آتش پرستي ۾ ته اصولي لفظ آتش
آهي
پر آتشِ نمرود ۾ اصولي لفظ ڪهڙو؟ آبِ زمزم،
آبِ ڪوثر وغيره
۾
اصولي لفظ زمزم ۽ ڪوثر آهن
يا
آب؟
5)
سنڌي
۾
سهولت تڏهن ٿيندي ۽ اصولن ٿيڻ به ائين گهرجي، جنهن
به لفظ جي صورتخطي، ڪنهن به طرح، ايتري قدر جو رڳو
سر جو فرق رکي ٿي، ان کي پنهنجي ڌار جاءِ ملڻ
گهرجي. بنيادي معنى
۽ سمجهاڻي لاءِ اصولي لفظ ڏي اشارو ڪري ڇڏجي باقي،
سموري سمجهاڻي ۽ معنى
اتي ئي ڏئي ڇڏجي. مثال طور لکائيندڙ لفظ ڏسڻو
آهي:
·
لِکائيندڙُ:
(فاعل، مذڪر، واحد) لکائڻ وارو، جيڪو لِکائي:
مريم کان چٺي لکائيندڙ سندس ڀاءُ هو. شاگردن کي
صورتخطي لکائيندڙ سندن استاد هو.
هاڻي جيڪڏهن ڪو ماڻهو لِکائڻ ڏسڻ گهري ٿو:
·
لِکائِڻُ:
(مصدر، فعل، متعدي بالواسطه) ٻي کان لِکڻ جو ڪم
وٺڻ، ڪرائڻ.
ٻي کي لکڻ جو ڪم چوڻ:
چٺي لکائڻ مهل اُچارن تي پورو ڌيان ڏجي. هن خط
لکائڻ
ئي
مَسَ شروع ڪيو ته پين جي مَسُ کپي وئي.
وري جيڪڏهن اهو ماڻهو لکڻ به ڏسڻ گهري ٿو.
·
لکڻ:
(مصدر، فعل) ڪنهن به مٿاڇري خاص طور تي پَني تي
پين پينسل، برش، قلم، ڪلڪ وغيره سان اکَر، لفظ،
جملا، اصطلاح يا انهن جا اهڃاڻ (مثال طور، لفظي
نشان) لِيڪڻ، ٺاهڻ، اکر يا لفظ چِٽڻ، ڇپڻ، اڀارڻ،
اڪارڻ، نروارڻ، ظاهر ڪرڻ، تحرير ڪرڻ، رَقم ڪرڻ:
ساجد لکڻ ۽ پڙهڻ خوب ڄاڻيندو هو. لکڻ ته بس عظيم
ڄاڻي. اڪبر بادشاهه لکڻ جي هنر کان اڻ واقف هو.
ڪنهن لفظ جو اچار ۽ صورتخطي ته هڪ جهڙا هجن پر معنى
۽ مفهوم ٻيو ٻيو هجي ته اهڙي حالت ۾ ڇا ڪجي؟ لفظ
آهي لِکائي.
·
لِکائِي:
1.
(اسم) لکڻ جو نمونو، ڍنگ، طريقو، انداز:
ظفر جي لکائي ايڏي سهڻي آهي جو ماڻهو بس ويٺو ڏسي.
لِکائي ته اسلم جي، ايڏي رد جو پاڻ به پڙهي نه
سگهي.
2. (فعل، متعدي، بالواسطه، مؤنث) لکائڻ جو ماضي.
نصيبان چٺي ته لکائِي پر موڪلي نه سگهي. اصغر
سڄي ڪلاس کي صورتخطي لکائي.
لکڻ مان لکجڻ،
لکائڻ،
لکائجڻ، لکرائڻ، لکرائجڻ، لکارائڻ
لکارائجڻ مصدر اچن ٿا وري انهن جا ماضي، مستقبل
۽ اسم حاليه، پوءِ فاعل ۽ مفعول، وري مذڪر ۽ مؤنث
۽ واحد ۽ جمع شڪليون ۽ انهن کان پوءِ انهن سان
ملندڙ ضميري پڇاڙيون (واحد ۽ جمع ۽ مذڪر ۽ مؤنث)
آهن جنهنڪري هر هڪ مصدر مان ڏهاڪن جي ڳڻپ ۾ ته رڳو
فعلي صورتون ٺهن ٿيون.
6)
ضميري پڇاڙيون رکندڙ لفظن کي جامع سنڌي لغات ۾
(ڀل چڪ کان سواءِ) ڪنهن به هنڌ نه آندو ويو آهي
جڏهن ته انهن جي ڪري لفظ جي صورت ئي بدلجيو وڃي.
بڻايَئِه،
ٻڌايَئِه،
لکايَئِه،
بڻايم، ٻُڌايم، لکايُم، بڻايوسون،
ٻڌايوسون، لکايوسون وغيره جهڙا هزارين لفظ
سنڌيءَ ۾ عام واهپي هيٺ آهن. اهڙن لفظن کي جامع
سنڌي لغات ۾ ڪيئن ڳولجي ۽ سمجهجي ۽ وري جي ضميري
پڇاڙيون ٻِٽيون هجن ته!؟
ضميري پڇاڙين
بابت
وس پڳي مڪمل ڄاڻ لغت جي ابتدا ۾ ئي ڏيڻ گهرجي.
ائين به ڪري سگهجي ٿو، ڪرڻ گهرجي، ته ضميري پڇاڙي
واري هر هڪ
صورت
لاءِ ڌار ڌار اکر ۽ انگ مقرر ڪري ڇڏجن ۽ لغت ۾
اندر جتي به ضميري پڇاڙي وارو لفظ ڪم آيل هجي،
اتي، ان جي اڳيان ڏنگيءَ ۾ اهو اکر يا اکَر ۽ انگ
ڏئي ڇڏجي. جيئن.
(ض)
=
ضمير
(ض پ)
=
ضميري پڇاڙي
(ض پ ذ و
-1)
=
ضميري پڇاڙي مذڪر واحد.
مان، مون، آءٌ جي حالت فاعلي ڏيکاريندڙ:
لکندم، پڙهندس، ويندس، پڙهيُم، وَيُم،
وَيُس.
(ض پ
ث
و
-1)
=
ضميري پڇاڙي مؤنث
واحد.
مان، مون، آءٌ جي حالت فاعلي ڏيکاريندڙ:
لکنديَم،
پڙهنديَس،
وينديَس،
وَيَم،
وَيَس.
(ض
پ ذ ج
-1)
=
ضميري پڇاڙي مذڪر جمع.
اسان، اسين، جي حالت فاعلي ڏيکاريندڙ:
لکيوسي، لکنداسون، پڙهنداسون، لکيوسون، پڙهيوسون،
پڙهيوسي،
لکنداسي، پڙهنداسي.
( ض پ
ث ج -1)
=
ضميري پڇاڙي مؤنث جمع.
اسان، اسين جي حالت فاعلي ڏيکاريندڙ:
لکيوسين، پڙهيوسين، لکنديونسي، پڙهنديونسي.
(ض پ ذ و
-2)
=
ضميري پڇاڙي مذڪر واحد. تون جي حالت فاعلي
ڏيکاريندڙ:
لکندين، پڙهندين، لکيُئه،
پڙهيُئه.
(ض پ
ث
و
-2)
=
ضميري پڇاڙي مؤنث
واحد. تون جي حالت فاعلي ڏيکاريندڙ:
لکندينءَ،
پڙهندينءَ،
لکيَئِه،
پڙهيَئِه.
(ض پ
ذ ج -2)
=ضميري
پڇاڙي مذڪر جمع. توهان، توهين جي حالت فاعلي
ڏيکاريندڙ:
لکندؤ، پڙهندؤ، لِکيُوَ، پڙهيُوَ.
(ض پ ث ج
-2)
=ضميري
پڇاڙي مؤنث جمع. توهين، توهان جي حالت فاعلي
ڏيکاريندڙ:
لکندؤ، پڙهندؤ، لکيَوَ،
پڙهيَوَ.
(ض پ ذ ج
-2
۽ ض پ ث ج
-2
کي گڏ به لکي سگهجي ٿو.)
اهڙيءَ طرح هر هڪ ضميري پڇاڙي کي سندس وياڪرڻي
حالت موجب اکرن ۽ انگن جي مدد سان ظاهر ڪري سگهجي
ٿو.
7)
ساڳي نموني واحد مان جمع ۽ جمع مان واحد، مؤنث مان
مذڪر ۽ مذڪر مان مؤنث
۾
بدلجڻ جا طريقا ٻڌائي انهن لاءِ پڻ اکر انگ مقرر
ڪرڻ گهجن.
هِتي انگريزي مان هڪ مختصر تفصيل واري مصدر جو
مثال ڏجي ٿو.
Wriggle
/'rigl/
vi, vt
1
[VP2A, C, 3A] move with quick, short, twistings;
move along in this way: The worm ~d as Jim
put it on the fish
-
hook, Small children ~ in their seats when they
are bored. The eel ~d out of my fingers. He ~d
out of (=escaped from) the difficulty. He ~d
(his way) through the thick hedge.
My criticism made him ~, feel
uncomfortable.
2
[VP6A, 15B, 22] move with a wriggling motion: ~
ones toes; ~ oneself free, get free (eg
from ropes round the body); ~ ones way out.
□n
wriggling movement.
wrig.gler
/rigələ(r)/
n (esp) larva of a mosquito.
(آڪسفورڊ
ايڊوانسڊ لرنرس ڊڪشنري آف ڪرنٽ انگلش
(ٽين ڇاپي جو ويهون عڪس:
1985) ص-996)
انگلش-سنڌي
ڊڪشنري:
اي.
ٽي. شاهاڻي ۾ ان لفظ جي معنى
ڪِينئين
وانگر سُرڻ، گوٿنات ڪرڻ ڏنل آهي. اچو، ڏسون ته
پاڻ انگريزي وارن ان لفظ بابت معنى
۽ سمجهاڻي ڪيئن ڏني آهي.:
1. ٿولهه جي لحاظ کان ٽن قمسن جي ٽائيپ ڪم آندل
آهي. وچٿري ٿلهي، ڪجهه سنهي ۽ ٻاوانجري (ليٽيل،
اٽئلڪ) ۽ ان سان گڏ ابتي سبتي.
2. لفظ وچٿري ٿلهي ٽائيپ ۾ آهي ۽ سمجهاڻي جي
تفصيل
۾
ڪٿي لهر (~)
جو نشان جيڪو ساڳي لفظ جو اهڃاڻ آهي.
3. لفظ کان ترت پوءِ ٿورو اُڀُين لِيڪُن جي وچ ۾
ابتي سبتي الفابيٽ ۾ لفظ جو اچار بيان ڪيل آهي.
اچار ۾ آر اکر جي مٿان
'
جو انگ ڏنل آهي جيڪو ٻڌائي ٿو ته اهو اکر چٽو ڪري
(زور ڏئي) پڙهبو ۽ باقي اکر عام آواز ۾ پڙهبا. هن
لفظ جو اچار ٿيو رِگل.
4. اچار کان ترت پوءِ ٻاوانجرن اکرن ۾
vi
(فعل لازمي) ۽
vt
(فعل متعدي) ڄاڻايل آهي.
5. هاڻي 1 جي انگ کان پوءِ ان لفظ جي پهرين معنى
۽ سمجهاڻي ڏنل آهي.
6. وڏي ڏنگي
۾
اکر ۽ انگ ان لفظ جي فعلاتي ڍنگ
(verb
pattern)
جي ڄاڻ ڏين ٿا.
7. ان کان پوءِ لفظ جي معنى
جو تفصيل ۽ ڇهن جملن ۾ ان جو واهپو سمجهايل آهي:
تڪڙن، ننڍن، ور-وڪڙن
۾ چُرڻ، ڦٿڪڻ،
ان طريقي سان اڳتي وڌڻ، ڦٿڪي ڀڄڻ، ڀاڄ کائڻ، بيچين
ٿيڻ.
8. هاڻي 2 جي انگ کان پوءِ ان لفظ جي ٻي معنى
۽ سمجهاڻي ڏنل آهي.
9. 2 جي انگ کان ترت پوءِ وڏي ڏنگيءَ
۾
اکر انگ
فعلائتي
ڍنگ جي ڄاڻ ڏين ٿا (هيءُ فعلائتو ڍنگ پهرين کان
مختلف آهي).
10. لفظ جي معنى
۽ ٻن جملن ۾ سمجهاڻي ڏنل آهي:
تڙ تڪڙ ۾ ور وڪڙ چرپر.
11. هاڻي چورس کان پوءِ ٻاوانجرن اکرن ۾ اين ڏنل
آهي جيڪا ٻڌائي ٿي ته هيءُ لفظ اسم به آهي جنهن
موجب ان جي معنى
ور-وڪڙ
هلڻي ٿئي ٿي.
12. هاڻي وري وچٿري ٿلهي ٽائيپ ۾ ان فعل جو فاعل ۽
ليٽيل اڀين ليڪن ۾ ان جو اچار رِگل(ر) بيان ڪيل
آهي (يعني آخري ر هلڪي اچاربي
يا ڪيرائي ڇڏبي.) ٻاوانجري اين اسم کي ظاهر
ڪري ٿي:
معنى
۽ خصوصي معنى
ڏنل.
مون اهي سڀ انگريزي ۾ اڳتي وڌيل (اسريل) سيکراٽن
لاءِ جوڙيل ڊڪشنري جي پيش لفظ ۽
ڊڪشنري
کي بهتر نموني ڪيئن ڪم آڻجي پڙهي ڄاتيون آهن.
توهان ڏٺو ته هر هڪ لفظ جي مڪمل
فطرت،
معنى،
سمجهاڻي ۽ واهپو وغيره ڄاڻايل آهي. گهڻن هنڌن تي
ائين به آهي ته جيڪي لفظ عام واهپي ۾ هڪ معنى،
فلسفي ۾ ٻي، قانون ۾ ٽين معنى
رکن ٿا انهن جي معنى
کان اڳ ان علمي شعبي جي نشاندهي به ڪيل آهي.
سيکراٽن لاءِ جوڙيل ان ڊڪشنري ۾ هڪ لک کن لفظ ۽
اصطلاح ڄاڻايل طريقي موجب بيان ڪيل آهن، ڪٿي ڪٿي
گهربل تصويرون ڏنل آهن، سائنسي جدولون، دنيا جي
سڀني ڏيهن جا نالا ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه ڏنل آهي ۽ اها
سڄي ڊڪشنري ڊيمي (گِراٺ)
قد
۾
۽ هڪ جلد اندر 1038 صفحن تي پکڙيل آهي. انگريزي
مان انگريزي ۾ نئين جوڙيل ڊڪشنري ۾ ساڳين اصولن
موجب 30 ڪروڙ لفظ ۽ اصطلاح ڏنل آهن.
هاڻي اسين ٻِٽي ٻاڪون (ڊبل ڪرائون) قد ۾ پنجن جلدن
۽
3100
صفحن تي پکڙيل سوا لک لفظ ۽ اصطلاح ۽ لڳ ڀڳ هر قسم
جون خاميون ۽ کوٽون رکندڙ جامع سنڌي لغات تي نظر
وجهي ان جو حقيقي معيار ۽ قد بت ڪَٿي سگهون ٿا!
لغت جو ڪتاب، سِڌي ڳالهه آهي ته، لفظن ۽ اصطلاحن
بابت سڀ طرفي مڪمل ڄاڻ مهيا ڪري ٿو. ڏاڍي ڏک سان
اها ڳالهه قبول ڪرڻي ۽ چوڻي پوي ٿي ته
5
هزار ورهين تي پکڙيل مهذب ثقافت رکندڙ سنڌي ٻوليءَ
۽ قوم وٽ اڃا تائين اهڙي عملي ۽ تحقيقي لغت ميسر
ناهي. ان هوندي به آءٌ پنهنجي دلئون درست ٿو
سمجهان ته جنهن ماڻهوءَ جامع سنڌي لغات ۽ شاهه
جي رسالي کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو گهري نظر سان نه
ڏٺو آهي اهو سنڌي ٻوليءَ جي رچائيءَ ۽ رمزن کان
واقف هجي ۽ ان کي صحيح نموني لکي سگهي، ڏاڍو ڏکيو
آهي.
مون کي اها پڪ آهي ته هن وقت تائين سنڌيءَ ۾ ڇپيل
سمورن ڪتابن، رسالن، اخبارن، وغيره مان پوري ڌيان
سان جيڪڏهن هر لفظ کي گڏ ڪيو وڃي ته هاڻوڪيءَ
جامع سنڌي لغات جو قد بت ٻيڻو ٿي سگهي ٿو، پر
جيڪڏهن هر لفظ تي پورو ڌيان ڏئي ان مان جڙندڙ ۽
جڙي سگهندڙ سڀني صورتن کي تحقيقي انداز ۾ گڏ ڪيون
ته اهو ڪتاب پنجوڻو ٿي سگهي ٿو.
مثال طور، مٿي مون چوٿين درجي جي هڪ گيت جو هڪ بند
لکي ان ۾ ڪم آيل لفظن جي ڳولا جو طريقو پڇيو هو
ڪوٽان ڪوٽِ ۾ شامل لفظن ۽ ان جي اصطلاح تي ڪجهه
ڌيان ڏيو، پوءِ بڻايَئِه کي ڏسو ۽ اَنت نه
پارا کي پرکيو.
جامع سنڌي لغات ۾ ڪوٽُ
ج
ڪوٽَ، بڻائڻ (بڻايو
-
بڻائيندو
-
بڻايل) ۽ انت نه پار هجڻَ ڏنل آهن. اڪيلي سِر
پارا (جنهن معنى
۾ هتي ڏنل آهي) ڪٿي به ڪونهي، ۽ جي آهي ته
پارو
ج
پارا
ڄاڻايل آهي. تنهنڪري لازم آهي ته جامع سنڌي لغات
مان جيڪو به لاڀ وٺڻ گهري ٿو، ان کي سنڌيءَ جي
اڳواٽ ئي چڱي ڀلي، بلڪه عالمانه ڄاڻ هئڻ گهرجي.
انهيءَ ڪري آءٌ ان راءِ جو آهيان ته سنڌيءَ ٻولي
جو هر هڪ لفظ واحد توڙي جمع، مذڪر توڙي مؤنث، ماضي
توڙي مستقبل، جيڪو ڪنهن به طرح، ايتري قدر جو رڳو
سُرَ جو فرق هجي ته لغت ۾ ڌار داخلا (عنوان،
اِنٽري) رکندڙ
هجي.
ڏسڻ جو ماضي ڏٺو، ڄاڻڻ جو ماضي ڄاتو آهي،
ڏٺو ۽ ڄاتو پنهنجي الڳ جاءِ تي اچڻ گهرجن ۽
اتي گهربل معنى
۽ سمجهاڻي ڏئي سندن بنيادي يا اصولي لفظ ڏانهن
اشارو ڪجي.
ڏٺائين
۽ ڄاتائين وري هڪ ٻي معنى
رکن ٿا ته انهن جو عنوان به پنهنجي ترتيب موجب
گهربل هنڌ تي هجڻ گهرجي.
لکڻ مصدر مان لکجڻ، لکائڻ، لکائجڻ، لکرائڻ،
لکرائجڻ، لکارائڻ ۽ لکرائجڻ مصدر اچن ٿا، جيڪي
پنهنجي ترتيب موجب لکڻ کان اڳ ۾ ايندا ۽ اچڻ
گهرجن جيڪڏهن انهن سان سندن فاعلي صورتون ۽ ضميري
پڇاڙيون گڏ هجن ته سندن ترتيب اڃا به ڦري ويندي.
ڇا اسين سنڌيءَ جي ان خاصيت کي لغت جهڙي ڪتاب ۾ ڪم
نه آڻيون ۽ بي ڌيانيءَ سان ڦٽو ڪري ڇڏيون؟
هن سوال جو جواب ڏيڻ کان اڳ بهتر آهي ته اڳ ۾
لکڻ مان ايندڙ هيٺين لفظن تي هڪ نظر وجهون:
1.
لِک
2.
لِکاراءِ
3.
لکارائج
4.
لکارائجڻ
5.
لکارائجي
6.
لکارائِجي
7.
لکارائڻ
8.
لکارائي
9.
لکارائِي
10.
لکارائيندا
11.
لکارائيندڙ
12.
لکارائيندو
13.
لکارائيندي
14.
لکارائِيندي
15.
لکارائينديون
16.
لکارايل
17.
لکان
18.
لکانءِ
19.
لکاڻي
20.
لکاڻيون
21.
لکاءِ
22.
لکائبا
23.
لکائبو
24.
لِکائبِي
25.
لکائبيون
26.
لکائج
27.
لکائجان
28.
لکائجبا
29.
لکائجبو
30.
لکائجبِي
31.
لکائجبيون
32.
لکائجندا
33.
لکائجندڙ
34.
لکائجندڙن
35.
لکائجندو
36.
لکائجندي
37.
لکائجندِي
38.
لکائجنديون
39.
لکائجڻ
40.
لکائجو
41.
لکائجي
42.
لکائجِي
43.
لکائجيو
44.
لکائجيوَ
45.
لکائڻ
46.
لکائڻا
47.
لکائڻو
48.
لکائڻي
49.
لکائڻِي
50.
لکائڻيون
51.
لکائي
52.
لکائِي
53.
لکائيج
54.
لکائيندا
55.
لکائينداس
56.
لکائينداسُون
57.
لکائينداسُونءِ
58.
لکائينداسي
59.
لکائينداسين
60.
لکائينداسِينِ
61.
لکائينداسيوَ!
62.
لکائيندڙ
63.
لکائيندَس
64.
لکائيندُس
65.
لکائيندَم
66.
لکائيندُم
67.
لکائيندو
68.
لکائيندوسانءِ
69.
لکائيندوسانوَ
70.
لکائيندوسانِ
71.
لکائيندومانءِ
72.
لکائيندومانوَ!
73.
لکائيندومانِ
74.
لکائيندؤ
75.
لکائيندي
76.
لکائيندِي
77.
لکائينديسانءِ
78.
لکائيندسانوَ
79.
لکائينديسانِ
80.
لکائينديمانءِ
81.
لکائينديمانوَ
82.
لکائينديمانِ
83.
لکائيندين
84.
لکائينديِنءَ
85.
لکائينديونسُون
86.
لکائينديونسونءِ
87.
لکائينديونسيوَ
88.
لکايا
89.
لکايان
90.
لکايانِ
91.
لکايانسِ
92.
لکايانئِه
93.
لکايائون
94.
لکايائونِ
95.
لکايائونسِ
96.
لکايائونمِ
97.
لکايائين
98.
لکايائينِ
99.
لکايائينسِ
100.
لکايائينمِ
101.
لکايَسِ
102.
لکايُسِ
103.
لکايَمِ
104.
لکايُمِ
105.
لکايو
106.
لکايُوَ
107.
لکايوس
108.
لکايوم
109.
لکايُون
110.
لکايونِ
111.
لکايوءِ
112.
لکايَئهِ
113.
لکايُئه
114.
لکيو
115.
لکبو
116.
لکبِي
117.
لکبيون
118.
لکت
119.
لکتون
120.
لکج
121.
لکجانِ
122.
لکجان
123.
لکجانسِ
124.
لکجانءِ
125.
لکجبا
126.
لکجبيو
127.
لکجبي
128.
لکجبيون
129.
لکجن
130.
لکجندا
131.
لکجندڙ
132.
لکجندو
133.
لکجندي
134.
لکجندِي
135.
لکجنديون
136.
لکجڻ
137.
لکجو
138.
لکجوسِ
139.
لکجومِ
140.
لکجون
141.
لکجونءِ
142.
لکجي
143. لکجِي 144.
لکجيل
145.
لکجينِ
146.
لکجيوَ
147.
لکراءِ
148.
لکرائجندڙ
149.
لکرائجندو
150.
لکرائجندي
151.
لکرائجنديون
152.
لکرائجڻ
153.
لکرائجوس
154.
لکرائجوم
155.
لکرائجون
156.
لکرائجي
157.
لکرائجِي
158.
لکرائجيس
159.
لکرائجيل
160.
لکرائجيم
161.
لکرائجينِ
162.
لکرائڻ
163.
لکرائڻا
164.
لکرائڻڻ
165.
لکرائڻو
166.
لکرائڻي
167.
لکرائِڻي
168.
لکرائي
169.
لکرائِي
170.
لکرائيسِ
171.
لکرائيَس
172.
لکرائيمِ
173.
لکرائيم
174.
لکرائين
175.
لکرائينِ
176.
لکرائيندا
177.
لکرائينداسون
178.
لکرائينداسُونِ
179.
لکرائينداسونءِ
180.
لکرائينداسي
181.
لکرائينداسين
182.
لکرائيندڙ
183.
لکرائيندڙن
184.
لکرائيندو
185.
لکرائيندوسان
186.
لکرائيندوسانوَ
187.
لکرائيندوسانءِ
188.
لکرائيندومانِ
189.
لکرائيندومانوَ
190.
لکرائيندومانءِ
191.
لکرائيندؤ
192.
لکرائيندؤنِ
193.
لکرائيندي
194.
لکرائينديسانِ
195.
لکرائينديسانوَ!
196.
لکرائينديسانءِ
197.
لکرائينديمانِ
198.
لکرائيندمانوَ!
199.
لکرائينديمانءِ
200.
لکرائيندين
201.
لکرائيندينِ
202.
لکرائيندينءَ
203.
لکرائينديون
204.
لکرائينديونسين
205.
لکرائينديونسينِ
206.
لکرائينسِ
207.
لکرائينم
208.
لکرائين
209.
لکرائينِ
210.
لکرايا
211.
لکرايان
212.
لکرايانِ
213.
لکرايانسِ
214.
لکرايانوَ!
215. لکرايانءِ 216.
لکرايائون
217.
لکرايائونِ
218.
لکرايائونس
219.
لکرايائوم
220.
لکرايُس
221.
لکرايل
222.
لکرايُم
223.
لکرايَمِ
224.
لکرايَن
225.
لکرايُنِ
226.
لکرايو
227.
لکرايُو!
228.
لکرايوس
229.
لکرايوم
230.
لکرايومانِ
231.
لکرايومانوَ
232.
لکرايومانءِ
233.
لکرايُون
234.
لکرايونِ
235.
لکرايونوَ
236.
لکرايونئه
237.
لکندا
238.
لکنداسون
239. لکنداسونِ 240.
لکنداسونوَ
241.
لکنداسونءِ
242.
لکنداسيوَ
243.
لکندڙ
244.
لکندڙن
245.
لکندَسِ
246.
لکندُس
247.
لکندَم
248.
لکندُم
249.
لکندو
250.
لکندَوَ
251.
لکندُوَ
252.
لکندوسانِ
253.
لکندوسانــوَ
254.
لکندوسانءِ
255.
لکندومانِ
256.
لکندومانــوَ
257.
لکندومانءِ
258.
لکندؤ
259.
لکندي
260.
لکندِي
261.
لکنديَس
262.
لکنديسان
263.
لکنديسانِ
264.
لکنديسانوَ
265.
لکنديسانءِ
266.
لکنديمانِ
267.
لکنديمانوَ
268.
لکنديمانءِ
269.
لکندين
270.
لکندينِ
271.
لکندينءَ
272.
لکنديون
273.
لکنديوسون
274.
لکنديونسُونِ
275.
لکنديونسونءِ
276.
لکنديونسوَ
277.
لکنديونسُونءِ
278.
لکنديونسِين
279.
لکنديونسِينِ
280.
لکنديونسيوَ
281.
لکڻ
282.
لکو
283.
لکوس
284.
لکوم
285.
لکون
286.
لکُونِ
287.
لکونسِ
288.
لکُونوَ
289.
لکونِئه
290.
لکڻي
291.
لکڻيون
292.
لکي
293.
لکِي
294.
لکيا
295.
لکياءِ
296.
لکيائون
297.
لکيائونِ
298.
لکيائونس
299.
لکيائونم
300.
لکيائين
301.
لکيائينِ
302.
لکيائينس
303.
لکيائينم
304.
لکيج
305.
لکيُس
306.
لکيل
307.
لکيَم
308.
لکيُم
309.
لکين
310.
لکينِ
311.
لکينس
312.
لکينم
313.
لکيوَ
314.
لکيَو
315.
لکيُو
316.
لکيَوَس
317.
لکيُوَسِ
318.
لکيوم
319.
لکيُون
320.
لکيونِ
321.
لکيَئه
322.
لکيُئِه
323.
ليکُ
-
ليکَ
324.
ليکارِي
325.
ليکڙو
326.
ليکڪُ، ليکڪ!
327.
ليکڪا
328.
ليکُو
في الحال ذهن ۾ اهي
ئي لفظ ٿا اچن، هاڻي جيڪڏهن ليکُو
پُٽ ليک لکڻ، ليک وجهڻ، لِک لِکان، لک
لکان لڳڻ ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي اصطلاح انهن لفظن
سان پنهنجي پنهنجي گهربل جاءِ تي اچن ته جامع
سنڌي لغات جي جامعيت يقيناً
وڌي ويندي (لکڻ جهڙا مصدر جيڪڏهن رڳو ٻه هزار به
هجن ته به 6 لک 50 هزار لفظ ۽ هزارين اصطلاح رٿجي
سگهندا).
دنيا جا سمورا ڏيهه، اهم شهر، تاريخي مڪان، ڄاڻائڻ
جوڳا ٺاهه،
وڏا جبل ۽ علائقا، وارياسا ۽ پٽ، رياستي
عهدا، سيرگاهه ۽ بندرگاهه، فلسفيانه، سائنسي، علمي
۽ فني اصطلاح
۽ دنيا
جون ٻوليون، نديون، ماٿريون، ڍنڍون...
ڄاڻائي سگهڻ جهڙو سڀ ڪجهه جامع سنڌي لغات ۾ اچي
وڃي ته پوءِ ڪهڙي ڳالهه ڪجي! |