تاريخ جي ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو ته سومرن ۽ سمن
بادشاهن جي دور ۾ عوام جي شيخ پٺي سان وڏي عقيدت
هئي. سنه 752 هه/1351ع ۾ سلطان محمد تغلق سنڌ تي
چڙهائي ڪئي، پر اوچتو ٺٽي جي ٻاهران بيمار ٿي مري
ويو. ان کان پوءِ سلطان فيروز شاه 766 هه/ 1365ع ۾
وري سنڌ تي حملو ڪيو. وڏي مقابلي بعد رسد جي ڪمي ۽
گهوڙن ۾ بيماري پوڻ سبب، سلطان واپس گجرات هليو
ويو ته سنڌ جي عوام ان کي پير پٺي جي ڪرامت قرار
ڏنو، جنهن تان هي پهاڪو مشهور ٿيو.
بابرڪت شيخ پٺو- هڪ مئو هڪ ٽٺو
]سنڌي
ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، ڊاڪٽر بلوچ، چوٿون ايڊيشن،
صفحو 180 ۽ 189[
صفحو 62، مخدوم آدم سميجو
مير علي شير قانع تحفة الڪرام ۾ بيان العارفين
وارو ساڳيو احوال دهرايو آهي جيڪو اڳتي ايندو.
صفحو 63،حاجي شورو
مير علي شير قانع لکي ٿو ته هو جوڻ پرڳڻي جو رهندڙ
هو ۽ مخدوم نوح، مخدوم اسماعيل جاڳو، سيد رڪن
الدين ۽ سيد عبدالڪريم جي صحبتن مان فيض پرايو
هئائين. تحفةِ الڪرام واري هن کي سورو ۽ اسماعيل
جاڳو کي جاڪي ڪري لکيو آهي.
(تحفة الڪرام صفحو 409)
صفحو 63، صابو سومرو
تحفة الڪرام واري هن کي صابو سومرو ڪري لکيو آهي ۽
کيس مخدوم نوح جو خاص فيض يافته ڄاڻايو آهي.
]صفحو
429
[
صفحو 64،بهاؤ الدين گودڙيو
مخدوم نوح جو ناليرو مريد ۽ خاص معتقد هو. هو
باقاعدي عالم هو. مخدوم نوح ڏانهن منسوب قرآن شريف
جو فارسي ترجمو سندس ڪتابت ڪيل آهي. هو پهريائين
درويش موسيٰ جوڻ واري جو مريد هو. هو ٺٽي ۾ رهندو
هو. شاهه ڪريم سان سندس وڏو رستو هو.
صفحو 64،سيد ابراهيم، سيد يوسف ۽ سيد محمد جعفر
سيد ابراهيم ميران يوسف جو لائق فرزند هو. تحفة
الڪرام ۾ سندس احوال ڏنل آهي. سيد ابراهيم جو پٽ
وري سيد محمد جعفر ٿيو، جيڪو شاهه ڪريم سان وڏي
عقيدت رکندو هو.
(تحفة الڪرام صفحو 504 -506)
صفحو 64، ميان ابراهيم ولد مخدوم نوح رحه
مخدوم نوح جو فرزند جنهن جي شادي ميرڻ ڪاتيار جي
نياڻيءَ سان ٿي. (چونڊ ملفوظات مخدوم نوح، قاضي
شوڪت، صفحو 56)
صفحو 64، مخدوم ضياءَ الدين
هن جو ذڪر تاريخ معصومي ۾ پڻ ٿيل آهي.
مهراڻ نهڙيو: (تحفة الڪرام صفحو 424)
ميان عبدالعزيز ڏاڏونءَ وارو: ڏاڏونءَ جو ڳوٺ بلڙي
جي ويجهو تعلقي ٽنڊي محمد خان ۾ اڄ به موجود آهي.
صفحو 65، ميان عيسيٰ (تحفة الڪرام صفحو424)
احمد رونجهو (تحفة الڪرام صفحو 424)
ميان عبدالرشيد (تحفة الڪرام صفحو 424)
صفحو 66، ابوبڪر پٽ بايزيد (تحفةِ الڪرام صفحو
455)
صفحو 68، فوت الانفاس قتل الانبيا بغير حق.
گهڻي تلاش جي باوجود هن مقولي جي اصليت يا ماخذ
بابت خبر پئجي نه سگهي. جيتوڻيڪ سڀني صوفين وٽ
ساهه يا دم جي اهميت، خاص طور خدا جي ياد جي حوالي
سان مسلم آهي، تاهم هن مقولي ۾ جنهن شدت سان ان جي
اهميت بيان ڪيل آهي، اها سموري صوفي ادب ۾ پنهنجو
مثال پاڻ آهي.
دراصل قرآن پاڪ جي سورة آل عمران جي آيت 112 ۾ بني
اسرائيل لاءِ اهو بيان ٿيل آهي ته هو پنهنجي نبين
کي ناحق قتل ڪندا هئا، جيڪا ڳالهه سندن نافرمانيءَ
جي نشاندهي ڪري ٿي. ويقتلون الانبياءَ بغير حق.
صفحو 70،ميان عبدالقدوس شاهه ڪريم جو صحبتي هو.
(تحفة الڪرام 424)
صفحو 70، خدا تعاليٰ کي ڪو به مطلب رکي ياد نه
ڪريو.
بيان العارفين جي ڪتاب هن مقولي جي وڌيڪ وضاحت
لاءِ مثنوي روميءَ جو هيٺيون شعر لکيو آهي. هن کان
علاوه پڻ حاشين تي مثنويءَ سان معنوي ربط ثابت ڪرڻ
خاطر ڪيترائي اشعار لکيا آهن.
از خَّدا غَّير خدارا خواستن
ظن افزو نيست و کلي ڪاستن.
ترجمو: خدا کان غير خدا جي طلب ڪرڻ اجائي گمان ۽
خواريءَ جي برابر آهي.
]جلد
ڇهون، شعر 775[
صفحو 73، حال، ماضي ۽ مستقبل
شاهه لطيف جو هن سلسلي ۾ نهايت معنيٰ خيز شعر آهي
ته:
ڪنين ماضي من ۾، ڪنين استقبال
حاصل جنين حال، آءٌ نه جيئندي ان ري
]سر رامڪلي[
صفحو 23، ذڪر جلي
ذڪر جي اها ترڪيب قادري سلسلي موجب آهي. خاص طور
ذڪر جهر ۽ ضرب وارو طريقو قادرين جو آهي. لا الہٰ
چوي ته معنيٰ الله کان سواءِ ٻي هر وجود جي نفي
ڪري، ذڪر جلي کان پوءِ ذڪر خفي ڪري.
فڪر مان مراد مراقبو آهي، جنهن ۾ اسم ذات جو ذڪر
ڪري.
]القول
الجميل في بيان سواءِ السبيل، شاه ولي الله، ترجمو
محمد سرور، سنڌ ساگر اڪيڊمي، لاهور، 1981، صفحو 60
۽ 64[
صفحو 74، سماع معنيٰ مخفي ذڪر آهي.
شيخ ابو طالب مڪي چوي ٿو ته سماع ذڪر جي صورت آهي،
بشرطيڪ ان سان الله طرف رجوع ٿئي. هو ائين به چوي
ٿو ته وڏي منزل تي پهتل عارف لاءِ سماع ٻڌڻ درست
آهي، پر مبتدي يا سيکڙاٽ لاءِ اهو ٺيڪ ناهي. سماع
بابت صوفين جا ڪيترائي قول ملن ٿا.
]قوت
القلوب اردو جلد دوم 224[
صفحو 74، ذڪر ۽ فڪر
هن سلسلي ۾ رومي چوي ٿو:
اين قدر گفتيم باقي فڪر کن
فڪر گر جامد بود، رو ذکر ڪن
ذڪر آرد فڪر رادر اهتزاز
ذڪر را خورشيد اين افسرده راز.
صفحو 76، من احب شيءِ اڪثر ذڪره
صاحب ڪشف اسرار موجب هيءَ مشهور حديث آهي.]صفحو
367[
ان الله لاينظر الاصور کم .......... ونياتڪم
فهرست تفسير ڪشف الاسرار ۾ هيءَ حديث ڄاڻايل آهي.
تذڪره عطار ۾ بيبي رابعه بصريءَ جي ذڪر ۾ پڻ ان
الله لاينظر الاصرار کم تائين حديث ٿيل آهي.
]صفحو
326[
(تذڪرِة الاوليا، تهران، صفحو 27)
صفحو 77، ان الله ِوتر وَيحب الوتر
هيءَ حديث قدسي آهي، جيڪا صحيح بخاري ۽ مسلم ۾ آهي
۽ ڪجهه ٻين لفظن سان گڏ پڻ ملي ٿي.
(صحيفهء همام بن منبہ – ڊاڪٽر حميد الله، ڪراچي، ص
19)
صفحو 80، فارغ المشغول ۽ مشغول الفارغ
سير اولالياءَ جو مصنف نظام الدين اولياءَ جي
حوالي سان لکي ٿو ته پاڻ چيائون، فارغ مشغول اهو
آهي جيڪو بظاهر ياد الاهي ۾ مشغول هجي، پر اندر ڪن
ٻين ڳالهين سان مشغول هجيس. ليڪن مشغول فارغ اهو
آهي، جيڪو ظاهر ۾ خلق جون تڪليفون برداشت ڪري، پر
اندر ۾ ياد الاهي سان مشغول هجي.
جنيد بغدادي جو قول آهي ته مان فارغ مشغول آهيان ۽
محمد رويم مشغول فارغ. يعني مان دنياوي لاڳاپا ترڪ
ڪري ياد حق ۾ مشغول آهيان. پر هو دنياوي تعلقات جي
باوجود حق سان مشغول آهي.
]مراة
الاسرار، صفحو 360، سير الاولياء - امير خورد،
اردو ترجمو اعجاز الحق قدوسي، اردو سائنس بورڊ،
ڇاپو چوٿون، 1996ع، لاهور، صفحو 685[
صفحو 81، چار اصول
عوارف المعارف مطابق روحانيت جو بنياد هي چار
ڳالهيون آهن:
(1) گهٽ کائڻ، (2) گهٽ سمهڻ، (3) گهٽ ڳالهائڻ (4)
ماڻهن سان گهٽ ملڻ يا الڳ ٿلڳ رهڻ. (عوارف
المعارف؛ عمر بن محمد شهاب الدين سهروردي، اردو
ترجمو: حافظ سيد رشيد احمد، لاهور، 1982 صفحه
253، فوائد الفواد: اردو ترجمو: محمد سرور: اوقاف
پنجاب، 1985، صفحو 47)
صفحو 81، من عرف نفسه فقد عرف ربہ
صوفين وٽ مقبول ۽ مشهور حديث آهي. تصوف جي سڀني
بنيادي ڪتابن ۾ آيل آهي. جن ۾ ابوبڪر ڪلاباذي جو
”ڪتاب التعرف“، ابو نصرف سراج جو ڪتاب ”ڪتاب
اللمع “، علي هجويريءَ جو ”ڪشف المحجوب“، امام
غزاليءَ جو ”احياء علوم الدين “، شيخ شهاب الدين
سهرورديءَ جو ”عوارف المعارف“ ۽ مثنوي مولانا رومي
خاص طور قابل ذڪر آهن.
ليڪن سڀ کان وڌيڪ ۽ بار بار هن حديث کي ڪيترن
حوالن سان ابن عربي پنهنجي ڪتاب فصوص الحڪم ۾ آندو
آهي.
]فصوص
الحڪم، اردو، صفحو 98[
صفحو 82، ڪارو لباس
صوفين وٽ خرقه پوشي يا مخصوص لباس شروع کان اهميت
وارو رهيو آهي. عوارف المعارف ۾ هڪ حديث جي حوالي
سان اهو ذڪر آهي ته جڏهن نبي ڪريم صلعم جن وٽ ڪارو
لباس پيش ڪيو ويو ته پاڻ اهو ِام خالد کي پائڻ
لاءِ ڏنائون ۽ کيس ٻه دفعا چيائون ته ان کي ايترو
پهريو، جئن اهو پراڻو ۽ ڦاٽل لڳي. هڪ دفعي جڏهن
سندن نظر پراڻي لباس تي پئي ته پاڻ ان کي پسند
فرمايائون.
عوارف المعارف وارو اڳتي لکي ٿو ته اهل تصوف
رنگدار لباس کي انهيءَ ڪري پسند ڪيو آهي جو هو خدا
جي ياد ۾ ايترو مشغو هوندا آهن جو ٻين ڪمن لاءِ
کين فرست نه ملندي آهي.
شيخ ضياءَ الدين سهروردي ”آداب المريدين“ ۾ چوي ٿو
ته: صوفي چتين لڳل لباس ڪيترن سببن ڪري پهرين ٿا.
هڪڙو هي ته اهو گهٽ خرچ وارو ٿئي ٿو، گهٽ ڦاٽي ٿو
۽ گهٽا ڏينهن هلي ٿو. ان کان سواءِ منجهانئس سادگي
۽ نهٺائي بکي ٿي ۽ تڪليف ۾ صبر ڪرڻ سولو ٿئي ٿو.
اهڙيءَ طرح سردي ۽ گرمي ٻنهي لاءِ موزون رهي ٿو.
چور چڪار کي ان جي چورائڻ جي خواهش ڪو نه ٿي ٿئي.
هٺ ۽ وڏائي کي پيدا ٿيڻ نٿو ڏئي.
شاهه ڪريم بابت جئن بيان العارفين مان معلوم ٿئي
ٿو ته هو گودڙي اوڍيندو هو ۽ مريدن کي به ان جي
ترغيب ڏيندو هو. گودڙي پنهنجي ليکي هڪ مڪمل لباس
آهي.
]آداب
المريدين، اسلامڪ بڪ فائونڊيشن، لاهور، سال
1980ع، صفحو 22، عوارف المعارف، صفحو 142[
صفحو 84، سيد جلال شيرازي.
سيد علي شيرازي(795 هه - 877 هه) پير مراد جو وڏو
ڀاءُ هو. سيد جلال عليءَ جو پٽ هو ۽ پنهنجي پيءُ
جي وفات کان پوءِ پنهنجي چاچي پير مراد(893 هه
/1478) جو ٻيو خليفو ٿيو. هن سال 903/1497 ۾ وفات
ڪئي. سيد جلال پنهنجي پٽ جو نالو سيد علي ثاني
رکيو، جيڪو وڏو عالم ۽ فاضل ٿيو.”آداب المريدين“
سندس تصنيف آهي، جيڪو سنه 954 هه ۾ لکي پوري
ڪيائين. هن 981 هه ۾ وفات ڪئي. سندس پٽ جلال ثاني
وڏي ناليوارو بزرگ ٿي گذريو. مرزا باقيءَ ترخان جي
پٽ مرزا صالح پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ هن بزرگ کي ڏنو
هو.
اندازو آهي ته شاهه ڪريم جي ملاقات سيد جلال
ثانيءَ سان ٿي هئي.
(تحفة الڪرام صفحو 468)
صفحو 89، ماترڪت ...... النساءِ
فهرست تفسير ڪشف الاسرار ۾ هيءَ حديث ڄاڻايل آهي .(صفحو 362)
صفحو 91، العلم نقطةِ کثرتها في الجهل
جواهر العشاق ۾ مٿيون قول ائين ڄاڻايل آهي ته،
جنهن جو مطلب آهي ته علم هڪ نقطو آهي ۽ ان جي ڪثرت
جهل آهي.
(جواهر العشاق اردو، صفحو 180)
صفحو 91، قاضي قادن (وفات 958 هه / 1551ع)
قاضي قادن جو سڀ کان پهرين احوال مير معصوم ”تاريخ
معصومي“ ۾ ڏنو آهي، جنهن مطابق هو هڪ وڏو عالم
فاضل ۽ مدبر شخص هو ۽ سيد محمد جونپوريءَ جي مريدن
جي سلسلي ۾ داخل هو. سنه 926 هه ۾ جڏهن شاهه بيگ
ارغون شهر ٺٽي تي قبضو ڪيو ته قاضي قادن اتي ترسيل
هو، جنگ جي ڪري ٺٽي شهر ۾ قتل و غارت وارو سمان
هو، شاهه بيگ سان قاضي قادن جي خط و ڪتابت ڪري،
امن و امان قائم ٿيو ۽ آخر ۾ انهن ڪوششن ڪري قاضي
قادن شاهه بيگ جو اعتماد حاصل ڪري ورتو. سال 927
هه ۾ شاهه بيگ کيس بکر جو قاضي القضات مقرر ڪيو.
شاهه بيگ جي مرڻ کان پوءِ شاهه حسن جو به مٿس
ڀروسو رهيو. ليڪن سال 947 هه ۾ قضا جو عهدو ڇڏي حج
تي روانو ٿيو ۽ اتيئي وفات ڪيائين.
اها عجيب ڳالهه آهي ته مير معصوم جيڪو پاڻ بکر جو
هو ۽ فارسيءَ جو شاعر هو، تنهن قاضي قادن جي سنڌي
شاعريءَ بابت ڪو اشارو نه ڏنو آهي. بهرحال اهو
گلزار ابرار جو مصنف محمد غوثي مانڊوي هو جنهن
1022 هه/ 1613ع ۾ لکيل انهيءَ ڪتاب ۾ قاضي قادن جي
وحدت الوجودي ۽ صوفي شاعر هجڻ بابت لکيو. جئن
مقدمي ۾ عرض ڪيو ويو ته غوثي احمد آباد، برهانپور
۾ رهندڙ سنڌي بزرگ شيخ عيسيٰ جند الله پاٽائي کان
تعليم حاصل ڪئي ۽ پوءِ، ان جو وڏو معتقد بنجي ويو.
معلوم ٿئي ٿو ته قاضي قادن جا چارئي سنڌي بيت جن
جو ترجمو هن ڪتاب ۾ پاڻ ڏنو، اتي جي سنڌي بزرگن
کان ٻڌا هوندائين.
گلزار ابرار کان پوءِ بيان العارفين ٻيو ڪتاب آهي،
جنهن ۾ قاضي قادن جا ست بيت ملن ٿا، جيڪي شاهه
ڪريم پنهنجي مريدن آڏو پڙهيا، سال 1978ع ۾ ڀارت جي
صوبي اوڀر پنجاب ۾ پراڻي ديوناگريءَ صورتخطيءَ ۾
لکيل قاضي قادن جا وڌيڪ بيت مليا، ۽ بعد ۾ ڊاڪٽر
بلوچ جي تحقيق سان ٻين ماخذن مان ٻيا بيت مليا.
جنهن مان ان ڳالهه جي وڌيڪ تصديق ٿي ته هو اعليٰ
پايي جو صوفي شاعر هو.
]قاضي
قادن جو رسالو: ڊاڪٽر بلوچ، سنڌ الاجي، حيدرآباد،
1999ع، صفحو 16 -22،تحفةِ الڪرام صفحو 363، تاريخ
معصومي سنڌي 240[
صفحو 93، ڪشف الاسرار
ڪشف الاسرار نالي سان ڪيترن ڪتابن جو ڏس ملي ٿو.
ڪشف الاسرار عرف ”فقرنامه“ هڪ تمام مختصر رسالو
آهي، جيڪو علي هجويريءَ ڏانهن منسوب آهي ۽ ان جو
اردو ترجمو سال 1346 هه ۾ لاهور مان ڇپيل آهي.
ليڪن جديد تحقيق موجب اهو علي هجويريءَ جي تصنيف
ناهي. هتي ڪشف الاسرار مان مراد گهڻو ڪري تفسير
ڪشف الاسرار آهي، جيڪو خواجه عبدالله انصاري (396
هه - 481 هه ) ڏانهن منسوب آهي.
هينئر جيڪو تفسير ڪشف الاسرار وعدةِ الابرار نالي
سان ڏهن جلدن ۾ فارسيءَ ۾ موجود آهي، اهو دراصل
ابوالفضل ميڊي خواجه عبدالله انصاري واري ڪشف
الاسرار کي بنياد بنائي 520 هه/1126ع ۾ لکڻ شروع
ڪيو.
خواجه عبدالله انصاري اصل هرات جو هو ۽ سندس سلسله
نسب مشهور صحابي ابو ايوب انصاريءَ سان ملي ٿو. هو
اعليٰ پائي جو صوفي ٿي گذريو. سفر حج کان واپسيءَ
تي ابو الحسن خرقانيءَ سان به ملاقات ٿي هيس. ان
کان سواءِ ابو سعيد ابوالخير سان پڻ مليو هو.
خواجه عبدالله انصاريءَ جون ٻيون مشهور تصنيفات
”صد ميدان“ ۽ ”منازل السائرين“ آهن.
فريد الدين عطار تذڪره الاوليا جي ديباچي ۾ “ڪشف
الاسرار” جو نالو کنيو آهي.
]تحليل
ڪشف المحجوب تاليف دکتر محمد حسين تسبيحي، اسلام
آباد 1999، 176 -178،تذڪرِة الاوليا فارسي، دکتر
استعلامي، صفح سيزده، فهرست تفسير ڪشف الاسرار
وعدةِ الابرار معروف بہ تفسير خواجه عبدالله
انصاري به کوشش دکتر محمد جواد شريعت مؤسسه
انتشارات امير ڪبير تهران 1363هه[
صفحو 98، الجوع طعام الله في الارض
هن قول بابت مثنوي روميءَ ۾ ڪيئي شعر موجود آهن.
بلڪل ساڳي معنيٰ بابت هيٺيان شعر آهن.
جوع رزق جان خاصان خداست
کي زبونِ همچوتو گيج گداست.
ترجمو: بک خدا جي خاص بندن جو رزق آهي. اها تو
جهڙي بيوقوف فقير جي قابو ۾ ڪيئن ايندي؟
]جلد
پنجون شعر 2845[
رساله غوت العظم جي شرح ”جواهر العشاق“ ۾ سيد
حسيني گيسو دراز هن قول جي وضاحت ڪندي لکيو آهي
ته فقير جو کاڌو يا قوت جمال الاهي ڏسڻ ۽ هن جو
پيئڻ خدا سان ڪلام ڪرڻ ۾ آهي.
]جواهر
العشاق:اردو ترجمو مولوي احمد حسين، پرگريسوِ بڪس،
لاهور، سال 2000، صفحو 53[
صفحو 101، تجريد ۽ تفريد
صوفين جا عام اصطلاح، جن تي مقدمي ۾ روشني وڌي وئي
آهي، عطار جي پند نامه ۾ هيٺان شعر ملن ٿا:
ترڪ دعويٰ هست تجريد اي پسر
فهم ڪن معني تفريد اي پسر
اصل تجريدت وداع شهوت است
بلکه ڪلي انقطاع شهوت است
گرتو برداري زغيرش اعتميد
آنگه از تجريد گردي با اميد
اعتمادت چون همه برحق بود
آن دمت تفريد مطلق بود
گرز دنيا دست شوئي بهر حق
وانگه از تفريد گويندت سبق
گربيابي از سعادت اين مقام
صاحب تجريد باشي والسلام
|
هر قسم جي دعوا کان پري رهڻ تجريد آهي، اي پٽ
اهڙيءَ طرح تفريد معنيٰ سمجهه، اي پٽ
اصل ۾ تجريد شهوت کي ڇڏڻ جو نالو آهي
بلڪه شهوت کان مڪمل طور پاسو ڪرڻ تجريد
آهي.
جڏهن تون ٻي هر شيءَ تي اعتماد ڪرڻ ڇڏي
ڏيندين
تڏهن تون تجريد کي حاصل ڪرڻ جي اميد رکي
سگهين ٿو
جڏهن تنهنجو سمورو ڀروسو ذات حق تي هوندو
تڏهن توکي تفريد جي پوريءَ ريت خبر پوندي
جڏهن توکي خدا واسطي دنيا مان هٿ ڪڍندين
تڏهن توکي تفريد جو پهريون سبق ملندو
جڏهن خوش قسمتيءَ سان توکي هي مقام حاصل ٿئي
|
]پندنامه عطار 44 ۽ 45
[
صفحو 103، فصوص ۽ لمعات
انهن ٻنهي ڪتابن بابت مقدمي ۾ تفصيل سان روشني وڌي
وئي آهي.
رونفي وجود کن که يابي
سري که نيابي در فصوص و لمعات
جاميءَ جي رباعيءَ جون هي ٻه آخري سٽون آهن، مقدمي
۾ پوري رباعي ڏنل آهي، مولانا جاميءَ عراقيءَ جي
ڪتاب ”لمعات“ جي جيڪا شرح ”اشعةِ اللمعات“ نالي
سان ڪئي آهي، ان جي پڄاڻي مٿين رباعي سان ٿئي ٿي.
(اشعةِ اللمعات قلمي مورخه 1095 هه در هرات خطي
شماره 8767، مرکز تحقيقات فارسي ايران و پاکستان)
صفحو 106، من مدحڪ فقد ذبحڪ
هيءُ حضرت عمر رضي الله عنہ جو قول آهي. مثنوي
روميءَ ۾ پڻ هيٺيون شعر ملي ٿو.
”مدح“ باشد در حقيقت همچو ”قتل“.
ترجمو: تعريف ڪرڻ در حقيقت قتل جي برابر آهي.
]احاديث
و قصص مثنوي تاليف بديع الزمان فروز انفر تهران،
1376، صفحو 85[
صفحو 106، ڪُن في الدينا....اصحاب القبور
]حديث
بحواله ڪشف الاسرار صفحو 352[
صفحو 109، نجا المخففون و هلڪ لمثقلون
هي قول مالڪ بن دينار ڏانهن منسوب آهي. هن اهي
الفاظ تڏهن چيا جڏهن هڪ دفعي بصري ۾ باهه لڳي ۽
ماڻهن کي ڀڄندي ڏٺائين.
]تذڪرِة
الاولياء، فارسي تصحيح دکتر محمد استعلامي، چاپ
نهم، تهران، صفحو 54[
صفحو 111، الفقر فخري
صوفين وٽ مشهور حديث آهي، عطار تذڪره ۾ هڪ دفعو ۽
مولانا رومي مثنوي ۾ ڪيئي دفعا ان کي آندو آهي،
قادري سلسلي جي صوفين وٽ فقر جي وڏي اهميت آهي.
غوث اعظم جي الهامن ۾ فقر جي عظمت تمام وڏي آهي.
هڪ هنڌ آهي ته اي غوث اعظم، پنهنجي دوستن کي ٻڌاءِ
ته فقير مون وٽ آهن ۽ آءٌ فقيرن وٽ آهيان.
]رساله
غوث العظم: جواهرالعشاق 129[
صفحو 112، همان مردي تمام است در تمامي
هن شعر بابت مقدمي ۾ وضاحت ڪيل آهي.
صفحو 111، چاليهه چاليها.
شاهه لطيف جي هڪ سٽ آهي:
تهڙا چاليها نه چاليهه، جهڙو پسڻ پرينءَ جو
صفحو 114،
دريا دليم ديده ما معدن در است
گردست من تهي ست ولي چشم من پراست
ڊاڪٽر بلوچ جي راءِ آهي ته غالباً هي شاهه ڪريم جو
پنهنجو فارسيءَ ۾ چيل شعر آهي ۽ ان جي صحيح پڙهڻي
هن ريت آهي.
گردست من تهيست، ولي چشم من پر است
درياءَ دل من است که آن پر ز گوهر است
]سنڌي
ٻولي ۽ ادب جي تاريخ: ڊاڪٽر بلوچ صفحو 314[
صفحو 114، طالب کي ڪا انتها ناهي.
انهيءَ ساڳي مطلب جي ادائگي لاءِ شاهه لطيف جي
هيٺين سٽ نهايت معنيٰ خيز آهي.
نڪا ابتدا عبد جي نڪا انتها
جي سڃاتو سپرين، سي وڃڻ کي وئا.
]شاهه
لطيف جو رسالو: سر ڪلياڻ -21[
هن خيال جو ماخذ به تذڪره آهي. ذالنون مصريءَ جي
احوال ۾ آهي ته واٽ ويندي هن جي هڪ عورت سان
ملاقات ٿي، جنهن کان سوال پڇيائين ته محبت جي
انتها آهي؟ هن وراڻيو ته محبت جي ڪا انتها ڪانهي،
ڇاڪاڻ ته محبوب جي انتها ڪانهي.
]تذڪرِة
الاوليا 146[
صفحو 116، دنيا جو ترڪ ڪرڻ.
صوفي ادب ۾ هن موضوع تي تمام گهڻو مواد موجود آهي.
فارسيءَ ۾ هڪ شعر ذريعي مٿئين تصور جي وضاحت ڪري
سگهجي ٿي.
سر بّرهنه نيستم دارم کلاه چار ترڪ
ترڪ دنيا ترڪ عقبيٰ ترڪ مولا ترڪ ترڪ
يعني، دنيا ۽ آخرت کي نفساني خواهش سمجهي ترڪ ڪيو
اٿم. ترڪم موليٰ مان مراد رضائي مولا از همه اوليٰ
آهي. البت ترڪِ ِترڪ جو مطلب مڙئي حرص و هوس کي
ترڪ ڪرڻ آهي.
]بحواله
فخرنامه: اردو لاهور، صفحو 3[.
صفحو 117، الموت جسر.....الي الحبيب
هيءَ حديث يحيٰ بن محاذ جي حوالي سان تذڪرِة
الاوليا ۾ آيل آهي، جتان روميءَ پڻ مثنويءَ ۾ آندي
آهي.
جڏهن شاهه لطيف جي والد شاهه حبيب جو انتقال ٿيو
ته شاهه لطيف جي معتقد مولانا محمد صادق محاذ
تقشبنديءَ هن حديث سان وڌيڪ ”يوصل الحبيب للقاء
الحبيب“ جا الفاظ ملائي شاهه حبيب جي وفات جو سال
1144 هه ڪڍيو.
]شاهه
جو رسالو ڊاڪٽر بلوچ، 32، تذڪرة الاوليا، 364[
هيءَ حديث معين الدين چشتي اجميريءَ جي ملفوظات
دليل العارفين ۾ پڻ ملي ٿي.
]دليل
العارفين: اردو، لاهور، صفحو 125[
صفحو 119، تارڪ الوردِ ملعون صاحب الورد ملعون
سيرالاولياء ۾ پڻ هي قول آيل آهي جنهن موجب ڪنهن
شخص حضرت نظام الدين اوليا کان مٿين قول جو مطلب
پڇيو ته پاڻ ان جي سمجهاڻي ڏنائون.
]سيرالاولياء:
صفحو 679، فوائد الفواد اردو - محڪمه اوقاف پنجاب،
1985، صفحو 220[
صفحو 122، ڪلما خطر ببالڪ والله بخلاف ذالڪ
هيءَ شيخ ابو اسحاق ابراهيم بن شهريار
گازروني(وفات 426 هه) ڏانهن منسوب قول آهي، جيڪو
دراصل رسول اڪرم صلعم جن خواب ۾ سندس توحيد بابت
سوال جي جواب ۾ فرمايو، پورو قول هن ريت آهي.
”التوحيد ڪل ببالڪ اَو خطر في خيالڪ فالله سبحانہ
بخلاف ذالڪ التوحيد ان تنزه عن الشرڪ والتعطيل“.
يعني جيڪي ڪجهه تنهنجي گمان ۽ خيال ۾ اچي، خدا جي
ذات ان کان ٻيءَ طرح آهي. توحيد اها آهي ته خدا کي
شرڪ ۽ وهم کان پاڪ سمجهين.
]تحفة
الابرار، مرزا آفتاب بيگ صفحو 3[
صفحو 127، الدنيا جيفہ و طالبوها ڪلابُ
صوفين وٽ نهايت مقبول حديث آهي، مثنوي روميءَ ۾ ان
تي ڪيترا شعر موجود آهن. شاهه لطيف پڻ پنهنجي بيتن
۾ ان کي تضمين طور ڪم آندو آهي.
]احاديث
مثنوي 580[
صفحو 124: ڪعبو خدا وارن جو طواف ڪري ٿو.
تذڪرة الاولياء ۾ ابراهيم بن ادهم جي باري ۾ مذڪور
آهي ته جڏهن پاڻ حج جي واسطي مڪي ۾ پهتو ته ڪعبي
کي پنهنجي جاءِ تي نه ڏٺائين. سمجهيائين ته شايد
نظر ختم ٿي وئي اٿم. آواز آيس ته نه بلڪ ڪعبو بيبي
رابعه بصريءَ جي استقبال ڪري پنهنجي جڳهه تي نه
آهي. هوڏانهن رابعه جڏهن ڪعبي کي ڏٺو ته چيائين
مون کي توسان ڪهڙو ڪم، مون کي ته ڪعبي جي مالڪ سان
مطلب آهي.
هڪ ٻئي هنڌ سهل تُسَتريءَ جي احوال ۾ پڻ ڪعبي جي
طواف ڪرڻ جو ذڪر ملي ٿو.
تذڪرِة اولياء ۾ بايزيد بسطامي چوي ٿو: ”ڪو عرصو
مون خانه ڪعبي جو طواف ڪيو. ليڪن جڏهن خدا سان
واصل ٿيس ته مون ڏٺو ته ڪعبو منهنجي چوڌاري طواف
ڪري رهيو هو.“
]تذڪرِة
الاولياء، 75 ۽ 190[
صفحو 133 مٿو ڪوڙائڻ
چشتي بزرگن وٽ مٿو ڪوڙائڻ بيعت خاطر لازمي آهي.
نظام الدين اولياء جي باري ۾ مذڪور آهي ته جڏهن هو
پنهنجي مرشد فريد الدين گنج شڪر وٽ پهتو ته
بدرالدين اسحاق سندس مٿي ڪوڙڻ جو حڪم ڪيو.
]سيرالاوليا:
215[
صفحو 129، ورد وظيفا.
ورد وظيفا صوفين وٽ خاص اهميت وارا آهن. اهي سڀ
کان پهرين ابو طالب مڪي جي قوت القلوب ۾ ملن ٿا.
جتي نهايت تفصيل سان بيان ٿيل آهن. ان کان پوءِ
شيخ شهاب الدين سهروردي، عوارف المعارف ۾ پڻ ڪافي
تفصيل سان ڏنا آهن. ورد وظيفن ۾ گهڻو ڪري زندگيءَ
جي هر قسم جي معمولات بابت دعائون شامل آهن، جن ۾
طهارت کان وٺي هر قسم جي نمازن ۽ شب بيداريءَ جا
عمل پڻ اچي وڃن ٿا. شيخ بهاءَ الدين ذڪريا ملتاني
ڏانهن پڻ هن سلسلي ۾ هڪ الڳ رسالو“الاوراد” منسوب
آهي. سير الاولياء ۾ فريد الدين گنج شڪر ۽ نظام
الدين اولياء جا ورد وظائف نهايت تفصيل سان موجود
آهن. انهن مان تمام گهٽ ڪي ساڳيا آهن نه ته گهڻو
ڪري اهي مختلف آهن.
صفحو 86، فسبحان الله حين تمسون وحين تسبحون
هيءَ آيت عوارف المعارف ۾ صوفين جا روزانه معمولات
تحت مذڪور آهي. قرآن ۽ حديث جي دعائن تي مشتمل
ڪتاب حسن حصِين، جيڪو امام محمد الجزريءَ جو مرتب
ڪيل آهي تنهن ۾ پڻ هيءَ دعا موجد آهي. نظام الدين
اولياء پڻ هيءَ آيت ڏينهن جو خاص ڪري صبح جي وقت
پڙهندا هئا.
]عوارف
المعارف: 396، سير الاوليا: 580[
صفحو 139، شيخ شبلي(وفات 324 هه/ 942)
هو جنيد بغداديءَ جو شاگرد هو. تذڪرِة الاولياء ۾
ڏانهس تمام گهڻيون ڳالهيون منسوب آهن. هيءُ واقعو
به اتان ورتل آهي. تذڪره ۾ اها حڪايت به آهي ته
جڏهن سندس آخري وقت اچي پهتو ته چيائون “لاالہٰ
الا الله پڙهه. جواب ڏنائين ته جڏهن غير آهي ئي ڪو
نه ته نفي ڪنهن جي ڪريان.
تذڪرة الاولياء فارسي، صفحو 621 ۽ 637)
صفحو 142، فقير ڪهڙيءَ طرح خدا کي ياد ڪري.
تذڪره ۾ شبليءَ جي حوالي سان اچي ٿو ته جڏهن کانئس
پڇيائون ته فقير ڪير آهي؟. چيائين فقير اهو آهي،
جيڪو خدا کان سواءِ ٻي ڪنهن شيءِ سان راضي نه ٿئي.
]تذڪره
الاوليا فارسي، 633[
صفحو 143، مخدوم ساهڙ وفات(980 هه/1550ع)
مخدوم ساهڙ لنجار لاءِ تحفة الڪرام وارو لکي ٿو ته
هو سدائين عبادت ۾ مشغول رهندو هو ۽ رات ۽ ڏينهن
جي ڪا به گهڙي پروردگار جي ذڪر کان سواءِ واندو نه
رهندو هو. انڙپور ۾ مدفون آهن.
]حديقة
الاولياء، صفحو 121، تحفة الڪرام، صفحو 391[
صفحو 143، مخدوم بلال ٽلٽيءَ وارو. (وفات
929/1522ع)
سمن جي دور جو مشهور صوفي بزرگ. سيرالعارفين جو
مصنف جمالي جڏهن ساڻس مليو ته وٽس عوارف المعارف
رکيل هو. ڪجهه وقت کان مخدوم بلال کي شهيد طور پيش
ڪيو ويو آهي، ليڪن ان جي ڪا به تاريخي روايت
ڪونهي.
]حديقة
الاولياء، صفحو 79- 81، تحفة الڪرام، صفحو 359،
مخدوم نوح جا همعصر، محبوب علي چنه 13[
صفحو 146، ميران محمد جونپوري(747 هه/1443 -910
هه/1504)
هو بنارس جي شهر جونپور ۾ ڄائو. هو شيخ دانيال
چشتيءَ جو مريد ۽ خليفو هو. ليڪن بزرگيءَ ۾ اهڙو
نالو ڪڍيائين جو مهدي هجڻ جي دعويٰ ڪيائين، گجرات
جي رستي بکر سنڌ ۾ داخل ٿيو. سنڌ جي حڪران ڄام
نندي ۽ وقت جي عالمن خاص طور مخدوم بلال سندس
مخالفت ڪئي. تاهم سنڌ جا ڪيترا بزرگ سندس حلقهءَ
اثر ۾ داخل ٿي ويا، جن ۾ خاص طور ڪلهوڙن جو وڏو
ڏاڏو آدم ڪلهوڙو، قاضي قادن، ميران يوسف بکري جيڪو
پوءِ اچي ٺٽي ۾ رهيو شامل آهن.
معلوم ٿئي ٿو ته شاهه ڪريم کي مهدوي طريقي جي
بزرگن لاءِ احترام هو، جنهن جي هڪ سوال جي جواب ۾
وضاحت ڪئي اٿس. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن نامعلوم
شخص ابراهيم بهاري جنهن سان ساڻس ڳوٺ جي مسجد ۾
اوچتو ملاقات ٿي، ان کي پنهنجو مرشد سمجهي خدمت
ڪيائين ۽ هن جڏهن کانئس مشهور معروف بزرگن لاءِ
پڇا ڪئي ته پاڻ يوسف رضوي بکري جو نالو ورتائين
اهڙيءَ طرح قاضي قادن پنهنجي وقت ۾ مهدوي نسبت سان
مشهور هو. مير معصوم سندس احوال ڏيندي اها وضاحت
ڪئي.
]قاضي
قادم جو رسالو: ڊاڪٽر بلوچ صفحو 23، تاريخ معصومي،
امير احمد: 240، گلزار ابرار اردو، صفحو 27[
صفحو 151، شيخ عبدالقادر جيلاني (471 هه/1078 -
561 هه/ 1227)
سڀ کان اولين ۽ مقبول ترين قادري سلسلو ڏانهنس
منسوب آهي. خاص طور برصغير ۾ ان کي سڀني کان وڌيڪ
پذيرائي ملي. سندس مشهور تصنيفات ۾ ”غنية
الطالبين“ ۽ ”فتوح الغيب“ شامل آهن. شيخ عبدالقادر
جيلانيءَ کي پيران پير ۽ غوث اعظم جي حيثيت ۾
تسليم ڪيو وڃي ٿو. اهو هن ڪري ته سهروردي سلسلي جو
باني شهاب الدين سهروردي جنهن پنهنجي چاچي شيخ
ابونجيب سهروردي کان فيض پرايو هو، سو وري شيخ
عبدالقادر جيلانيءَ کان فيض يافته هو. بلڪ پڪي
پختي روايت آهي ته جڏهن شهاب الدين سهروردي اڃان
ڳڀرو نوجوان هو ته سندس چاچو کيس عبدالقادر جيلاني
وٽ وٺي آيو، جنهن مٿس شفقت جي نظر ڪئي.
اسلامي دنيا جي وڏي مفڪر صوفي شيخ اڪبر
عربي”فتوحات مڪيه“ ۾ شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي
سڀني ولين ۾ مٿانهين حيثيت کي تسليم ڪيو آهي.
ساڳئي ڪتاب ۾ ٻئي هنڌ سندس ”قطب“ هئڻ جو اقرار ڪيو
آهي. ان کان سواءِ غوث اعظم جي ”اويسي نسبت“ پڻ
مسلم آهي. اهو ئي سبب آهي جو قادري پاڻ کي اويسي
به ڪوٺائين ٿا، جئن شاهه ڪريم پاڻ کي اويسي ڪوٺائڻ
وڌيڪ پسند ڪندو هو.
هڪ ٻي روايت موجب هندوستان ۾ چشتيه سلسلي جي باني
خواجه معين الدين چشتيءَ جو مرشد خواجه عثمان
هاروني بغداد ۾ شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي صحبت ۾
رهيو هو.
]فصوص
الحڪم، مترجم محمد برڪت الله لکنوي فرنگي محل،
تصوف فائونڊيشن، لاهور 1999ع، صفحو 27 ۽ 43، تحقيق
الامم في شرح فصوص الحڪم، محمد عطاءَ الله، فيصل
آباد، 1983ع، صفحو 4 ۽ 85، هشت بهشت: ملفوظات
چشتيه: لاهور، 1994ع، صفحو 63، همعات اردو، ترجمو
محمد سرور، صفحو 168[
صفحو 152، شيخ بهاءَ الدين زڪريا ملتاني (578 هه/
1182ع -661 هه/ 1262ع )
شيخ بهاءَ الدين، شيخ شهاب الدين کان سڌو سنئون
فيض پرايو هو، جنهن جي صحبت ۾ هو صرف سترنهن ڏينهن
رهيو. ليڪن شيخ سندس روحاني اهليت ڏسي کيس پنهنجو
خليفو بنايو ۽ واپس ملتان اچڻ جي هدايت ڪئي. بلڪ
واپسيءَ ۾ کيس نوح بکريءَ سان ملاقات ڪرڻ لاءِ به
چيائين. جنهن جو ذڪر مقدمي ۾ ٿي چڪو آهي.
روايت آهي ته غوث بهاؤالدين جو ملتان ۽ سنڌ ۾
ايترو اثر هيو يعني ايترا مريد هئا جو شيخ فريد
گنج شڪر ان ڀاڱي کي شيخ بهاءَ الدين جو علائقو
سڏيندو هو. اڳتي هلي شيخ بهاؤ الدين جي اولاد مان
ڪيترا بزرگ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اچي آباد ٿيا، جن
مان ڪيترن جا نالا تحفة الڪرام ۾ ڏنل آهن.
حديقة الاولياء جيڪو سنڌ جي صوفي بزرگن بابت
پهريون تذڪرو آهي، جيڪو 1016 هه ۾ لکيو ويو، تنهن
جي مصنف عبدالقادر سڀ کان پهرين بهاءَ الدين زڪريا
ملتانيءَ جو احوال ڏنو آهي.
(حديقة الاولياء، صفحو 17 ۽ 21، سنڌي ٻولي ۽ ادب
جي تاريخ:ڊاڪٽر بلوچ صفحو 127)
صفحو 153، فقر جو حرفي اشتتقاق
فقر قادري صوفين وٽ نهايت اعليٰ مقام آهي. لفظ
”فقير“ جي حرفن تي مشتمل شيخ عبدالقادر جيلانيءَ
ڏانهن منسوب هيٺيان اشعار نهايت معنيٰ خيز آهن.
فاءَ الفقير فناءَ في ذاتہ
وفراغہ عن نعته و صفاتہ
والقاف قوةِ قلبہ لحبيبہ
و قيامہ الله في مرضاتہ
والياء يرجوا ربہ ويخافہ
ويقوم بالتقويٰ بحق تقاتہ
والرا ء رقة قلبہ و صفاتہ
ورجوعہ لله عن شه واتہ
(سندهه ڪي اکابرين قادريہ کي علمي وديني خدمات، صفحو 198)
شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي حوالي سان تصوف لفظ جو
هي اشتتقاق پڻ مشهور آهي ته ”ت“ مان مراد توبہ،
”ص“ معنيٰ صفائي، ”و“ معنيٰ ولايت ۽ ”ف“ معنيٰ فنا
في الله.
]بحواله
مقاله اسلامي تصوف: ڊاڪٽر عاشق حسين، نئين زندگي
آگسٽ 1980ع، صفحو 144[
صفحو 154، العارف لاينظر غيره ولايسمع غيره
ولايتفکر غيره
انهيءَ سلسلي ۾ هڪ ٻيو قول هن ريت آهي: مارايت
شيئا الا وقد رايت الله فيہ
يعني مون ٻي ڪا شيءَ نه ڏٺي مگر مون ان ۾ الله کي
ڏٺو. هي قول محمد بن واسع جو آهي.
]ڪشف
المحجوب، صفحو 639[
صفحو 155، شيخ ڀرڪيو (وفات 998 هه / 1590ع)
سندس احوال ۽ ڪرامتون حديقة الاولياء ۽ تحفة
الڪرام ۾ ڏنل آهن. بلڪ تحفة الڪرام واري بيان
العارفين جي حوالي سان وڌيڪ ذڪر پڻ ڪيو آهي، جيڪو
اڳتي ايندو.
(حديقة الاولياء، صفحو 175، تحفة الڪرام صفحو 404 ۽ 406)
صفحو 155، من يقول الله لايعرف الله ومن يعرف الله
لايقول الله
انهيءَ ساڳي معنيٰ ۾ صوفين وٽ ٻيو مشهور قول آهي،
جيڪو جنيد بغداديءَ ڏانهن منسوب آهي.
من عرف الله ڪل لسانہ
يعني، جنهن الله کي سڃاتو، ان جي زبان خاموش ٿي
وڃي.
]ڪشف
المحجوب فارسي، صفحو 515[
صفحو 158، شيخ جهنڊو پاتڻي.
مير علي شير قانع جي لکڻ موجب هو ميران محمد
جونپوريءَ جو فيض يافته هو. هن اها روايت پڻ بيان
ڪئي آهي ته ڪيئن ميران مهدي مٿس مهربان ٿيو، سندس
درگاهه مڪلي تي نهايت مشهور زيارت آهي.
(تحفة الڪرام، صفحو 460)
صفحو 172، شيخ جيو
مير علي شير قانع مڪليءَ جي بزرگن ۾ سندس ذڪر ڪيو
آهي . شيخ جيو شيخ نعمت الله جو فرزند هو، جيڪو
بهاءَ الدين زڪريا ملتانيءَ جي اولاد مان هو، هو
سمن جي دور ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ هتي سڪونت اختيار
ڪيائين. سندس مزار تي خلق جي وڏي رجوعات هئي، ان
ڪري کيس ”شيخ جيو مڪليءَ جو ڏيئو “ ڪوٺيندا هئا.
(تحفة الڪرام، صفحو 610)
صفحو 187، عالمي چيست برزخي جامع
جيئن مقدمي ۾ وضاحت ڪئي وئي ته هيءُ اصل مولانا
جامي جو شعر آهي، جيڪو مثنوي سلسلة الذهب مان ورتل
آهي، صحيح پڙهڻي ”عالمي“ جي بجاءِ آدمي آهي. يعني:
آدمي چيست برزخي جامع.
ساڳي مثنويءَ ۾ انهيءَ نظريي جي وڌيڪ وضاحت ۾
هيٺيان بند پڻ آيل آهن.
گشت آدم جلايء اين مرات
شد عيان ذات او بجمله صفات
مظهري گشت ڪلي و جامع
سر ذات و صفاتِ از ولامع
ترجمو:”آدم ان جي بار بار چمڪ آهي. هن ۾ اها ذات
مڙني صفتن مان ظاهر ٿي آهي. آدم جو سڄو سارو مڪمل
مظهر آهي. آدم منجهان سندس ذات ۽ صفات جو راز ظاهر
ٿئي ٿو.“
انسان بابت هي نظريو اصل ۾ ابن عربي پنهنجي مشهور
ڪتاب ”فصوص الحڪم“ ۾ ڏنو آهي، جتي هو انسان کي خلق
۽ حق جو برزخ ڪوٺي ٿو ۽ چوي ٿو ته انسان جي وجود
سان هي عالم پورو ۽ مڪمل ٿيو. انهيءَ ڪري انسان هن
جهان ۾ منڊيءَ جي ِٽڪ يا نگينه يعني فص آهي. ڪتاب
۾ ڪل ستاويهه فص آهن، جيڪي حضرت آدم کان وٺي حضرت
محمد صلّي الله عليُہِ وسَلم تائين آهن. هر ڪا فص
هڪ نبيءَ جي حوالي سان آهي ۽ انهيءَ تحت هو انسان
بابت خدا جي حڪمت جي وضاحت ڪري ٿو.
(مثنوي سلسلةِ الذهب هفت اورنگ جامي: تصحيح و
مقدمه مدرس گيلاني، صفحو 68، فصوص الحڪم، اردو،
محمد برڪت الله لکنوي: صفحو 60 ۽ 257)
صفحو 187، همه اوست
همه اوست جي عام فهم سمجهاڻي مولانا جامي هيٺين
رباعي ۾ ڏني آهي:
همسايه و همنشين وهمره همہ اوست
در دلقِ گدا واطلسِ شه همہ اوست.
درانجمن فرق ونها نخانهء جمع
باالله همہ اوست ثم بالله همہ اوست.
معنيٰ: ويجهو رهندڙ، گڏ ويهندڙ ۽ گڏ هلندڙ سڀ اهو
آهي. گدا جي گودڙيءَ ۾ شاهي پوشاڪ ۾ سڀ اهو آهي.
”فرق“ جي انجمن هجي توڙي ”جمع“ جي لڪل ڪوٺي، خدا
جو قسم سڀ اهو آهي، ٻيهر خدا جو قسم سڀ اهو آهي.
]لوايح
مولانا جامي بکوشش محمد حسين تسبيحي، صفحو 43[
صفحو 187، انب جي ککڙي جو مثال
مثنوي روميءَ ۾ اها ساڳي سمجهاڻي هن شعر ۾ آيل
آهي.
پس بمعني آن شجراز ميوه زاد
گر بصورت از شجر بودش ولاد
]دفتر
چهارم- 524[
صفحو 187،
آن پادشاه اعظم دربسته بود محکم
پوشيده دلق آدم ناگاه باسر آمد.
هي شعر لمعات عراقي ۾ 24 لمعه تحت آيل آهي. ان جي
وڌيڪ مقدمي ۾ وضاحت ڪئي وئي آهي. اهو شعر گلزار
ابرار واري پڻ هڪ ٻه دفعا آندو آهي.
(لمعات عراقي بکوشش سعيد نفيسي، 1336، صفحو 400، گلزار ابرار، اردو:
المعارف، لاهور صفحو 135)
صفحو 189، روا باشد(اناالحق) از درختي.
هي شعر گلشن راز مان ورتل آهي، جنهن تي مقدمي ۾
روشني وڌي وئي آهي.
صفحو 187، خدا ذات جي ڪري احد آهي ۽ صفات جي ڪري
واحد
مقدمي ۾ هن قول طرف اشارو ٿي چڪو، تاهم هي هڪ وڏو
۽ ڏکيو بحث آهي، جنهن تي ابن عربي فصوص الحڪم ۾ هڪ
کان وڌيڪ جڳهن تي روشني وڌي آهي. ”خدا ذات جي ڪري
ڪيئن احد“ آهي. هن تي حڪمت احديت بڪلمہ هوديه ۾
بحث ٿيل آهي، هڪ شعر ۾ چوي ٿو:
وما خلق تراه العين - الاعينہ حق
يعني: جيڪا به مخلوق اکين سان ڏسجي ٿي، انهن سڀني
جو عين حق تعاليٰ آهي.
هن سلسلي ۾ هو پاڻيءَ جو مثال ڏيندي چوي ٿو ته جئن
پاڻي حقيقت جي لحاظ کان هڪڙو آهي، پر جدا جدا جڳهن
۽ حالتن جي ڪري ان جي ذائقي ۾ فرق اچي وڃي ٿو، ڪٿي
اهو مٺو آهي ته ڪٿي ڪڙو، ليڪن آهي اهو ساڳيو پاڻي
جنهن جي ماهيت ساڳي آهي.
خدا صفات جي ڪري واحد آهي، هن تي فص حقيه بڪلمهء
اسحاقيه ۾ بحث ٿيل آهي. هڪ شعر ۾ چوي ٿو.
والواحد الرحمان ڪل مؤطن - من الصور مايخفيٰ وما
هو ظاهر.
يعني: اهو واحد رحمان رحيم سڀني هنڌن تي آهي، ڪن
صورتن ۾ اهو مخفي آهي ته ڪن ۾ ظاهر.
فان قلت هذا الحق قد قلت صادقاً- وان قلت امر
اخرانت عابر.
يعني: پوءِ جيڪڏهن تون ان کي ئي حق چوين ته بيشڪ
تون سچو آهين. پر جيڪڏهن تون چئين ته اها ڳالهه ئي
ٻي آهي ته ڄڻ تون پنهنجي تعبير ٿو پيش ڪرين.
(فصوص الحڪم: صفحو 120 ۽ 144)
صفحو 189، مختلف رنگ جي شيشن ۾ پاڻي وجهبو
ته......
هيءَ تشبيہ به اصل ۾ ابن عربيءَ فصوص الحڪم ۾ ڏني
آهي جتان پوءِ عراقيءَ لمعات ۾ توڙي جاميءَ اشعةِ
اللمعات ۽ ٻين هنڌن تي استعمال ڪئي آهي. اصل عبارت
آهي:لون الماءِ لون انائہ: پاڻيءَ جو رنگ ٿانءَ جو
رنگ آهي.
]لمعات،
صفحو 383، فصوص الحڪم، صفحو 290[
صفحو 145، خدا تعاليٰ فرمايو ته اول ارادو
ڪيم.......آئينو، ته جيئن پاڻ کي ان ۾ ڏسان.
هيءٌ نظريو ابن عربي پهرين فص يعني فص آدم ۾ نهايت
تفصيل سان بيان ڪيو آهي. ان کان علاوه فارسيءَ جي
مڙني وڏن صوفي شاعرن انهيءَ خيال کي ڪنهن نه ڪنهن
ريت بيان ڪيو آهي.
صفحو 190، الان ڪما ڪان يعني اهو ائين آهي جئن هو.
هيءُ صوفين جو قول آهي، جيڪو اڪثر ڪري صحيح
بخاريءَ جي حديث ”ڪان الله ولم يکن معه شيئا“ يعني
الله تعاليٰ هو ۽ ان سان گڏ ٻي ڪا شئي نه هئي جي
شرح طور آندو وڃي ٿو. اها تشريح ابن عربيءَ فتوحات
مڪيه جي جلد پهرئين ۾ ڪئي آهي. ليڪن اتي ”وحو الان
عليٰ ماعليہ ڪان“ يعني خدا تعاليٰ هينئر به ان صفت
سان موصوف آهي، جنهن سان پهريائين هو جا الفاظ آڻي
ٿو. هو ڪان الله مان مراد صفات الاهي وٺي ٿو ۽ نه
ذات الاهي. اهڙيءَ طرح الان مان مراد آهي ته اها
ذات هر لحاظ کان ڪامل مڪمل آهي، ناقابل تغير آهي.
اهو ڪنهن به لحاظ کان ناقص ناهي، ڇو ته ناقص ۾ گهٽ
وڌائي ٿي سگهي ٿي.
مولانا رومي هن حديث جي نهايت سهڻي سمجهاڻي هن ريت
ڏني آهي:
در اثر افزون شد و در ذات ني
ذات را افزوني و آفات ني
حق زا ايجاد جهان افزون نشد
آنچه اول آن نبود اکنون نشد
(دفتر چوٿون: 1665-1666 )
هن پنهنجي اثرات کي وڌايو، ۽ نه ذات کي. هن جي ذات
کي نه واڌ آهي نه کوٽ ! جهان کي وجود ۾ آڻڻ سان حق
۾ ڪو اضافو يا واڌارو نه ٿيو. اهو جيئن پهريائين
نه هو، هينئر پڻ ٻي طرح ناهي( ائين آهي جيئن
پهريائين هو)
سترهين صدي جي سنڌ جي صوفي شاعر شاهه لطف الله
قادري هن حديث جي وري هيٺين ريت سمجهاڻي ڏني آهي:
سيڀيئي وهيا واهڙ، اُڌ مئو مهراڻ
ذات مڙوئي هيڪڙو، نڪو ات چوئڻ نه چاڻ
الان ڪمان ڪان، وئو وچان ئي پاڻ
جي پروڙين پاڻ، ته پرينءَ ري ڪين پسين.
ابن عربي فصوص الحڪم توڙي فتوحات مڪيه ۾ ”ذات جي
احديت“ بابت هن حديث مان بار بار دليل وٺي ٿو.
اهڙيءَ طرح جامي پڻ لوايح ۾ ان مان استدلال ڪري
ٿو.
]لوايح،
صفحو 37، فصوص الحڪم، صفحو 150، مثنوي معنوي، صفحو
560، فتوحات مڪيه، صفحو 152، 81، شاهه لطف الله
قادريءَ جو رسالو، تحقيق ڊاڪٽر بلوچ صفحو 58[
صفحو 191، لافاعل في الوجود الالله.
موجودات ۾ خدا جي ذات کان سواءِ ٻيو ڪو فاعل ناهي.
فتوح الغيب جي مقاله الثالث ۾ هن طرح جا الفاظ ملن
ٿا. ”ان لافاعل في الحقيقةِ الاالله ولا محرڪ ولا
مسکن الاالله“ يعني ”موجودات ۾ الله کان سواءِ ڪو
حقيقي متصرف يا فاعل ڪونهي. ان کان سواءِ نڪو حرڪت
ڏيندڙ آهي ۽ نه ڪو سڪون ڏيندڙ آهي“
بهرحال صوفين وٽ ساڳيءَ طرز تي ٻيا به ڪيترا قول
ملن ٿا. مثلاً لاموجود الاهو، لامقصود الاالله، لا
متصرف في الوجود الاالله وغيره. ابن عربي فتوحات ۾
وري هيءَ عبارت آڻي ٿو.
فسبحان من لافاعل سواه، ولا موجود نفسہ الا اياه.
يعني ”پاڪ آهي اها ذات جنهن کان سواءِ ڪوئي فاعل
ڪونهي ۽ ڪوئي پنهنجو پاڻ موجود ناهي، سواءِ انهيءَ
ذات جي جيڪو هو پاڻ آهي.“
ابن عربي پنهنجي انهيءَ خيال جي تائيد ۾ فوري طور
قرآن جي آيت، ”والله خلقڪم وما تعلمون“ يعني ”الله
توهان جو پيدا ڪندڙ آهي ۽ توهان جي عملن جو“ حوالو
آڻي ٿو.
سنڌ جي عالم ۽ عارف شاعر شاهه لطف الله قادريءَ
هيٺين ٻن بيتن ۾ انهن مقولن کي تضمين ڪيو آهي.
اندر اوطاقون اوءِ، سير سبحان جي پئا
سي پسي پروردگار کي، مناِمنيءَ وئا
لافاعل في الوجود الاالله، نڪنجان نڪنج ٿئا
واديءَ تنهن وئا، جانسو روئي ناه جي.
حقائين حق ٿئا، حقان ٿئن حق
عقل وياچ م ان سين، جني ذات مطلق
لاموجود شيءُ غير الله، اي ساري پڙهيائون سبق
سي واري وحدت ورق، اُوءِ نسورو ئي ناه ٿئا.
]شاهه
لطف الله قادريءَ جو ڪلام، مرتب: ڊاڪٽر بلوچ، 7 ۽
9[
صفحو 146،
ڪنت ڪنزاً مخفياً فاحببت ان اعرف فخلقت الخلق.
”آءٌ لڪل خزانو هوس پوءِ مون چاهيو ته سڃاتو وڃان
ته مخلوق کي پيدا ڪيم.“
]احاديث
وقصص مثنوي ص 120، احاديث قدسي، کشف الاسرار
فهرست، صفحو 267، فصوص الحڪم، اردو، صفحو 263[
رومي گنج مخفي چئي ان جي سمجهاڻي هن ريت ڏئي ٿو.
گنج مخفي بدر پري جوش کرد
خاک را سلطان اطلس پوش کرد
]دفتر پهريون 2863[
ترجمو:هو لڪل خزانو هو، جيڪو فراواني سبب جوش ۾
اچي ويو، ۽ مٽيءَ (انسان) کي مان ڏئي شاهي پوشاڪ
ڍڪايائين.
بيان العارفين واري مٿين حديث کان پوءِ شاهه ڪريم
جو جيڪو بيت ڏنو آهي، ان ۾ پڻ ”سلطان“ جو لفظ آيل
آهي.
مولانا جامي ”اشعةِ اللمعات“ پاڻهي ۾ ” پاڻ سلطان
عشق سلطان، پاڻهي ڏي“ جو لفظ آندو آهي ۽ ان جي
وڌيڪ سينهڙآ پاڻ ڪر پاڻ کي پاڻ سڃاڻي پاڻ سمجهاڻي
ڏيندي لکي ٿو:
”سلطان عشق بعد از تنزل وي بمرتبهءَ معشوقي و
عاشقي خواست“ يعني ”عشق جي سلطان تنزل کان پوءِ
معشوق ۽ عاشق جو مرتبو گهري ورتو.“
(اشعةِ اللمعات: حامي رباني، تهران، 1352، صفحو
43)
صفحو 146، عالم نبود ولي حق بود - بعد از ظهور حق
عالم شد.
علم عروض مطابق هي شعر ڪو نه ٿو لڳي. البت لائحه
23 جي عبارت جو اختصار معلوم ٿئي ٿو، جتي اصل
عبارت هن ريت آهي.
“پس عالم ظاهر حق است، و حق باطن عالم - عالم پيش
از ظهور عين حق بود، و حق بعد از ظهور عين عالم،
بلڪ في الحقيقت يک حقيقت است.“
”يعني عالم بظاهر حق آهي ۽ حق باطن عالم آهي. عالم
پنهنجي ظهور کان اڳ عين حق هو ۽ حق ظهور کان پوءِ
عين عالم. بلڪ حقيقت جي روءِ کان حقيقت هڪڙي آهي.“
مولانا جامي ساڳيءَ لائحه 23 ۾ پنهنجي ان خيال جي
تائيد ۾ قرآن شريف جي آيت ”هوالاول ولاخر والظاهر
والباطن“ جو حوالو ڏئي ٿو.
(لوايح جامي:صفحو 50، از تسبيحي )
صفحو 191، انا احمد بلاميم
احد ۽ احمد بابت گلش راز ۾ محمود شبستريءَ جا
هيٺيان شعر ملن ٿا:
احد درميم احمد گشته ظاهر
درين دور آمد اول عين آخر
ز احمد تا احد يک ميم فرق است
جهاني اندران يک ميم غرق است
]
19۽20[
ترجمو: ذات احد ميم ۾ پنهنجو ظهور ڪيو. انهيءَ چڪر
۾ اول آخر جو عين ٿيو.
احد ۽ احمد جي وچ ۾ هڪ ميم جو فرق آهي. هي سارو
جهان انهيءَ هڪڙي ميم ۾ غرق آهي.
بهرحال مجموعي طور هي صوفين جو نهايت محبوب موضوع
رهيو آهي. شاهه ڪريم کان پوءِ سترهين صديءَ ۾ سنڌ
جو صوفي شاعر شاهه لطف الله قادري احد ۽ احمد جي
اسرار بابت هيٺينءَ ريت اظهار خيال ڪري ٿو .
سوئي احمد، محمد سو، سوئي احد الله
سوئي واحد وجود جو، سوئي سرير ساهه
انا احمد بلا ميمي، ايءَ ڳجهي پروڙ ڳاهه
جن روح اپٽي راهه، سي پسن ڪين پرينءَ ري.
شاهه لطيف جو پڻ مشهور بيت آهي.
احد احمد پاڻ ۾، وچان ميم فرق
آهي مستغرق، عالم انهيءَ ڳالهه ۾.
]سرڪلياڻ[
(شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام صفحو 39، گلشن راز
صفحو 3)
صفحو 191، الحقيقةِ ساري في الاکوان
ابن عربي هيٺين شعرن ۾ ساڳئي نظرئي جي وضاحت ڪري
ٿو.
حقيقةِ ظهرت في الکون قدرتها
فاظهرت هذه الاکوان والحجبا
مافي الستر بالاکوان من عجب
بل کونها عينها مما فوي عجباً
معنيٰ: اها ساڳي حقيقت آهي جنهن جي قدرت هر هستيءَ
۾ ظاهر آهي. انهيءَ ذات سموري موجودات ۽ سڀني
حجابن کي ظاهر ڪيو آهي. موجودات جي پردي هجڻ ۾
ڪوئي تعجب ڪونهي. البت هن جو موجودات جو عين هجڻ
نهايت عجيب آهي.
فص زڪريا ۾ وري هي الفاظ ملن ٿا:
فرحمةِ الله في الاکون سارية - يعني الله تعاليٰ
جي رحمت موجودات ۾ جاري و ساري آهي.
مولانا جامي لواح 24 ۾ پنهنجي هڪ رباعي جو اختتام
هيٺين ريت ڪري ٿو:
سريست حقيقةِ الحقايق ساري
ترجمو: اهو ڳجهه آهي ”حقيقت الحقايق“ جيڪو جاري و
ساري آهي. هن قول جي هڪڙي تشريح اها به ڪئي وڃي ٿي
ته عالم موجود ئي نه هجي ها جيڪڏهن حق عالم ۾ جاري
و ساري نه هجي ها، ڇو ته هي عالم موجود بالحق آهي،
يعني عالم جو وجود حق سان آهي.
]تحقيق
الامم في شرح فصوص الحڪم: اردو محمد عطاءَ الله،
صفحو 64، فصوص الحڪم، اردو صفحُ 35، لوايح جامي از
دکتر تسبيحي، صفحو 53[
صفحو 193، سبحان من من اظهر الاشياءَ وهو عينها
اهو پاڪ آهي جنهن شين کي ظاهر ڪيو ۽ پاڻ انهن جو
عين آهي. ابن عربيءَ پنهنجو هيءُ نظريو وڏي شد و
مد سان ”فتوحات مڪيه“ ۾ پيش ڪيو آهي ۽ سندس انهيءَ
عبارت کي وحدت الوجود جو بنياد چيو وڃي ٿو. نثر
کان علاوه عربي نظم ۾ پڻ ابن عربي پنهنجي ان خيال
جي بار بار تشريح ڪئي آهي. ليڪن اها به حقيقت آهي
ته هو ڪڏهن حق ۽ خلق کي هڪ ٻئي جو عين چوي ٿو ته
ڪڏهن وري غير پڻ ڪوٺي ٿو. اهڙيءَ طرح ڪڏهن خلق کي
حق طرف اشارو ڪندڙ سڏي ٿو، ته ڪڏهن وري حق جي تنزل
مان خلق مراد وٺي ٿو. بهرحال مولانا جامي اشعةِ
اللمعات ۾ فتوحات منجهان ئي هڪ حوالي سان ابن
عربيءَ جي هن نطريي جي نهايت خوبصورت وضاحت ڪئي
آهي.
فهوعين ڪل شيءِ في الظهور، وما هو عين الاشياء في
ذواتها سبحانه و تعاليٰ وهو هو والاشياءِ اشياءِ
]صفحو
71[
يعني “پوءِ هو سڀني شين جو عين آهي، جيڪي ظاهر
ظهور آهن. ليڪن هو شين جو ذات جي لحاظ کان عين
ناهي. اهو پاڪ ۽ وڏائي وارو آهي يقيناً هو هو آهي،
۽ شيون شيون آهن.“
ابن عربيءَ پنهنجو اهو نظريو ڪنهن حد تائين فصوص
الحڪم ۾ پڻ فص هودي ۾ بحث هيٺ آندو آهي. ان جي
وضاحت خاطر هيٺيون عربي شعر به ڏنو اٿس.
وما خلق تراه العين - الاعينہ حق.
ترجمو: جيڪي ڪجهه(مخلوق) اکيون ڏسن ٿيون. اهو ناهي
مگر انهن جو عين حق(تعاليٰ) آهي.
شاهه لطف الله قادري (وفات 1090 هه/ 1679ع)جيڪو
شاهه ڪريم کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جو وڏو سالڪ ۽
عارف شاعر ٿي گذريو آهي، تنهن مٿين عبارت کي نهايت
خوبصورتيءَ سان پنهنجي هڪ بيت ۾ تصنيف ڪيو آهي.
ٻيائي ٻڙو ناهه ڪو، شڪو سڀوئي لاهه
جاتو دوئي ڀانيئي، سا هڏهن ناهه
سبحان من اظهر الاشيا و هو عينها، دوس دلين ۾ راهه
ات هنڌ حڪايت ناهه، حيرت جهڙي ڳالهڙي .
]شاهه
لطف الله قادريءَ جو ڪلام، ڊاڪٽر بلوچ، صفحو
28،فتحات مڪيه عربي، الجزالثاني، صفحو 450، فصوص
الحڪم، اردو، صفحو 144، اشعةِ اللمعات صفحو 71،
محي الدين ابن عربي اردو ترجمو، صفحو 279[
صفحو 148، قرب فرائض ۽ قرب نوافل
”وما يزال العبد يتقرب الي بالنوافل حتيٰ احبہ
فاذا احببتہ کنت لہ سمعاً يسمع بہ وبصراً يبصربہ
ويده التي يبطش بها....“
ترجمو: ”منهنجو
ٻانهو نفل (عبادت) جي ذريعي ايترو قريب ٿي وڃي ٿو
جو آءٌ هن سان محبت ڪريان ٿو. پوءِ جڏهن آءٌ هن
سان محبت ڪريان ٿو ته آءٌ هن جي ٻڌڻ جي سگهه بنجي
پوان ٿو، جنهن سان هو ٻڌي ٿو، اهڙيءَ طرح اکين جي
طاقت، جن سان ڏسي ٿو ۽ هٿ جن سان ڪم ڪري ٿو.“
هيءَ حديث ڪجهه لفظن جي ڦير ڦار سان صحيح بخاري ۽
مشڪواة ۾ ملي ٿي. هن حديث مان قرب فرائض ۽ قرب
نوافل جو مطلب اخذ ڪيو وڃي ٿو. هيءَ حديث ٽن هنڌن
تي بلڪ هن حديث جا ٽي حصا مختلف هنڌن تي تذڪرِة
الاوليا ۾ آيل آهن. بهرحال ان جي قرب فرائض ۾ قرب
نوافل جي لحاظ کان تشريح فصوص الحڪم ۾ ٻن هنڌن تي
پهريون فصل اسماعيليه ۽ پوءِ فص لقمانيه ۾ ملي ٿي.
ان کان سواءِ فتوحات مڪيه ۾ بار بار ان جو حوالو
اچي ٿو.
قرب فرائض جو مطلب آهي ته ذات خداونديءَ جو ٻانهي
۾ اهڙيءَ طرح تاثير ٿئي ٿو جو هو هر ڪم الاهي امر
تحت ڪري ٿو.
يعني ٻانهو خدا تعاليٰ جا هٿ ۽ پير بنجي پوي ٿو.
ليڪن قرب نوافل ۾ ٻانهي جا سڀ ڪم خدا تعاليٰ جي
هٿان ٿين ٿا. صوفي قرآن پاڪ جي آيت وما وميت اذ
رميت ولاکن الله رميٰ (18:8) منجهان قرب نوافل جو
استدلال ڪن ٿا.
ترجمو:
تو نه اڇليو (مٽيءَ جو ٻڪ) جڏهن تو اڇليو بلڪل اهو
الله تعاليٰ اڇليو.
روميءَ جي هيٺئين شعر ۾ هن حديث ڏانهن اشارو آهي.
رو که بي يسمع و بي يبصر تو يي - سر تويي چه جاي
صاحب سر تويي
ترجمو: وڃ جو بي يسمع ۽ بي يبصر تون پاڻ آهين.
ڳجهه تون پاڻ آهين، بلڪ ڳجهه جو صاحب به تون آهين.
(دفتر اول، 1938)
]فصوص
الحڪم، صفحو 245” اشعة اللمعات“، صفحو 15، احاديث
و قصص مثنوي، صفحو 89، قرآن اور تصوف، صفحو 21،
عوارف المعارف، اردو، صفحو 130، فتوحات مڪيه الجز
الثاني، صفحو 548[
صفحو 193، ڪل قول قول الله وڪل فعل فعل الله
سڀڪو قول خدا جو قول آهي ۽ سڀڪو فعل خدا جو فعل
آهي.
هيءَ عبارت قرب نوافل حديث جي هڪ لحاظ کان مزيد
تشريح آهي، ان جو دراصل مطلب عارف وٽان صفات بشري
جو ختم ٿيڻ ۽ خدا جي صفات جو ظاهر ٿيڻ آهي، بايزيد
بسطاميءَ جي ان شطح سبحاني ما اعظم شاني جو جواز
تذڪرِة الاولياء ۾ بي ينطق و بي يسمع وبي بصر تحت
اهو ئي ڏنل آهي. مطلب ته اهو مرحلو يا حالت جڏهن
ٻانهي جو قول ۽ فعل خدا جي قول ۽ فعل سان مڪمل هم
آهنگي رکندو هجي.
(تذڪرِة الاوليا، صفحو 207)
صفحو 192،
جنهن سر سندو نور، جيلاه سو سونهون ٿئي
تيلاه لڀن سپرين، ڳالهه لهجي مور.
هن بيت جو پس منظر قرآني آيت الله نورالسموات
والارض ۽ يهدي الله لنوره من يشاءَ سان ملي ٿو.
فارسيءَ جي صوفي شاعرن وٽ هيءُ نهايت پسنديده
موضوع آهي. گلشن راز ۾ پهريون هي بيت ملي ٿو.
همہ عالم بنور اوست پيدا
کجا او گردد از عالم هويدا
ترجمو: سارو عالم ان جي نور کان پيدا ٿيو آهي،
پوءِ هو عالم مان ڪيئن ظاهر نظر ايندو؟
ٻئي هنڌ ان جو جواب پاڻهي ڏئي ٿو:
تو چشم عڪسي و او نور ديده است
بديده ديده را ديده ديده است
ترجمو: تون اولڙي واري اک آهين ۽ هو پاڻ اکين جو
نور آهي. انهيءَ اک ۾ هو پنهنجيءَ اک سان پاڻ کي
ڏسي ٿو.
بلڪ ان کان پوءِ چوي ٿو:
چونيکو بنگري دراصل اين کار
همو بيننده هم ديده است و ديدار
]جيڪڏهن
غور سان انهيءَ ڳالهه جي تهه ۾ ويندين ته هو پاڻ
ڏسندڙ جي اک آهي ۽ ڏسڻ وار شيءِ پڻ ![
انهيءَ معنيٰ ۾ شاهه ڪريم جو ٻيو بيت آهي.
سوئي هيڏان سوئي هوڏان سوئي من وسي،
تنهين سندي سوجهري سوئي سو پسي.
(گلشن راز: صفحو 166، 141 ۽ 143)
صفحو 195، خلق آدم عليٰ صورتہ
مڪمل حديث هن ريت آهي: ”ان الله خلق آدم عليٰ
صورتہ“ يعني ”بيشڪ الله تعاليٰ آدم کي پنهنجي صورت
تي ٺاهيو“. صوفين وٽ نهايت مشهور ۽ مقبول حديث
آهي. امام غزالي ڪيمياي سعادت ۾ ان سان گڏ هي
الفاظ به آندا آهن. ”فاعرف نفسڪ يا انسان تعرف
ربڪ“ يعني ”خدا انسان کي پنهنجي صورت تي پيدا ڪيو.
پوءِ تون پنهنجي نفس کي سڃاڻ ته اي انسان خدا کي
سڃاڻي وٺندين“.
شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جو هن سلسلي ۾ قول آهي:
”ما ظهرت في شيءِ کظهوري في الانسان“ يعني ”خدا
تعاليٰ چوي ٿو ته: مون پاڻ کي ٻي ڪنهن شيءِ ۾
اهڙيءَ طرح نه ڪيو آهي، جهڙيءَ طرح انسان ۾.“
ليڪن سڀني کان وڌيڪ ۽ بار بار هن حديث جي تشريح ۽
توضيح ابن عربي فتوحات ۽ فصوص الحڪم ۾ َئي آهي.
سندس نظر ۾ هن حديث جو خاص مفهوم اهو آهي ته انسان
خدا جي مڙني صفتن جو مظهر آهي، بلڪ جامع آهي.
ڪائنات جي ٻي ڪنهن به تخليق ۾ ايڏي جامعيت ۽ شان
ناهي. ان ڪري انسان ڪائنات جو سرنامو يعني سندس
خليفو آهي. فتوحات ۾ هڪ هنڌ هو انسان کي خلق ۽ حق
ٻئي ڪوٺي ٿو. حق تعاليٰ هونئن ته عالم جي سڀني
صورتن ۾ تجلي فرمائي ٿو، مگر اهو شرف صرف انسان کي
حاصل آهي ته هو اعليٰ ۽ اڪمل تجليءَ جو نمائندو
آهي. ابن عربي ان جي سمجهاڻي ڏيندي وڌيڪ چوي ٿو ته
فرشتا خدا جي ذات جي صرف صفت جمال جو مظهر آهن،
ليڪن انسان خدا جي جمال ۽ جلال ٻنهي جو مظهر آهي.
مولانا رومي پڻ مثنويءَ ۾ هن حديث ڏانهن هن ريت
اشارو ڪيو آهي.
خلق مابر صورت خود کرد حق
وصف ما از وصف او گيرد سبق
(دفتر چوٿون 1194)
]اسان
کي حق تعاليٰ پنهنجي صورت تي پيدا ڪيو آهي، اسان
جون وصفون ان جي وصفن مان ئي سبق حاصل ڪن ٿيون.[
(فصوص الحڪم اردو 86، 257، فتوحات مڪيه، اردو،
صفحو 385 ۽ 387)
صفحو 195، ان الله يامرڪم ان تؤدو الامانت اليٰ
اهلها (قرآن، 58:4)
بيشڪ الله تعاليٰ حڪم ڪري ٿو ته امانتون موٽائي
ڏيو، انهن کي جيڪي ان جا اهل آهن.
صوفين جي نظر ۾ انسان وٽ سڀ کان وڏي امانت سندس
وجود آهي ۽ خدا وٽ ان جي اهليت لاءِ ٻن شرطن کي
پوري ڪرڻ جي ضرورت آهي پهريون تجريد يعني پاڻ کي
هن دنيا جي ظاهري لاڳاپن کان الڳ رکڻ ۽ ٻيو تفريد
يعني پنهنجي باطن کي پاڪ رکڻ.
عراقيءَ لمعات ۾ پڻ هن آيت ڪريمه کي انهيءَ مطلب ۽
مراد سان زير بحث آندو آهي، جنهن جي تشريح جامي
اشعةِ اللمعات جي 21 لمعه ۾ آندي آهي.
(لمعات عراقي: صفحو 376، اشعةِ اللمعات: صفحو 125)
صفحو 195، انا اول من وبي بسنتين.
”معنيٰ: آءٌ پنهنجي رب کان ٻه سال اڳ ۾ هئس“.
هن قول جو ماخذ پڻ لمعات عراقي آهي. ليڪن اتي اهو
قول ابوالحسن خرقانيءَ ڏانهن منسوب آهي ۽ ”اول“ جي
بجاءِ ”اقل“ آيل آهي. يعني آءٌ پنهنجي رب کان ٻه
سال ننڍو آهيان. البت ساڳئي 17 لمعي ۾ بلڪل هن قول
سان گڏ ابو طالب مڪيءَ جو هي قول آيل آهي: ”وهو
خالق العدم کما هو خالق الوجود“ يعني ”خدا تعاليٰ
عدم جو به اهڙيءَ طرح خالق آهي، جهڙيءَ طرح وجود
جو.“ابو طالب مڪي (وفات 386 هه/996ع) جي تصوف بابت
ضخيم تصنيف ”قوت القلوب في معاملة المحجوب“ موجود
آهي. هو اولين صوفين منجهان آهي، جيڪو حديث جي سند
پاڻ روايت ڪري ٿو. از انسواءِ هو صاحب صحو صوفين ۾
شمار ٿئي ٿو. معلوم ٿئي ٿو ته هن قول نقل ڪرڻ ۾
بيان العارفين جي مؤلف کي اشتباه ٿيو آهي.
البت تذڪرِة الااولياء جنهن ۾ ٻين سڀني صوفين جي
مقابلي ۾ وڌ ۾ وڌ تفصيلي احوال ابوالحسن خرقانيءَ
جو ڏنل آهي، اتي پڻ ابوالحسن خرقانيءَ ڏانهن منسوب
اهڙو قول ڪو نه ٿو ملي.
(لمعات، صفحو 373، نفحات الانس، صفحو 13، تذڪرِة
الاولياء صفحو 661-716)
صفحو 195، المؤمن مراةِ المؤمن
معنيٰ هڪ مؤمن ٻئي مؤمن جو آئينو آهي.
عراقيءَ جي لمعات ۾ هي قول هن ريت ملي ٿو. ”المؤمن
مراة المؤمن والله المؤمن“ يعني ”مؤمن مؤمن جو
آئينو آهي، ۽ الله مؤمن آهي.“
هيءَ قول لمعه 7 ۾ ملي ٿو، جتي اهو بحث پڻ ملي ٿو
ته ڪيئن هر شيءِ خدا جي حسن جو اولڙو يا آئينو
آهي.
(لمعات عراقي: صفحو 361)
صفحو
209،
الانسان سري و انا سره
يعني: انسان منهنجو ڳجهه آهي ۽ آءٌ هن جو ڳجهه
آهيان.
صوفين وٽ نهايت مقبول حديث آهي. مولانا رومي
مثنويءَ ۾ ان ڏانهن اشارا ڪيا آهن. غوث اعظم جي
الهامن ۾ پڻ اهي الفاظ جيئن جو تيئن ملن ٿا.
يا غوث الاعظم انا مکون لمڪان وليس مکان سوي
الانسان والانسان سري وانا سره الانسان.
”اي غوث اعظم مان مڪانن کي پيدا ڪرڻ وارو آهيان ۽
انسانن کان سواءِ منهنجو ڪو مڪان ناهي. انسان
منهنجو لڪل راز آهي ۽ آءٌ انسان جو راز آهيان.“
(احاديث و قصص مثنوي: صفحو 216، رساله غوث اعظم: صفحو 67)
صفحو 211، عطار فريد الدين (513 هه/1120- 628 هه/
1230ع):
فارسي زبان جو عظيم شاعر نيشاپور جي ڀرسان پيدا
ٿيو. خانداني پيشي حڪمت يا طبابت جي ڪري عطار
مشهور ٿيو. سندس تصنيفات ۾ ”تذڪرِة الاوليا“ فارسي
نثر ۾ نهايت مشهور ۽ مقبول آهي. نظم ۾ ”پندنامه“،
”منطق الطير“ ۽ ”اسرار نامه “ تمام گهڻو مشهور
آهن.
برصغير پاڪ و هند ۾ جيڪي به صوفي سلسلا موجود رهيا
آهن، انهن ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ تذڪرِة الاولياء
منجهان استفادو ڪيو آهي. انهيءَ جو خاص سلوڪ ۽
معرفت جي ڄاڻ ڏني وئي آهي. صوفين جي حلقن ۾ اهي
نقل ايڏو مشهور ٿيا جو انهن مان گهڻا ته زباني طور
ماڻهن کي ياد ٿي ويا.
تاريخي روايت آهي ته مولانا رومي نوجوانيءَ ۾ جڏهن
بلخ کان نيشاپور جو سفر ڪيو ته عطار سان سندس
ملاقات ٿي، جنهن کيس پنهنجو ڪتاب ”اسرار نامه “
ڏنو. مولانا رومي پنهنجي شاعريءَ ۾ عطار ۽ سنائي
کي هنن لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي:
عطار روح بود و سنائي در چشم ما
ما از پئي سنائي و عطار آمديم.
]عطار
روح هو ۽ سنائي اسان جون ٻه اکيون، اسان سنائي ۽
عطار جي ڪڍ آيا آهيون.[
فريد الدين عطار تاتارين جي يلغار ۾ 1230ع ۾ شهيد
ٿيو. هو نيشاپور ۾ مدفون آهي.
مقدمي ۾ اهو بحث ٿي چڪو ته بيان العارفين ۾ تذڪرِة
الاولياء جي اثرات کي چڱيءَ ريت محسوس ڪري سگهجي
ٿو. عطار کي سندس شاعريءَ جي حوالي سان وحدت وجودي
فڪر جو وڏي ۾ وڏو شارح چيو وڃي ٿو.
آب در بحر بيکران آب است
ورکني درسبو همان آب است
ليک غير خدائي عزو جلال
نيست موجود نزد اهل ڪمال
وحدت خاصهءِ شهود اين است
معني وحدت وجود اين است.
]پاڻي
بحر بيڪنار ۾ به پاڻي آهي
جيڪڏهن ڪنهن ٿانءَ ۾ پوندو تڏهن به پاڻي آهي،.
ليڪن خدا جي ذات کان سواءِ
پهتل ٻانهن وٽ ٻيو ڪو موجود ناهي،.
شهادت جي اک وارن لاءِ وحدت جي اها خاصيت آهي،
وحدت وجود جي معنيٰ به اها ئي آهي.
صفحو 211، بايزيد بسطامي (وفات 261 هه/ 875ع):
جليل القدر صوفي بايزيد بسطامي لاءِ ابونصر سراج
”ڪتاب اللمع“ ۾ لکي ٿو ته هو ڪجهه وقت ابو علي
سنڌيءَ جي صحبت ۾ رهيو هو، جنهن لاءِ بايزيد جو
قول آهي ته آءٌ هن کان توحيد ۾ فنا وارو علم
پرايو. شيخ بو علي لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو ٽين صدي
هجري ۾ سنڌ جو عظيم صوفي هو. بايزيد بسطامي تصوف
جي سڀني سلسلن ۽ خاص طور صوفي ادب ۾ نهايت مقبول
شخصيت آهي، جنهن جو ٻين سڀني صوفين جي مقابلي ۾
گهڻو ذڪر ملي ٿو. بيان العارفين ۾ به سندس بار بار
ذڪر اچي ٿو.
تصوف جي دنيا ۾ صوفين جا ٻه عام قسم آهن، هڪڙن کي
صاحب صحو ۽ ٻين کي صاحب سڪر چيو وڃي ٿو. جنيد
بغدادي صاحب صحو صوفين جو اڳواڻ ڪوٺيو وڃي ٿو ته
بايزيد صاحب سُڪر صوفي شمار ٿئي ٿو. صاحب سڪر
صوفين کان شطحيات صادر ٿيا آهن، جن ۾ بايزيد به
شامل آهي. بايزيد جي مشهور شطح ”سبحاني ما اعظم
شاني“ آهي يعني آءٌ پاڪ آهيان، ڪيڏو منهنجو شان
آهي.” بهرحال صوفين جي اڪثر راءِ موجب انهن کي
مغلوب الحال تصور ڪيو ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو
بايزيد جي شطيحات جي تعبير ۽ دفاع جنيد بغداديءَ
پاڻ ڪيو آهي، ليڪن هتي اها ڳالهه قابل ذڪر آهي ته
بيان العارفين ۾ جيتوڻيڪ بايزيد جو گهٽ ۾ گهٽ ڏهه
دفعا ذڪر آيو آهي، پر ان جي ڪنهن به شطح بابت ڪو
اشارو ناهي. ان مان عام طور سنڌ اندر ان وقت جي
صوفين ۽ خاص طور شاهه ڪريم جي، شطحيات کان الڳ،
پنهنجي نقطئه نظر جي خبر پوي ٿي.
(تذڪرِة الاوليا: صفحو 166، ڪتاب اللمع: اردو: صفحو 543)
صفحو 211، ابراهيم ادهم(وفات 161 هه/777ع)
تذڪره موجب ابراهيم ادهم اصل ۾ بلخ جو شهزادو هو.
هڪ رات جڏهن پنهنجي محل ۾ ستو پيو هو ته ڇت تي
ڪنهن جي هلڻ جو آواز ٻڌائين. آواز ڏنائين ته ڇت تي
ڪير آهي؟ جواب آيو ته توهان جو دوست آهيان، هتي
پنهنجو وڃايل اٺ ڳولڻ آيو آهيان. انهيءَ تي
ابراهيم چيو ته ڇت تي اٺ ڪٿان ملندو؟ ان شخص
وراڻيو ته بادشاهي محلن ۾ به خدا ڪو نه ملندو.
مولانا رومي جيڪو پاڻ بلخ جو هو، مثنويءَ ۾ چوي ٿو
ته هن واقعي ابراهيم جي اندر جا بند دروازا کولي
وڌا. چون ٿا اهو آواز حضرت خضر عليہ السلام جو هو.
ان واقعي کان پوءِ بادشاهي ترڪ ڪري جهنگ منهن
ڪيائين. جتي سخت رياضتون ۽ ڪشالا ڪرڻ لڳو. آخر
چاليهن سالن جي گريه وزاري کان پوءِ اچي مڪي پاڪ
پهتو، جتي ڪاٺيون وڪڻي گذر سفر ڪندو هو.
هڪ دفعي دجله جي ڪناري تي ويهي پنهنجي گودڙيءَ کي
سبي رهيو هو ته هڪ شخص کيس سڃاڻي چوڻ لڳو ته:
بادشاهي ترڪ ڪري ڇا مليئه؟ اهو ٻڌي پنهنجي هٿ واري
شئي کڻي درياءَ ۾ ڦٽي ڪيائين ته بيشمار مڇيون
پنهنجي وات ۾ سيون جهلي پاڻي ۾ ظاهر ٿيون. ليڪن
پاڻ چوڻ لڳو ته بادشاهيءَ جي عيوض اها معمولي
شيءَ حاصل ٿي اٿم. هيءَ حڪايت تذڪره توڙي مثنوي
رومي ۾ ملي ٿي.
بهرحال ابراهيم ادهم ۽ بايزيد بسطاميءَ جي هڪٻئي
کي روزي افطار جي دعوت ڏيڻ واري ڳالهه انهن ٻنهي
ڪتابن ۾ ڪو نه ٿي ملي.
(تذڪرِة الاوليا، فارسي: صفحو 126)
صفحو 212، امام اعظم نعمان ابو حنيفه (80 هه/
700ع-150 هه/767ع)
عام طور ابو حنيفه کي عظيم فقيہ يا فقه جو اڳواڻ
تسليم ڪيو وڃي ٿو. ليڪن علي هجويري، ڪشف المحجوب ۾
عطار تذڪره ۾ کيس صف اول جي صوفين ۾ پڻ شمار ڪن
ٿا. ابراهيم بن ادهم، فضيل عياض، دائود طائي ۽ بشر
حافي جهڙا جليل القدر صوفي سندس شاگرد هئا.
(ڪشف المحجوب: صفحو 125-127، تذڪرِة الاولياء صفحو 240-245)
صفحو 215، احمد خضروي بلخي(وفات 240 هه/855ع):
تذڪرِة الاولياء موجب هو حاتم اصم کان بيعت هو.
ليڪن ابوتراب نقشبيءَ کان به فيض حاصل ڪيو هئائين.
بايزيد بسطاميءَ سان ملاقات جو شرف پڻ حاصل ٿيو
هوس. هيءَ حڪايات تقريباً انهيءَ انداز ۾ تذڪره ۾
موجود آهي.
(تذڪرِة الاولياء فارسي 350)
صفحو 216، ابن عربي، محي الدين (560هه/1165ع –
638هه/1240ع):
اندلس جو مشهور فلسفي صوفي جيڪو پنهنجي تصنيف خاص
طور ”فصوص الحڪم“ ۽ ”فتوحات مڪيه“ جي ڪري مشهور
آهي، فصوص الحڪم جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته اهو سال 627
هه هو، جڏهن مون خواب ۾ حضرت محمد مصطفيٰ صَليّ
الله عليہِ وسلّم کي ڏٺو ته پاڻ ڪريم جن هڪ ڪتاب
کڻي مون کي هٿ ۾ ڏئي رهيا هئا. لهذا فصوص الحڪم جي
تصنيف جو اهو سبب آهي.
ابن عربي جتي اندلس جي مشهور فلسفي ابن رشد سان به
مليو هو ته ٻئي طرف اسلامي دنيا جي علمي مرڪزن مڪي
مديني، شام ۽ بغداد جو به سير و سفر ڪيو هئائين.
پنهنجي عظيم پيش رَوَن امام غزالي ۽ شيخ عبدالقادر
جيلانيءَ جي فڪر کي به پروڙيو هئائين. هو ڪنهن حد
تائين غزاليءَ تي تنقيد ڪري ٿو، پر شيخ عبدالقادر
جيلانيءَ جي نظريهّء قطب کي وري فلسفيانه ۽ منطقي
انداز ۾ اڳتي وڌائي ٿو.
ابن عربيءَ کان پوءِ سندس فڪر جا وڏي ۾ وڏا شارح
صدرالدين قرنوي، عراقي ۽ مولانا جامي آهن. خاص
طور، سنڌ هند ۾ مولانا جامي ۽ عراقيءَ جي حوالي
سان ابن عربيءَ جو فڪر گهڻو پکڙيو ۽ نهايت مقبول
ٿيو. ايتري قدر جو سندس ڪتابن تي هتان جي عالمن
نهايت پر مغز شرحون لکيون آهن، جيڪي صوفيانه ادب ۾
شاهڪار حيثيت رکن ٿيون. هڪ لحاظ سان لوايح ۾
جاميءَ ابن عربيءَ جي نظريات جي نهايت وڻندڙ انداز
۾ تشريح ۽ توضيح ڪئي آهي.
صفحو 217، ذوالنون مصري (وفات 245 هه/.....):
تذڪرِة الاوليا ۾ سندس تفصيلي احوال موجود آهي.
ليڪن هيءَ حڪايت اتي ڪانهي.
(تذڪرِة الاوليا: صفحو 137)
صفحو 216، بايزيد بسطامي
هي نقل ڪنهن حد تائين تذڪرِة الاوليا ۾ بايزيد جي احوال ۾ اچي وڃي ٿو.
(تذڪرِة الاوليا: صفحو 201)
صفحو 218 شيخ فريد گنج شڪر(569 هه/1175ع - 664
هه/1265ع):
چشتي سلسلي جو وڏو صوفي بزرگ جنهن خواجه قطب الدين
بختيار ڪاِڪي کان فيض پرايو. هندوستان جو مشهور
صوفي بزرگ نظام الدين اولياء سندس مريد ۽ خليفو
هو. سندس ملفوظات موجود آهي. چشتي تذڪرن ۾ سندس
تفصيلي احوال موجود آهي جن ۾ خاص طور
”سيرالاوليا“۽ ”سيرالعارفين“ قابل ذڪر آهن. سندس
آخري آرامگاهه پاڪ پٽن پنجاب ۾ آهي. هو پنجابي
زبان جو اولين شاعر به آهي. سندس اها شاعري سکن جي
مقدس ڪتاب گروگرنٿ جو هڪ مستقل باب آهي.
شيخ فريد شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ جو همعصر هو ۽ هڪ
روايت موجب بغداد ۾ شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي
ملاقات جو شرف پڻ حاصل ٿيو هوس.
شيخ فريد بابت هيءَ روايت چشتي سلسلي جي مٿين
تذڪرن ۾ نظر ڪو نه آئي.
(سيرالاولياء: صفحو 140، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي
تاريخ، ڊاڪٽر بلوچ 270- 273، سيرالعارفين: اردو:
صفحو 42 - 78)
صفحو 219، ٻن درويشن جي حڪايت ۽ عورت جو دريا پار
ڪرڻ:
هيءَ حڪايت بلڪل ساڳي انداز ۾ نظام الدين اوليا جي
ملفوظات ”فوائد الفواد“۾ موجود آهي. ليڪن ٿي سگهي
ٿو ته اها روايت زباني طور صوفين جي هڪ حلقي مان
ٻي هنڌ پهتي هجي.
(فوائد الفواد: صفحو 150- 151)
صفحو 220، بهلول
هن جي لغوي معنيٰ خوش طبع يا مسخرو آهي. هن جو سڀ
کان پهرين احوال الجاحظ جي ڪتاب البيان ۾ ملي ٿو،
روايت مطابق هو ڪوفي ۾ 188 هه/804ع ۾ هارون رشيد
سان مليو هو. سندس ڪيئي قول ۽ حڪايتون مشهور آهن.
هڪ روايت مطابق هو داناءَ شخص هو ليڪن ڄاڻي واڻي
نادانيءَ جو روپ اختيار ڪيو هئائين. بهلول جو ذڪر
مثنويءَ ۾ پڻ ملي ٿو.
(اردو دائره معارف اسلاميه، دانش گاهه پنجاب، بار دوم، 1985ع، صفحو 149)
صفحو 221، ابراهيم ادهم:
ابراهيم ادهم ۽ سندس پٽ بابت هيءَ حڪايت تذڪرِة
الاولياء ۾ موجود آهي.(تذڪرِة الاوليا: صفحو 108)
صفحو 222، شيخ عبدالقادر جيلاني:.
شيخ عبدالقادر جيلانيءَ بابت مشهور تذڪرن ”بهجة
الانوار“ ۽ ”خلاصة المفاخر“ جن ۾ سندس گهڻيون
ڪرامتون ۽ حڪايتون بيان ٿيل آهن پر تن ۾ هيءَ
حڪايت نظر ڪا نه آئي.
خلاصة المفاخر:اردو:لاهور، 1983ع)
صفحو 223، حسن بصري(وفات 110 هه/ 728ع):
صحابه ڪرام کان پوءِ پهرين طبقي جي صوفين ۾ سندس
شمار ٿئي ٿو. سندس همعصرن ۾ حبيب عجمي/ مالڪ بن
دينار ۽ بيبي رابعه بصري اچي وڃن ٿا. حسن بصري
تابعين ۾ شمار ٿئي ٿو. هڪ روايت موجب سندن نالو
عمر تجويز ڪيو هو. کيس حضرت علي رضه جي صحبت جو
شرف پڻ حاصل ٿيو هو.
تذڪرِة الاوليا ۾ سندس تفصيلي ذڪر موجود آهي. بيبي
رابعه بصريءَ لاءِ کيس از حد احترام هو. چون ٿا
پاڻ هفتي ۾ هڪ دفعو وعظ ڪندو هو، پر جيستائين بيبي
رابعه بصري شريڪ نه ٿيندي هئي ته وعظ شروع نه ڪندو
هو.
مالڪ بن دينار جي حوالي سان خبر آهي ته هڪ دفعي هن
کانئس سوال ڪيو ته تباهي ڪنهن شيءِ ۾ پوشيده آهي؟
جواب ڏنائين ته مرده دليءَ ۾. هن وري پڇيو ته مرده
دلي ڇا کي چئجي؟ جواب ڏنائين ته دنيا سان رغبت
رکڻ. تذڪرِة الاولياء ۾ حسن بصري، مالڪ بن دينار ۽
شقيق بلخي (174 هه) جي حوالي سان هيءَ ساڳي حڪايت
تمام ٿوري ڦير ڦار سان موجود آهي.
(تذڪرِة الاولياء 33، 72، 81)
صفحو 224، ذوالنون مصري
ذوالنون مصريءَ بابت هيءَ روايت تذڪرِة اولياء ۾
سندس احوال هيٺ درج آهي.
(تذڪرِة الاوليا:صفحو 145)
صفحو 225، بايزيد بسطامي
بايزيد بسطامي بابت هيءَ حڪايت تذڪرِة الاولياء ۾
جيئن جو تيئن موجود آهي. البت تذڪره ۾ وڌيڪ اهو به
آهي ته جڏهن ڪنهن سائل بايزيد کان عرش جي حقيقت
متعلق پڇيو ته جواب ڏنائين عرش آءٌ پاڻ آهيان. هن
وري ڪرسيءَ بابت پڇيو ته جواب ڏنائين ته اها به
آءٌ آهيان. سائل پڇيو ڀلا قلم متعلق ڇا ٿا چئو؟
چيائين ته اهو به آءٌ آهيان.
(تذڪرِة الاولياء:صفحو 186)
صفحو 226، شيخ عبدالقادر جيلاني:
هن روايت جو ماخذ معلوم نه ٿي سگهيو.
صفحو 226، بيبي رابعه بصري
بيبي رابعه بصري متعلق هيءَ حڪايت تذڪره ۾ موجود
آهي.
(تذڪرِة: الاولياء صفحو 77)
صفحو 228، بايزيد بسطامي
تذڪرِة الاولياء ۾ بايزيد بابت جيڪا حڪايت آهي، ان
موجب هن جي جنهن کوپڙيءَ تي نظر پئي ان تي صم بڪم
عمي فهم لايعقلون يعني ”اهي گونگا، ٻوڙا ۽ انڌا
آهن، جيڪي ڪا ڳالهه نٿا سمجهن“، لکيل هو. دراصل
هيءَ قرآن ڪريم جي آيت آهي. تذڪره موجب بايزيد
انهيءَ کوپڙي کي کڻي چمي ڏني ۽ چوڻ لڳو ته اها هڪ
اهڙي صوفيءَ جي کوپڙي آهي، جيڪو ذڪر الاهيءَ ۾
ايڏو پريشان رهندو هو جو سندس ڪنن ۾ اها طاقت نه
رهي هئي جو هو ڪجهه ٻڌي سگهي. اهڙيءَ طرح سندس
اکين ۽ زبان ۾ اها سگهه باقي نه بچي هئي جو ڪجهه
ڏسي سگهي يا ڳالهائي سگهي. ياد رهي ته هيءَ هن آيت
جي صوفيانه تشريح آهي. صوفين جو چوڻ آهي ته
جيستائين انسان غير خدا بابت انڌو،گونگو ۽ ٻوڙو نه
ٿيندو، تيستائين ذات خداونديءَ جو مشاهدو نه
ماڻيندو.
بيان العارفين ۾ آهي ته هڪ شخص شاهه ڪريم آڏو
هيٺيون بيت پڙهيو ۽ پڇيائين ته ان بابت توهان جي
ڇا راءِ آهي.
وائي وڃيم شال. ڪنين سين ڪين سڻان،
ڀلو ڪري ڀال، ته اکين سين انڌو ٿيان.
پاڻ چيائون ته صحيح ٿو چوي. هن بيت ۾ به صوفين جي
انهيءَ ساڳي ڪيفيت جي نشاندهي ٿيل ٿي ڏسجي.
بهرحال تذڪره ۾ شبليءَ جي حوالي سان اهو ذڪر آهي
ته هن جي نظر پڻ هڪ کوپڙيءَ تي پئي جنهن تي
”خسرالدنيا والاخرهِ“ لکيل هو ۽ هن چيو ته اها
کوپڙي، ڪنهن نبي يا وليءَ جي آهي ۽ ان جو مطلب آهي
ته جيستائين دنيا ۽ آخرت ٻئي قربان نه ڪبا ته خدا
جو قرب حاصل نه ٿيندو.
صفحو 228، شيخ شبلي:
شيخ شبليءَ جو احوال تصوف جي سڀني بنيادي ڪتابن ۾
موجود آهي، بهرحال هيءَ حڪايت تذڪرِة الاولياء ۾
ڪو ن ٿي ملي جتي شيخ شبليءَ بابت ڪيئي نقل ۽
حڪايتون بيان ٿيل آهن.
صفحو 231، ميران محمد جونپوري:
ميران محمد جونپوريءَ جو ٺٽي ۾ اچڻ تاريخي طور
ثابت آهي.
(قاضي قادن جو رسالو: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، صفحو 23)
صفحو 232، بايزيد جي ابوالحسن خرقاني بابت پيش
گوئي
تذڪرِة الاولياء ۾ ابوالحسن خرقانيءَ بابت وڌ ۾ وڌ
تفصيلي احوال موجود آهي، جنهن جي شروعات بايزيد
بسطاميءَ جي سندس ڄم بابت پيشن گوئي سان ٿئي ٿي.
اها پيشن گوئي مثنوي روميءَ جي چوٿين دفتر ۾ پڻ
آيل آهي. ابوالحسن، بايزيد ۽ شبليءَ وانگر مقام
محويت تي فائز هو. سندس ڪيترائي اقوال تعبير جا
محتاج آهن.
(تذڪرِة الاولياء:فارسي، صفحو 661)
صفحو 233، شيخ سعدي (وفات 691 هه/ 1292ع):
فارسي زبان جو عظيم شاعر شيراز ۾ پيدا ٿيو. تمام
گهڻا سير و سفر ڪيائين. بغداد ۾ شيخ شهاب الدين
سهرورديءَ جي بيعت ڪيائين. جيئن ”بوستان“ جي هڪ
شعر ۾ پاڻ ان جو انڪشاف ڪيو اٿس.
مرا شيخ داناءَ فرخ شهاب
فارسي نثر ۾ گلستان ۽ مثنويءَ ۾ بوستان سندس شاهڪار آهن.
صفحو 234، بيبي رابعه بصري
عطار جي تذڪرِة الاولياء ۾ بيبي رابعه بصريءَ بابت
گهڻا نقل ۽ حڪايتون موجود آهن. هڪ دفعي جڏهن کائنس
پڇيائون ته شيطان سان دشمني رکين ٿي؟ جواب ڏنائين
ته خدا سان محبت سبب شيطان سان دشمنيءَ جو وقت ئي
نٿو ملي. بهرحال اها حقيقت آهي ته سموري صوفي ادب
۾ خاص طور تذڪره نويسن وٽ سندس شخصيت نهايت مقبول
آهي ۽ الائجي ڪيترا نقل ۽ واقعا ڏانهس منسوب آهن.
بيان العارفين ۾ پڻ وڌ ۾ وڌ حڪايتون ڏانهس منسوب
آهن.
(تذڪرِة الاولياء: صفحو 80)
صفحو 233، بايزيد بسطاميءَ جو دنيا ۽ آخرت بابت
خيال:
هيءُ نقل سبع سنابل ۾ آيل آهي جتي اهو پڻ بيان ٿيل
آهي ته جڏهن بايزيد کان پڇيائون ته دنيا جي
يادگيريءَ سان وضو ڇو؟ جواب ڏنائين ته دنيا محدث
آهي. انهيءَ ڪري ان جي ذڪر سان حدث ٿيو ۽ حدث کان
پوءِ وضو ڪرڻ گهرجي. ليڪن جنت خواهشن کي پورو ڪرڻ
جو نالو آهي. گويا ان سان جنابت واقع ٿئي ٿي ۽
جنابت جي ڪري غسل لازمي آهي.
(سبع سنابل: صفحو 290)
صفحو 235، جنيد بغدادي (وفات 297 هه/ 910ع):
هن کي صاحب ِصحو صوفين جو اڳواڻ يا سيد الطائفه
ڪوٺيو وڃي ٿو. هو پنهنجي اعليٰ فهم ۽ فڪر جي ڪري
ممتاز آهي. هن جو نقطئه نظر هميشہ متوازن ۽ معتدل
هيو. هو مشهور صوفي سري سقصليءَ وٽان فيض يافته
هو. سندس قول آهي ته خدا کان سواءِ ٻي هر شئي کي
ترڪ ڪرڻ جو نالو تصوف آهي. صوفي اهو آهي، جيڪو
حضرت ابراهيم عليه السلام کان خليل يعني دوست هجڻ
جو، حضرت اسماعيل عه کان تسليم جو، حضرت دائودؑ
کان غم جو، حضرت ايوب عليه اسلام کان صبر جو، حضرت
موسيٰ عليه السلام کان شوق جو ۽ حضور ڪريم صَلي
اللهّ عليهُ وسَلمُ کان اخلاص جو سبق سکي.
مشهور صوفي منصور حلاج رحه حضرت جنيد رحه جي صحبت
اختيار ڪئي، ليڪن پنهنجي مخصوص نظريات سبق جلد ئي
علحده ٿي ويو.
بيان العارفين ۾ ڏنل مقولو سڌيءَ ريت تذڪرِة
اولياء ۾ موجود ڪونهي. البت جنيد جي قولن جي عام
فهم سمجهاڻي آهي.
(تذڪرِة الاولياء: صفحو 406)
صفحو 238، ابراهيم ادهم
تذڪرِة الاولياء ۾ هيءَ حڪايت گهڻي ڦير ڦار سان
موجود آهي . مثلاً اهو ذڪر آهي ته کيس جيڪا اُجرت
ملندي هئي، اها پاڻ مزدورن جي کاڌي تي صرف ڪري
ڇڏيندو هو. هڪ دفعي پاڻ دير سان آيو ته سندس مريد
اڳيئي سمهي پيا هئا. اهو سمجهي ته هو بکيا سمهي
پيا آهن، پاڻ باهه ٻاري هنن لاءِ کاڌو تيار ڪرڻ
لڳو.
اهڙيءَ طرح جيڪو ساڻس گڏ هلڻ لاءِ چوندو هو ته ان
سان ٽي شرط رکندو هو. پهريون ته آءٌ توهان جي خدمت
ڪندس. ٻيو نماز لاءِ ٻانگ آءٌ پاڻ ڏيندس. ٽيون ته
جيڪي ملندو اهو آءٌ برابر برابر تقسيم ڪندس.
صفحو 239، حسن بصريءَ جو واعظ
تذڪرِة الاولياء ۾ آهي ته جيستائين بيبي رابعه
بصري موجود نه هوندي هئي، ايستائين حسن بصري وعظ
شروع نه ڪندو هئو. بلڪ پنهنجي وعظ ۾ جوش جذبي لاءِ
چوندو هو ته اهو رابعه جي ڪري آهي.
(تذڪرِة الاولياء: فارسي:صفحو 33)
صفحو 241، پير بسطامي ۽ نوجوان
تذڪرِة الاوليا ۾ هيءَ حڪايت هن ريت آهي ته هڪ
دفعي حضرت بايزيد بسطامي رحه جو گذر قبرستان مان
ٿيو، ڏٺائين ته اتي ڪو نوجوان بربط جو ساز وڄائي
رهيو آهي. اهو ڏسي حضرت بايزيد رحه لاحول پڙهي ته
ان نوجوان اهو ساز مٿي تي وهائي ڪڍيس، جنهن سان نه
رڳو بايزيد رحه جو مٿو ڦاٽي پيو، پر اهو ساز به
ٽٽي پيو. بايزيد گهر اچي ان نوجوان ڏانهن پيسا
ڏياري موڪليا ته جئن ٻيو ساز وٺي. ان کان علاوه
ڪجهه کائڻ پيئڻ جو شيون به موڪليائين ته جئن ٽٽل
ساز جو غم غلط ڪري سگهي. نوجوان اهو سڀ ڪجهه ڏسي
ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ معافي وٺڻ لاءِ پنهنجي ساٿيءَ
سوڌو اچي بايزيد وٽ حاضر ٿيو.
بيان العارفين ۾ اٺ جو ذڪر نقل کي عام فهم بنائڻ
خاطر ڪيل ٿو ڏسجي. البت نقل ۾ وڌيڪ اضافو ان کي
يقيني طور وڌيڪ معنيٰ خيز بنائي ٿو، جيڪو بايزيّد
جي استغراق ۽ محويت واري ڪيفيت جو آئينه دار آهي.
(تذڪرِة الاوليا: صفحو 171)
صفحو 245، بيبي رابعه بصريءَ جو نظريهءِ عبادت
بيبي رابعه بصريءَ متعلق تذڪرن ۾ بيشمار نقل ۽
حڪايتون موجود آهن، جن جو جيتوڻيڪ اصل مقصد ۽
مفهوم ساڳيو آهي، ليڪن هر مؤلف ان کي نئين ۽ منفرد
انداز ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن انهن ۾
پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن لاءِ ڪشش پيدا ٿئي. تذڪره ۾ سندس
هي الفاظ ملن ٿا: اي خدا، منهنجي لاءِ صرف تون
ڪافي آهين. جيڪڏهن مان جهنم جي خوف کان تنهنجي
عبادت ڪريان ٿي ته مون کي بيشڪ جهنم ۾ داخل ڪر، ۽
جيڪڏهن بهشت جي لالچ ۾ تنهنجي عبادت ڪريان ٿي ته
مون تي بهشت حرام ڪر! پر جيڪڏهن منهنجي عبادت صرف
تنهنجي ديدار واسطي آهي ته پوءِ مون کي پنهنجي
ديدار سان مشرف ڪر. ليڪن ان جي باوجود به جيڪڏهن
تو مون کي جهنم ۾ داخل ڪيو ته پوءِ آءٌ اها شڪايت
ڪرڻ ۾ حق بجانب هونديس ته دوستن سان دوستيءَ وارو
سلوڪ ٿيڻ کپندو هو !
ٻئي دفعي چيائين ته: جيڪو ٻانهون جهنم جي خوف کان
۽ بهشت جي اميد تي خدا جي بندگي ڪري ٿو، ان کان
وڌيڪ ڪريل انسان ٻيو نٿو ٿي سگهي. اهو ٻڌي ڪنهن
چيس، ڇا توکي خدا جي ذات ۾ اميد ناهي، يا ان کان
خوف ناهي؟ جواب ڏنائين ته منهنجي نظر ۾ جهنم ۽
بهشت جو نه هجڻ برابر آهي، ڇو ته عبات خدا جو فرض
آهي، ڇا جيڪڏهن جهنم ۽ بهشت نه هجن ها ته خدا جي
بندن تي اطاعت لازم نه هئي ؟!
دراصل بيبي رابعه بصريءَ جو خدا جي عبادت جي باري
۾ تصور خدا سان محبت جي مترادف آهي. سندس سڀئي
اقوال انهيءَ نقطئه نظر جي عڪاسي ڪن ٿا.
(تذڪرِة الاولياء فارسي 78)
صفحو 249، بيبي رابعه بصري ۽ ڪعبي جي حاضري:
تذڪرہ ۾ هي نقل ان صورت ۾ موجود ڪونهي. البت اهو
ذڪر آهي ته هڪ دفعي ابراهيم ادهم حج لاءِ روانو
ٿيو ته هر وک تي ٻه رڪعتون نماز ادا ٿي ڪيائين.
اهڙيءَ طرح چوڏهن سالن کان پوءِ مڪي پاڪ پهتو. دل
۾ سوچيائين ته ٻيا ماڻهو پيرين پيادا اچي پهچندا،
ليڪن آءٌ اکيون پير ڪري پهتو آهيان. انهيءَ ڀرپور
تمنا سان جڏهن ڪعبي طرف منهن ڪيائين ته ڏٺائين ته
ڪعبو پنهنجي جڳهه تان غائب آهي، ڏاڍو پريشان ٿيو
ته شايد منهجي نظر ختم ٿي چڪي آهي يا الائجي ڪهڙو
اسرار آهي ! غيبي آواز آيو ته تنهنجي نظر کي ڪجهه
ڪو نه ٿيو آهي، البت ڪعبو هيڻي مخلوق جي استقبال
لاءِ ويل آهي. اهو ٻڌي وڌيڪ افسوس ۽ تعجب ٿيس ته
اها شخصيت ڪير آهي. آواز آيو ته اها نهايت برگزيده
هستي آهي. اڃان اهو ٻڌي اکيون کوليائين، ڇا ڏسي ته
بيبي رابعه بصري لٺ جي سهاري تي هلندي اچي سندس
آڏو گذري ۽ ڪعبو پنهنجي جڳهه تي پهچي ويو. تذڪره ۾
هن کان پوءِ ٻنهيءَ جي وچ ۾ ڪجهه مڪالما آهن.
تذڪره ۾ اهو به آهي ته جڏهن بيبي رابعه بصري
اهڙيءَ طرح ڪعبي کي پاڻ وٺ ڏٺو ته چئي ڏنائين، مون
کي ڪعبي جو نه بلڪ ڪعبي جي مالڪ جو اشتياق آهي.
مون کي ڪعبي جي حسن کان وڌيڪ جمال خداونديءَ جي
خواهش آهي !
(تذڪرِة الاولياء: فارسي: صفحو 75)
صفحو 251، شقيق بلخي ۽ جڻيو:
تذڪرِة الاولياء ۾ بايزيد جي جڻيي جو ذڪر ملي ٿو.
البت شقيق بلخيءَ بابت اهڙو ڪو به حوالو ڪو نه ٿو
ملي.
(تذڪرِة الاولياء:فارسي:174)
صفحو 274، من طلب شيءِ جد و جد:
تذڪرِة الاولياء ۾ شبليءَ جي احوال هيٺ درج آهي ته
هڪ ڏينهن جنيد بغداديءَ چيو: ”من طلب وجد“ يعني
جنهن خدا جي طلب ڪئي ته اهو ان کي مليو. انهيءَ تي
شبليءَ چيو ائين نه بلڪ هيئن چئو: من وجد طلب:
يعني جنهن کي مليو اهو ئي طالب آهي.
(تذڪرِة الاولياء: فارسي: 623)
تذڪرِة الاولياءَ ۾ هيءَ حڪايت ڪو نه ٿي ملي.
صفحو 248، بهاءَ الدين ذڪريا جو مريدن کي چورن کان
بچائڻ:.
پيرن بابت اهو عام اعتقاد آهي، جنهن جا صوفي تذڪرن
۾ ڪيترا مثال موجود آهن.
صفحو 248، حضرت خضر عليہ السلام
قرآن پاڪ جي سوره ڪهف ۾ حضرت موسيٰ عليہ السلام ۽
حضرت خضر جو قصو بيان ٿيل آهي، حالانڪ حضرت خضر جو
نالو آيل ڪونهي. حضرت خضر، حضرت موسيٰ جي ٽن جڳهن
تي رهنمائي ڪري ٿو، جنهن جي حضرت موسيٰ کي ڪا خبر
نه هئي. صوفي اتان اهو استدلال وٺن ٿا ته حضرت خضر
هر وقت غيبي رهنمائي لاءِ موجود آهي. صوفي تذڪرن ۾
ايترا ڪيئي واقعا نقل ٿيل آهن، جتي حضرت خضر پاڻ
اچي رهنمائي ڪندو آهي، جڏهن ٻيو ڪو رهبري ڪرڻ وارو
نه هوندو آهي. ابن عربي پنهنجي مشهور تصنيف
”فتوحات مڪيه“ ۾ حضرت خضر سان پنهنجي اهڙي ملاقات
جو ذڪر ڪيو آهي.
صفحو 251، شقيق بلخي ۽ بايزيد
تذڪرِة الاولياء ۾ هيءَ حڪايت جيئن جو تيئن بايزيد
بسطاميءَ جي احوال هيٺ درج آهي.
(تذڪره الاولياء فارسي 174)
صفحو 254، لقمام حڪيم:
قرآن ڪريم ۾ هڪ سورة سندس نالي سان موجود آهي ۽
اهو حوالو موجود آهي ته کيس حڪمت جي علم سان
نوازيو ويو هو. لقمان نه صرف طبيب مشهور آهي بلڪ
حڪيم يعني ڏاهپ ۾ مشهور آهي. عطار جي ”پندنامه“ ۾
لقمان حڪيم جا هڪ سو نصيحت جا نڪتا موجود آهن.
جيڪي هن پنهنجي پٽ لاءِ چيا آهن.
صفحو 260، حسن بصري:
هيءَ حڪايت تذڪرةِ الاولياء ۾ ڪونهي. البت گنج شڪر
ڏانهن منسوب ملفوظات ”اسرار الاولياء“ ۾ هڪڙي واصل
بالله جي حوالي سان هيءَ حڪايت بيان ٿيل آهي.
(هشت بهشت اردو 415)
صفحو 262، جنيد بغدادي:
تذڪرِة الاولياء ۾ هيءَ نقل بلڪل ساڳي صورت ۾
موجود آهي.
(تذڪرِة الاولياء 451)
صفحو 263، شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي ڪرامت:
شيخ عبدالقادر جيلاني ڏانهن مسنوب بيشمار ڪرامتون
مختلف تذڪرن ۾ موجود آهن. ستين صدي هجريءَ ۾ لکيل
”بهجة الاسرار“ ۾ هڪ اهڙي حڪايت موجود آهي ته ڪيئن
شيخ جي غائبانه رڙ سان سندس عقيدتمند ڦورن کان
محفوظ رهيا.
(بهجة الاسرار امام ابوالحسن شطنوفي: اردو ترجمو، مولانا حافظ احمد علي
شاهه، صفحو 191)
صفحو 264، شيخ بهاءَ الدين ملتاني:
”فوائد الفواد“ مطابق شيخ شهاب الدين سهروردي
پنهنجن مريدن سان هن ريت مخاطب ٿيو: ”توهان ڪنهن
مونجهاري ۾ نه پؤ. توهان آلين ڪاٺين وانگر آهيو ۽
بهاءَ الدين سڪل ڪاٺيءَ وانگر. ظاهر آهي ته سڪل
ڪاٺيءَ کي آليءَ جي مقابلي ۾ جلد باه لڳندي آهي.“
(الاوراد، اردو، صفحو 13)
شيخ شهاب الدين 264
صفحو 265، بزرگ جي سنوارت ۽ خدا جو ذڪر:
اهو ساڳيو نقل جئن جو تيئن مخدوم نوح هالائيءَ جي
ملفوظات ۾ ڏنل آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته
صوفين جي حلقي ۾ ساڳئي قسم جا نقل ۽ حڪايتون هلندڙ
هئا، جيڪي پوءِ سندن مريدن ۽ معتقدن ملفوظات جي
صورت ۾ محفوظ ڪري ڇڏيا. هونئن به شاهه ڪريم جو
مخدوم نوح سان وڏي عقيدت وارو رستو هو. ٿي سگهي ٿو
ته اهو نقل اتان ئي ٻڌو هوندائين ۽ پوءِ اچي
پنهنجي مريدن آڏو بيان ڪيائين.
(مخدوم نوح عليہ الرحمةِ جا چونڊ ملفوظات:مرتب شوڪت علي قريشي: صفحو 69)
صفحو 267، بايزيد ۽ نوجوان:
تذڪره ۾ هيءَ حڪايت ڪونهي. البت واٽ ويندي بايزيد
کي ٻه دفعا ڪتو سامهون پئجي ويو ته ساڻس ڪتي سان
ٿيل مڪالما ڏنل آهن.
(تذڪرِة الاولياء:فارسي:صفحو 172)
صفحو 271،
ارتاس ملاءِ، جس ملدي من ملي
دياپيک اٺاءِ، نيت ڪا ڪبيرا ڪون.
ڊاڪٽر دائود پوٽي توڙي ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
هن بيت جي معنيٰ طرف ڪو اشارو نه ڏنو آهي، وڏي
ڳالهه ته ٻنهي ”ڪبيرا“ جي جڳهه تي الائجي ڇو
”ڪپڙا“ جي پڙهڻي برقرار رکي آهي. شايد ان جو سبب
هي آهي ته ٻين سڀني سنڌي بيتن جي مؤلف طرفان فارسي
نثر ۾ معنيٰ ڏنل آهي. ليڪن شاهه ڪريم جي حوالي سان
مؤلف هن بيت جي صرف ٻن لفظن ”ديا“ ۽ ”پيک“ جي
معنيٰ طرف اشارو ڪيو آهي. اسان جو خيال آهي ته هي
دوهو هندي ٻوليءَ جي مهان ڪوي ڀڳت
ڪبير(1440-1518ع) جو آهي ۽ دوهي ۾ سندس نالو آندل
آهي، جئن اصل فارسي متن مان پڻ تصديق ڪري سگهجي
ٿي. ارتاس اصل ۾ هندي لفظ ”ارداس“ آهي جيڪو اصل ۾
عرضداشت جي بگڙيل صورت آهي. ان لحاظ کان جيڪڏهن
دوهي جي معنيٰ ڪبي ته ٿيندي.
]منهنجو عرض اگهاءِ جنهن سان من جو محبوب ملي،
اي خدا، قيامت برپا ڪر ته ڪبير جي نيت پوري ٿئي[
هن دوهي جي وڌيڪ صحيح پڙهڻيءَ خاطر جڏهن جناب
الياس عشقيءَ سان رابطو ڪيو ويو ته هن وري هن دوهي
کي هيٺين ريت پڙهيو.
هردا آس ملاءِ، جس ملدي من ملي،
ديا پيک اُٺاءِ، ميت ڪبيرا ڪون هئي.
]اي
دل ان سان ملاءِ جنهن سان من جو ميل آهي. اي ڏيئا
روشني ڪر ته ڪبير ميت سان ملي سگهي.[
بهرحال هن دوهي جي معنيٰ اڃان وڌيڪ تحقيق طلب آهي.
(اردو هندي - انگريزي لغات:
Platts
سنگ ميل لاهور، 1983ع،)
صفحو 273، مخدوم نوح
مخدوم نوح جي قرآن فهمي پنهنجي وقت ۾ مشهور هئي،
جنهن جو ذڪر حديقة الاولياء واري پڻ ڪيو آهي.
مخدوم نوح جيڪو فارسيءَ ۾ قرآن شريف جو ترجمو سنڌي
ادبي بورڊ طرفان ڇپيل آهي، ان ۾ حروف مقطعات جو
مفهوم پڻ ڏنل آهي.
- صفحو 273 مخدوم آجب لانگاهه:
تحفة الڪرام ملا آجب جي نالي سان سندس ذڪر ڪيو آهي
۽ مخدوم صدؤ جو پٽ ڄاڻايو آهي. بلڪل اها ساڳي
ڪرامت بيان ٿيل آهي.
(تحفة الڪرام: صفحو 425)
صفحو 273،
مخدوم ساهڙ لنجار جو ذڪر اڳ ۾ ٿي گذريو.
صفحو 274، درويش صالح ڪڪرالي وارو
تحفة الڪرام ۾ سندس نالو ملي ٿو.
صفحو 437
- صفحو 274 مخدوم نوح جو مريد
دليل الذاڪرين ۾ پڻ اهو ساڳيو نقل درج آهي، جنهن
جو حوالو بيان العارفين تان ورتل آهي.
(دليل الذاڪرين قلمي: صفحو 232)
صفحو 78، مخدوم نوح جو مريد قطب
تحفة الڪرام ۾ ساڳيو احوال موجود آهي. دليل
الذاڪرين ۾ ڪيترن هنڌن تي سندس ذڪر آهي ته هو
ڪانهري ٻيلي جو رهندڙ هو. اهو ساڳيو نقل اتي به
آيل آهي.
(دليل الذاڪرين قلمي: صفحو 220)
صفحو 278، قاسم ڪوري
تحفة الڪرام ۾ سندس ذڪر آهي.
صفحو 278، مشائخ هوٿي لاکو:
حديقة الاولياء ۾ سندس ذڪر شيخ الشيوخ جي عنوان
تحت ڪيل آهي. اهو پڻ ڄاڻايل آهي ته هو سماع جو
شائق هو. سندس ٻن پٽن احمد ۽ محمد جو به احوال
موجود آهي، جيڪي پڻ سماع جا شوقين هئا.
سندن سماع جي برڪت سان رحمت باران جي وسڻ جو ذڪر
پڻ موجود آهي. تحفة الڪرام ۾ به سندس احوال ڏنل
آهي.
(حديقة الاولياء: صفحو 101 کان 114، تحفة الڪرام: صفحو 368-369)
صفحو 278 ، مرزا شاهه حسن ۽ عمر بودلو
مرزا شاهه حسن ارغون، شاه بيگ ارغون جو پٽ هو ۽
سندس مرڻ کان پوءِ سنڌ جو حڪمران ٿيو. تاريخي طور
شاه حسن جو اگهم ڪوٽ وٽان لنگهڻ ثابت آهي، هن 992
هه/1554ع ۾ وفات ڪئي.
عمر بودلي جو ذڪر حديقة الاولياء ۽ تحفة الڪرام ۾
ملي ٿو، ليڪن هي واقعو بيان ٿيل نه آهي.
(تحفة الڪرام: صفحو 409، حديقة الاولياء: صفحو 234-236)
صفحو 279، ميرڻ ڪاتيار
تحفة الڪرام ۾ سندس ذڪر موجود آهي.
(صفحو 504-505)
صفحو 280، جرڪس پٽ ڏنو
حديقة الاولياء ۾ سندس تفصيلي احوال موجود آهي،
جنهن مطابق هو شيخ ڀرڪيي سان به هڪ ڀيري ملاقاتي
ٿيو هو ته مخدوم بلال سان پڻ گفتگو ٿي هيس. اهو
مڪالمو تحفة الڪرام ۾ به ڏنل آهي.
(حديقة الاولياء: صفحو 186-188، تحفة الڪرام: صفحو 416)
صفحو 280، درويش بادو
تحفة الڪرام ۾ ساڳيو ذڪر موجود آهي.
(صفحو 445)
صفحو 281، مخدوم يعقوب پليجو:
حديقة الاولياء ۽ تحفة الڪرام ۾ سندس ذڪر موجود
آهي ۽ مينهن واري حڪايت به بيان ٿيل آهي. البت
حديقة الاولياء ۾ مرزا شاهه حسن جي حوالي سان سندس
هڪ ڪرامت جو پڻ ذڪر ٿيل آهي.
(حديقة الاولياء: صفحو 223، تحفة الڪرام 450)
صفحو 282، ميرڻ ڪاتيار
هن بابت اها ساڳي ڳالهه تحفة الڪرام ۾ موجود آهي.
(تحفة الڪرام صفحو 406، دليل الذاڪرين: صفحو 232)
صفحو 282، شيخ ڀرڪيو:
ساڳي روايت تحفة الڪرام ۾ موجود آهي.
(صفحو 404)
صفحو 283، يعقوب پليجو
هيءَ روايت ساڳي ريت تحفة الڪرام ۾ موجود آهي.
صفحو
284-283،
ميرڻ ڪاتيار ۽ ڀنگ:
اها ساڳي روايت تحفة الڪرام ۾ موجود آهي. دليل
الذاڪرين ۾ پڻ اها روايت ملي ٿي.
(تحفة الڪرام صفحو 406، دليل الذاڪرين قلمي، صفحو 123)
صفحو 284، رڪن الدين
حديقة الاولياء ۽ تحفة الڪرام ۾ درويش رڪن الدين
ولد ڏتو جو ذڪر ملي ٿو. سندس دانهن يا آواز ڪرڻ
سان ماڻهن جي مرڻ جو ذڪر به ٿيل آهي. سندس وفات جو
سال 988 هه ڄاڻايل آهي.
(حديقة الاولياء، 162، تحفة الڪرام، صفحو 373)
صفحو 284، درويش پلي
ساگري درياءَ جي ڪناري وارن بزرگن جي عنوان هيٺ
سندس ذڪر ٿيل آهي.
(تحفة الڪرام، 393)
صفحو 286، مخدوم حسن هريڙه
تحفة الڪرام ۾ ساڳيو ذڪر موجود آهي.
(تحفة الڪرام: صفحو 430)
صفحو 287، الحمد پڙهي درياءَ پار ڪرڻ:
هيءَ حڪايت فوائد الفواد ۾ پڻ ملي ٿي.
(فوائد الفواد: صفحو 150)
صفحو 254-284-285، سيد رڪن الدين مٽيارين وارو:
تحفة الڪرام ۾ ساڳيو احوال ڏنل آهي، البت دليل
الذاڪرين ۾ سندس ذڪر ٻه ٽي دفعا آيو آهي.
(تحفة الڪرام 441، دليل الذاڪرين قلمي، 59، 66)
صفحو 288، حسن سٺيو:
تحفة الڪرام ۾ ساڳي حڪايت بيان ٿيل آهي.
(صفحو 435)
صفحو 289، مخدوم اسماعيل سومرو
حديقة الاولياء ۾ سندس تفصيلي احوال موجود آهي.
اگهم ڪوٽ جي پراڻن آثارن ۾ سندس مزار تي وفات جو
سال 998 هه/ 1589ع اڄ سوڌو موجود آهي. تحفة الڪرام
۾ سندس مختصر احوال ڏنل آهي، جتي مخدوم عثمان جو
پڻ نالو آيل آهي.
مخدوم اسماعيل سومرو مخدوم نوح جو همعصر هو، بلڪ
سندن وفات جو ساڳيو سال آهي. دليل الذاڪرين ۾ پڻ
سندس ذڪر ملي ٿو. ان کان سواءِ گلزار ابرار ۾ پڻ
سندس احوال ڏنل آهي.
(حديقةِ الاوليا: صفحو 153- 156، تحفة الڪرام:
407-408، دليل الذاڪرين، قلمي: صفحو 66، گلزار
ابرابر اردو: صفحو 389)
صفحو 289، درويش سليمان:
تحفة الڪرام ۾ ساڳي حڪايت موجود آهي.
(صفحو 408)
صفحو 290، مخدوم عربي دياڻو:
حديقة الاولياء ۽ تحفة الڪرام ۾ سندس تفصيلي ذڪر
موجود آهي. سندس وفات جو سال 980 هه/ 1572ع آهي.
هو مخدوم نوح جو استاد هو، جنهن قرآن شريف جي
تعليم کانئس ورتي هئي. دليل الذاڪرين ۾ اها حڪايت
ڪرامت جي رنگ ۾ بيان ٿيل آهي. مخدوم عربي جو ذڪر
گلزار ابرار واري به ڪيو آهي.
(حديقة الاولياء:صفحو 128، تحفة الڪرام: صفحو 382،
دليل الذاڪرين قلمي: صفحو 82، گلزار ابرار: صفحو
378)
صفحو 290، درويش هوٿي لاکو
حديقة الاوليا ۽ تحفة الڪرام ۾ هوٿي لاکي جي سماع
بابت غير معمولي ذوق جو ذڪر ملي ٿو.
صفحو 291، شيخ طلحه:
شيخ طلحه ۽ پير مراد بابت ساڳي حڪايت تحفة الڪرام
۾ موجود آهي.(تحفة الڪرام: صفحو 612)
صفحو 291، ميرڻ ڪاتيار:
ساڳي روايت تحفةِ الڪرام ۾ موجود آهي.
صفحو 291 شيخ ممون:
هن جو نالو تحفةِ الڪرام ۾ موجود آهي(صفحو 450)
- مخدوم صدرالدين راهوٽي:
تحفةِ الڪرام ۾ ٻن جاين تي سندس ذڪر آيو آهي.
(صفحو 385 ۽ 430)
صفحو 295، مخدوم صدو لانگاهه:
هو شهيد عنايت صوفي جهوڪ واري جو وڏو ڏاڏو هو.
(تحفة الڪرام: صفحو 425)
صفحو 296، شيخ پٺو
حديقة الاولياء موجب سندس وفات 680 هه/1282ع ۾ ٿي
هئي. هو لعل شهباز قلندر جو همعصر هو. سندس تفصيلي
احوال اڳ ۾ ٿي گذريو آهي.
صفحو 296، شيخ ڀرڪيي جي ڪرامت
تحفة الڪرام ۾ ساڳي ريت بيان ٿيل آهي.
(صفحو 403)
صفحو 98، پنيو سهار :
تحفةِ الڪرام ۾ ساڳيو واقعو درويش ڀنڀو سهار جي
نالي سان ورجايل آهي.( صفحو 443- 444)
صفحو 297، شيخ ريحان ۽ شيخ ابراهيم:
تحفةِ الڪرام واري کين سومرو ڄاڻايو آهي، ۽ سندس
اولاد مان شيخ ابراهيم کان علاوه ٻين جو ذڪر پڻ
ڪيو آهي. تحفة الڪرام موجب شيخ ريحان، لعل شهباز
جو هعصر هو.
(صفحو 445-446)
صفحو
301،
والله خلقڪم وما تعلمون (قرآن 96:37)
يعني توهان جو خالق آهي ۽ توهان جي عملن جو.
ابن عربي فتوحات ۾ هي نتيجو قائم ڪري ٿو ته الله
تعاليٰ انسان کي ڪم ڪرڻ يا اڪتساب جي صفت سان
نوازيو آهي، ليڪن هنن کي ڪنهن شيءِ جي قدرت نه ڏني
آهي، ڇو ته خدا تعاليٰ پاڻ قادر مطلق آهي. گويا
انسان جي عملن جو خالق به هو پاڻ آهي. اهو ساڳيو
بحث لافاعل في الوجود الاالله تحت ٿي گذريو، جتي
ابن عربيءَ هيءَ آيت حوالي طور آڻي ٿو.
انهيءَ سموري بحث کي فارسيءَ جي هن شعر ۾ آندو ويو
آهي.
خلق حق افعال ما را موجد است
فعل ما آثار خلق ايزد است.
ترجمو]
خدا جي خالقيت اسان جي فعالن جو سبب آهي. اسانجا
ڪم خدا جي خلقت جا آثار آهن[
عراقي وري لمعه 17 ۾ هن آيت تي وڌيڪ روشني هيئن
وجهي ٿو.
آن راکه بخود وجود نبود
خود فعل کجا تواندش بود
ترجمو]جنهن
کي پنهنجو وجود نه هجي، ان کي پنهنجي فعل جي سگهه
ڪٿان آئي؟![
(فتوحات مڪيه اردو: صفحو 24 ۽ 149، لمعات از عراقي: سعيد نفيسي: صفحو 391)
صفحو 299، درويش آچر ۽ سيد علي شيرازي:
ساڳي روايت تحفةِ الڪرام واري نقل ڪئي آهي.
(صفحو 614)
صفحو 300، ميرڻ ڪاتيار:
هيءَ روايت دليل الذاڪرين واري پڻ آندي آهي.
صفحو 301، مخدوم نجيم:
تحفة الڪرام واري ريل وارن بزرگن ۾ سندس ذڪر ڪيو
آهي ۽ مخدوم نوح جو عقيدتمند ڄاڻايو آهي.
صفحو 302، راڄو ستيودل:
تحفة الڪرام موجب هن 977 هه ۾ وفات ڪئي. هو مجذوب
۽ واصل بالله هو. (صفحو 449)
صفحو 303، سيد حيدر شاهه
تحفةِ الڪرام موجب هو سن جو رهندڙ هو ۽ مخدوم بلال
جو عقيدتمند هو. اها ساڳي روايت بيان ٿيل آهي.
(صفحو: 365-366)
صفحو 303، قاضي قادن
قاضي قادن بابت اها روايت ٻي ڪنهن هنڌ نٿي ملي.
البت قاضي قادن جي بيتن ۽ شاعريءَ جو پهريون دفعو
ذڪر ابرار ۾ ملي ٿو.
(گلزار ابرار: صفحو 275)
صفحو 303، شيخ ڀرڪيو
ساڳي روايت تحفةِ الڪرام ۾ موجود آهي.
(صفحو 404)
صفحو 305، بهاءُ الدين گودڙيو ۽ درويش موسيٰ
تحفة الڪرام بيان العارفين تان ساڳي روايت ورتي
آهي. البت دليل الذاڪرين ۾ ڄاڻايل آهي ته هو جمعي
جاڙيجي جي وساطت سان مخدوم نوح جو مريد ٿيو.
(تحفة الڪرام: صفحو..، دليل الذاڪرين: صفحو 169)
صفحو 306، درويش پلي
ساڳي روايت تحفة الڪرام ۾ موجود آهي.(صفحو 393)
صفحو 306، احمد رونجهو
تحفةِ الڪرام ۾ شاهه ڪريم جي صحبتن ۾ سندس نالو
ڄاڻايل آهي.
صفحو 306، مخدوم ساهڙ لنجار انڙپور وارو:
دليل الذاڪرين وارو لکي ٿو ته پهريان ٻه شخص جن
مخدوم نوح کان فيض پرايو، سي مخدوم ساهڙ لنجار ۽
شيخ مشائخ هوٿي لاکو هئا.
(دليل الذاڪرين قلمي: صفحو 158)
صفحو 312-311 عبدالرشيد بصير، درويش عبداللطيف ۽
عيسو فقير:
تحفة الڪرام واري ٽنهي جو گڏ ذڪر ڪيو آهي.(صفحو
424)
صفحو 315، سيد علي شيرازي ۽ سماع:
سيد علي شيرازي ثاني ٺٽي جي انجوي ساداتن جو چشم و
چراغ هو. مخدوم نوح جو مريد ۽ عقيدتمند هو. سماع
سان وڏو انس هوس. پاڻ شاعر به هو. سنڌيءَ ۾ سندس
هڪ بيت محفوظ رهجي ويو آهي. تاريخ معصوميءَ ۾ پڻ
سندس احوال ملي ٿو.
(سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ڊاڪٽر بلوچ، 1999ع، صفحو 305)
صفحو 316، ميرزا غازي ترخان:
مرزا جاني بيگ کان پوءِ هن سورهن سالن جي عمر ۾
مغلن طرفان سنڌ جو حڪمران بنيو. هن سال 1021 هه/
1612ع ۾ وفات ڪئي.
صفحو 316، مرزا جاني بيگ
هو پنهنجي پيءَ مرزا باقي ترخان جي مرڻ کان پوءِ
سنڌ جو حڪمران ٿيو. سندس دور ۾ اڪبر جو سپہ سالار
عبدالرحيم خانخانان سنڌ تي چڙهائي ڪري آيو. آخر آڻ
مڃڻي پيس ۽ کيس وٺي وڃي دهليءَ ۾ رهايائون. اهو
واقعو سال 1000 هه/ 1591ع ۾ ٿيو، جڏهن شاهه ڪريم
جي عمر 56 سال هئي.
صفحو 319، ڄام هالو:
تاريخ طاهريءَ ۾ ڄام هالي جو ذڪر آهي. هن جو مرزا
غازي بيگ سان زمين جي معاملي تي تڪرار ٿيو هو.
(تاريخ طاهري: صفحو 245)
صفحو 319، عمر راڻو:
يوسف ميرڪ ٺٽي جي سردارن جي فهرست ۾ ڄام هالي ۽
عمر راڻي جو نالو ورتو آهي.
(تاريخ مظهر شاهجهاني: صفحو 34)
صفحو 323، مخدوم آجب
تحفةِ الڪرام موجب هو صدو لانگاهه جو پٽ هو ۽
غالباً شاهه ڪريم جو همعصر هو.
تفسير حسيني:
هيءَ تفصير فارسي زبان جي مشهور نثر نويس ملا حسين
واعظ ڪاشفيءَ(وفات 911 هه/ 1505ع) جي تصنيف آهي.
هن تفسير جي خاص خوبي اها آهي ته منجهس گهڻن هنڌن
تي قرآني آيتن جي تشريح ۽ تعبير مشهور صوفي بزرگن
۽ شاعرن جي قولن سان ٿيل آهي. جن ۾ خاص طور خواجه
عبدالله انصاريءَ جو تفسير ڪشف الاسرار، ابن
عربيءَ جو فتوحات مڪيه، شهاب الدين سهرورديءَ جو
عوارف المعارف، ابو طالب مڪيءَ جو قوت القلوب،
مثنوي مولانا رومي، فخرالدين عراقيءَ جو لمعات،
محمود شبستريءَ جو گلشن راز ۽ منجهس جاميءَ جي
شاعريءَ جا ڪيترا حوالا ملن ٿا. معلوم ٿئي ٿو ته
ان زماني جي صوفين وٽ هي تفسير گهڻو مقبول هو.
صفحو 329، پير لاکو:
اها ساڳي حڪايت تحفةِ الڪرام وري نقل ڪئي آهي.
(صفحو 437)
صفحو 330، سيد ابراهيم عرف پير پرڏيهي:
اها ساڳي روايت تحفةِ الڪرام ۾ آندل آهي.
(صفحو 431)
صفحو 332، حاڪم علي مصطفيٰ:
مرزا مصطفيٰ سنه 1028 هه/ 1618ع ۾ مغلن طرفان ٺٽي
جو حڪمران ٿيو.
(تحفةِ الڪرام: صفحو 233) |