سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ

باب: --

صفحو :7

1.               ڇيڪارِي، ”اڃاري“ (140) ۾.

2.              مواسي، ”اچڪري“ (142) ۾.

3.              چنچلپائي، ”اچڪري“ (142) ۾.

4.              ڪپيندڙ، ”اچڪو“ (142) ۾.

5.              بي جنبش، ”اچل“ (142) ۾.

6.              منهن لڳ، ”اچڻو وڃڻو“ (142) ۾ (”منهن لڳڻ“ موجود.)

7.              پُنا، ”اڇ“ (143) ۾ (”پُنا“ تعلقي قنبر جي هڪ ديهه طور تي ڄاڻايل آهي پر ”پُنا“، ”پورا ٿيا“ ۽ ”پُنڻ“ = ”پورو ٿيڻ“ جي حيثيت ۾ موجود ناهن.)

8.              فوق العادت، ”اچمڀو“ (142) ۾.

9.              غير عادي (شايد ”غير مادي“ اصلي لفظ آهي)، ”اچمڀو“ (142) ۾.

10.           ڍلڙو، ”اڇاترو“ (144) ۾.

11.            توڙائين، ”اڇائي“ (144) ۾ (”توڙان“ موجود.)

12.           نرواري، ”اڇائي“ (144) ۾.

13.           لکندڙ، ”اڇري“ (145) ۾.

14.           اڻ ڇڙندڙ، ”اڇڙڙ“ (145) ۾.

15.           تيلاهين، ”اڇلڻ“ (145، 146) ۾.

16.           وڌائين، ”اڇل“ (146) ۾.

17.           اڻ واپرايل، ”اڇوتو“ (147) ۾.

18.           زور پسند، ”احسن“ (149) ۾.

19.           حشم خدم، ”احتشام“ (149) ۾ (”حشم“ موجود، ”حشم خدم“ ناهي.)

20.          ساراهيل، ”احمد“ (150) ۾.

21.           مُتبي، ”احمدي“ (150) ۾ (”مُتنبهه“ موجود.)

22.          ڀوڪپائي، ”احمقپائي“ (150) ۾.

23.          آڇج، ”احوال“ (150) ۾.

24.          يگانگيت، ”اخرت“ (153) ۾.

25.          ويلا (موت جي ويلا)، ”اخير وقت“ (153) ۾.

26.          پِه، ”ادا“ (153) ۾.

27.          ويڳاڻل، ”اداب“ (154) ۾.

28.          ڏيهاڻي، ”اداسي“ (154) ۾.

29.          سيکاريل، ”ادب آموخته“ (145) ۾.

30.          سکيل، ”ادب آموخته“ (145) ۾.

31.           پاليل، ”ادب پرورده“ (154) ۾.

32.          اڻ ڏٺائي، ”آدرشتا“ (155) ۾ (”ڏٺائي“ به موجود ناهي.)

33.          متجانس،”ادغام“ (156) ۾.

34.          يڪذات، ”ادغام ۾ اعراب“ (156) ۾.

35.          ميرو سيرو، ”ادلو گدلو“ (156) ۾.

36.          ڪميڻپ، ”ادنائي“ (156) ۽ ”بدمعاشي“ (260) ۾.

37.          سڻندو، ”ادورائي“ (157) ۾ (”سڻڻ“ موجود.)

38.          ندورائي، ”ادورائي“ (157) ۾.

39.          ادبار، ”ادورائي“ (157) ۾.

40.          چنڊائي، ”ادورائي“ (157) ۾.

41.           نردوش، ”ادوش“ (157) ۾.

42.          پَوَنُ (پائونڊ، رطل)، ”اڌسير“ (158) ۾.

43.          اڌوگابرو، ”اڌ گردو“ (158) ۾.

44.          ماٺڻي، ”اڌ لکي“ (158) ۽ ”ماٺڻو“ (2559) ۾.

45.          اڌ بنديل، ”اڌ لڳي“ (158) ۾ (”بنديل“ به موجود ناهي.)

46.          اڌ پهريل، ”اڌوراڻو“ (158) ۾ (”پهريل“به موجود ناهي.)

47.          اڌگابرو، ”اڌورو“ (158) ۾ (”گابرو“به موجود ناهي.)

48.          اڌپتيار، ”اڌيار“ (159) ۾ (”پتيار“به موجود ناهي.)

49.          بددعاتيون، ”اڌاتورو“ (159) ۾ (”عادتيون“ به موجود ناهي، ”عادتي“ آهي.)

50.          اُڌيو، ”اڌاڻو“ (160) ۾.

51.           ڌريئون (ڌرئيون ڌار ٿيل)، ”اڌري“ (160) ۾.

52.          نُٽيءَ (نٽي)، ”اڌري“ (160) ۾.

53.          سامائل، ”اڌل“ (161) ۽ ”اڌو ماساڻو“ (162) ۾ (”سمايل“ موجود.)

54.          جهيڙاڪار، ”اڌير“ (163) ۾ (”جهيڙاڪر“ موجود.)

55.          ڀرجهلائي، ”آڏ“ (163)، ”اڏامڪي“ (164) ۽ ”اڊائي“ (166) ۾.

56.          اڏائي، ”اڏاري“ ۽ ”اڏام“ (263) ۾.

57.          ناهپ، ”اڏاوت“ (164) ۾.

58.          اڏرڻ، ”اڏڻ“ (165) ۽ ”اڊرڻ“ (166) ۾.

59.          آسائو، ”اڏيڪ“ (165) ۾.

60.          گهڻ کائڪ، ”اڊ“ (166)، ”بٺارو“ (349) ۽ ”بيل“ (441) ۾.

61.           ڪلا روڳ، ”اڍ“ (166-167) ۾ (”ڪُلا“ هڪ ذات ۽ ”روڳ“ موجود.)

62.          تانئر، ”اڌارڻ“ (167) ۾.

63.          پاڙئون پٽڻ، ”اڍائڻ“ (167) ۾ (”پاڙپٽ“ ۽ ”پاڙون پٽي ڪڍڻ“ موجود.)

64.          اڍايوڻو، ”اڍائوڻ“ (167) ۾.

65.          مُڪا، ”اڍنگو“ (167) ۾ (”مُڪ“ ۽ ”مُڪا“ موجود پر ٻنهي جو ”مُڪا“ سان ڪو به تعلق ناهي.)

66.          پيرڙي، ”ارت“ (170) ۾ (”پيرڙو“ موجود.)

67.          ڪاڙهيل، ”ارتاب“ (170) ۾.

68.          تڙي کڙي، ”ارتجال“ (171) ۾.

69.          آتر ڌاڌر، ”ارتر“ (171) ۾.

70.          داڦڙ، ”ارجل“ (172) ۾.

71.           اهنڊائي، ”ارڏائي“ (172) ۾.

72.          ارڙي، هڪ بيماري، ترتيب ۾ موجود ناهي.

73.          سپِيان، ”ارسونگا“ (174) ۾.

74.          پيليري (ج)، ”ارغچ“ (175) ۾.

75.          ٻانڌوڻا (ج)، ”ارغچ“ (175) ۾.

76.          جهليندڙ، ”ارغوان“ (175) ۾.

77.          جهلاءِ، ”ارڪان“ (175) ۾.

78.          اڏو تڏو، ”ارڪو ترڪو“ (176) ۾ (”اڏو“ موجود.)

79.          هرڪو ترڪو، ”ارڪو ترڪو“ (176) ۾.

80.          سڃارائڻ، ”ارکائڻ“ (176) ۾.

81.           ادبائتي، ”ارگ“ (176) ۾.

82.          ميراڻ سيراڻ، ”ارگر“ (176) ۾ (”ميراڻ“ موجود.)

83.          اريجائي، ”ارو“ (178) ۾ (”اريج“ موجود.)

84.          بي ريجائتي، ”اروجي“ (178) ۾.

85.          بي مهانڊي، ”اروکو“ (179) ۾.

86.          نرويو، ”اروگ“ (179) ۾ (”نروئو“ موجود.)

87.          رول ڇول، ”ارهندي“ (180) ۾.

88.          ڌڻين مُئي، ”ارهندي“ (180) ۾.

89.          آجا پاجا، ”اڙپڙ“ (182) ۾.

90.          آٽاپٽا، ”اڙپڙ“ (182) ۾.

91.           سڌ سماءُ، ”اڙک پڙک“ (183) ۾.

92.          اڙڪي ڦڙڪي، ”اڙکي پڙکي“ (183) جي متبادل طور آندل لفظ.

93.          روڪيل، ”اڙيو رهڻ“ (183) ۾.

94.          پاڻئون، ”ازخود“ (184) ۾ (”پاڻون“، ”پاڻهي“، ۽ ”پاڻهين“ موجود.)

95.          ڪاراٽيل، ”اس سڙيو“ (185) ۾.

96.          سنڀريل، ”اساترو“ (186) ۾.

97.          اسمڀو، ”اساڌيو“ (186) ۾.

98.          ڦوڳو، ”اسارو“ (186) ۾.

99.          تاوڙي، ”اساکري“ (187) ۾ (”تائڙي“ موجود.)

100.       اساکڙي، ”اساکري“ (187) کان هڪدم پوءِ ساڳي سٽ ۾ ڏنل آهي، جڏهن ته ان کي ڌار عنوان طور ڄاڻائڻ گهرجي.

101.        وانجي، ”استثنائي“ (188) ۾.

102.       رجوليت، ”استرڪ“ (189) ۾.

103.       سکاوت، ”استرگي“ (189) ۾.

104.       پُڇيل، ”استفهام“ (190) ۾.

105.       اسٿت، ”استوار“ (190) ۾.

106.       کِروکر، ”ايست ويست“ (191) ۾ (”کِروکرو“ ۽ ”کِروکرائي“ موجود.)

107.       اُڃائجڻ، ”اسٽراجڻ“ (193) ۾.

108.       اڪيرجڻ، ”اسڪڻ“ (195) ۽ ”اڪنڊائڻ“ (219) ۾.

109.       ڪاڍائڻ، ”اسڪڻ“ (195) ۾.

110.        اس گندڻي، ”اس گهنڊڻي“ (195) ۾.

111.         پوکيل، ”اسم“ (196) ۾.

112.        ٻيڙڙو، ”اسم تصغير“ (196) ۾.

113.        ٻيڙڙِي، ”اسم تصغير“ (196) ۾.

114.        ڇوڪرڙي، ”اسم تصغير“ (196) ۾.

115.        ڪسيرڙو، ”اسم تصغير“ (196) ۾.

116.        ٽڪڪ، ”اسم تصغير“ (196) ۾.

117.        ٽَڪڙو، ”اسم تصغير“ (196) ۾.

118.        اڻ سگهو، ”اسمرٿ“ (197) ۾.

119.        ناپديد، ”اسوجهه“ (198) ۾.

120.       ترڪ موالات، ”اسهڪار“ (199) ۾ (”ترڪ“ لفظ ته پنهنجي جاءِ تي موجود آهي، پر ان سان گڏ ”موالات“ ڏنل ناهي ۽ نه ئي وري ”موالات“ پنهنجي جاءِ تي موجود آهي.)

121.        سُڪوتان، ”اشارت“ (199) ۾ (”سُڪوت“، ”سڪوتي“، ”سڪوتو“ وغيره موجود.)

122.       سوڻل موڻل، ”اشترخوءِ“ (200) ۾ (”سوڻل موڻل“، ”سوڻو موڻو“ موجود).

123.       ”اشتراڪيت“ ۽ ”اشتماليت“ (200) ۾ (ٻنهي جي معنى هڪ جهڙي ڏني وئي آهي، جڏهن ته سوشلزم (اشتراڪيت) ۽ ڪميونزم (اشتماليت) ۾ فرق آهي.)

124.       مَرئي، ”اشخاص“ (201) ۾.

125.       شريف پائي، ”اشرافت“ (201) ۾.

126.       ڳاڙيندڙ، ”اشڪبار“ (202) ۾.

127.       وهائيندڙ، ”اشڪبار“ (202) ۾.

128.       هاريندڙ، ”اشڪبار“ (202) ۾.

129.       روئندڙ، ”اشڪبار“ (202) ۾.

130.       رکندڙ، ”اشڪيلي“ (202) ۾.

131.        لکندڙ، ”اصحاب قلم“ (203) ۾.

132.       درميانگي، ”اعتدال“ (207) ۾.

133.       وچٿرائي، ”اعتدال“ (207) ۾.

134.       ڳالهائي ٻولهائي، ”اعجم“ (208) ۾.

135.       ڌاريانئي (؟ ڌاريائي)، ”اغياري“ (209) ۾.

136.       نارچگي، ”افتاد“ (209) ۾.

137.       ڇڙوڇڙائي، ”افراتفري“ (210) ۾.

138.       پٺاڻڪي، ”افغاني“ (211) ۾.

139.       اڇلائيندڙ، ”افگن“ (211) ۾.

140.       ”هٽ ڏائڻ!“، ”اڦ ڏائڻ“ (212) ۾.

141.        ڪرفاٽو، ”اڦراٽو“ (212) ۾.

142.       لسڪڻ، ”اڦڙڪڻ“ (212) ۾.

143.       اڪنڍاڻ، ”اڪنڊائڻ“ (219) ۾.

144.       اڪنڍجڻ، ”اڪنڊجڻ“ (219) ۾.

145.       واجهائيندڙ، ”اڪنڊي“ (219) ۾.

146.       ايڪولائي، ”اڪولاهي“ (220) ۾.

147.       ندورائي، ”اُڪي“ (220) ۾.

148.       اڪنڊڻ، ”اڪيرڻ“ (220) ۾.

149.       ڇڙائي، ”اڪيلائي“ (221) ۾ (”ڇڙائي“ جي ڪڍ ساڳي عنوان هيٺ ”ڇڙائي“ ڏنل، باقي ڌار عنوان طور نه ڏنل آهي.)

150.       اکين سنهو، ”اک بداڻو“ (221) ۾.

151.        اک ڦريل، ”اک بداڻو“ (221) ۾.

152.       اک ٻوٽيل، ”اک ٻوٽ“ (221) ۾.

153.       اک آلي ٿيڻ، ”اک ڀڄڻ“ (221) ۾.

154.       اک ڦرڪڻ، ”اک ڦڙڪڻ“ (222) ۾.

155.       لنئو لائڻ، ”اک لڳائڻ“ (223) ۾.

156.       پريت پائڻ، ”اک لڳائڻ“ (223) ۾.

157.       ڳشق لڳڻ، ”اک لڳائڻ“ (223) ۾.

158.       اکين جو آسرو هئڻ، ”اکين جو آسابند هجڻ“ (224) ۾.

159.       اکين جي روشني، ”اکين جو سوجهرو“ (224) ۾.

160.       اکين ۾ ڪڪرا پوڻ، ”اکين کي ڪٽر پوڻ“ (225) ۾.

161.        اکين ۾ کٽڪڻ، ”اکين ۾ ڪنڊو پوڻ“ (225) ۾.

162.       تاڙجڻ، ”اک ۾ هئڻ“ (225) ۾.

163.       ٻيرا ٿيڻ، ”اکيون آلو ماهه ٿيڻ“ (225) ۾.

164.       واٽ ڏسڻ، ”اکيون پائي ويهڻ“ (226) ۾.

165.       ميل ڪرڻ، ”اکيون پائي ويهڻ (226) ۾.

166.       ڏسي وائسي ڪم ڪرڻ (ڏسڻ وائسڻ)، ”اکيون پٽي ڪم ڪرڻ“ (226) ۾.

167.       اکين ۾ کڏون پوڻ، ”اکيون ڏار ڏيڻ“ (226) ۾.

168.       منهن مٽڻ، ”اکيون ڦيرڻ“ (227) ۾ (”منهن مٽائڻ“ موجود.)

169.       خمار چڙهڻ، ”اکيون ڳريون ٿيڻ“ (227) ۾.

170.       نظر جو اٽڪڻ (نظر اٽڪڻ)، ”اکيون لڳڻ“ (227) ۾.

171.        لڄارو ٿيڻ (لڄ ٿيڻ)، ”اکيون مٿي کڻي نه نهارڻ“ (227) ۾.

172.       اکيون ملڻ، ”اکيون مهٽڻ“ (227) ۾.

173.       مستي ڏيکارڻ، ”اکيون هڻڻ“ (227) ۾.

174.       بيغيرت ٿيڻ، ”اکيون هيٺ ڪرڻ“ (227) ۾.

175.       بيحيا ٿيڻ، ”اکيون هيٺ ڪرڻ“ (227) ۾.

176.       دوڏر، ”اکرُ“ 227 ۽ ”اکڙوٽ اکيو“ (229) ۾.

177.       اٽو هارڻ، ”اکريءَ ۾ پاڻي ڇڙڻ“ (229) ۾.

178.       ڍنگرن تي اٽو هارڻ، ”اکريءَ ۾ پاڻي ڇڙڻ“ (229) ۾.

179.       اڻ کيڙيل، ”اکڙ“ (229) ۾.

180.       ڦوٽاريل، ”اکڙيو“ (229) ۾.

181.        چاڻڪون هڻڻ (چاڻڪ هڻڻ، چاڻڪ)، ”اکلون هڻڻ“ (229) ۾.

182.       ڏسندڙ، ”اکيار“ (230) ۾.

183.       الهه تلهه ناس ٿيڻ، ”اگر تگر چٽ، ناس ٿيڻ“ (231) ۾.

184.       اڻپورائي، ”اگلاني“ (231) ۾.

185.       غيبدان، ”اگم ڄاڻ“ (223) ۾.

186.       اَپِٿيو، ”اگوتري“ (232) (”اَپٿيو“ موجود پر معنى ساڳي ناهي.)

187.       اڳائو، ”اڳ ڄائو“ (233) ۾.

188.       ڏکويل، اڳ ڏڌو“ (233) ۾.

189.       اڳ ويچار، ”اڳ ڳڻتي“ (233) ۾.

190.       ڌريندو، ”اڳوار“ (233) ۾.

191.        مهندان اچڻ، ”اڳي اچڻ“ (232) ۾.

192.       رور سوڙ، ”اگهه سگهه“ (237) ۾.

193.       اگهاڙيس، ”اگهاڙڻ“ (238) ۾.

194.       ناچڱڀلائي، ”اگهائي“ (238) ۾.

195.       سکالائي، ”اگهائي“ (238) ۾.

196.       اڻ آزمودگار، ”ال“ ۽ ”ال ڪانءُ“ (240) ۾.

197.       اتڻ ويڙهي رکڻ، ”الاڻڻ“ (241) ۾.

198.       لاڏلاڻي، ”البيلائي“ (242) ۾.

199.       چنچلپائي، ”البيلائي“ (242) ۾.

200.      دادلائي، ”البيلائي“ (242) ۾.

201.       اليٿ، ”الٿ“ (243) ۾.

202.      سومٿي، ”الٿ“ (243) ۾.

203.      بکيڙي ۾ پوڻ، ”الاجهڻ“ (244) ۾.

204.      شموليت، ”الحاق“ (244) ۾.

205.      وٽجي سٽجي هلڻ (وٽجڻ سٽجڻ)، ”الرڻ“ (244) ۾.

206.      پاسو کوڙائڻ، ”الرائڻ“ (245) ۾ (”پاسو کوڙڻ“ موجود، شايد چڪ.)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com