالمانه شڪل ۾ بيان العارفين جي
مرتب محمد رضا پيش ڪيو آهي.
ٻيو ڪتاب ”لمعات“ فخرالدين عراقي(وفات688هه/1289ع)
جي تصنيف آهي. هو اصل ۾ همدان جو هو جيڪو قلندرن
جي ٽولي سان سير سفر ڪندو اچي ملتان پهتو. اتي کيس
شيخ بهاءُ الدين زڪريا جي صحبت حاصل ٿي، جنهن کيس
پنهنجو خليفو ۽ نياڻو بنايو. شيخ جي وفات کان پوءِ
هو بغداد ۽ اتان وري قونيه ويو جتي شيخ صدارالدين
جي صحبت ۾ رهيو، جنهن کان فصوص الحڪم جو درس
ورتائين. فصوص کان متاثر ٿي پنهنجو رسالو ”لمعات“
لکيائين، جنهن ۾ ڪل 28 لمعا آهن ۽ انهن ۾ خدا،
ڪائنات ۽ انسان جي تعلق جي تشريح عشق جي حوالي سان
ڪيائين. مولانا جامي (وفات898 هجري) لمعات کان
ايڏو متاثر ٿيو جو نه رڳو ان جي تشريح اشعةِ
اللمعات نالي لکيائين، بلڪ ساڳي طرز تي پنهنجو الڳ
ڪتاب“لوايح” نالي سان لکيائين، جنهن جا حوالا اسان
اڳ ۾ بيان ڪري آياسون.
برصغير ۾ وحدت وجودي يا همه اوست جي فڪر کي عام
ڪرڻ جو سهرو وڏي حد تائين جاميءَ جي ”لوايح“ ۽
”اشعةِ اللمعات“ کان علاوه سندس شاعريءَ تي آهي،
جنهن ذريعي اهي تصورات وڌيڪ عام فهم ۽ قابل قبول
ٿي پيا. اهو جاميءَ جي شاعريءَ جو ڪمال هو، جنهن
کيس مقبوليت بخشي، جاميءَ جي فڪر ۽ عرفان جو
برصغير ۾ ڦهلجڻ جو ٻيو وڏو سبب هي به هيو ته هو
افغانستان جي موجوده علائقي هرات جو هو. گويا قريب
هجڻ سبب اچ وڃ ۽ رابطي جو وڏو امڪان هو.
سيرالعارفين جو مصنف جمالي دهلوي هرات ۾ جاميءَ جو
مهمان ٿيو هو. اهڙيءَ طرح سنڌ جا ڪي عالم سڌو
سنئون جاميءَ کان مستفيض ٿيا هئا، گلزار ابرار
مولانا قاسم ڪاهيءَ جو نالو ورتو آهي. مير علي شيخ
قانع
”معيار سالڪان طريقت“ ۾ پڻ اهڙو ذڪر ڪيو آهي.
عراقيءَ جي ”لمعات“ ۽ بيان العارفين ۾ فڪري لحاظ
کان ڪجهه ڳالهيون مشترڪه نظر اچن ٿيو. سڀ کان
پهرين هيٺيون شعر آهي جيڪو صفحي 187 تي آهي.
آن پادشاه اعظم دربسته بود محکم
پوشيد دلق آدم، ناگاه بر در آمد.
]اهو
عظيم بادشاهه جيڪو هڪ قلعي ۾ محفوظ ويٺو هو. اوچتو
آدم جو پوش پائي اچي ظاهر ٿيو آهي.[
هي بيت لمعه 24 ۾ آيل آهي. ان کان اڳ خواجه
عبدالله انصاريءَ جو هي قول آندل آهي: ”حق تعاليٰ
خواست که صنع خود را ظاهر کند، عالم آفريد، خواست
که خود را ظاهر ڪند، آدم را آفريد“ ”يعني جڏهن حق
تعاليٰ گهريو ته پنهنجي ٺاهيل شيءِ کي ظاهر ڪري ته
آدم کي پيدا ڪيائين.“ لمعات ۽ بيان العارفين ۾
وڌيڪ مشترڪ خيالات ۽ اقوالن جي سمجهاڻي آخر ۾
تشريحي حوالن هيٺ ڏنل آهي.
ابن عربيءَ جي فصوص الحڪم ۽ فتوحات مڪيه، فخرالدين
عراقيءَ جي لمعات ۽ جاميءَ جي لوايح کان علاوه
جنهن ٻئي ڪتاب جا اشعار ۽ اڻ سڌا اشارا بيان
العارفين ۾ ملن ٿا، اهو شيخ محمود شبستريءَ
(650هه/1253ع) جو ’گلشن راز‘ آهي، جيڪو هن 717
هه/1317ع ۾ تصنيف ڪيو، جنهن ۾ هن پندرهن سوالن جا
تفصيلي جواب ڏئي، تصوف جي بنيادي مسئلن خدا،
ڪائنات ۽ انسان جي تعلق جي وضاحت ڪئي آهي. بيان
العارفين ۾ صفحي 189 تي هيٺيون شعر ملي ٿو:
روا باشد انا الله از در ختي
چرا نبود روا از نيڪ بختي.
ترجمو:
جيڪڏهن وڻ جي لاءِ ”انا الله“ يعني مان خدا آهيان
چوڻ روا آهي ته پوءِ ڪنهن نيڪبخت انسان لاءِ اهو
ڇو روا نه آهي؟!
دراصل اهو شعر گلشن راز جي ستين سوال جي جواب ۾
موجود آهي. اهڙيءَ طرح هي شعر ٿوري تبديليءَ سان
صفحي 112 تي ڏنل آهي. اصلي شعر هن ريت آهي:
کسي مرد تما مست کز تمامي
کند با خواجگي ڪار غلامي.
]سڀني
ڪامل شخصن ۾ اهو وڌيڪ ڪامل آهي، جيڪو مٿانهين درجي
تي پهچڻ کان پوءِ به ٻانهپ جي واٽ وٺي.[
جيتوڻيڪ مثنوي مولانا رومي (1204ع-1273ع) جو بيان
العارفين ۾ سڌو سنئون ڪو به حوالو يا شعر نٿو ملي،
تاهم شاهه ڪريم جي ڪيترن بيتن ۾ بلڪل سڌو سنئون ۽
سندس قولن ۾ روميءَ جي خيالن جي ترجماني يا
هڪجهڙائي ملي ٿي. بيان العارفين ۾ هڪ هنڌ نڙ جو
ذڪر ڪندي چيو ويو آهي ته عام ماڻهو نڙ جي آواز کان
ته متاثر ٿي وڃن ٿا، پر نڙ ۾ ڦوڪ ڏيڻ واري ڏانهن
سندن خيال وڃي ئي ڪو نه ٿو. مولانا رومي، مثنويءَ
جي شروعات نڙ جي ان ٻٽي تمثيل سان ڪئي آهي ته هڪ
طرف نڙ ان ڪري ٿو آواز ڪري، ڇاڪاڻ ته ان کي پنهنجي
اصل ڪانن واري ٻُوڙي کان ڪپي الڳ ڪيو ويو آهي، ٻيو
هي ته نڙ اصل ۾ انساني روح آهي، جيڪو پنهنجي اصل
سان ملڻ لاءِ بيتاب آهي.
صوفين جو نظريو آهي ته هن ظاهري حواسن سان خدا جي
ذات کي پروڙي نه سگهبو، ان لاءِ مخصوص حواسن جي
ضرورت آهي. روميءَ انهيءَ خيال کي نهايت شدمد سان
ڪيترن هنڌن تي ورائي ورائي بيان ڪيو آهي. هڪ هنڌ
چوي ٿو:
گوش خربفروش و ديگر خوش خر
کين سخن رادر نيا بدگوش خر
]هي
گڏهڻا ڪن وڪڻي ٻيان ڪن خريد ڪر، ڇو ته اهو سخن
انهن گڏهن وارن ڪنن سان نه ٻڌي سگهبو.[
شاهه ڪريم جو هيٺيون بيت روميءَ جي مٿين شعرن جو
ڄڻ ترجمو ٿو معلوم ٿئي:
هي ڪن گڏهڻا وڪڻي، ڪن ڪي ٻي ڳنهيج،
سندي پريان ڳالهڙي تنين سان سڻيج.
صوفين وٽ ”صورت“،
۽ ”معنيٰ“ جو فهم بنيادي حيثيت رکي ٿو. مثنوي
روميءَ ۾ صورت ۽ معنيٰ تي مختلف هنڌن تي وڏو بحث
ٿيل آهي. صورت مان مراد هي ظاهري جهان آهي، جنهن ۾
انسان به اچي وڃي ٿو ۽ معنيٰ مان مراد لڪل جهان
جنهن ۾ ذات خداوندي به شامل آهي. شاهه ڪريم انهيءَ
خيال کي ڏاڍي سهڻي انداز ۾ سنڌ جي مشهور لوڪ
داستان مارئي جي حوالي سان هن ريت بيان ڪيو آهي.
صورت ليکي هت، معنيٰ ليکي مارئين،
عمر مون جي چت، اوطاقون ٿرن ۾.
شاهه ڪريم جي هن بيت کي روميءَ جي هيٺين شعرن سان
ڀيٽ ڪري سگهجي ٿو:
صورتش برخاک و جان بر آسمان،
لامکاني فوق وهم سالکان.
]بدن
جي لحاظ کان هو ڌرتيءَ تي آهي، پر روح جي لحاظ کان
لامڪان تي آهي. اهو لامڪان سالڪن جي وهم و گمان
کان به مٿي آهي.[
هن سلسلي ۾ روميءَ جو هڪ ٻيو مشهور بيت آهي:
گر بظاهر عالم اَصغر توئي،
دل بمعني عالم اڪبر توئي .
]جيتوڻيڪ
بظاهر، تون ”عالم اصغر“ آهين، ليڪن ڄاڻ ته اصل ۾
”عالم اڪبر“ به تون آهين.[
شاهه ڪريم هڪ بيت اندر قرآن پاڪ جي آيت”مکرو
ا و مکر الله والله خيرالماکرين“
تضمين ڪئي آهي. سندس مطلب آهي ته سڄڻ سان ميلاپ
بهتر آهي يا وڇوڙو، اهو ذات خداونديءَ تي ڇڏي ڏجي.
ڇو ته اهو ئي بهترين تدبير ڪندڙ آهي.
سوئي صلح سڄڻين، سوئي ڦوڙائون،
والله خيرالماکرين، ايهي ميڙائون.
مولانا روميءَ به ساڳي آيت تي تضمين ڪئي آهي ۽ اهو
ساڳيو مرڪزي خيال هن ريت پيش ڪيو آهي.
مکر حق سر چشمه اين مکر هاست،
”قلب بين اصبعين“ کبرياست.
]ذات
حق جي تدبير سڀني تدبيرن جو سرچشمو آهي، ڇو ته
مؤمن جو قلب ذات ڪبريا جي ٻن آڱرين جي وچ ۾ آهي.[
سڀئي صوفي مشهور حديث قدسي جو حوالي آڻين ٿا.”کنت
کنزاً مخفياً فاحببت ان اعرف فخلقت الخلق“ يعني
آءٌ لڪل خزانو هوس، پوءِ مون گهريو ته آءٌ سڃاتو
وڃان، جنهن ڪري مون مخلوق کي پيدا ڪيو.
مولانا رومي پنهنجي مثنويءَ ۾ هن حديث جي انيڪ
پهلوئن تي روشني وڌي آهي، جنهن ۾ ظاهر آهي ته محبت
جو پهلو وڌيڪ غالب آهي.
رومي چوي ٿو:
جمله معشوقست و عاشق پرده اي،
زنده معشوقست و عاشق مرده اي.
]سڀ
ڪجهه اهو معشوق آهي ۽ عاشق پردي ۾ يا لڪل آهي،
معشوق ئي زنده آهي، باقي عاشق ته مئل آهي.[
بيان العارفين واري پڻ مٿين ساڳي حديث جو حوالو
ڏيئي ان جي هيٺان شاهه ڪريم جا هيٺيان ٻه بيت هڪ
ٻئي پويان ڏنا آهن.
پاڻهي سلطان پاڻهي ڏي سنيهڙا،
پاڻ ڪر پاڻ لهي، پاڻ سڃاڻي پاڻ.
ٻيو بيت آهي:
اسين سڪون جنهن کي، سي تان اسين پاڻ،
هاڻي وڃ گمان، صحيح سڃاتا سپرين.
غور ڪري ڏسبو ته هنن ٻنهي بيتن ۾ اهو ئي حديث شريف
۽ روميءَ وارو خيال ڪارفرما آهي,
ته اصل اهو محبوب پاڻ سڀ ڪجهه آهي ۽ کيس سڃاڻڻ
لاءِ هي سڀ ڪجهه آهي.
اهڙيءَ طرح نفي ۽ اثبات يا ”لا“ ۽ ”الا“ بابت پڻ
روميءَ ۽ شاهه
ڪريم جي خيالن ۾ ڪافي حد تائين مشابهت ملي ٿي.
رومي هڪ هنڌ چوي ٿو:
لاشدي پهلوئي الا خانه گير،
اين عجب که هم اسيري هم امير.
”لا“( ڪجهه نه) ٿيو آهين، پر ”الا“ جي طرف وڌ، اها عجيب ڳالهه آهي ته تون
ٻانهو به آهين ته امير پڻ !
سندس هڪ ٻيو شعر هن ريت آهي:
زانکه درالاست او از لاگشت،
هرکه درالاست او فاني نگشت.
]جيڪو
”الا“ جي منزل تي پهتو اهو، ”لا“ مان گذري ويو.
جيڪو ”الا“ ۾ پهتو، اهو فنا ٿيڻ کان بچي ويندو.[
هاڻي شاهه ڪريم جي هيٺئين بيت تي غور ڪريو، جيڪو
هن قاضي قادن جي هڪ بيت جي جواب ۾ چيو هو:
لامَ لوڌي ڪڍ، الا م لاهه لک سين،
جو مظهر سنڌو ماڻهئين، تنهن ڪيئن ڪرين وڍ.
هن بيت مان ظاهر آهي ته هتي شاهه ڪريم نه صرف
”نفي“ ۽ ”الا“ يعني اثبات جي اهميت واضح ڪئي آهي.
بلڪ انهيءَ سان گڏ ان طرف پڻ اشارو ڪيو آهي ته
انسان جيڪو ذات خداونديءَ جو مظهر آهي، ان جي اصل
کي نظر اندز ڪيئن ٿو ڪري سگهجي.!
شاهه ڪريم جو عرفان
خدا، انسان ۽ ڪائنات جي باهمي تعلق جي ساڃهه صوفين
جي نظريي جو بنيادي محور آهي ۽ سمورو تصوف انهيءَ
نسبت يا لاڳاپي کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش آهي.
عام طور صوفين وٽ اهو نظريو زياده مقبول آهي، ته
هي عالم هڪ پڙاڏو يعني اصليت کان خالي آهي. اصل
حقيقت صرف ذات خداوندي آهي. ليڪن انسان کي ان سڄي
ڪائنات ۾ هڪ خصوصي حيثيت حاصل آهي. انهيءَ ساڳي
نظريي کي ٻين لفظن ۾ هن ريت بيان ڪيو ويو آهي، ته
خدا تعاليٰ پنهنجي صفتن کي ظاهر ڪرڻ واسطي هي جهان
خلقيو پر پنهنجي ذات کي ظاهر ڪرڻ واسطي آدم کي
پيدا ڪيو. انهيءَ لحاظ کان انسان خدا جي ذات جو آئينو آهي. ”خلق آدم عليٰ صورتہ“ جو به
اهوئي مطلب آهي.
انسان ۽ خدا جي تعلق کي واضح ڪرڻ خاطر صوفين گهڻو
ڪري تمثيل جو سهارو ورتو آهي، ڇو ته هونئن اها
حقيقت سمجهائڻ تمام ڏکي ڳالهه آهي. سادي ۾ سادو
مثال آواز ۽ ان جي پڙاڏي جو آهي. ٻيو مثال پاڻي ۽
ان تي پيدا ٿيندڙ حباب يا ڦوٽي جو آهي يا وري پاڻي
۽ ان تي پيدا ٿيندڙ لهرن جو آهي. مولانا رومي وري
پنهنجي جدت طبع سان ني يا ڪپيل نڙ ۽ ان کي
وڄائيندڙ جي تمثيل سان واضح ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح
ڪجهه ٻيا مثال به آهن.
بهرحال انسان ۽ خدا جي تعلق جي اها وضاحت هڪ لحاظ
کان سولي به آهي، ته ٻئي لحاظ کان ڏکي پڻ. تمثيلي
انداز کي ڇڏي جڏهن ان جي تشريح خالص عقلي ۽
فلسفيانه لحاظ کان ڪئي وڃي ٿي، ته اها نهايت گنڀير
يا دقيق ٿيو پوي. محي الدين ابن عربي جنهن کي
اسلامي دنيا جو ان لحاظ سان وڏي ۾ وڏو صوفي شمار
ڪيو وڃي ٿو، تنهن پنهنجي لکيتن ۾ ۽ خاص طور ”فصوص
الحڪم“ ۾ اهڙي تشريح جي ڪوشش ڪئي آهي. ان جي
مقابلي ۾ مولانا رومي پنهنجي مثنويءَ ۾ بنيادي طور
تمثيلي انداز اختيار ڪري، ان جي عقلي سمجهاڻي پيش
ڪري ٿو.
صوفين جي نظر ۾ جنهن انسان کي اها سمجهه يا شعور
حاصل ٿئي ٿو، اهو عارف آهي ۽ انهيءَ طريقي کي
معرفت چئجي ٿو. صوفين جي نظر ۾ عالم صرف شين جي
ظاهري پهلوءَ تائين محدود آهي. جڏهن ته عارف سڌو
سنئون حقيقت سان رابطي ۾ آهي ۽ ان رابطي جو بنياد
سندس ذاتي مشاهدو يا تجربو آهي. تاهم اهو مشاهدو
مخصوص تربيت کان سواءِ حاصل نٿو ٿي سگهي ۽ ان لاءِ
مرشد يا شيخ جي ضرورت پوي ٿي.
بيان العارفين مان معلوم ٿئي ٿو، ته شاهه ڪريم
جيتوڻيڪ بنيادي طور فقر ۽ زهد جو صاحب هو، تاهم هو
اعليٰ عرفان جو صاحب پڻ هو، هڪ طرف سندس عرفان
بيان العارفين ۾ آيل مقولن مان عيان آهي، ته ٻئي
طرف سندس شاعريءَ مان ان ڳالهه جو پتو پوي ٿو. هڪ
لحاظ کان ڏسجي ته گودڙي اَوڍڻ ۽ پٽڪي کان وٺي پيرن
۾ جتي پائڻ ۽ نه پائڻ سڀ تفصيل بيان العارفين ۾
ملن ٿا. ليڪن ساڳئي وقت ڪئين اهڙا قول ملن ٿا،
جيڪي سندس وسيع المشرب عارف جي حيثيت کي ظاهر ڪن
ٿا. مثلاً: چيائون ته فقيرن جو حجرو هيءَ زمين
آهي، ۽ آسمان ان جي ڇت آهي. ڪرامتن لاءِ چيائون ته
ڪرامات خرابات يعني شراب وانگر حرام آهن. بلڪ سڌو
سنئون ڪفر آهي. اهڙيءَ طرح فقير جو اشتقاق ڪندي
چيائون ته ف مان مراد دائمي فڪر ۽ ق مان مراد
هميشہ قرب ۽ ي مان مراد خدا سان ياري ۽ ر مان مراد
هميشہ رياضت آهي. پير ڪير آهي؟ پير ۾ ڪهڙيون
خصلتون هجن؟ ان جي جواب ۾ چيائون ته، جيڪو شخص
مرتبي جي لالچ نه رکي اهو پير آهي. آءٌ فقيرن کي
پير ڪري سمجهندو آهيان، ڇو ته پير ان کي چئجي جنهن
کي ڏسڻ سان خدا ياد اچي. فرمايائون ته پيرن کي سڀ
ڪم ڪرڻ گهرجن: زمين کيڙي آباد به ڪن، ته خلق خدا
جي واسطو به رکن. ائين به چيائون ته جيڪو ماڻهو
سمجهي ٿو ته سڀڪجهه پير ڏئي ٿو يا ان کان ملي ٿو،
اهو بلڪل غلط ٿو سوچي. جيڪي ڪجهه ملي ٿو سڀ ڪجهه
خدا جي طرفان آهي ۽ ان کان سمجهڻ گهرجي. هڪ دفعي
ڪنهن شخص کي ٻڌائون جيڪو پاڻ کي سيد سڏائي رهيو
هو. ان کي سڏائي چيائون ته توکي ڇا ٿيو آهي جو پاڻ
کي فقير نٿو چوائين. ڇا توکي خبر ناهي ته پيغمبر
عليہ الصلاةِ والسلام پاڻ فرمايو هو ”الفقر فخري“
يعني فقر منهنجو فخر آهي. فرمايائون ته طالب کي
گهرجي ته ڪنهن مطلب يا مراد، ڪشف ۽ ڪرامت، قرب ۽
معرفت جي لالچ سان خدا کي ياد نه ڪري، ڇو ته خدا
تعاليٰ چوي ٿو ته مون کي ڪو به مطلب رکي ياد نه
ڪريو، بلڪ مون کي سواءِ ڪنهن مطلب جي ياد ڪريو.
مطلب ته بيان العارفين ۾ اهڙا ڪيترا قول ۽ نقل ملن
ٿا، جيڪي شاهه ڪريم جي عرفان کي اسلامي تصوف جي
تاريخ ۾ هڪ ممتاز حيثيت ڏين ٿا.
هن سلسلي ۾ سندس شاعريءَ تي هڪ نظر وجهڻ سان معلوم
ٿئي ٿو، ته اتي پڻ شاهه ڪريم پنهنجي عرفان ذريعي
بلڪل نئين روشني وجهي ٿو. مثلاً: پاڻ قاضي قادن جا
بيت پسند ڪندا هئا ۽ اڪثر مريدن آڏو اهي پڙهندا
هئا. جيتوڻيڪ قاضي قادن پنهنجي وقت جو جيد عالم ۽
فاضل شخص هو، تاهم سندس هيٺئين بيت تي غور ڪريو،
جيڪو سندس مشاهداتي ڪيفيت جو آئينه دار آهي.
سائر ڏيئي لت، اوچي نيچي ٻوڙئي،
هيڪائين هيڪ ٿئو، ويئي سڀ جهت.
شاهه ڪريم جو مشاهدو ذرا مختلف آهي ۽ هن پنهنجو
نظريو هن ريت بيان ڪيو آهي ته:
سائر ڏئي نه لت، اوچي نيچي سڀ ڪهين،
نابودي نه ٿئي، ايءَ ناديدي جهت.
قاضي قادن جو هڪ ٻيو بيت آهي.
”لا“ لاهيندي ڪن کي، ”لا“ مورهين ناهه،
بالله ري پريان، ڪٿ نه ڏسجي ڪو ٻيو.
شاهه ڪريم ان جي جواب ۾ هيٺيون بيت چيو آهي، جنهن
۾ نفي ۽ اثبات سان گڏ انسان جيڪو خدائي مظهر آهي،
تنهن جي حيثيت کي نهايت خوبي سان واضح ڪيو ويو
آهي.
”لا“ مَ لوڌي ڪڍ، الا مَ لاهه لک سين،
جو مظهر سندو ماڙوئين، تنهن ڪيئن ڪرين وڍ.
سالڪ صوفين جي نظر ۾ نفي ۽ اثبات يعني ”لا“ ۽
”الا“ کان سواءِ سلوڪ جي تڪميل نٿي ٿي سگهي ۽ شاهه
ڪريم جي بيتن مان اها حقيقت چڱي ريت واضح ٿئي ٿي.
جيتوڻيڪ شاهه ڪريم اصولي طور صوفين جي انهيءَ
نظريي سان متفق آهي ته انسان جو وجود محبت جو
مرهون منت آهي، ۽ انسان کي پنهنجي اصلي محبوب سان
هر وقت رابطي ۾ رهڻو آهي ۽ ان جي خوشنوديءَ لاءِ
جنهن ۾ سندس خوشنوي آهي، تگ و دو ڪرڻي آهي، ليڪن
محبت جي تقاضا سبب اهو تعلق نهايت نازڪ ۽ عجيب
آهي. خاص طور جڏهن اهو حاصل ٿئي ٿو ته ان جي عقلي
سمجهاڻي نٿي ڏئي سگهجي:
ڪاجا پر پرين، نه سا سُئي نه ٻُڌي،
متيون سڀ منجهن، انهيءَ ڏٺي قضيي.
شاهه ڪريم پنهنجي مشاهدي جي آڌار تي چوي ٿو ته
سلوڪ يا محبت جي اها واٽ ايڏي سولي به ناهي جيئن
ڪن ماڻهن سمجهي آهي، يا کين گمان آهي ته هو ان جي
تڪميل ڪري چڪا آهن:
آهي اهڃائو، پير پريان جو جيڏيون،
جنين ساڃائو، تنين تان نه پروڙئو. |